باب پهريون : ماٽي/ ماٽري لڙها
پائڪ: درياهه اتر کان ڏکڻ لهوارو وهندو آهي. پهرئين سانوڻين ۾ ۽ درياهه جي پيٽ وارن ٻيٽن تي پاڻي تک سان وهندو آهي ۽ چڙهندو ويندو آهي. درياهه جي وهڪ به ڪنڀاري ۽ ڪاريهر نانگ وانگر، ورن ۽ وڪڙن سان هوندي آهي. ڪڏهن جهوڪو اورئين ڪپر ته ڪٿي وري جهوڪو پرئين ڪپر سان هوندو آهي. پائڪ تڏهن ڪندو آهي جڏهن هڪ طرف درياهه ماٺو ٿي وهندو آهي ته ٻئي طرف ڪپر سان لڳي، تکو ۽ تيز وهندو آهي. اگر چه ويڪرائي ۾ ڪٿي سوڙهه هوندس ته پائڪ ڪندو آهي. گهڻو ڪري ٻانهڙ لهوارو به زمين پائيندو آهي ته اوڀارو به پائڪ ڪندو آهي. لهواري ڪپر سان لڳ وهندڙ ۽ تک سبب زمين کي اندران ئي اندران پيو کائيندو ۽ مٿان ڪپر تان وڏيون وڏيون ڀيرون سيرون ڏئي ڪرنديون رهنديون، ڌُوڌڪا لائي ڏيندو، رڳو رئي پئي اڏامندي، دادلو زمين ڳڙڪائيندو ويندو آهي. گهڙي پلڪ ۾ تونگر جا تونگ درياهه جي پيٽ ۾ وڃي ڪرندا آهن. اگرچه پائڪ وقت ڪٿي ڪپر سان چيڪي زمين اچي ويس ته پائڪ گهٽ ڪندو، بلڪه اتان ڪپر سان رَڙي وهي وڃي پرئين ڪپرجهوڪو هڻندو. وڌيل چوٽي چڪڻ واري کان هيٺان وري اوڀاري وهڪ ڪپر سان هلندو آهي ته به ڪنڀال ٺاهيندو پائڪ ڪندو هلندو.
وري سرءُ ۾ جڏهن درياهه لهندو آهي ته به لاڳاڻي وارين هنڌن تي درياهه پائڪ ڪندو آهي.
ڪُن: درياهه ۾ڪُن ننڍا وڏا ٿيندا اهن، جتان ڪپر ۾ درياهه رڙي لنگهندو آهي. سوڙهه هئڻ ڪري سڄو درياهه ڪپر ۾ ڪري پوندو آهي. جنهن چوٽيءَ کان وراڻو هوندس، جهوڪو يا وهڪ ڇڪڻ واري چوٽي کان رڙي ٿڙي پرئين ڪپر ڪرندو ان چوٽي کان هيٺان اوڀارو وهڪ ٺاهيندو. جتي اوڀارو ۽ لهوارو پاڻي گڏبو آهي. ان ٻيڻ واري هنڌ وٽ ڪن ٺهي پوندو آهي. ڪن کوهه جي صورت وانگر ٿيندو آهي، پاڻي اتي ڦيريون پائيندو آهي. اهو پاڻي ڪڏهن مٿان کان هيٺ تري تائين پيو ڦرندو ۽ ڀربو آهي، ته ڪڏهن تري کان پاڻي کي مٿي اڇليندو آهي. چئن پنجن ڪاتن جي ويڪر ۾ اهو ڪن ٺهندو آهي ڄڻ سڄو درياهه اتي ڪريل هوندو آهي ۽ رڙي وهندو آهي. اهو راڙو پري کان ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. گهڻو ڪري، ماڻهو، جانور، درياهه ۾ ترندڙ هوندو آهي ته اهي ڪنن جا ڪڙڪاٽ ٻڌي لڙي ويندا آهن، پر جي ماڻهو، جانور يا کنجهو، ان ڪن ۾ ڦاسي پوندو ته پيو ڦرندو. هيٺ ڀريو ته ٻوڙي ڇڏيندس پر جي هيٺان مٿيڀرجي اٿل ڪيائين ته انهيءَ ڦاٿل شيءَ کي ڪن واري ايراضي کان ٻاهر اڇلي ڇڏيندو. گهڻو ڪري ڪن چڪڻ واري وڌيل چوٽي ۾ ٿيندا آهن. جتي اوڀاري ۽ لهواري وهڪ گڏبي آهي. ننڍا ڪن به اڪثر ڪپرن ۾ پائڪ واري هنڌ ٿيندا آهن. ليڪن اهي ايترا خطرناڪ نه هوندا آهن.
