مولانا عبدالرحمان جمالي سماجي رواداري جو ڪردار : پريتم پياسي
مجنون کوسي کي ته خبر ناهي ڪيئن خيال آيو ۽ ڪئين نج ڳوٺاڻا لفظ ۽ محاورا يا د پيا جو هن مسڪين جهان خان کوسي جي حياتي ۾ ئي هڪ قابل داد ڪتاب لکي ورتو. مگر اهڙا خيال عمرڪوٽ جهڙي پسمانده علائقي ۾ سامي فائونڊيشن وارن کي اچن ٿا ته، اهو هڪ معجزو چئبو ۽ سندس ڀلا ڀاڳ پڻ چئبا. ڪنهن شخص کي ان جي حياتي ۾ ئي اهڙي مڃتا ملي ته اها ان شخص جي خوشنصيبي ته چئبي ئي پر ان اداري جي به وڏائي، وڏ ماڻهپو ۽ عزت چئبي ،جنهن اهڙو مان ۽ مرتبو بخشيو، نه ته عموما اهڙا ڪتاب ۽ سيمينار مئي پڄاڻا ملهائبا آهن . عمرڪوٽ ضلعي ۾ سامي فائونڊيشن وارا کيرون لهڻن جن هي غيرروايتي ڪم سرانجام ڏنو آهي.
محترم مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب تي لکڻ مون لاءِ به هڪ وڏي سعادت جو ڪم آهي .مگر اهو اعزاز ڏيڻ به ان ئي اداري جي مرهون منت آهي .مولوي صاحب تي لکڻ لاءِ اڄ جئين ئي ڪاغذ ۽ قلم کڻي لکڻ وٺيس ته منهنجي لاءِ شعور ۾ جمع ٿيل ڪن منظرن مان هڪ منظر ذهن تي تري آيو منظر ۾ “ معمور صاحب ” ۽ مولوي عبدالرحمان جمالي صاحب کي ڪنهن هنڌ بيٺل محو گفتگو ڏسان پيو. جيڪي بنهه بي تڪلف ڳالهيون ڪري رهيا آهن. سوچيم ! معمور صاحب سان مولوي صاحب جا تمام گهرا تعلقات رهيا هوندا جن کي ڪيترائي ڀيرا مختلف هنڌن تي گڏوگڏ ڏٺم مگر انهن جي ڪچهرين ۾ موضوع گفتگو جي اڄ ذري جيتري به ڄاڻ ناهي ۽ اها به ڄاڻ ناهي ته انهن جا تعلقات ڪهڙن بنيادن تي رهيا مگر جمالي صاحب سان ڪيل مختصر گفتگو کان پوءِ خبر پئي ته انهن ڪافي عرصو گڏ گذاريو ۽ هڪ استاد وٽ پڙهيا . منهنجو استاد سائين الهبچايو مشتاق آريسر صاحب ڪتاب بيباڪ شخصيت ۾ رقم طراز آهي ته.
مولوي عبدالرحمان جمالي جو اصل تعلق بلوچستان جي علائقي سان آهي پاڻ جيئن مولانا عزيز الله ساند وٽ پڙهڻ آيو ته اتي ئي ولهيٽ ۾ رهي پيو. جمالي صاحب ٽريننگ ڪاليج ۾ معمور صاحب سان گڏ هئا ۽ هڪ سال سينيئر هئا پاڻ هن وقت به اها ڳالهه وڏي فخر سان چوندا آهن ته معمور صاحب اسان ڏاڙهي وارن عالمن کان وڌيڪ ديني محاذ تي ڪم ڪيو آهي..
