ولهيٽي ۽ ولهاري سلسلن جو سالڪ مولانا عبدالرحمان جمالي : آزاد سميجو
پاڻ هتي مسافر ٿي آيو ۽ راڄ جو راڻو ٿي رهيو آهي. سندن جنم وندر، ٻيلي ۽ حَب جي پهاڙن ۾ڪنهن گم شده ڳوٺ ۾ ٿيو آهي، جتان جي جبلن ۽ پٿرن کان سڀ کان وڌيڪ شڪايت سنڌ جي سَسئي کي رهي آهي. اڄ به مائي ڪولاچيءَ جي تڏهوڪي ڳوٺڙي ۽ هاڻوڪي آدم مار شهر ڪراچيءَ کان اولهندي پاسي وارن انهن پهاڙن جي پاساڙن، چوٽين ۽ ٻُڪرن ۾ چتائي ڏسندئو، ته سماٽن، ڄاموٽن ۽ ٻروچن جون گاڏڙ ساڏڙ ننڍيون ننڍيون وستيون ۽ ڳوٺ نظر ايندا. ڪراچيءَ کان هنگلاج تائين اهو علائقو اڄ به سنڌ جي ثقافتي ۽ تهذيبي سرحدن ۾ شامل آهي. جيتوڻيڪ هِن وقت انتظامي طور الڳ آهي. ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪردار، سخي سردار ڄام سٻڙ چوٽاڻيءَ جو تعلق پڻ ساڳئي سرزمين سان آهي. منگهو پير کان هنگلاج تائين منزل به منزل ڀٽ ڌڻيءَ جا ٿان، تَڪيا ۽ ٿَلها آهن. مولانا عبدالرحمٰن جماليءَ جو جنم پڻ انهن جبلن ۾ قائم “زوڙ” قبيلي جي هڪ بَستيءَ ۾ عبدالله زوڙ جي گهر ۾ ٿيو. هتان جي مقامي باشندن جا نقش نگار ۽ قد بُت به ڪي ايڏا سُهڻا ڪو نه آهن. بُجر ڏاڙهين سان مٿي تي هلڪي زري ۽ رواجي پشم جون سخت کوپن واريون ٽوپيون، پيرن ۾ هٿرادو نموني جوڙيل چمڙي جا اڻ گهڙيا سينڊل ۽ بُت تي ميرانجهڙيون رنگين پهراڻون ۽ گهيردار شلوارون، کيهه ڀُڪليل کُڙيون ۽ پگهر ڀريل پير، ڀٽائي چواڻي، “اي وڙ ويڙهيجن، مون لوڏان ئي لکيا”. اهي سندن ظاهري خدو خال آهن. ان ٻروچن جي قبيلي ۾ جنم وٺندڙ “عبدالرحمان” ٻين کان تمام گهڻو منفرد آهي، سندن سيرت به سُهڻي، ته صورت به سبحان الله، اڳتي هلي کيس علم جو شوق ستائي ٿو يا حَب ۽ ٻيلي جو ڏُڪر ۽ بُک، آثارن مطابق شڪ پوئين ڳالهه جو وڌيڪ ٿو ٿئي، وڌيڪ وضاحت لاءِ پاڻ کان پُڇي سگهو ٿا. بهرحال اهو ننڍڙو عبدالرحمٰن اچي ولهيٽ جا وڻ وسائي ٿو. جتي پنهنجي ذهانت، فطانت، محنت ۽ مشقت سان نه رڳو پاڻ پروان چڙهي ٿو، پر پنهنجي ڀائرن سميت سموري خاندان جو پڻ ڀرجهلو ٿي بيهي ٿو. هو ولهيٽ مدرسي ۾ صرف، نحو، منطق، فقهه، ادب، تفسير، معاني، فلسفي جي فن جي سکيا حاصل ڪري، ساڳئي مڪتب جي ماهر اُستاد طور پڻ خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪري ٿو. هِن مڪتب جي مهندار مولانا عزيز الله ساند جو صحيح جانشين ثابت ٿئي ٿو.سندس عِلم جي مهارت کان ولهيٽ ۽ ان جي ذيلي سلسلن؛ ولهار ۽ ناري پَٽ جي مُعلمن جا مُريد، معتقد، طالب توڙي صُحبتي فيض ياب ٿين ٿا. گڏوگڏ هو سرڪاري اسڪول ۾ جديد فنون جي اُستاد طور پڻ خدمتون سرانجام ڏيئي سرخرو ٿئي ٿو. اهڙي ريت ولهيٽ، ولهار ۽ ناراويليءَ جي ننگرن جا قديم توڙي جديد عُلوم ۽ فنون جا شائق ۽ مشتاق سندس روحاني، ديني ۽ دنياوي مشَرب جي آب حيات مان سيراب ۽ شاداب ٿين