سوانح حضرت مولانا علامه سائين عبدالرحمان جمالي صاحب : پروفيسر حافظ نورمحمد نهڙي
[b]خانداني پس منظر :
[/b]پراڻي زابل افغانستان جي هلمند نديءَ جي ڪناري تي ( بست ) شهر جي ڀر ۾ جبل زوڙ تي اها قوم رهندي آهي. جبل تي هڪ مندر به زوڙ نالي هو جنهن ۾ رکيل بُت جو نالو به زوڙ هو جنهن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ان علائقي کي شاهه صاحب هاڙهي ڌڻي ڪري لکيو به آهي اهو تفصيل تاريخ ابن خلدون ۽ تاريخ خلافت مشرقي ۽ ٻين تاريخي ڪتابن ۾ حضرت عبدالرحمان بن سمره رضه جي فتوحات ۾ لکيل اچي ٿو.
[b]پيدائش :
[/b]هاڙهي ۾ پيدائش جو سال 1934.35ع آهي مگر ان کان گهٽ وڌ به ٿي سگهي ٿو پر هي ڳالهه واضح آهي ته اها انگريزن جي عروج جو دور هو جنگ عظيم دوم جي شروعات هئي امريڪي فوجين جو اچڻ جنهن ۾ گهڻا ڪارا شيدي هئا ڪراچي جي ملير واري ڇانوڻي ان وقت زير تعمير هئي اتي فوجي هوائي جهازن جو اڏو هو.
[b]لسٻيلي کان هجرت ۽ ميرپورخاص ۾ اچڻ :
[/b]مامي علي جي وفات کانپوءِ بابا سان گڏ لڏي اچي ميرپورخاض ۾ پير غلام رسول شاهه جيلاني جي ڳوٺ جي ڀر سان ٽوهه خاصخيلي جي ڳوٺ ۾ رهيا سندن والد مزدوري ڪندو هو ڪاٺيون وڪڻي گذرسفر ڪندو هو تڏهن ميرپورخاص ۾ واڻين جو عروج هو اهي مسلمانن کي ڄٽُ سڏيندا هئا. ميرپور ۾ لڏي اچڻ جو سال 1945ع آهي.
1946ع ۾ اليڪشن ٿي مسلم ليگ جو اڳواڻ مير الهداد خان لانڍي وارو هو. ڪانگريس جو اڳواڻ غلام مصطفى خان ڀُرگڙي ۽ هندو سيٺ هئا. اليڪشن جي ماحول ۾ ئي 1947ع ۾ پاڪستان آزاد ٿي ويو.
[b]تعليم :
[/b]1947ع ۾ ڪاماري شريف جي ڀرسان غلام حيدر سريوال جي ڳوٺ ۾ رهائش ٿي. اتي ڪمدار در محمد بروهي پنهنجي پٽ کي پڙهائڻ لاءِ اسڪول ۾ ان جو ساٿي ڪري ڇڏيو. پهريون پرائمري استاد هڪ ميگهواڙ هو جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿي ويو ۽ ان جو نالو پير بخش پرديسي هو ان ايتري ته محنت سان پڙهايو جو اڻپور به سيکاري ڇڏيائين ۽ ٽنڊي الهيار جي زميندار حافظ عبدالعزيز پاٽولي جو منشي پڻ ٿيو. 1950ع ۾ ڳوٺ ولهيٽ وايا عمرڪوٽ ضلع عمرڪوٽ لڏي آيا. ولهيٽ آڻڻ ۾ مولوي محمد عيسى اڱاريو ۽ مولوي عبدالڪريم خاصخيلي جو هٿ هو .ولهيٽ جي مدرسي ۾ پرائمري مسلم اسڪول به هو جنهن جو هيڊ ماستر شيخ حضرت مولانا عبدالسميع ساند رح هو. اهو اسڪول خانگي هو جنهن ۾ ٻه استاد مولوي محمد طلحه پلي ۽ محمد الياس ملاح پڙهائيندا هئا. هوشيار ۽ ذهين هجڻ سان گڏوگڏ پير بخش پرديسي جي محنت ڪم ڏنو ۽ ولهيٽ جي اسڪول ۾ 1953ع ۾ پنجون درجو پاس ٿيو ۽ 12 فيبروري 1953ع ۾ ئي پرائمري استاد مقرر ٿيڻ جو آرڊر مليو.