هائي پڪ ڄاتم ته مولوي صاحب جا معمور صاحب سان تمام گهرا تعلقات هڪ طويل عرصي تي محيط هئا. ان جو علم تڏهن ٿيو جڏن آئون شعوري طور ڪجهه سمجهڻ جي لائق ٿيس ۽ وڌيڪ تڏهن جڏهن جمالي صاحب جون علمي ۽ ديني خدمتن کي هڪ پاسي تي رکندي خالص انسانيت جي بنياد تي اقليتن جي حقوق لاءِ جاکوڙيندي ۽ انهن جي دل رکڻ ۽ دل کٽڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي ڏٺم. تڏهن سورنهن آنا پڪ ٿي ته مولوي صاحب ۽ معمور صاحب جدا محاذن تي ڪم ڪرڻ باوجود هڪ ئي فڪر ۽ سوچ جا مالڪ هئا. بلڪه هڪ جان ٻه قالب .هئا اهو سڀ ڪجهه جمالي صاحب جي ڪردارن مان به روشن سج جيان عيان لڳي پيو، منهنجن انهن وهمن ۽ خيالن تي جمالي صاحب هڪ ملاقات ۾ چٽو اظهار ڪري حقيقي اظهار جو ٺپو ثبت ڪري ڇڏيو .مولوي صاحب جي چوڻ موجب ته معمور صاحب سان فڪري هم آهنگي هئڻ جي باوجود نهايت ئي برادرانه تعلقات هئا. ٻئي عالم هڪڙي ئي استاد جا شاگرد هئا ٻئي ڄڻا والدين جي همت افرائي کانسواءِ پنهنجي همت ۽ بل بوتي تي پڙهيا ۽ عالم بنيا ٻنهي جو هڪ ٻيو استاد معمور صاحب جو وڏو ڀاءُ مولانا عبدالخالق جن به هئا. 1952ع ڌاري فائينل جي امتحان ۾ معمور صاحب پهريون نمبر حاصل ڪيو ته جمالي ٻيو، ٻنهي گڏ جي اديب عالم ۽ اديب فاضل جا امتحان ڏنا. معمور صاحب فارسي جا پيپر ڏيندو هو ته مولوي صاحب عربي ۾، ٻنهي ۾ خودي ساڳي هئي ۽ آهي نه ڪنهن جي ڪڏهن خوشحامند ڪئي نه ڪنهن اڳيان جهڪيا، مولا جيڪو ڏنو اهو گنج ۽ ان تي راضي .
معمور صاحب جنهن سان ماضي جون انيڪ يادون سلهاڙيل آهن، جڏهن به ڪا ياد هنيين تي هرندي آهي ته اکيون نم ٿي وينديون آهن .معمور صاحب جيڪو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ته هو ئي پر سچ پڇو ته هو انيڪ محبتن جو هڪ خوبصورت مجموعو به هو، اڃان به وڌيڪ ائين کڻي چئجي ته هو محبتن جو ديوتا هو، بي سهارن ۽ لاچارن جو ڀرجهلو هو، مسيحا هو، معزز، معتبر، قداور ۽ سمنڊ کان به گهري دل رکندڙ انسان، ڪائنات کان به وسيع سوچ، پالڻهار کيس هر خوبي عطا ڪري موڪليو هو. ڇا ته مرد مٿير، دلبر شخص هو ڪلين شيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن زيرلب ته ڪڏهن زبرلب، نڪ جي هيٺيان نمودار ٿيندڙ مڇن جو مجموعو ڪپڙا هميشه سفيد ۽ سادا مگر هردم صاف ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪارو ڪوٽ زيب تن ڪندا هئا ته شخصيت ۾ ٻيڻو نکار پيدا ٿي پوندو هو. ڪشادي دل جيان ڪشادي دسترخوان تي به گڏ ويهي جڏهن شڪم پوجا ٿيندي هئي ته محبتن ۽ سخاوتن جو هڪ باوقار امتزاج پيدا ٿي پوندو هو، نه رنگ نه نسل، نه ذات نه پات، نه عربي نه عجمي، نه هندو نه مسلمان نه ڪارو نه گورو، اصل جبل عرفات تي نبي پاڪ صلم جي ڪيل آخري خطاب جو هڪ چٽو عڪس ڪاري ۽ گوري جي فرق مٽائڻ وارن لفظن جو حسين نمونو. ڄڻ ته ان خطاب جي لفظ به لفظ پيروي ٿي رهي هجي.
انهن ڏينهن ۾ جڏهن اهڙا موقعا ڏيندا هئاسين ته عجب ۾ پئجي ويندا هئاسين ته نفرتن جي جهان ۾ هي محبتن جو سفر الله تعالى ڪٿان نازل فرمايو آهي، انهن ڏينهن ۾ ڀيد ڀائو ۽ اوچ نيچ عروج تي هو ڀيل ۽ ميگهواڙ جهڙين جاتين کي گڏ ويهي هڪ ٿانو ۾ ماني کارائڻ ته بنهه وڏي ڳالهه آهي، پر پاڻ کي اعلى ۽ خانداني مسلمان سڏائيندڙ جن تي اوچ راجپوت سڏائيندڙن جو گهرو اثر هو.
