باب ٻيو : درياهه ۾ ترڻ جا سنڊ
سيڻهه: اهڙو سنڊ آهي، جنهن وسيلي درياه ۾ تري سگهبو آهي. جيئن ته ڇهن کان اٺن سيرن جي وهه واري ڇيلي کي ڪهي ڪاريگر، خبرداري سان کل لاهيندو، جيئن کل جي ڪنهن به حصي کي ڪٿان ٽڪو نه اچي. پوءِ ان کل کي ڏهه ٻارهن سير ٻٻر جي آلن ڇوڏن جي پاڻي ڀريل تسس ۾ وجهي ڇڏبي. پندرهن ويهن ڏينهن کانپوءِ ان کل کي ٻاهر ڪڍبو ته نرم ۽ ناسي رنگ جهڙي ٿي ويندي آهي ۽ کل جا وار به ڇڻي ويندا آهن. بعد ۾ ڪاريگر ان کل کي منڍي واري جاءِ کان اندران ٽوپا ڏيندا، ۽ ٽي ٽنگن واريون جايون به ٽوپي سان سبي ۽ ٻڌي ڇڏيندا، هڪ اڳئين ٽنگ ۽ ٻه پويون ٽنگون سلائي ڪيون وينديون آهن، باقي اڳئين بچيل هڪ ٽنگ ۾ ڦاڙهي جي اڳئين ٽنگ واري نري يا هڏي چار پنج آڱر ڊگهي بچيل ٽنگ ۾ وجهي ۽ ٻڌي ڇڏبي ۽ ان ذريعي سيڻهه ۾ هوا وات سان ڦوڪي ويندي آهي، سبيل هنڌ به اهڙا سيتل هوندا، جيئن انهن مان هوا ٻاهر نه نڪري سگهي.
پوين ٽنگن وارن چوٽين ۾ رسن جا انگڙا ٺاهي ٻڌي ڇڏبا آهن. جيڪي ترڻ وقت تارو انهن انگڙن ۾ رانن/چوتن تائين ڦاسائي ڇڏيندو، ارهه ۾ سيڻهه رکي ڦوڪيندو ته سيڻهه ڦوڪجي ويندي. تارو سيڻهه تي سينو رکي ٻانهن هڻندو آهي ته ٽيڪ تي به ترندو آهي. اسانجي علائقي ۾ نُوح ڪوري ۽ زنگي جتوئي سيڻهن رنڱڻ جا ڪاريگر هئا. ٻئي خيري ديري جا ويٺل هئا پري پري جا تارو ۽ ڪاٽڪو سيڻهون رنڱائي ويندا هئا.
تنبو: تنبو ”ڪدُو“ ڀاڄي چاڙهڻ واري کي چئجي. انهي ڪدو کي ولهه مان پٽي سڪائي. ان کي ٽنگڙي ۽ انگڙن ۾ بند ڪري، انهي ڪدو/ تنبي وسيلي درياه ۾ تَربو آهي. ڪدو مان يختيارا به ٺاهيا ويندا آهن. جيڪي فقراهي راڳ چوڻ ۾ ساز طور ڪم ايندا آهن.
گهڙو يا مٽ: مٽي جا ٺهيل دلا ۽ مٽ، آوي جا پڪل، اهو کڻي درياه ۾ لهبو، ان کي امونڌو ڪري منهن پاڻي ۾ وجهس ته اندرين پاسي دلي يا مٽ جي هوا ڪا نه نڪرندي، سنڊ تري بيهندو، تارو سنڊ جي پٺن تي سوار ٿي گهڙي جي ڪپر ۾ هٿ وجهندو، انهيءَ سهاري تري درياهه، ڍنڍ يا واهڙ پار ڪري سگهجي ٿو.
بُنڊي/بنڊ/ٻانڊ ڪاٺ: گهڻو ڪري درياه جي ڪنڌيءَ سان جهنگلن ۽ ٻيلن هجڻ سبب، ڪيئي سڪل بنديون وڏا بند يا ٻانڊ ڪاٺ پيل هوندا آهن، سڪل ڪاٺ پاڻي ۾ ترندو آهي. درياه پار ڪرڻ وارا جهنگ مان ڄاڻايل سنڊ جي سهاري تري منزل تي پهچندا آهن.
تورو: تورو گهڻو ڪري سڪل ڪانهن جي ٻوڙن مان ٺاهيو ويندو آهي. يعني ڀاڪر کن جو گڏو ٻڌي، ان کي ڪانهن جي نوڙين سان اڳيان ٻنڌڻ ٻڌي قابو ڪري ڇڏبو ۽ وچان پيٽي به نوڙي سان ٻڌبي، انهي سنڊ کي پاڻي ۾ لاهي. انهي سهاري لهوارو لڙهي، تري سگهبو آهي. سڪل سنهين ڪاٺين جا گڏا ٻڌي، ٻيلائي ڪاٺين تي گذر سفر ڪرڻ وارا به ڪاٺين جا گڏا ٻڌي هڪٻئي سان وڻ ويڙهي سان اٽڪائي، ٽلن جي صورت ۾ لوڙهي منزل تي تري پهچندا آهن. اهي تورا چئجن، انهن سنڊن سهاري ترڻ به تارو تار تاگهيندو.
ترهو: ترهو خاص ڪري ڪنڌي واسي، درياه ترڻ وقت جيڪو تارو وٽ سامان، ڪپڙا وغيره هوندا، اهي مٽي سان انگوڇي سان ٻڌي، ڪنهن سنڊ وسيلي، تار تاڻي لهي پوندو، درياه ۾ ترڻ دوران مٿي سان ٻڌل ڳنڍ، ضروري سامان، ڪپڙا وغيره پسڻ کان محفوظ هوندا آهن. اهو گويه ترهو چئجي اڳي ٻيلائي، ڀاڻن وارا گيهه، مکڻ ۽ ماکيون آر پار ٽپائيندا هئا. چونريون، ساڙهيون ۽ ماٽيون ڀري مٽن سان ٻڌي سنڊن ذريعي تري پار پوندا هئا. شڪاري به هٿيار، مٿن سان ٻڌي سنڊن تي تري شوق شڪار ڪندا هئا. اهي سڀ توڪل جا ترها چئجن.
مون سي ڏٺا ماءِ! جنين ڏٺو پرين کي،
رهي اچجي راتڙي، تن جنگن سنديءَ جاءِ،
تنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾.
ٻانهڙ ترڻ: ٻانهڙ ترڻ به تارو جو فن آهي، دادلي جي ڪنڌي وارا وقت تي سنڊ نه هئڻ جي صورت ۾ ٻانهڙ به تري پار پئجي ويندا آهن.
ڳجهڙ ترڻ: هي به درياه يا ڪنهن ڍنڍ دُٻي ۾ ترڻ جو فن آهي. اگر چه پاڻي ۾ لهبو ته ٻانهن ۽ ٽنگن جي مدد سان پاڻي اندر اهي ٽنگون ۽ ٻانهون هلائبيون ته ڳچي وارو حصو مٿي هوندو ۽ ماڻهو ترندو هلندو. گويه اهو ڳجهڙ ترڻ چئجي.