پرائمري اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران ئي1372هجري ۾ عربي جي تعليم جي باقائده شروعات ٿي جنهن ۾ ميزان الصرف جيڪو محمد عثمان مروندي لعل شعباز قلندر جو لکيل ڪتاب آهي عربي جو پهريون ڪتاب هو ٻي سال 1373هجري ۾ نحومير شرح مائته، هدايته النحو، روضته الادب ۽ نور الا يضاع هو. ٽيئن سال فقه جو ڪتاب ڪنزالدقائق ڇوٿين سال شرح وقايه اول دوم، جامي، مقامات حريري، پنجين سال هدايه آخرين، عبدالغفور، مسلم، جلالين، هماسو ڇهين سال تفسير بيضاوي، مشڪوات شريف، مسند امام محمد، مسند امام ابو حنيفه ستين سال مسلم شريف، بخاري شريف، ترمذي شريف، نسائي ۽ ابن ماجه پڙهي، 14 شعبان 1377هجري مطابق 1957ع ۾ دستار بندي ٿي .هي سڀ ڪتاب مولانا عبدالسميع ساند رح کان پڙهندا رهيا ۽ شيخ هٿان دستار ٿين...
[b]درس وتدريس ۽ سندن شاگرد:
[/b]ديني تعليم مڪمل ڪري 1958ع ۾ ڪاليج ۾ داخلا ورتائون 1961ع تائين مختلف فنون ۾ سنڌ ۾ نمبر کڻندا رهيا ۽ غلام مرتضيٰ ڀُٽي ٽريننگ ڪاليج ۾ ليڪچرار جي لاءِ 17 گريڊ واري پوسٽ ڏني .جنهن ليٽر تي ڊائريڪٽر غلام حسين جعفري جي صحيح هئي دنيوي علم به سائين عبدالسميع کان پڙهيا. انهيءَ ئي وقت سندن استاد مولانا عزيز الله ساند مولانا عبدالسميع ساند ۽ دوست عبدالڪريم خاصخيلي ۽ دوست حاجي محمد ساند سندن ڳوٺ آيا ۽ چيائون ته اسان جو مدرسو ڦٽي پيو اوهان هلي پڙهايو. تڏهن هُتان جواب ڏيئي استادن جي حڪم مطابق 1 مئي 1960ع ۾ مدرسه مظهرالعلوم ولهيٽ ۾ مدرس جي حيثيت ۾ پڙهائڻ شروع ٿيا. سنڌي تعليم لاءِ مولانا محمد طلحه پلي کي رکرايائون .عربي پڙهڻ لاءِ شروع ۾ 7 شاگرد هئا جنهن ۾ مولانا محمد طلحه پلي صاحب هو جيڪو اسڪول ۾ استاد به هيو.
دستار بند عالمن جي پهرين کيپ 1967ع ۾ نڪتي جنهن ۾ مولانا محمد طلحه پلي مولانا عبدالڪريم نهڙي، مولانا گل محمد ساند ٻي جماعت 1972ع ۾ نڪتي جنهن ۾ مولوي محمد عباس گوگاسر، مولوي تاج محمد بن مولوي عبدالعفور راهمون ۽ مولوي عبدالحئي ساند ( موجوده مهتمم مدرسه مظهر العلوم ولهيٽ ) ٽئين کيپ 1974ع ۾ نڪتي جنهن ۾ مولوي محمد زمان ساند مولوي مقصود احمد مڪراني هئا ان کان پوءِ اختلاف ٿي ويا.
سائين جي جاءِ تي مولانا غلام رسول کي نامزد ڪيو ويو جنهن چيو ته اوهان نه پڙهايو ان جي هدايت تي پڙهائڻ 1973ع ۾ بند ٿي ويو.