جيڪي راجپوتي وهنوار ۾هلڻ پنهنجو شان سمجهندا هئا سي اسان جهڙن کي هٿ ڏيڻ به گوارا نه سمجهندا هئا اهڙي ماحول ۾ معمور جي محبت ۽ پنهنجائپ ڪيترو گرويده ڪندي هئي، اهو ئي سمجهي سگهي ٿو جيڪو ان ڪرب مان گذريو هجي .بهرحال انهن ڏينهن ۾ معمور يوسفاڻي مولوي عبدالرحمان جمالي، ڊاڪٽر هرچند راءِ سوٽهڙ ۽ سيٺ مگهن مل واڻيون. اهڙا ماڻهو ميدان ۾ آيا جن صاحبن هزارين سالن جي نفرتن جي خلاف جيڪو ٻج ڇٽيو ان جو سلو اڄ اسين عزت ۽ وقار سان کائي رهيا آهيون. معمور صاحب اهو پهريون مدبر شخص هو جنهن پنهنجي گورنمنٽ مڊل اسڪول صوفي فقير ۾ نوڪري دوران، ٻارن جي پيئڻ جي پاڻي جي مٽن جي ڀرسان، کوڙيل ڪلين ۾ مختلف ذاتين جن ۾ ڀيل، ڪولهي، مگهواڙ، اوڏ ۽ مسلمان لاءِ ڌار ڌار ابتا ٽنگيل گلاس ميڙي گڏ ڪري پاسيرا ڪيا ۽ سڀني شاگردن لاءِ هڪ ئي گلاس جي استعمال جو رواج وڌو ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ نفرتون محبتن اڳيان دم ٽوڙي ويون .اهو معمور صاحب جو هڪ وڏو ڪارنامون هو خاص طور تي تڏهن جڏهن اسڪولي شاگرد سيد به هجن، صوفي به هجن، ٻروچ به هجن ته ڪولهي به هجن ته ڀيل به.
مون کي ياد ٿو اچي ته پاڻ پنهنجي وڏي فرزند محترم سائين حزب الله پلي صاحب جي شادي ۾ دسترخوان تي مهمانن کي ماني کارائڻ تي خاص طور اسان ميگهواڙن کي مامور ڪرڻ فرمايو اسان کي ڏسي ڪيترائي “ معزز مهمان پنهنجي گئون مئون ” ڪندا ۽ وڦلندا ماني کائيندا ويا پر مجال آهي جو انهن جو وات معمور صاحب اڳيان ڪجهه کُلي، اهڙو هڪڙو واقعو مولوي عبدالرحمان جمالي سان پيش آيو جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو.
ايئن عمرڪوٽ ۾ سيٺ سرگواسي مگهن مل واڻيو جنهن جو هڪ موڀي پٽ سيٺ کيمن واڻيو پڻ سرگواسي ٿي ويو آهي ۽ هڪ پٽ اشوڪ ڪمار حال حيات آهي خدا کيس ججهي عمر ڏي سيٺ صاحب هميشه بورچي توڙي گهرو نوڪر ڀيل رکندو هو هڪ دفعي سيٺ صاحب هڪ هوٽل جي بيري کي چيو ته هي جيڪو شخص مون سان گڏ ماني کائي ويٺو سو ڀيل آهي هن چيو ته تنهنجا ٿانو به وڃائي ڇڏيا آهن ڀلا ڀري ڏيان ڇا؟ تڏهن بيرو ڏند ٽيڙيندي چوڻ لڳو نڪو ! هي ڀيل نڪو آهي بهرحال اهڙي طرح ڊاڪٽر هرچند راءِ وٽ به گهر ۾ ڪم ڪار خاص طور ميگهواڙ ڇوڪرن حوالي هوندو هو جن ۾ هڪ ڊاڪٽر ليکو مل اڃان به نيهن جا ناتا نڀاهندو اچي!
انهن ڏينهن جو هڪ واقعو به ذهن جي ڪينواس تي تري آيو آهي موقعي مناسبت سان ان جو به ذڪر خير ٿي وڃي. ٿيو ائين جو 1991ع ڌاري آرٽ ٽيچر جي حيثيت سان منهنجي پوسٽنگ هاءِ اسڪول ترڪو مڱريو ۾ ٿي جتي ٽي ـ چار سال ڊيوٽي ڪيم ڊيوٽي دوران شماريات کاتي، مون کي آدم شماري جي سلسلي ۾ انهي ئي ديهه ۾ گهر شماري لاءِ مقرر ڪيو، ان سلسلي ۾ آئون ڏنل لسٽ موجب مختلف ڳوٺن ۾ سائيڪل تي چڙهي گهر شماري جي ڪم ۾ لڳي ويس لسٽ ۾ هڪ ڳوٺ “ مٺو راڄڙ ” به هو جڏهن آئون ڳوٺ “ مٺو راڄڙ ” پهتس ته هڪ وڏي اوطاق جي اڳيان سائيڪل ٿانيڪي ڪيم، ياد ٿو اچي ته اوطاق جي صحن ۾ وڏن کٽولن تي وڏي