باب نائون : دادلي جي ڪنڌي وارا جيت
واسنگ، ڪاريهر، ڪارو نانگ ڪنڀارو: درياه جي ڪنڌي وارن جهنگن، بٺن ۽ آبادين ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪڏهن، ڪڏهن ٻوڏون ٿين ته به پاڻي ۾ لڙهندي، ترندي رڙهي اچي گهرن جي ٿَلهن تائين به پهچندا آهن. هي زهر ڀريو جيت آهي. گهڻو ڪري ماڻهن کي ڏسندي ئي ڏر ۾ هليو ويندو آهي. پر ڪڏهن ته وري انسانن ۽ جانورن کي چڪ پائي زهر اڇليندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ انسان يا جانور مريو وڃن پر جي ڪٿي ڪنهن هنڌ ماڻهو ماري وڌس ته ويري ٿي پوندو آهي.
لنڊي بلا، سرنگهه بلا، کير بلا: لنڊي ته بي پيري بلا چئبي آهي. فوٽ ڏيڍ جيتري هي بلا چارن، گَهٽن ۽ گهيڙن تي ستي پئي هوندي آهي، ماڻهن ۽ جانورن کي چڪيندي آهي. هن جي چڪ سان به موت برابر ٿيو وڃي.
کپر/ هڻ کڻ بلائون به خطرناڪ آهن. لت ايندن ته چڪي وجهنديون، زهريلو چڪ اٿن.
سرنگهه بلا: هي ڊگهي ۽ سنهي بلا ٿئي، هي مسڪين بلا آهي، ماڻهو کي ڏسڻ سان ڏر ۾ هلي ويندي آهي. پر جيڪڏهن چڪ به هڻندي ته هن ۾ ايترو زهر نه آهي. هن جي چڪ پائڻ سان خطرو نه هوندو آهي.
هاڻي ته انگريز سائنسي دوا دريافت ڪئي آهي. وقتائتو ڏنگيل مريض اسپتال تائين پهچي وڃي ٿو ته علاج وسيلي شفاياب ٿي ويندو آهي.
ڳوهه ۽ سانڊو به انسان جا ويري نه آهن. هي جيوت به بلا وانگر ٻرن ۽ ڏرن ۾ رهنديون آهن. جهر جهنگ، بٺن، ٻيٽن تي ڏسڻ ۾ اينديون آهن.
وڇون: هي خطرناڪ زهر ڀريو هڪ انچ کان ٻن انچن تائين جيترو جيت آهي، گهڻو ڪري گندگي وارين جاين تي هوندو آهي. هن جيت جو چڪ به چيڪليون پارائي ڇڏيندو آهي. مانڊن کان جهاڙ ڦيڻو، رکائڻ سان درد دور ٿي ويندو آهي.
ککر: هي جيوت وڻن تي ولرن جي صورت ۾ مانارو ٺاهي ويهندي آهي. هن جو چڪ به چيڪاٽ ڪرائي ڇڏيندو آهي ۽ پڻ ڏينهن ٻن تائين چڪ وارو هنڌ سُڄي ويندو آهي.
ماکي: هي جيت به ککر وانگر وڻن تي وارن جي صورت ۾ مانارا ٺاهي ويهندو آهي. ماکي جو مند کاڄ تمام گهڻو لذيذ ٿئي. خاص طور ڀاڳيا مکڻ سان ملائي کائيندا آهن. ماکيون لاهي مَند گڏ ڪري وڏا تين ڀري ڪچي واسي وڪڻي سٺو ناڻو ڪمائي ويندا آهن. سرءُ جي مند واري ماکي، ٻين سڀني مندن واري مند کان سٺي ۽ سوادي هوندي آهي. ماکي جو مند به حڪيم دوا لاءِ ڪم آڻيندا آهن. وڏا ماڻهو به شوق ڪري مکڻ ۽ ماکي گڏي کائيندا آهن. هي ڪنڌي جي سوغات آهي. هي جيت به گهڻو ڪري، سانوڻي ۾ سانگ ڪري وار اڏري هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ وڻن ۾ مانارا ٺاهي ويهندا آهن. هن جي چڪ سان به بدن سڄي ويندو آهي. پر خطري وارو چڪ نه هوندو آهي.