پٽيون: تار ۽ سير جي وچ واري وهڪ ۾ ڪاني ڪاني جيتريون ويڪريون پٽيونٿينديون آهن. يعني انهي ڌار کي پٽي چئجي، پٽين ۾ ڇوليون ڪو نه ٿين. ڇاڪاڻ ته اهي پٽيون درياهه جي اونهائي کي اندران زمين کي پائڪ ڪنديون آهن ۽ مٿي پاڻي اڌما ڏئي پيو وهندو آهي. توڙي جو ڏکڻ واءُ تي درياهه ۾ وڏيون ڇوليون ۽ لهرون ٿين ته به پٽين واري وهڪ ۾ لهرون نه ٿينديون. پاڻي جي مٿئين سطح تي وهڪ بلڪل جَهڪي هوندي آهي.
سير: درياهه جي وچ واري وهڪري کي تيزائي هئڻ سبب ان کي سير چيو ويندو آهي. درياهه جي سير صرف پنج ڇهه ڪانا ويڪر ۾ هوندي آهي. باقي درياهه ساڄو يا کاٻو پاسو سير جي تيز وهڪ کان ماٺو ٿي وهندو آهي. سير واري پٽيءَ ۾ ٻيڙيون، سَنَڊَ تي ترندڙ تارو، جانور يا کنجهو ترندي يا لڙهندي نظر ايندا ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ريل گاڏي لهواري ڊوڙي رهي آهي. سير ۾ به گهڻو ڪري لهر يا ڇولي ڪا نه ٿئي. اصل ۾ درياهه به سير وارو چئبو آهي. باقي ساڄي يا کاٻي پاسي واري وهڪ وارو پاڻي ڇڇ مثل هوندو آهي. فضا ۾ به هوا جي ذري نه هوندي به درياه جي سير وارن ڪانن ۾ گهڻو ڪري ڏکڻ جي هير ضرور لڳندي آهي. اها سير جي سڃاڻپ آهي.
اوڀارو: جڏهن درياهه ڪنهن چڪڻ واري چوٽي کان رڙي ٿڙي پرئين ڪپر هليو ويندو ته انهيءَ چوٽي کان هيٺ پاڻي جي وهڪ ماٺي هئڻ سبب ٻه چار ڪانه ويڪر ۾ ڪپر سان، اوڀاري وهڪ ۾ وهي پوندو آهي. تان جو تيز وهندو، پائڪ ڪندو، چوٽيءَ ۾ اچي لهواري وهڪ ۾ گڏبو، اهو گويا اوڀارو چئجي. اوڀاري وهندڙ پاڻيءَ ۾ گند ڪچرو، گجي، هئڻ سبب گپ جهڙو پاڻي هوندو آهي. کڳو مڇي جو کاڄ ۽ خوشحالي به انهيءَ اوڀاري وهڪ ۾ ٿيندي آهي ته مارين هٿان ڪڙهين وسيلي مرندو به آهي.
لهوارو: درياهه دادلو اصلئون لهوارو وهندڙ آهي. لهواري پاڻي ۾ تک گهڻي هوندي آهي. ڏکڻ يا اوڀر وائڻ تي درياهه ۾ لهواري وهڪ ۾ ڇوليون/ لهرون تمام وڏيون هونديون آهن. لهرن يا ڇولين جا ڇڇڪا پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. لهواري ۾ ڪا به ترندڙ شئي/ سواري ترندي يا لڙهندي تيزي سان وهندي آهي.