سفيد وهاڻن جي ٽيڪ سان براجمان پنج ـ ست سفيد پوش ۽ سفيد باريش بزرگ ويٺل هئا جن سان هٿ ملائي پاسي ۾ رکيل هڪ ٽٽل ڪرسي تي ويهي رهيس خير عافيت کان پوءِ هڪ بزرگ مون کان پنهنجي باري ۾ ۽ هتي اچڻ جو ڪارڻ پڇيو مون کيس چيو ته “ منهنجو نالو پريتم آهي ميگهواڙ ڪميونٽي سان تعلق رکان ٿو ۽ هاءِ اسڪول ترڪو مڱريو ۾ استاد آهيان منهنجي آدم شماري ۾ ڊيوٽي لڳي آهي هتي پهرئين مرحلي ۾ گهرشماري ڪرڻ آيو آهيان ” ايترو چئي آئون خاموشي ٿيس ته ڄڻ اچانڪ سڄي نگري کي نانگ سواپي ويو هجي .ڪجهه گهڙين لاءِ ماحول ۾ ماٺار ۽ هر ڪنهن تي ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو هجي .مون ترڇي نگاهن سان ڏٺو ته سڀئي بزرگن خاموش نگاهن سان هڪ ٻئي سان ڄڻ گونگي گفتگو پيا ڪن .ڪجهه دير کان پوءِ هڪ بزرگ اٿيو کٽن جي ڀرسان پيل ڪرو کڻي پنهنجا هٿڙا لڪس صابڻ سان ڌوئي پاڪ ڪيا جيڪي صرف چند گهڙيون پهرين هڪ ميگهواڙ جي هٿ ڏيڻ سان ناپاڪ ٿي چڪا هئا. وڌيڪ پليتي جي خوف کان بچڻ لاءِ هٿن تي ڪجهه ورد وظيفا پڙهي ٻه ٽي گرم گرم شوڪارا به هنيا پوءِ ته سڀني باريشن بزرگن واري واري سان ائين هٿ به ڌوئيندا ويا ته شوڪارا به هڻندا ويا ان وچ ۾ ڪنهن به ڪنهن سان ڳالهايو ڪونه جڏهن سڀئي پاڪ صاف ٿي کٽن تي رونق افراز ٿيا ته هڪ باريش بزرگ جو آواز بيحد ڏکويل مگر ڪروڌ ڀريل لهجي سان فضا ۾ بلند ٿيو ته اوطاق تي ويٺل سامعين جا پڻ ڪن ڪيٽا ٿيا منهنجي دل ۾ هڪ اڻڄاتل خوف ۽ عجيب هلچل پيدا ٿي وئي بزرگ جو آواز هوا جي لهرن جي دوش گرجيو ! تو به ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي جو هڪ هندو ماڻهو سڌو اچي مسلمانن کي ائين هٿ پيو ڏي ڄڻ .....؟ ان جا لفظ ڪاٽيندي ته هڪ ٻئي بزرگ سُر ملايو نه پڇا نه ڳاڇا، اڙي، فلاڻا ! ڪهڙي ٿو ڳالهه ڪرين، اڄڪلهه جا جاهل مسلمان ته هندن سان گڏ کائن به پيا هي ڪاري قيامت جا آثار آهن ٻيو ڇا آهي.. ان کانپوءِ هڪ بزرگ مون ڏانهن متوجه ٿيو ۽ طنزيه انداز مان قهري نگاهن سان نهاريندي مخاطب ٿيو ماستر صاحب تو پهرين ڇو نه ٻڌايو ته آئون هندوڙو آهيان.؟ مون عرض ڪيو ته جڏهن توهان پڇيو ئي ڪو نه ته آئون ڇا ٻڌايان ته آئون ڪير آهيان ۽ هت ڇو آيو آهيان. ڳالهه شروع ئي مس ٿي هئي ته ماستر سنگهار راڄڙ ايڇ ايس ٽي اچي ويو جيڪو اسان کي اتان اٿاري پرائمري اسڪول ۾ اچي ويهاريو مون ڏانهن نهاريندي سنگهار پڇيو ادا توکي ڪنهن ڪجهه چيو ته ڪونه؟ چيم نه ادا مون کي ڇا چوندا آئون اجهو هنيئر ئي ويٺو هئس اڃان ويٺس ئي مس ته توهان اچي ويا ۽ پوءِ سڌا هيڏانهن هليا آياسين .مون پنهنجو ۽ دوست جو ڀرم رکندي چيو سنگهار اسان کي چانهه پياري ۽ گهر شماري ڪري فارغ ڪيو.
آئون تعجب ۾ هئس اهڙن ڪٺور ڏهاڙن ۾ معمور صاحب جي محبت، شفقت، آٿت ۽ همت اسان کي اهڙي راهه تي اچي بيهاريو جو اسين اهو ٺيڪ نموني محسوس ڪرڻ لڳاسين نه اسين به ٻه ٽنگيا،خدا جا پيدا ڪيل انسان آهيون اهو شعور اسان کي معمور صاحب جي طفيل عطا ٿيو.
