باب ٽيون : درياه جا لٽ
چيڪو: جڏهن درياه شاهه سانوڻيءَ جو مست ٿي وهندو آهي تڏهن مختلف، وَرَن، وڪڙن، ٻيٽن، ڇَرن، ۾ وهڪ مطابق لٽ/ڇاڻو ڇاڻيندو ويندو آهي. چيڪو لَٽَ گهڻو ڪري اُبتي وهڪ ۾ پوندو آهي. ڪنهن ڇر ۾ گڏجي پاڻي بيهي رهيو ته چيڪو لٽ اڇليندو. درياه لاهي ۾ به لٽ اڇليندو آهي. اگر چه چيڪو لٽ ڪنهن زمين ۾ گوڏي کان مٿي هوندو ته هاري رکين، ڀاڳين، چونرين ۾ دالي ۽ تبلي فصلن جا ٻج کڻي، گپن ۾ گپون ۽ رپيون چٽيندا آهن. گوڏي کان هيٺ چيڪي لٽ واري زمين ۾ چڻا، مٽر، ڪڻڪون ڀليون ٿينديون آهن.
ٻهرلٽ: ٻهرلٽ، يعني واريءَ ۽ چيڪي سان ملي ٺهندو آهي. ٻهر لٽ جا ڇاڻا، زمينن ۾ جهنگ هوندي، اُبتي سبتي وهڪ ۾ ٻهرلٽ زمينن ۾ پئجي ويندا آهن. ٻهرلٽ کي گسراٺو لٽ به چون. هنن لٽن ۾ ناڙين ذريعي، گدرا، سونف، ڌاڻا، جَواڻ، مانهن وغيره ڀلا فصل لهندا آهن.
واري: درياه جي لهواري ۽ سُبتي وهڪ ۾ جڏهن درياه جو پاڻي، ليٽن ۽ ٻيٽن تي چڙهي پوندو آهي. ته وارين جا ڍير اڇليندو ويندو آهي. اهو واري لٽ چئجي. واري جي چيلهه جيتري زمين مٿان پئي ته وڏن دڙن واي لٽ ۾ فصل ڪو نه ٿئي. اها درياه جي وڃايل زمين چئبي. اگر چه زمين تي چيلهه کان گهٽ جيترو واري لٽ واريون زمينون هونديون ته اتي کڏا هڻي انهي ۾ ڇانهيون ۽ گدرا، ونگا، ريڀڙيون پوکي ڇڏبيون ته تمام ڀلا فصل ٿيندا آهن.
نوڙ: اُبتا ڍورا، واهڙ وهي درياه مان نڪري ڪنهن ڇڇ جي صورت ۾ هيٺاين جاين تي بيهي رهندا آهن ته چيڪي ۽ ڪاري جهڙي ڪٺ، جهڙا لٽ پاڻ ۾ ملي زمينن ۾ ڪرندا ويندا آهن ته وري مٿان درياه واري يا چيڪي لٽ جو تهه اڇليندو ويندو ته نوڙ وارم لٽ ڍڪجي ويندو آهي. اگر چه فٽ کان مٿي نوڙ لٽ پئجي ويو ته زمين فصل ڪاهڻ جي وٽ ۾ ڪا نه ايندي واري جو فوٽ کن جيترو تهه نوڙ مٿان پئجي ويو ته زمين فصل ڪاهڻ جي وٽ ۾ ڪا نه ايندي، لٽن تي دارو مدار آهي، ان مطابق بوسي سڀ فصل ڀلا ٿين.
ڦوڙي: يعني زمين جي ڦاٽڻ، گهڻو ڪري چيڪو لٽ گوڏي يا سٿر تائين درياه اڇليندو آهي ته اهي زمينون پاڻي لهڻ کانپوءِ سرءُ ۾ اها زمين ڦاٽي پوندي آهي ۽ ڦوڙيون ٿي نروار ٿينديون آهن، پهريائين سنهيون سيرون، پوءِ جيئن اها زمين سڪندي ويندي ته ڦوڙيون به وڏيون، ڊگهيون ۽ ويڪريون ٿينديون وينديون آهن. ان کي ڦوڙي چئجي. ڪچي جا هاري انهي هلڪي ڦوڙي ۾ سرنهن، چڻا، مٽر، توريو وغيره ڇٽ ڪندا آهن۽ اهي ڇٽ ٿيل ٻجن مٿان ڦَرسو/ڦريو گهمايو ويندو آهي ته جيئن مٿي پيل ٻج ڦوڙي ۾ لهي ۽ ڦٽي.
ڌُٻڻ: درياه جي چڙهڻ وقت اوڀاري وهڪ ۾ چيڪا يا نوڙ جو لٽ زمينن ۾ پوندا آهن. لاهي ۾ وري درياه ۾ پوندڙ وري يا ٻهراٺا لٽن جو تهه پوندو آهي. پاڻي سڪي وڃڻ کانپوءِ مٿيون واري يا ٻهرلٽ وارو تهه سڪي ويندو، ليڪن اندران چيڪي ۽ نوڙ وارو تهه برقرار هوندو، ماڻهو جانور انهي زمين تي هلندا ته گپجي پوندا. ڪيئي ڀاڳين جا مال ڌٻڻ ڳپ ۾ ڦاسي پوندا هئا. نه نڪرڻ ۽ نه ڪڍڻ جي صورت ۾ ڍور اتي ئي مريو وڃن. گدڙ، ٻلو ۽ ڳجهون پيو جيئرن ڍورن کي پٽيندا آهن. ان ڌٻڻ واري گپ جو انت ئي پوندو آهي.
چور گپ: هي گپ به دريائي ڪپرن ۾ مختلف لٽن پوڻ جي صورت ۾ ٿيندي آهي. ڌٻڻ وانگر زمين اندران چيڪا ۽ نوڙ لٽ پيل هوندا، مٿان واري جو سنهو تهه پيل هوندو ته خبر ئي نه پوندي. ماڻهو، ڍور، جانور به انهن گپن ۾ ڦاسيو پون. چيلهه جيتري چور گپ تائين کان گهٽ لٽ مان ماڻهو جانور نڪريو وڃن. وڏي چور گپ ڀاڳين جي ڪيئي ڍورن جون حياتيون کسي وٺندو آهي. لٽن جي تهن تحت بوسيون آباديون گپ سڪڻ کانپوءِ ٿينديون آهن.