[b]مدرسه ولهيٽ ۽ رسالو قراني :
[/b]ميان نصير جيڪو ميان عبدالڪريم جو ڏاڏو هو شاهه محمد اسماعيل شهيد ۽ سيد احمد شهيد جو لشڪر جڏهن سنڌ واري رستي پشاور ڏانهن ويو پئي. تڏهن ان وقت ميان نصير مدرسو هلائي رهيو هو .ان جي سيد احمد شهيد جي قافلي وارن سان ملاقات جو ثبوت ته نه ٿو ملي پر ان وقت 1265هجري ۾ ڪبيري جي حاشيي تي ميان نصير جي مولودن جي جوازلاءِ فتوى لکيل آهي.
ميان نصير فتوى ۾ لکيو آهي ته مولود ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي تعريف آهي ان ڪري جائز آهن جڏهن ميلاد ۾ ساز ۽ وڄت آهي ان ڪري حرام آهي سنڌ ۾ مولود جو رواج سنڌي مزاج مطابق بغير ساز ۽ وڄت جي آهي جڏهن ته هندوستانين جي مزاج ۾ ميلاد ۾ ساز وڄت شامل آهي .ان ڪري اهو ناجائز آهي .مدرسو گهڻي عرصي کان هلي رهيو آهي .مولانا عبدالسميع سال 1949ع ۾ پڳ ٻڌي ۽ مولانا عزيز الله ساند جي چوڻ مطابق مدرسي جي تعليم جو ڪم جاري رکيو هو.
1936ع ۾ رسالو “قراني” ولهيٽ جاري ٿيڻ ڪري مدرسي جي تعليم ۾ ڪجهه رڪاوٽون پيش آيون. ان ڪري مجبورن رسالو قراني ولهيٽ 1938ع ۾ مولانا عزيز الله ساند کي بند ڪرڻو پيو .جنهن جو ايڊيٽر به مولانا عزيز الله پاڻ هيو.
مدرسه مظهر العلوم ولهيٽ 1184هجري کان اڄ تائين پنهنجي سنڌي مزاج جي شناخت ۽ عربي، ناظره ۽ حفظ جي تعليم جاري رکيو اچي راقم الحروف پڻ هن مدرسي ۾ سال کن پڙهيو آهي. مولانا عزيز الله ساند جمعيت علماءِ هند ٿر پارڪر جو جنرل سيڪريٽري هو نهايت عقلمند انسان هو. گهڻا ماڻهو پنهنجا فيصلا ان کان ڪرائڻ ايندا هئا.
ان وقت ٽي ڏاها ماڻهو مشهور هئا 1 شاهه مراد شاهه کاروڙي وارو 2 سخي محمد پلي ڳوٺ محمد عالم پلي وارو 3 مولانا عزيز الله ساند ولهيٽ وارو. رسالو قراني ولهيٽ مدرسه ولهيٽ کان جاري ٿي رهيو هو .رسالي جي ورڪنگ ڪميٽي جي ممبرن ۾ صدر مولانا محمد علي جوڻيجو ايڊيٽر مولوي عزيز الله ساند سب ايڊيٽر ميان احمد هو ۽ مفتي عبدالڪريم ساند هو. بهترين مضمون نگار مولوي مبارڪ پلي. هو جنهن جي وفات 1939ع ۾ ٿي رسالي ۾ حق ۽ سچ بيان ٿيڻ ڪرڻ مولوي عزيز الله ساند ۽ مولوي محمد علي جوڻيجو تي وقت جي وڏيرن ڪيس ڪيو ته ان ڪري سياسي هلچل کي محدود ڪيو ويو ۽ رسالي کي 1938ع ۾ بند ڪيو ويو.
[b]جمعيت علماءِ اسلام جي امارت :
[/b]جمعيت علماءِ اسلام جي پليٽ فارم تان جڏهن ڊاڪٽر خالد محمود سومرو شهيد جي ڪوششن سان ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو اٿاريو ويو تڏهن ان ۾ سائين جن خصوصي ڪميٽي جا ممبر رهيا ۽ فتوى جي لکڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ وڏيون ڪوششون ڪيائون. شريعت مطابق فتوى ۾ هي ثابت ڪيو ويو ته ڪالاباغ ڊيم نا جائز آهي. پهرين سنڌو درياءُ جي پاڻيءَ تي پڇڙي وارن جو حق آهي. اها فتوى ماهوار رسالي شريعت ۾ پڻ شايع ٿي جنهن تي سنڌ جي اڪابر علماءِ کان سواءِ ڪراچي جي علماءِ جون به صحيحون موجود آهن.