مون مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ اسلاميات جا پيپر ڏنا هئا ۽ هن ملڪ ۾ رهڻ، ماستري جهڙي نوڪري ڪرڻ، معمور صاحب جي ذاتي لئبرري جا ڪتاب ذيروزبر ڪرڻ ڪجهه ڪتابن جي ورق گرداني ڪرڻ، ۽ انهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين محترم محمد موسى ڀٽي طرفان هر ماهه بنان ناغي جي مفت ۾ ملندڙ ماهوار بيداري جا صفحا جا نڄڻ ۽ وڏي ڳالهه ته معمور صاحب جي سنگ ۾ رهڻ سبب اسلامي تعليمات ۽ اسلام متعلق ٿوري گهڻي پروڙ آهي .بهرحال اهو واقعو اهڙو هو جو مون کي سڄي رات تڙپائيندو رهيو، سوچيندو هئس ته هڪ طرف ڪلين شيو، سفيد سادا ڪپڙا زيب تن، نه هٿ ۾ تسبيح نه ٿلهو متارو، ڏندڻ قميض جي کسي جو ٻيلهه، اسلامي فقه جو وڏو عالم ۽ ڄائو، باڪمال اسڪالر، دانشور، عظيم مدبر ۽ مفڪر جيڪو اسان جهڙن جيتامڙن کي هڪ ٿانو ۾ گڏ ويهي کارائي ۽ پيئاري، والدين جهڙي شفقت ۽ محبت ڏي ته ٻئي طرف وڏي ڪشادي پهراڻ سان باريش بزرگ پيشاني تي با شرعي نمازي به داعي داغ مرين کان مٿي سٿڻيون پاتل، هٿن ۾ تسبيح جنهن جا مڻيا اٺوئي پهر پيا ڪڙڪڙ ڪن ،مٿي تي رومالي ٽوپي يا سفيد پڳ ڪرو سدائين هڪيو تڪيو حاضر مسجد جي درتان اصل ذرو به نه چري ڪنهن ڪُتي ڪافر جو منهن ڏسڻ به معيوب ۽ هٿ لڳس ته سڄو نوراني سرير ئي ناپاڪ..
خدا جي هن عجيب دنيا ۾ بيحد منجهي پيس، شايد سچل سرمست کي به اهڙا عالم گڏيا هوندا ۽ پوءِ پاڻ مذهبن جي ملڪ منجهائڻ واري سٽ سرجي هوندي، سڄي رات تڙپي لڇي گذاريم ذهن تي خيالن جي اصل هلر هجي، دنيا چاهي خدا کي هي جهان خلقڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ! ۽ پوءِ وري اهو ته مسلمان ڪنهن کي چئبو آهي، مسلمان اعمالن سان ٿيبو آهي يا رڳو پنهنجو آبائي مذهب مٽائڻ سان، مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي ڌرين جا اعمال ڪهڙن مسلمانن جا آهن؟ معمور يوسفائي جهڙن مدبر عالمن يا باريش اڇا جهڙا ٻگلا بزرگن جا ؟ ڪڏهن ڪڏهن اسلامي تاريخون پڙهندو آهيان ته خيال ايندا آهن ته مسلمان ٿيڻ بيحد ڏکيو آهي.
بهرحال ٻئي ڏينهن جڏهن مون معمور صاحب سان هي سموري روئداد بيان ڪئي ته منهنجي اکين ۾ هلڪڙ ا ڳوڙها ٽمي پيا، پاڻ مون کي يڪدم ڳراٽڙي پائي ورتي، ڀاڪر ڇا پاتائين سڄو پيار ئي نڇاور ڪري ڇڏيو ڀريل ڀاڪر ۾ هن سموري ڪائنات جو پيار اوتي ڇڏيو مون ڀاڪر ۾ اهڙي ته پناهه محسوس ڪئي جو سمورا درد ئي لهي ويا .
وساريو جنين سي وري ياد آيا
اڙي دل ڇو توکي چري ياد آيا
هئي ڙي “ پريتم ” اهي ڏينهن راتيو،
هئي تنهنجا ڀاڪر، ڀري ياد آيا.
معمور صاحب تمام نفيس ونرم دل جا انسان هئا، آخري ايامن ۾ اهڙي ٿورڙي به رنج وانگر حالت وارد ٿيندي ئي اکيون ڀرجي اينديون هيون، ڳراٽڙي ڪجهه ڍري ٿي ته پاڻ کي بيحد ملول ڏٺم ڪاٺ جي بينچ تي ويهندي چيائين “ پريتم ” مسلماني وڏي ڏاڙهي جُبي ۽ تسبيح جي ٽڪ ٽڪ جو نالو ناهي، مسلماني انسانن جي اعمالن مان لکندي آهي، تون دل نه لاهه،
اهڙو هو منهنجو معمور جنهن جي محبت ۽ شفقت اسان کي بنهه پاگل ڪري ڇڏيا هئا سچ پڇو ته ٻه مسلمان خلد برين ڏي پرواز ڪري ويا آهن ۽ هڪڙو اڃان حال حيات آهي خدا کيس عمر خضري عطا فرمائي جهان ڇڏيندڙن مان الله کيس جنت ۾ جايون ڏي، هڪ هو معمور يوسفائي ۽ ٻيو هو عبدالستار ايڌي.