لسهڙو: لسهڙو درياهه ۾ سانوڻي جو به ٿئي ته سرءُ جي مند ۾ به ٿئي، جڏهن پاڻي درياهه ۾ وڌندو ۽ گهڻو ٿيندو آهي ته اهو پاڻي درياهه جي پيٽ واري ٻيٽن تي چڙهي پوندو آهي. درياهه ڪنهن چوٽي کان ٿڙي ٻئي ڪپر وهندو ته ٻيٽن تي وهي ۽ ڪري پوندو. رڙي پيو اتان ٽپندو. ان تيزي واري وهڪ کي لسهڙو چئبو آهي. لسهڙو ننڍي پاڻي ۾ ٿيندو آهي. تک ۽ تيزي سبب گهڻو ڪري لهر ڇولي به ڪا نه ٿئي. لسهڙي واري وهڪ ۾ درياهه شاهه وارين يا تهه/ لٽ اڇليندو ويندو آهي. ڳپل پنڌ کان پوءِ پاڻي وڃي تار ۾ ڪرندو ته لسهڙو جو زور جهڪو ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن، ٻيڙيون، تارو به لسهڙي ۾ ڦاسي پوندا آهن، گپ جهڙي ميري پاڻي جو انت ئي نه پوندو، گوڏي جيتري پاڻي ۾ پير به نه کپندو، تک سان سواري کي ابتو سبتو ڪري ڪيرائي ٻوڙي وجهندو. تارو سڄاڻ نائکا، لسهڙي جي رڙين کي ٻڌي، ليٽ کان لڙي تار پاڻي ۾ تري، نڪري ويندا آهن سرءُ ۾ جڏهن پاڻي لهندو آهي ته ڍنڍن، ڍورن، واهڙن، ۽ جهول وارو پاني درياه ۾ واپس ڪرندو آهي ته به تک سان ٻيٽن تان واپس وهندو آهي. اهي به لسهڙا چئجن.
لس يا لسهڙن واري وهڪ ۾ ملاح/ ماري گهڻو ڪري وڏي ڪڙهي کڻي سرءُ ۾ واپس درياهه ۾ ويندڙ مڇي کي ماريندا آهن.
تار: تار اونهي پاڻي جو انت ئي نه هوندو آهي. تار وهندڙ پاڻي ۾ ٽوٻا به تري تائين گهٽ پهچي سگهندا آهن، اهڙي اونهائي واري پاڻي کي تار چيو ويندو آهي.
تانگهو تانگهو ننڍي پاڻي کي چيو ويندو آهي، جتي البته ترڻ، هلڻ دوران پاڻي ۾ پير کپي وڃن ته اهو تانگهو چئبو آهي.
ٻيٽ: چوڌاري پاڻي ۽ وچ تي سڪي هجي اها زمين واري جا دڙا هجن يا چيڪي هجي، اهي ٻيٽ چئجن. سرءُ ۾ ٻيٽن تي ٻوڙيء/ وسڻ ۽ ناپٽ مور گهڻي ڦٽندي آهي. ٻوڙي وڏي ٿي ڪانهن ٿيو وڃي، ناپٽ مور وڏي ٿي لئي ٿي ويندي آهي. ٻوڙي/ وسڻ کي گهڻو ڪري، مينهن ۽ ڦاڙهو شوق سان چرندو آهي. ناپٽ مور کي ٻيٽن تان جهٻيم /ڪليار قوم ٻيڙين تي چڙهي زالين مڙسين ڪپي، سڪائي پُسائي کارا ٺاهيندا آهن.