هن وقت به سائين جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جا مرڪزي رڪن آهن ۽ پيرا نه سالي ۾ پڻ مرڪزي اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ ويندا آهن ۽ سڄي پاڪستان جا عالم سڳورا سائين جي وڏي عزت ۽ احترام ڪندا آهن.1995ع کان 2002ع تائين سائين جن جي يو آءِ ضلع عمرڪوٽ جا امير رهيا.
[b]سائين جن جي علمي قابليت :
[/b]سائين جن جي علمي قابليت جي باري ۾ جيڪڏهن ڪماحقه لکيو وڃي ته هن ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته پاڻ ديني علم سان گڏوگڏ دنياوي ليکڪن کي به سُٺي نموني پڙهيو آهي .تاريخ اسلام ،تقابل اديان پر برصغير جي تاريخ ۽ جغرافيائي سياسي لحاظ کان به پنهنجي هم عصر عالمن کان گوءِ کڻي ويا آهن. مون جڏهن به سائين جن کان ڪو مسئلو پڇيو ته پاڻ بروقت نه صرف مطمئن ڪيو پر ڪتابن جي حوالن سان ثابت ڪيو .جڏهن ته ٻين مفتيان ڪرام کان پڇيو ته انهن چيو ته ڪتاب ڏسي پوءِ ٻڌائينداسين جڏهن ته سائين ٻڌائيندا آهن ته هي فلاڻي فتوٰ ۾ مسئلو موجود آهي وڃي تصديق ڪر.
سائين جن جو مئوقف آهي ته فتوى اهڙي ڏجي جنهن ۾ پوري مسلمان امت جي ڀلائي هجي ۽ عوام توڙي خواص انکي قبول ڪن ۽ فتوى جنهن تي مڪمل عمل درآمد ٿئي ٻئي ڌريون فيصلي تي عمل ڪن مولانا ٿانوي کي حڪيم الامت ان ڪري سڏيو ويو جو اهي مسئلن ۾ فتوى سان گڏوگڏ حڪمت بصيرت کان ڪم وٺندو هو.
[b]خلافت ۽ بيعت :
[/b]سائين جن جو سال 1958ع سيد جلال الدين شاهه مٺياڻي واري جي معرفت حضرت حماد الله هاليجويءَ سان بيعت جي ارادي سان وڃڻ جو پروگرام ٿيو .خيرپور شهر ۾ سرڪاري طرح تعليمي ڪانفرنس هئي حيدرآباد کان ان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نامزد ڪيو ويو اتان کان هاليجي ويجهو هو. سائين جن جا ڀاڻيجا سندس دوست هئا انهن رهنمائي ڪئي انهيءَ پروگرام ۾ ميرپورخاص کان مولانا عبدالحق رباني آيو جنهن سان مشورو ڪيائون. مولانا چيو مشورو امانت آهي .مولانا هاليجوي بهترين عالم ۽ سٺو انسان آهي تون به سٺو ماڻهو آهين پر پيري بادشاهي جي شاخ آهي ان ۾ پيءُ کان پوءِ پٽ گادي نشين ٿيندو آهي سڀ برصغير جون گاديون انهي اصول تي قائم آهن جنهن ڪري قرآن مجيد جي قانون مطابق خلف من بعد خلف اضا عوالصلواه جي اصول تي عامل ٿيا ۽ قوم جي تباهي ڪري ڇڏيائون نه تون مولانا جي پوئين کي چئي سگهين ٿو ته هو مولانا جي تابع رهندا ۽ نه تون سندس پوئين لاءِ چئي سگهين ٿو ته هوتو جهڙا صحيح ديندار رهندا ان ڪري آئون بيعت جي حق ۾ مشورو نه ڏينديس .ان کان پوءِ مون بيعت نه ڪئي ۽ ان جو افسوس سڄي عمر آهي ۽ رهندو حاجي حسين شجاع آباد وارو مولانا عبدالله بهلوي جو خليفو هو انهن سائين جن کي چئني طريقن ۾ اجازت ڏنائون ۽ اڳتي ذڪر ڏسڻ جو به حڪم فرمايائون انهيءَ ڪري سڀ کان پهرين جنهن کي ذڪر ڏنائون اهو شاهه مراد شاهه کاروڙي وارو هو جنهن کي ستن لطيفن جي سائين جن اجازت ڏني جنهن جي الله کان سواءِ ڪنهن کي به خبر ناهي مولانا .