ڀلا عبدالستار ايڌي ڇا ته غضب جو مسلمان هو انهي جا ڪارناما ڏسي منهنجين اکين اڳيان خلفاءِ راشدين جي تاريخ جا ورق رقص ڪندا آهن ۽ لفظ لفظ ناز ڪندو آهي اڙي يار هن ڪل جگ ۾ ڪو عبدالستار ايڌي ٿي نه ڏيکاري .جيڪو هڪ معصوم گونگي هندو نياڻي گيتا کي پيءُ جيان پالي ٿو، نپائي ٿو، اڃان سمجهه لائق مس ٿئي ٿي ته ان جي پوجا واسطي پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري ڪرشن پگوان ۽ ٻين ديوتائن جون مورتيون خريد ڪري آڻي ڏي ٿو ته جيئن هو پنهنجي عقيدي مطابق پوڄا ڪري سگهي ۽ پوءِ مائيٽن جي ڳولا ڪندي وڃي هندستان نڪري ٿو آهي ڪو اهڙو مسلمان....! هيڏي وڏي مملڪت خدا داد مان ڪنهن هڪ جو ته نالو کڻو.. الا الا هن جڳهه تي ٻيو ڪو جنت جو آرزو مند هجي ها ته گيتا هن وقت پنهنجي مرضي جي خلاف هڪ برقه پوش خاتون بڻجي ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي زوجه ٿيڻ جا حق ادا ڪري رهي هجي ها. معمور، ايڌي ۽ جمالي ٿيڻ بيحد ڏکيو آهي بيحد مشڪل آهي ڇاڪاڻ ته مسلمان ٿيڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي. اڄ جڏهن محترم مولوي عبدالرحمان جمالي تي ٻه اکر لکي رهيو آهيان ته سچ پڇو ته منهنجو به ادبي قد وڌي ويو آهي. ڀگت ڪبير چيو آهي ته.
“ ذات نه پوڇو ساڌ ڪي، پوڇ ليجي گيان ”
يعنى بزرگن ۽ عالمن جي ذات نه پڇو، ذات جو پڇي توهان کي ڇاڪرڻو آهي، ان جو علم ڏسو ان جي ڏاهپ ڏسو ۽ قدر ڪريو.
بيشڪ عبدالرحمان جمالي صاحب دور حاضر جو هڪ عظيم انسان، معمر، معتبر خطيب ۽ هاڪارو روادار عالم آهي .مولوي صاحب جا اعمال ۽ ڪردار ته اهڙا آهن جيڪي هڪ باوقار روادار عالم هجڻ تي شاهد آهن .
نالو عبدالرحمان ته ٺيڪ آهي ڪنهن مسلمان دوست جو نالو ٿي سگهي ٿو پر جڏهن هو جمالي جهڙي اسم سان جڙي ٿو ته ذهن تي هڪ دم بلوچن جي ارڏي دلير ۽ اصل پوڙهو نه ٿيڻ جي ضدي طبيعت ۽ شڪل شبيهه ڏي خيال هليا ويندا آهن. جيڪي تمام وڏي گهيردار ڳري سٿڻ سان به وڏن پائچن سان مٿي اهڙي ئي ڳري وڏي ٻن وڏن کيسن واري قميض ننڍڙي ڪاري چانپوئي سونهاري ۽ مٿان وري وچون جي ڏنگ جهڙيون نوڪدار مڇون، کاٻي هٿ ۾ چلڪڻي ڪهاڙي يا پيتلي ۽ لوهي ٻٽن سان سجايل لٺ ۽ ساڄو هٿ صرف کٻي مڇ وٽڻ تي مامور سرڪشي ضدپڻو ۽ ڏاڍائي اصل طبيعت ۾ ڳوهيل سڄي گهر ۾ پيل ٻه رليون ڀلي کونٽي تي ٽنگيل هجن پر ٻاهر همراهه اهڙو جهڙو مير آچن پر اسان جو هي محترم مولوي عبدالرحمان جمالي ٻروچ هوندي به اهڙو حليم ۽ سادو جو هر وقت پيو نوڙت ۽ نياز مندي ڪري، مٺڙو اهڙو ڄڻ سنگهاڻ مصري ۽ پتاشا.خدا پاڪ ٻروچن جي ٺاهڻ مهل مٽي به هٺ واري هٿ ڪندو آهي پر محترم عبدالرحمان جمالي جو وجود گهڙن لاءِ اهڙي ته حليميت واري مٿي هٿ ڪئي جو همراهه سڄي جو سڄو حليم الله سائين عمرڪوٽ واسين لاءِ کيس مسيحا مهربان ۽ هڪ آسماني تحفو ٺاهي ڪيئن خوبصورت خصلتون عطا ڪري موڪليو. رواداري جو عنصر ته مالڪ هر خليي ۾ پنهان رکي ڇڏيو جڏهن مولوي صاحب جي طبيعت ۾ اهڙا لاڙا ڪئين آيا؟ ان لاءِ ساڻس ملاقات ڪيم ۽ رواداري زندگي جي باري ۾ دربافت ڪيم ته پاڻ چيو ته.
