مهاڳ
جتي ٻڌڌرم، جين ڌرم ۽ هندو ڌرم جا هزارين سالن تائين ڪير صحيح آهي، ڪير غلط آهي جا بحث، جهيڙا ۽ جنگيون رهيو آهن.
ان کان به اڳ ۾ هتي ويد سنڌوء جي ڪنارن تي لکجن پيا .وحدت الوجود جهڙا بحث ويدن جي زماني کان سنڌ ۾ جاري آهن. نه رڳو روحانيت تي بحث آهن پر روحانيت جا وڏا مقام ماڻڻ لاءِ مجاهدا، مراقبا، روحاني سفر جا تجربا ۽ مشاهدا ان زماني کان شروع آهن.
“ سڀ ۾ صاحب هيڪڙو ”
واري نتيجي تي سنڌي هزارين سال اڳ پهچي چڪا هئا. هيءَ ئي اها سرزمين آهي جنهن تي دنيا جون طاقتور قومون صدين کان حمله آور ٿينديون رهيون آهن ۽ پنهنجا مذهبي، نيم مذهبي عقيدا، اصول. ريتون، رسمون ساڻ ڪري ايندا رهيا آهن ۽ “ سڀ ۾ صاحب هيڪڙو ” واري سنڌ جي فلسفه حيات کان شڪست کائيندا ان جو حصو ٿيندا رهيا آهن. تنهنڪري سنڌ جي تهذيب ۾ دنيا جي مذهبن، عقيدن ۽ تهذيبن جا قدر ۽ نظريا جهلڪا ڏيندي نظر ايندا.
“ مولانا گرامي جون تحريرون ” ڪتاب ۾ صفحه 271 تي مولانا صاحب فرمائي ٿو ته “ هن سرزمين تي مذهب، عقيدي، نيم تاريخي ۽ نيم مذهبي رسومات جي با همي اشتراڪ سان پيدا ٿيل آدرش جي اخلاقي تاريخ حيرت انگيز آهي. ان ڪري ئي عرض ڪيو اٿم ته ساري دنيا جي مذهبن ۽ اصولن، انسانذات جي عقيدن ۽ رسمن، سڀني قومن جي معاشي ۽ معاشرتي قدرن جي جامع سرزمين اگر ڪا آهي ته پوءِ اها فقط “ سنڌ ” آهي .سڀني مذهبن، عقيدن، نظرين، اصولن ۽ انهن جي جامع نصب العين جي مشترڪ تخليق اگر ڪٿي ٿي آهي ته پوءِ اها فقط “ سنڌ ” ئي آهي.
دنيا جو ٻيو ڪو به خطو سنڌ جي ان عظمت سان مقابلو ڪري نٿو سگهي. اسان لئه سنڌ ئي سڀ ڪجهه آهي.
“ ديس سچل دا درس درازا مڪونا ملتان ”
به ان حيثيت سان چيو ويو آهي ”
سنڌ علم جي جهان ۾ سرواڻي ڪندي رهي آهي ان باري ۾ عرب تاريخدانن ۽ سياحن وڏا تفصيل بيان ڪيا آهن. هتي اختصار طور صرف ٻه حوالا ڏجن ٿا.
مولانا گرامي صاحب ساڳئي ڪتاب جي صفحه 725 تي لکي تو ته ابن حجر عسقلاني هڪ قول بيان ڪيو آهي، فرمائي ٿو ته حضرت علي رضه چيو آهي ته“ سنڌ اها سرزمين آهي جتان علم جو سج اڀريو آهي .”.
اخبار الحڪماء ۾ آيل آهي ته“ دنيا جي سڀني قومن ۾ سنڌ علم ۽ حڪمت جو سرچشمو رهي آهي .دنيا جي سڀني قومن ۾ سنڌ عدل ۽ سياست جو پهريون مرڪز رهي آهي .اسانجي ملڪ کان پري هئڻ ڪري سنڌ جا ڪتاب اسانجي عالمن تائين گهٽ پهتا آهن“
جيجل سنڌ جنهن ۾ صدين تائين مذهبي، نيم مذهبي، عقيدن، اصولن تي بحث رهيا، جتي صدين تائين روحاني سفر جون وارداتون ، تجربا ۽ مشاهدا بحث هيٺ رهيا آهن.تنهنڪري سنڌ وڏي دل گردي وارو سماج تخليق ڪندي رهي آهي.
انسانيت جا اعلى قدر، رواداري ۽ برداشت سنڌ جو ورثو رهيا آهن . تنهنڪري سنڌ ۾ اسلام جي تشريح به انهن اعلى قدرن آڌار ٿيندي رهي آهي. سنڌي عالمن سنڌ کي رواداري، برداشت ۽ اعلى اخلاقي قدرن ۽ روحانيت جو مرڪز ٺاهڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي مدرسن ۾ دستاربند عالم ٿيڻ لاءِ 22 سال پڙهڻو پوندو هو . جنهن ۾ علم الڪلام، حديث، فقه، منطق، طب ۽ تصوف اهم سبجيڪٽ رهندا آيا آهن. تنهنڪري سنڌي سند وارا عالم پنهنجي مزاج ۾ صوفي ۽ وڏي دل گردي وارا فقير منش ۽ علم جا سج رهندا آيا آهن.
مولانا عبدالرحمان جمالي جي ذات جي پرورش ۾ انهن گوهر ناياب شخصيتن جون ڪاوشون ڪارفرما رهيون آهن. هاڙهي جا جابلو پٽ ڇڏي نارو پٽ وسائيندڙ اسانجي ممدوح مولانا عبدالرحمان جمالي جي ذات شخصيت ۽ ڪردار سازي ۾ ناري پٽ جي شاهاڻي مزاج جو به بنيادي ڪردار رهيو آهي.
اسين تفصيلن ۾ وينداسين ته ڪيئي ڪتاب تيار ٿي ويندا پر اسين مختصرطور جمالي صاحب جي استادن واري سند جي هڪ وڏي نالي ۽ برگزيده شخصيت مخدوم محمد معين ٺٽوي عرف مخدوم ٺارو لاءِ لکيل هڪ خط ۾ ننڍي کنڊ جي وڏي عالم حضرت شاهه ولي دهلوي لکيو آهي ته “تون علم جي ميدان ۾ شينهن تي سوار آهين، ان تي توسان ٻيلهه سوار ڪير ٿيندو ؟” هيء روايت محترم محمد ادريس السندي ڪتاب “ رسائل مخدوم معين ” جي مهاڳ ۾ صفحه 03 تي آندي آهي. ائين ئي مولانا عبدالرحمان جمالي جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ سنڌ سمائي پئي آهي. سنڌ جيئن اسلام جي تشريح ڪري ٿي، سنڌ جيئن اسلام کي سمجهي ۽ سمجهائي ٿي، سنڌ جيئن اسلام تي صدين کان عمل ڪري ڏيکاريو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته اسلام مساوات، برابري، تهذيب، برداشت، رواداري ۽ انسانيت جي اعلى قدرن ۽ گڻن جو مذهب آهي. سنڌي سند وارن عالمن ۾ مولانا جمالي آخري نشانين مان آهي.
رهــــــــيا اٿـــئي رات، صــبــح ويـــند ءِ صـــابــري ،
لُنء لُنء منجهه لطيف چئي، ڪرتنين جي تات ،
ويـــــا جــــي پـــرڀـــات، ڪـــرم مـلند ءِ ڪاپڙي..
(شاهه)
جلال ڪوري
ڊيٻو /عمرڪوٽ
12 آگسٽ 2016 ع