ٿانوي جو ڪتاب نوادر وبوادر مطالع ڪيائون جنهن ۾ لکيل هو ته مرشد لاءِ شرط آهي ته عالم هجي اها ڳالهه سائين جن حاجي حسين رح سان ڪئي. ۽ اجازت ورتائون ته آئون ڪنهن عالم سان بيعت ڪريان پاڻ اجازت ڏنائون سائين جن مولانا محمد حسن عباسي رح ( جيڪو لاهوري جو خليفو ) هو ان سان قادري طريقي ۾ بيعت ڪيائون جيڪو بيعت کان پوءِ جلد وصال ڪري ويو.
[b]جامع مسجد عمرڪوٽ جي نگراني :
[/b]جامع مسجد عمرڪوٽ جو پلاٽ 1930ع کان ورتل هو جيڪو قاضي نورمحمد پلي رح ورتو هو، هن وقت به جامع مسجد جي خطبي واري لٺ جيڪا بهڻ جي ٺهيل آهي. ۽ هالامان ٺهي آئي آهي. ان جو رنگ به ان وقت جو آهي جيڪو نه لٿو آهي. مولانا قاضي نورمحمدپلي حضرت قراني رح جو شاگرد هو .جامع مسجد جا پيش امام مولانا عبدالحڪيم چيل وارو، مولانا عبدالخالق پلي، مولانا محمد مبارڪ پلي ۽ ٻيا علماءَ قراني جماعت جا هئا. 1964ع کان جڏهن هن مسجد جي تعمير ڊاڪٽر بنگالي ۽ سول جج محمد دائود جي نگراني ۾ ٿي. ان تعمير ۾ چندي ۾ حصو وٺندڙ رئيس غلام محمد کوسو فقير محمد خان چانگ، محمد بچل ڪنڀار، سائين عبدالسميع ساند مولانا عزيز الله ساند محمد حسين ناگوري ياسين خان اڌيپوري هئا. اها مسجد 1964ع ۾ ٺهي جنهن جو پهريون صدر غلام محمد ٻيو فقير محمد خان چانگ، ٽيون ياسين خان اڌيپوري، چوٿون حاجي الهداد خان کوسو ۽ سائين جن به هن نيڪ ڪم ۾ مشورا ڏيندا رهيا. ۽ تعاون ڪندا رهيا. آخر ۾ صدر حاجي غلام مصطفى ناگوري ۽ حاجي سراج الدين سومرو رهيا. 1990ع کان اڄ تائين مسجد جو مڪمل نظام سائين جن هلائي رهيا آهن.
سائين جن جي سنڀال کان پوءِ مظهر العلوم شاخ ولهيٽ جو به بنياد رکيو ويو. جيڪو وفاق سان ملحق آهي. ۽ ( شهادت العالميه) جي سند ايم اي عربي، ايم اي اسلاميات، ايم اي اسلامڪ ڪلچر جي برابر آهي. جنهن ۾ دوره حديث سائين پاڻ پڙهائيندا اچن پيا ۽ مدرسو بنات پڻ هلي رهيو آهي اڄ تائين ڪئي علماءَ ۽ عالمات پڙهي فارغ ٿيا آهن. سائين جن وٽ سند حديث حضرت علامه مخدوم هاشم ٺٽوي رح جي به آهي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ واسطن سان امام بخاري رح تائين پهچي ٿي. اها سند سائين جن کان مُلڪي توڙي غير ملڪي علماءَ برڪت لاءِ حاصل ڪندا رهن پيا. هن وقت تائين ڪافي تعداد ۾ علماءِ هن سند سان مستفيض ٿي چڪا آهن. مولانا محمد هاشم ٺٽوي رح اتحاف الاڪابر ۾ لکن ٿا ته اها سند قريب ترين آهي. جنهن کي دنيا جي سمورن علمي مرڪزن قريب ترين سند طور منظور به ڪيو آهي. مولانا محمد تقي عثماني مفتي اعظم مولانا محمد رفيع عثماني رح مولانا عبدالحليم چشتي استاذ تخصص في الحديث مدرسه اسلاميه نيوٽائون، مسجد نبوي، مسجد حرام ۽ پوري دنيا جا عالم سڳورا هن سند جي اجازت حاصل ڪري چڪا آهن ۽ ٻيا کوڙ سارا علماءِ اجازت حاصل ڪري رهيا آهن.