آئون ڳوٺ غلام حيدر سريوال، جيڪو ڪاماري شريف جي ڀرسان آهي ۽ تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ اچي ٿو. اتي منهنجو استاد پير بخش پرديسي هوندو هو ،جيڪو پهريان ميگهواڙ هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو .انهي انسان مون ۾ ڪوٽ ڪوٽ ڪري علم ڀريو علمي ترقي ۽ روادار زندگي جو وڏو ڪارڻ اهو استاد هو. مون کي ٻئي ڪنهن به استاد ايتري تعليم ڪونه ڏني .اها ڳالهه آئون دعوا سان چوان ٿو ته ان جيڪا محبت ڏني اها ڪڏهن به وساري نٿو سگهان. منهنجو سمورو علم ان جو مرهون منت آهي. مون اڻپور به ان کان سکيو ته ميٺ محبت ۽ رواداري جا سبق به پرايم.
مون عرض ڪيو ته اهڙي رواداري جو ڪو واقعو جيڪو توهان کي ياد هجي ته پاڻ چيو ته.
1953ع کانپوءِ پرائمري ماستري جي نوڪري دوران مون ڪنهن به انسان سان مت پيد وارو رويو ڪونه رکيو ڇاڪاڻ ته مذهبي لحاظ سان هڪ غيرمسلم سان گڏ کائڻ بلڪه ان جي اوبر کائڻ به حلال آهي جائز آهي. ان جي ڪٿي به منع ٿيل ناهي. گڏ کائڻ سان انسان انسان کان مذهبي لحاظ کان نڪري ڪونه ٿو بلڪه ويجهو ٿين ٿا سو آئون به نوڪري دوران ڪنهن سان به ذرو برابر به تفاوت ڪونه ڪندو هئس .پنهنجي ڳوٺ ولهيٽ ۾ هڪ دفعو ڳوٺ ۾ مليريا وارا مڇر ڀڄائڻ ۽ مارڻ لاءِ پنج ماڻهو اسپري ڪرڻ آيا جيڪي پنج ئي ميگهواڙ هئا ۽ قاضي نور محمد پلي ڊيٻو جا رهاڪو هئا انهن مان هڪ سپر وائسزر هو ( جنهن جو نالو بير چند هو ) ۽ چار هيلپر هئا جڏهن اهي مون وٽ آيا ته مون کيس عزت سان سامهون کٽ تي ويهاري پنهنجي ئي استعمال جي برتنن ڪوپن ۾ چانهه ٺاهي پياري ۽ انهن ئي ڪوپن ۾ مون به پيتي ايتري ۾ مولوي حاجي الهبخش ساند ڪٿان گهمندي ڦرندي اچي سهيڙيو مولوي صاحب مليريا وارن کان پڇيو ته توهان ڪير آهيو؟ تڏهن انهن وراڻيو ته اسين ميگهواڙ آهيون! اهو ٻڌي مولوي صاحب تپي باهه ٿي ويو ۽ ڪاوڙ مان چيائون ته اٿو اٿو ڏوم ڪٿي جا اوهان اسان جي کٽن تي ويٺا آهيون ۽ ٺڪر به وڃائي ڇڏيا آهن. مولوي صاحب جو اهو رويو مون کي ڏاڍو ڏکيو لڳو، مون مولوي صاحب کي چيو ته “ مولوي صاحب ! توهان مسلمان ٿي ڳالهه ڪريو ٿا يا ٺڪر، برهمڻ ٿي، اسلام ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ميگهواڙ سان گڏ نه کايو ۽ ٺڪر سان گڏ ڀلي کائو آئون چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته اسلام ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه لکيل ناهي، مذهبي لحاظ کان اسان لاءِ هڪ ٺڪر ۽ هڪ ميگهواڙ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي .منهنجي ڳالهه مولوي صاحب کي ڪجهه ڏکي لڳي پر هو سمهجي ويو ته جمالي صحيح ٿو چوي..