ٻوڙي يا وسڻ گوڏي کان مٿي وڌندي آهي ته انهي ڪانهن جي ٻوڙي کي چانهنڪ چيو ويندو آهي. ڪانهن چونڪو آهي ته ان جي ڳني ڪند يا تُري جوار جي ڪاني وانگر مٺي ٿيندي آهي، جنهن کي چوپايو مال ۽ سرءُ واري ماکي خوب چرندا آهن. سرءُ ۾ ماکي گهڻو چونڪيل ڪانهن، گهگهو ٽاور، سڱر، وڻ ويڙهي، ان جا گل، بهڻ جي گل، ۽ زمين مان ڦٽل مختلف گاهن مٿان پيل ماڪ ڦڙا به کائيندي ۽ پيئندي آهي، تنهنڪري اونهاري، سياري توڙي بهار واري وڻ تان لاٿل ماکي جي سواد کان سرءُ جي ماکي سوادي هوندي آهي. ورهيه پئي هجي ته به خراب نه ٿيندي.
ڍنڍ: چوڌاري سڪي ۽ وچ تي پاڻي واري حصي کي ڍنڍ يا دٻو چئجي. اهي ڊنڍون گهڻو ڪري، اونهو يا تار پاڻي جهلينديون آهن.
واهڙ: هڪڙا ماٺا واهڙ چئجن، جيڪي سالن کان پراڻا درياه مان نڪرندڙ ۽ وهندڙ هوندا آهن. جيڪي وهي درياه مان نڪري جهنگن ۾ ڇرن کي ڀريندا آهن. ٻيا سائو واهڙ چئجن، جيڪي ويڪرا ۽ اونها به هوندا آهن، پهرين ئي لڙهن ۾ وهي پوندا آهن. درياه جو لاڳاڻو ٿين ته تکا ۽ تيز وهندا آهن. جيڪي پڻ ڇرن، زمينن ۾ ڇوڙ ڪري ٻوڏون برپا ڪندا آهن.
سائو واهڙن مان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن ور تان درياه لنگهي پوندو آهي ۽ پنهنجو رخ تبديل ڪندو آهي. هونءَ به چواڻي آهي ته درياه مينهن جي چاري مان به وهي پوندو آهي ۽ رخ مٽائيندو آهي.
ڍورا: ڍورا به ڍنڍن وانگر ٿين، البته ڍنڍن جو پاڻي هڪ هنڌ جمع هوندو آهي. ڍورا وهندڙ هوندا آهن. انهن جا ڇوڙ به زمينون ۽ ننڍيون ڍوريون آهن، جن جي وهڪ وسيلي هيٺ مٿاهين واريون زمينون سيراب ٿينديون آهن.
چڪڻ: چيڪي زمين کي ”چڪڻ“ سڏيو ويندوآهي، گهڻي ۽ اونهي چيڪي زمين کي ته درياه به پائي نه سگهندو آهي، درياه جي پائڪ دوران ڪٿي چيڪي جو ورن اچي ويس ته رڙي رڙي ٿڙي پرئين ڪپر هليو ويندو.
کنجهو/اوٽر/دڙا: سنڌو درياه سنڌ مان ڪشمور کان ڪراچي تائين وهندي، ڪيترن ئي ورن، وڪڙن تي پائڪ ڪندو رهي ٿو. پوءِ اها پائڪ واري جاءِ، هنڌ، زمين هجي، جهنگ يا ٻيلا هجن، آباديون هجن يا بُٺ. پائڪ ۾ وڏا وڻ ٽڻ پائي لهواري لوڙهي ڇڏيندو آهي. اهي وڻ ٽڻ، لسهڙن مان لڙهندا، وٽبا سٽبا لڙندا رهن ٿا. اهي لڙهندڙ وڻ ٻٻر، ليون، بهڻ، ڪنڊيون، سر، ڪانهن، اڪ، وغيره کي کنجهو/ اوٽر يا دڙا چئجن، جيڪي لٽ وارين جاين تي لٽيل هوندا آهن.
اڀ ڪپري: سرءُ، سياري ۾ جڏهن دادلو درياه لهي وڃي ترو وٺندو آهي ته ڪپر مٿي هوندا آهن. جيڪي پاڻي جي سطح کان ڏهن کان ويهن فوٽن تائين مٿاهان ۽ اڀا هوندا آهن، ان کي اڀ ڪپري چيو ويندو آهي.