سند حديث سائين جن کان 19 واسطن سان امام بخاري رح تائين :
1 عبدالرحمان جمالي
2 محمود احمداني
3 لعل محمد
4 حافظ عبدالولي
5 آخوند محمد هارون
6 محمد عثمان
7 نور محمد نصرپوري
8 محمد هاشم ٺٽوي
9 مخدوم عبدالقادر
10 محمد ابراهيم
11 عبدالله لاهوري
12 قطر الدين
13 احمد نهروالي
14 محمد بن عبدالله
15 معمر بابا يوسف
16 محمد بن شادبخت
17 مقبل بن شاهان الختلالي
18 محمد بن يوسف
19 محمد بن اسماعيل بخاري رح
( هن حديث جي سند کي جن جن ملڪي توڙي غيرملڪي عالمن حاصل ڪئي آهي انهن جي نالن جو رڪارڊ مدرسه مظهر العلوم شاخ ولهيٽ گولي مار نزد ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ موجود آهي. ان کان تصديق ڪري سگهجي ٿي. )
[b]سائين جن جو سياسي ۽ سماجي ڪردار :
[/b]سائين جن بلاتفريق خلق جي خدمت سياسي توڙي سماجي طور تي ڪندا رهيا آهن. هندو توڙي مسلمان پنهنجا سماجي فيصلا سائين جن کان ڪرائيندا رهيا آهن. عمرڪوٽ ۽ پوري علائقي واسي سندس خدمتن کان مستفيض ٿيندا رهيا آهن.
پاڻ اهڙا اهڙا فيصلا ڪيا جن ۾ اتحاد، اتفاق ۽ محبت جو سبق ملي ٿو. ڪئي قومن جا تنازعات ۽ ڪئي قومن جا فيصلا سائين جن ڪري انهن کي کنڊ کير ڪري ڇڏيائون. سياسي لحاظ سان به سائين جن جي پهچ وقت جي ايم پي اي ايم اين اي تائين رهي آهي ۽ سائين جي وڏي عزت ڪن ٿا. سائين جن جا فيصلا ۽ فتوائون پوري علائقي واسين لاءِ رحمت جو سبب بڻيا. 1970 ع ۾ سائين شاهمراد شاه، مولوي ڪريمڏنو عرف مولوي اصغر شاه ۽ سندن ڀائر وچ ۾ ٻني جي ورهاست لاءِ جيڪا عالمن جي جماعت معاون ۾ مددگار هئي. مونالا عبدالرحمان جمالي به انهن عالمن ۾ شامل هو.( واضح رهي ته شاهه مراد شاهه موجوده صوبائي وزير ثقافت ، سياحت ۽ آثار قديمه ۽ ناليواري اديب سيد سردار شاهه صاحب جو ڏاڏو هو. )
[b]سائين جن بهترين مناظر :
[/b]سائين جن علمي لحاظ سان بهترين مناظر هئا. ڪيترائي مناظرا ڪيائون .جن ۾ وڏو مناظرو بُلبل پاڪستان مولانا محمد شفيع اوڪاڙوي سان ٿيو. جڏهن هو جامع مسجد عمرڪوٽ ۾ ڪن دوستن جي چوڻ تي تقرير ڪرڻ لاءِ آيو. اها تقرير سائين جن ٻُڌي رهيا هئا. ان کان پوءِ سائين جن رئيس الهداد کوسو جي بنگلي تي اوڪاڙوي سان مناظرو ڪيو. جنهن ۾ اوڪاڙوي کي هارائون تنهن کان پوءِ جامع مسجد جي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته اها مسجد هاڻي سائين جن جي حوالي ڪري ڇڏ جي. ان کان بعد اڄ تائين جامع مسجد سائين جن جي حوالي آهي. ان کان پوءِ اڄ تائين ڪو به مولوي سائين جن سان مناظري جي جرات نه ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪري سگهندو. الله سائين جن جو سايو هميشه لاءِ اسان تي قائم رکي. آمين
[b]سائين جن جا اخلاق :
[/b]سائين جن انتهائي نرم دل، ملنسار ۽ اعلى اخلاق ۽ ڪردار جا مالڪ آهن. مهمانن کي هميشه خوش اخلاقي سان ملندا آهن ۽ سندن خدمت کان سواءِ ڇڏيندا ڪو نه آهن.