رواداري، ڀائيچاري ۽ محبت جا ڪيترائي ڪردار مولوي صاحب ادا ڪيا، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي تڪليفون پڻ برداشت ڪرڻيون پيون، ايتري قدر جو ڪن ماڻهن موبائيل فون تي گارگند به ڪئي پر پاڻ صبر جو دامن ڪڏهن به داغدار نه ڪيو، هڪڙو اهڙو موقعو آيو جڏهن حضور صلم جن جو يوم ولادت 12 ربيع الاول ۽ هولي جا تهوار ٻئي گڏ اچي ويا ان موقعي تي ڪن شرپسندن عمرڪوٽ جو امن ۽ ڀائيچارو خراب ڪرڻ لاءِ هندو ـ مسلم فساد ڪرائڻ پئي چاهيو، مولوي صاحب کي هڪ شخص مسجد ۾ اچي اطلاع ڏنو ته ڪن ماڻهن هولي جي ڏينهن رستي تي نبي پاڪ صلم جو نالو لکي ڇڏيو آهي ۽ وڏو فساد ٿيڻ جو امڪان آهي .توهان هلي پنهنجو ڪردار ادا ڪريو. هن قضيي ۾ مولوي صاحب پير کوڙي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو ۽ شرپسند پنهنجي گهٽيا حرڪت کي عملي جامون پهرائي نه سگهيا. مولوي صاحب روبرو حرڪت واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ پوي ڊي سي وٽ ٿيل جرڳو جنهن ۾ سيد علي مردان شاهه، محمد يوسف ٽالپر، راڻو همير سنگهه ،لال مالهي ۽ ٻين معزز شهرين شرڪت ڪئي. جتي مولوي صاحب جي عادلانه ڪردار سبب الله سائين هي فساد ختم ڪيو، مولوي صاحب هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو جنهن سبب ڪافي تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پيون.
مولوي عبدالرحمان جمالي صاحب هميشه محبتون ئي ونڊيون آهن ـ نه رڳو ان موضوع تي پاڻ تقريرون ڪيون بلڪه علمي طور به ڪري ڏيکاريو.
عمرڪوٽ ۾ هڪ سيمينار ٿيو ان سيمينار جو موضوع “ امن هو ” هن سيمينار ۾ ٽن ماڻهن تقريرون ڪيون جن مان هڪ هندو، هڪ عيسائي ۽ هڪ مسلمان هو، هندو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هندو ڌرم قديم آهي، انادي آهي انڪري ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي. عيسائي چيو ته منهنجي مذهب محبت جو مذهب آهي انجيل شريف ۾ حضرت عيسى چوي ٿو ته جيڪڏهن توهان کي ڪو هڪ چماٽ هڻي ته وڌائي ٻيو ڳل ڏيو، ان بعد مسلمان عالم مولوي عبدالرحمان جمالي چيو ته هندو ڌرم واقعي قديم آهي ان کان انڪار آهي ئي ڪونه پر اهو به محبت سمجهائي ڪونه سگهيو، عيسائي دوست سان مخاطب ٿيندي چيو ته تنهنجو مذهب محبت جو مذهب آهي ان کان ذرو به انڪار ڪونهي، پر انساني حقن جي حقداري ۽ ان جو ثبوت جهڙو اسلام ۾ آهي اهو ٻين مذهبن وٽ ناهي ائين پاڻ پنڊال ۾ ويٺل سامعين سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڀلا اوهان مان ڪو ڀيل ڪولهي يا ميگهواڙ ويٺل آهي ته هڪ شخص هٿ مٿي ڪيو ۽ چيو ته آئون ڀيل آهيان، پاڻ ان کي مٿي اسٽيج تي گهرايو ۽ ان سان گڏ گلاس پاڻي جو به طلب ڪيو پاڻ ڀيل کي چيو ته ان گلاس جو اڌ پاڻي پيءُ جڏهن ڀيل اڌ پاڻي پيتو ته باقي بچيل اڌ پاڻي پاڻ پي چيو ته “ هاڻي ٻڌايو ته اسان کان وڏو ڪو روادار ۽ محبتي آهي؟ ڀلا برهمڻ ـ ٺڪر يا پادري جوٺو پاڻي پيئندا ـ سڀئي ماٺ رهيا. مولوي صاحب جي هن عملي ڪردار ڪيترن ئي ماڻهن کي حيران ۽ تعجب ۾ وجهي ڇڏيا ته ڪيترائي پريشان به ٿيا پر مولوي صاحب پنهنجن محبتن جو پيغام سرعام ڏئي انسانيت جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو ۽ بدخواهن جا سر هميشه لاءِ جهڪائي ڇڏيا. الله سائين کيس ججهي عمر ڏي آئون ته سرڪار ڀٽ ڌڻي جي واتان صرف ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته..
جکرا جيئن شال، تنهنجو ڪنن مدو مَ سڻان،
جيئن تو اچي ڪالهه، نالائق نوازيا .