تڙ: دادلي جي ڪپرن تي گهڻو ڪري، ڌنارن طرفان مال کي پاڻي پيارڻ واسطي، اڀ ڪپري کان لهواري جاءِ ڏسي اڀ ڪپري جي دڙن، دِڪن کي ڀڃي گهيڙ/چارو ٺاهيو ويندو آهي ته جيئن مال اڀ ڪپري تان آساني سانلهي ۽ چڙهي سگهي ۽ گهڙي پل لاءِ مال اوڳاري پاڻي يا ڪپرن تي ويهي ڌنار پاڻي ۾ لهي چيڪي زمين، ٻهر زمين ۽ وارياسي ترو ڏسندا آهن ته جيئن مال گپجي نه پوي، وارياسو ترو تڙ لاءِ ڀلو هوندو آهي. اهي تڙ چئجن.
ڌنار مٿي ڪپر تي منهه، ڇپر، پيهي اڏيندا آهن ته جيئن منڊلي مچائجي ، جيئن ئي منجهند جو جهنگ چري مال تڙ تي پاڻي لاءِ پهچندو آهي ته ڌنار به پنهنجي پيهي/ منهه ۾ ويهي ٻڌي آيل کاڌو نوش جان ڪندا ۽ پوءِ شروع ٿي ويندي ڪچهري. جيستائين مال تڙ تي هوندو آهي، تيستائين هر ڪو ڌنار پنهنجو فن ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا آهن، بينيون، نڙ، بوڻيڊا، بئنسري، چنگ ۽ لڪڻ ڌنارن جا ساز هوندا آهن. جيڪي وجد ۾ وڄائيندا آهن ته دادلو درياه به وجد ۾ اچي ويندو آهي. مختلف سُرن جي آلاپ جا پڙلاءَ پيا پوندا آهن. مطلب ته اهڙيون محفلون، مختلف تڙن تي سنڌو جي ڪنڌي تي ٿينديون رهن ٿيون. جيڪي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وٽان آهن، ڪچهري کانپوءِ ڪجهه وقت درياه ۾ ڌنارن جو تڙ ڳڻ ۽ ترڻ، ڏاهي راند، کيڏڻ جو وقت به هوندو آهي. پڙلاءُ تي پري پري تائين ٽهڪڙا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. منجهند وقت ڏاهي مڇي به مال جا ڇيڻا ۽ چِچُڙ چرڻ لاءِ تڙ تي پاڻي ۾ هوندي آهي، هٿن، چارن ۽ ڪلوئڙن ۾ به ڦاسائيندا آهن. لڙي منجهند تڙ تان مال اٿندو ۽ جهنگ چرڻ لاءِ راهي ٿيندو ته ڌنار به ڪڻان ڪڻان ٿي ويندا. وري ٻئي ڏينهن منجهد جو تڙ تي گڏ ٿبو آهي.
ٻيڻ: جتي اوڀارو ۽ لهوارو پاڻي پاڻ ۾ گڏبا آهن. اها ٻيڻ چئجي، سير ۽ ڇڇ جي پاڻي گڏجڻ وقت به هڪ ڌار ٿيندي آهي. جنهن کي پڻ ٻيڻ چيو ويندو آهي.
جهول: درياه مان واهڙن، ڍورن ذريعي نڪرندڙ پاڻي جهنگين جي تونگن يا زمينن ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي کي جهول چيو ويندو آهي. جهول جي بيٺل ڪاري پاڻي ۾ ڪُرڙو ۽ موراکو چيڄ ڪندا آهن. ماري ڪترن يا پاکن نڙن وسيلي مڇي ماريندا آهن.