دوستن کان سواءِ جيڪي سائين جن جا مخالف ساڻن ملڻ لاءِ ايندا آهن ته پاڻ انهن سان اهڙي طريقي سان ملندا آهن جو انهن کي محسوس به نه ٿيندو آهي. جڏهن کائنس ڪو گلا ڪندو آهي ته پاڻ روڪيندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان جي سامهون ڪنهن جي گلا نه ڪريو ۽ هر ماڻهوءَ سان ڀلائي ڪريو. ڀلائي نه ٿا ڪري سگهو ته ان جي لاءِ برائي جو نه سوچيو سندن خدمت ۾ هميشه ويندو رهندو آهيان پر سائين جن کان ڪڏهن به ڪنهن مخالف جي گلا نه ٻڌم . پيرا نه سالي جي باوجود اٿي ملڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ خدمت کان سواءِ ڪو نه ڇڏيندا آهن. سائين جن عمرڪوٽ نه پر پوري سنڌ جي عالمن ۽ عوام لاءِ الله جي طرفان عظيم نعمت آهن.
[b]حُليو مبارڪ :
[/b]پاڻ انتهائي سادي مزاج جا آهن پٽڪو ۽ ڪلهي تي اجرڪ سُفيد چمڪندڙ ڏاڙهي، وچولو قد، ڪڻڪو رنگ، نرم نازڪ هٿ، اڇا ڪپڙا شلوار قميص هميشه زيب تن هوندي آهي. پاڻ چوندا آهن ته منهنجو شيخ سائين عبدالسميع ساند به هميشه ڪُلهن تي اجرڪ رکندو هو ان ڪري آئون اجرڪ ڪلهن تي رکندو آهيان.
سائين جن جو پيغام سنڌي عوام لاءِ :
آئون سائين جن جي آتم ڪٿا لکي رهيو آهيان اهو سائين جن جي زباني لکايل ڪتاب انشاء الله جلد منظر عام تي ايندو، جنهن ۾ انتهائي اهم انڪشافات، تاريخي ڳالهيون اهم فتوائون ۽ فيصلا لکيل آهن هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سائين جن جي شخصيت اجاگر ٿيندي. الله تعالى تاڄمار سائين جن جو سايو اسان تي قائم و دائم رکي ( آمين ) سائين جن جو سنڌي عوام لاءِ پيغام هي آهي ته پنهنجي سنڌي قوم جي بلا تفريق خدمت ڪريو. اها خدمت علمي هجي يا اخلاقي هجي يا ديني ـ شرعي فتوى جي صورت ۾ هجي. پاڻ فرمايائون ته هن وقت سڀ مسلم امت پريشاني ۾ آهي خاص طور تي عالمن تي اهو فرض آهي ته هو اسلام جا علمي اخلاقي ۽ سماجي اقدار پيش ڪري اسلام جي حقيقي روح کان قوم کي روشناس ڪن ته جيئن ڀٽائي رح جي هن شعر جا مصداق ٿي سگهن.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
( سائين جمالي صاحب جن جي زباني لکايل آتم ڪٿان تان ورتل )