ٿا. انڪري اَمراڻي ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ سندس بالواسطه ۽ بلاواسطه شاگردن جو جهجهو تعداد قيام پذير آهي. اهوئي سبب آهي، جو سندس هاڻوڪي عمر ڪوٽ واري مشرب تي هر وقت ملاقاتين جو ميڙو متل رهي ٿو. اهو ميڙو فقط اُن ڪري ناهي جو، هُو مُدرسن جو مُعلم ۽ اسڪولن جو اُستاد رهيو آهي. پر هُن پاڻ سان ٻيون پڻ ڪيتريون ئي شناختون جوڙي پنهنجي شخصيت کي هڪ تناور درخت پڻ بڻائي ورتو آهي. منهنجو ساڻس سَڱ اُستاد ۽ شاگرد وارو آهي، اُن ۾ پدرانه شفقت جي پڻ آميزش آهي. اهو سَڱ بظاهر سادو، پر درحقيقت بڙ جي وڻ جيان گهاٽو ۽ نم جي ڇانءُ مِثل ٿڌو، نفيس، نازڪ ۽ ناياب پڻ آهي. اُن تعلق جي وضاحت لاءِ مون کي ديوان حافظ جو سهارو وٺڻو ٿو پوي!
فرياد حافظ اين همه آخر به هرزه نيست،
هم قصهءَ عجيب و حديث غريب است.
(حافظ جي فرياد مذڪوره روئداد متعلق ڪا اَجائي ناهي، دراصل اِهو قصو غريب ۽ حديث عجيب آهي)
منهنجو اِن فرشته نما شخصيت سان سال اوڻيهه سئو ٽيانوي عيسويءَ ۾ موسم بهار جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ شاگرد جي حيثيت سان سڱ جُڙيو، ٿيو ائين جو اُن وقت آئون گورنمنٽ هاءِ اسڪول نمبر“2” عمرڪوٽ ۾ اٺين ڪلاس جوطفل مَڪتب هُجان. ٻڪرا پڙي لڳ رهائش هُجي. روزانو ٿر بازار وارو مُکيه رستو ڏئي، موتي چوڪ وٽان شاهي بازار ۾ داخل ٿي، مشهور سونارا گليءَ مان ٿيندو هاءِ اسڪول ايندل ويندل هُجان. سونارا گهٽيءَ جي پُڇڙيءَ وٽ ٻن ڪمرن واري قديم آثار نما مڪان مان ٻارن جي وڏي آواز ۾ پڙهائيءَ جو آواز ٻُڌندو رهان ٿو. سمجهان ٿو ته شايد هيءُ اهو ئي مَڪتب آهي، جتان جي اُستاد جون اوصافِ حميده ۽ خِصال خَليقه منهنجو چاچا ٻُڌائيندو رهي ٿو، دل ۾ اچانڪ قربت جو ڪرنٽ لڳڻ شروع ٿئي ٿو. جڏهن جڏهن گذر پيو ٿئي، ته اهو شوق ويتر وڌي پيو وڻ ٿيندو وڃي. نيٺ چاچا کي اُن عالي جاه اُستاد جي خدمت ۾ خاڪ نشيني لاءِ راضي ڪريان ٿو. هڪ ڏينهن اسين ٻئي ڄڻا تيار ٿي، روزانه زيارت جي معمول بڻيل اُنهيءَ ڀاڳوند مڪتب ۾ داخل ٿيون ٿا. ڪُل ٻه ڪمرا آهن، شروعاتي ڪمري ۾ هڪ الماري پيل آهي. پَٽ تي ميرسري فراشيءَ وڇايل آهي. اُن مٿان سفيد ڇَو واري پٿراڻيءَ تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏئي، سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ معمر شخص سيني تي هڪ ضخيم ڪتاب جهليو مطالعي ۾ مصروف آهي. ڀرسان ڪي ڪتاب ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. ساڄي پاسي سُفيد پڳ جو ويڙهوٽو پيل اٿس، کاٻي طرف ڳاڙهي هالائي اجرڪ به گهنجريل حالت ۾ موجود آهي. اُنهيءَ سُهڻي صورت واري شهنشاهه جو وات بلڪل ڳاڙهو لڳو پيو هُجي، ڀانيم پان سان پريت جو پابند آهي، اڳتي هلي پتو پيو، ته ناس جي نشي سان پڻ نينهن جو ناتو اٿس.