ڪُهري: دريائي ٻيٽن ۾ جتي کنجهو، دڙا، اوٽر اٽڪي بيهندا آهن. چوڌاري وهڪ سبب دڙن، کنجهن ۽ اوٽرن جي اڳيان يعني ان جي هيٺئين پاسي لٽ نه پوندو بلڪه اتي اٺ، ڏهه فوٽن جيتري، ويڪري ۽ سوڙهي ڍوري تي پوندي آهي، جنهن کي درياهي ٻولي ۾ ڪُهري چيو ويندو آهي. ان کانسواءِ ڪنهن واهڙ يا ڍوري ۾ تيز وهڪري سبب زميني سطح پٽبي آهي ۽ هيٺ مٿاهين وارين جاين کي به ڪُهڙي سڏجي.
لانگها: جڏهن سياري جي مند ۾ درياه لهي پاڻي تر وٺندو آهي. ته سڄاڻ يا دريائي تارو، هڪ ڪپر کان ٻئي ڪپر تائين درياهه ۾ گِهڙي ننڍو پاڻي جاچي، اتي لکها يا پَڃَر کوڙي ڇڏيندا آهن ته جيئن اَڻ تارو آساني سان درياه پار ڪري سگهن. ان لانگهي جاچڻ ۾ اهو خيال به ضرور ڪيو ويندو آهي ته جيئن، گپ، چڪڻ، ڌٻڻ نه هجي، صرف وارياسو يا ٻهراٺو لٽ هجي، جيئن ماڻهو يا ڍور گپجي نه پوي اهي لَڪ، لانگها ۽ پاتڻي چارا سڏبا آهن.
لهر/ ڇولي: جڏهن درياه ڪنين تار ٿي وهندو آهي ته گهڻو ڪري ان رُت وقت ڏکڻ ۽ اوڀر وائيندا آهن. ان واءُ تي درياه ۾ وڏيون ڇوليون ۽ لهرون مچي وينديون آهن پر جي واءُ بيهي به ويندو آهي ته به متل ڇوليون ۽ لهرون هلنديون رهنديون آهن ۽ آهستي آهستي گهٽبيون آهن.
دُٻا: سرءُ جي مند ۾ جڏهن درياهه لهي وڃي ترو وٺندو آهي. جهول جهنگن، ۽ زمينن جو پاڻي درياه ڏانهن واپس وهندو رهندو آهي، جڏهن باقي چند هيٺايون بچنديون، جن جا ڪپر اُپي يا آجا ٿي ويندا آهن ته انهن هيٺاهين جاين تي پاڻي بيهي ويندو آهي، اهي هنڌ دُٻا چئجن.
ڪٿي ننڍا ڪٿي وڏا ۽ ويڪرا دٻا ته سياري تائين به ڀريا يا اڌيڪا لڳا پيا هوندا آهن. ويراڳي پکي رات جو انهن دٻن تي ڇيڄ ڪندا آهن. دٻن ۾ گهڻو ڪري ڪل، پن، لئي، بهڻ وغيره ڦٽندو آهي. انهن دٻن تان چوپايو مال به پاڻي پيئندو آهي ته جهنگلي جانور به اتئون پاڻي پيئندا آهن. شڪاري کڏڻا ٺاهي دٻن جي ڪپر تي لڪي ويهندا آهن. ڦاڙها به مارين ته ويراڳي/ سيلاني پکي به مارين.
کوهيون: جن هنڌن تان ٻوڏ جو پاڻي گهمي ويندو آهي يا سيراب ڪندو آهي. جڏهن پاڻي لهي ويندو آهي ته دٻن ۾ پاڻي بيٺل رهندو آهي. ڪن دٻن ۾ کارو پاڻي به ٿي ويندو آهي ته ڪي وري ستت ئي سڪي ويندا آهن. ڌنار، ڀاڳيا، ڪڇي جا جهنگ واسي، پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ سڪي ويل دٻن جي ڪپرن ۾ کوهيون کوٽي پاڻي حاصل ڪندا آهن. اهي کوهيون ٻن کان چئن فوٽن تائين جيتريون هونديون آهن ۽ هيٺان جر مان مٺو پاڻي نڪريو پوي، جيڪو پاڻي ڪچي واسي اُڃ اجهائڻ لاءِ پيئندا آهن. اهي کوهيون ڪوڏر سان به کوٽبيون آهن ته هٿن ۽ ڪنهن ڪاٺي ڳن جهڙي سان به کوٽي پاڻي ڪڍيو ويندو آهي. گهڻو ڪري اهو کوهي وارو پاڻي ڪيئي ڏينهن تائين سڪندو به نه آهي، ڇاڪاڻ ته جر زمين کي ويجهو هوندو آهي.