مڇر: هي به پاڻي ۽ جهنگ جي پيداوار چئجي ته هرج نه ٿيندو هي جيت ڪچي توڙي پڪي ۾ ٿئي. ساريال وارن علائقن ۾ ته ٻارهو ئي هي جيت ماڻهن ۽ جانورن کي ڏنگيندو آهي. سم وارن علائقن ۾ به هي جيت گهڻو ٿئي ڪچي ۾ صرف سانوڻ جي مند ۾ ٿئي. جهرجهنگ ڇرن ۾ هي جيت جام هوندو آهي. خاص طرح سج لٿي کانپوءِ ته مال جهنگ چرڻ ڇڏي، ڀڄي وڃي ڀاڻن تي دونهين ڀيڙا ٿيندا آهن. ڀاڳيا ڀاڻن تي دونهان ڪندا آهن، ته جيئن دونهين جي واس تي پري هليو وڃي. ڪچي واسين جي گهرن ۾ به ننڍن ٻارن ۾ سج لٽي کانپوءِ ريهاٽ هوندا آهن. بڊو ختم ٿيندو ته مڇر به ختم ٿي ويندو آهي.
ڀنڀوري: مڇر مار جيت آهي. سانوڻ ۽ بڊي ۾ هي جيت مڇرن جو شڪار ڪندي اڏامندي نظر ايندو آهي.
ٻِنڊو: ٻِنڊو جيت ڀونئر جهڙو ٿئي ٿو. چيٽي فصلن جي لابارن ۾ شايد ٿڌن علائقن مان اچي ٿو ۽ وري ٻن مهينن کانپوءِ غائب ٿي وڃي ٿو. اهو به سانگي جيت آهي. باقي سال جا نو مهينا ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو آهي. نه معلوم ته ڪهڙي ڏيهه کان هتي اچي ٿو ۽ سندس واڌ ويجهه ڪٿي ۽ ڪيئن ٿئي ٿي؟ اُڏار سڌي ۽ اُڀي هيليڪاپٽر وانگر ذوڪٽ ڪري اڏرندو آهي.
ماڪڙ: گهڻو اڳ تقريبن اڌ صدي اڳ هي جيت ولرن جي صورت ۾ الائجي ڪٿان ايندي هئي ۽ الائجي ڪيڏانهن رخ هوندو هوس، اسان جي تر ۾ اسان اولهه ۽ اتر کان ايندي ڏٺي، اوڀر ۽ ڏکڻ ويندي ڏٺي، جڏهن مٿي اڏام جي صورت ۾ ڏسبي هئي ته باقائده آسمان جهڙ جيان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڄڻ سج به لڪي ويندو هو. ايتري ته گهڻي ۽ گهاٽي ايندي هئي. وري جي زمين تي لهندي هئي ۽ فصلن ۾ چرندي هئي ته تونگن جا تونگ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي هئي. ايتري قدر جو سئي رکڻ جي به زمين تي جاءِ به نه بچندي هئي. ليڪن هاڻي واري دور ۾ ڪيئي سال ٿيا آهن ته ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي. ليڪن بنيادي طور اهو پتو پئجي نه سگهيو آهي ته سندن اصل ماڳ ماڪڙ جو ڪهڙو آهي ۽ ڪيستائين انهي ماڪڙ جي پهچ آهي.
اڪ ماڪڙ: هي ماڪڙ به گهڻو ڪري اڪ وڻ جي پيداوار آهي، رڳو اڪن جي وڻن تي اڪ جون چوٽيون کائيندي سائي رنگ جي نظر ايندي آهي ۽ ٻارهو ئي اڪن تي ڏسبي آهي.
ڀنڀوري نما جيت: هي جيت هر سال سنڌو درياه ۾ مارچ مهيني جي وچ ڌاري الائجي ڪٿان اچي ٿو؟ ليڪن آخري وصال اچي سنڌو درياهه ۾ ٿيندو اٿس. مسلسل هفتو کن وهندو آهي ۽ درياه ۾ ڪرندو آهي. ۽ ڪجهه گهڙين کانپوءِ مري وڃي ٿو، نه معلوم ته اها جيوت ڪٿان ۽ ڪهڙي ڏيهه مان اچي ٿي ۽ مٿان اچي درياه ۾ ڪري ٿي ۽ مري وڃي ٿي .هفتو کن درياه جي پاڻي ۾ مئل ۽ مرندڙ اهو ڀنڀوري نما اڇو جيت ايترو ته جهجهو اچي ٿو جو ڄڻ سڄو درياه انهن جيتن سان ڀريو پيو هوندو آهي. اهو جيت ته درياه جي ڪنهن ڪپ تي ڏسڻ ۾ نٿو اچي نه وري درياهي ٻيٽن تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي صرف مٿان ئي ڪري ٿو ۽ درياه ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃي ٿو اهي مٿيان جيت ويراڳي آهن ليڪن سندن اصلي ماڳ جي خبر نه آهي.