ڇڇ/ ڇر: درياهه جي پيٽ ۾ سير وهندڙ پاڻي کانسواءِ ”کٻي سڄي گهڻو پاڻي ڪپر تائين وهندڙ ويڪر واري پاڻي کي ڇَڇَ /ڇَرچئبو آهي. گهٽي ٽڙيل پکڙيل پاڻي کي به ڇڇ/ڇر چيو ويندو آهي.
ڪنڀال: سانوڻين ۾ درياه ڪٿي ڪٿي ڪپر سان اوڀاري وهڪ وهندو آهي. پائڪ به ڪندو آهي، ڊگهائي ۽ سڌائي واري ڪپر کان اوڀارو ايڪڙ ٻن ۾ اندر پائڪ ڪري کنجهو ۽ اوٽر پيو ڦيرائيندو، اندر ايڪڙ ٻه واري وهڪ کي ڪنڀال چيو ويندو آهي. انهي ۾ پائڪ به گهڻي ڪندو ويندو آهي ۽ ڪنڀال ٺهندا ۽ ڊهندا رهندا آهن.
ٻه درياهي: سانوڻين ۾ جڏهن درياه ڀرجي ويندو آهي، درياه پيٽ کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي طرفن کان پائڪ ڪندو آهي. سرءُ ۾ سائو واهڙن يا ٻيٽ جي دڙن کان ٻنهي ڪپرن سان ٻه ٽي دريائي رخ ٿي ويندا آهن. وچ تي ٻيٽ هوندا ۽ پاسن کان پيا وهندا انهن وهڪن کي ٻه درياهي چئجي.
نڙي/ لِڪي: سرءُ ۾ لاهي وقت ڇڇن، ڇرن ۽ جهولن مان پاڻي نڪري درياه ۾ ڪرندو آهي. لٽن پوڻ ڪري ٽڙيل پاڻي هڪ ئي ڍوري سائو ڪري ان مان پيو وهندو. ان سوڙهي وهندڙي کي نِڙي چيو ويندو آهي.
گهيڙ: اڀ ڪپري کان هيٺ درياه جي سطح تائين، چارو ٺاهيو ويندو آهي، اهم گهيڙ آهي. يا وري ڪن واهڙن ۾ پاڻي بيهي ويندو آهي. ته جوانڙا ڇهايون پاڻي ۾ وجهي، ڪپر ڪپي سڌا ڪري چارا ٺاهيا ويندا آهن. اهو به گهيڙ چئجي.
آجهار: جنهن ڪپر سان پائڪ گهٽ هوندي آهي ۽ درياه تکو/ماٺو ٿي وهندو آهي. انهي ڪپر کي آجهار چيو ويندو آهي.
جهوڪو: جڏهن درياه هڪ ڪپر کان ٻئي ڪپر ورندو آهي ۽ وڃي ٻئي ڪپر سان لڳي وهندو آهي، انهي ٿيڙ کان ٻئي ڪپر جي لاڳاڻي کي جهوڪو چيو ويندو آهي.
گڻنب: گڻنب درياهي پاڻي وهڪ ڪري جڏهن ڪنهن ڇڇ/ڇر ۾ ڪرندو آهي ته انهي ڇڇ ۾ تکائي سبب اونهو کڏو ٿي ويندو، جڏهن پاڻي لهي ويندو آهي ته گويه اها جاءِ گولائي ۾ دُٻي جي صورت اختيار ٿي ويندي آهي ۽ اونهائي سبب اتي اونهائي واري گول دائري ۾ ٻارهوڻي پاڻي بيهي ويندو آهي، جنهن کي گڻنب چيو ويندو آهي.