اسان جي سلام ڪرڻ تي پاڻ سڌو ٿي ويهي رهي ٿو. ڪتاب هڪ پاسي رکي، نظر جي عينڪ کاٻي هٿ ۾ جهليندي رَسمي حال احوال بعد مون ڏانهن اشارو ڪري ٿو؛ “هيءُ ڇوڪرو ڪير آهي؟” چاچا سائين وراڻي ٿو؛ “منهنجو ڀائيٽو آهي، کيس اوهان جي شاگرد ٿيڻ جو بي پناه شوق اٿس، اسڪول ۾ به اٺين ڪلاس ۾ پڙهائيءَ جاري رکڻ گهري ٿو”. پاڻ هلڪي مسڪراهٽ سان گڏ هائوڪار ڪيائون، هڪدم ڀر واري ڪمري مان مُدرس مولوي سڳوري کي گهُرائي منهنجي پارت به ڪيائون ۽ ڪلاس ۾ ويهارڻ لاءِ پڻ چيائون. اهڙي ريت آئون ڪلاس جي ڪمري ۾ داخل ٿيان ٿو. ڪاٺ جي صندلين تي وڏا وڏا ڪتاب رکيل کُٿابي با آواز بُلند هڪ ٻئي سان بحث ڪري رهيا آهن. اول ته اجنبي نظرن سان مون کي ڏسڻ لڳن ٿا، بعد ۾ اُستاد جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺندي سوالن جوابن ۾ شروع ٿي وڃن ٿا. آئون جڏهن کين پنهنجي اسڪولي تعليم ۾ داخلا بابت ٻُڌايان ٿو ، ته سڀني جي چهرن تي ناپسنديدگي جا آثار نمايان طور نظر اچڻ لڳن ٿا. ائين اهي پاڻ ۾ سُس ڦُس ۾ شروع ٿي وڃن ٿا. جيئن مُدرس صاحب ڪلاس ۾ داخل ٿئي ٿو، سڀني کان وڏي عمر وارو ۽ وڏا ۽ ٿُلها ڪتاب رکندڙ کُٿابي هوريان هوريان کيس ڪجهه ٻُڌائي ٿو. مُدرس صاحب پڻ مون ڏانهن سواليه نظرن سان نهاري ٿو. آئون سمجهي وڃان ٿو، ته هتان جي جمله جماعت اسڪولن جي تعليم کي جائز نه پئي سمجهي. جيتوڻيڪ مُدرس صاحب هِڪ مناسب مزاج ۽ سڀاءُ رکندڙ شخصيت هو. پاڻ نه چاهيندي به مُون کي عربي گرامر جي تعارفي ڪتاب “ڪتاب الصَرف” جي سبق اَول کان شروعات ڪرائي، گڏوگڏ انتباهه به ڪيائين ته درس نظامي جي نصاب مطابق ست مهينا گذري چُڪا آهن. دوران سال ڪنهن به شاگرد کي داخلا ناهي ڏني ويندي، توهان کي سخت محنت ڪري اهو خال ڀرڻو آهي، ته جيئن سالانه امتحان ٿي سگهن. مون بسم الله ڪري پنهنجو ڪم جاري رکيو، صبح، منجهند ۽ شام ڪُل ٽي ڀيرا سبق ياد ڪري اُستاد صاحب کي ٻُڌائيندو هُئس. ائين ٻن مهينن ۾ اهو خال ڀري ورتم، سالانه امتحان ۾ پوري مڪتب ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيم.
هيءُ بزرگ عالم مُنهنجي محنت ۽ ذهانت مان ڏاڍو خوش هو. جيتوڻيڪ مدرسن جا مولوي حضرات منهنجي اسڪولي تعليم جا مخالف هُئا. اهي روايتي دليلن جي مدد سان منهنجي اسڪولي تعليم ڇڏائڻ لاءِ پيا زور ڀريندا هئا. ائين ڪڏهن مدرسي جا کٿابي ساٿي، ته ڪڏهن وري ايندل ويندل مولوي حضرات مون کي دنياوي تعليم تي پيا تنقيد جو نشانو بڻائيندا هئا. آئون چاهيندي نه چاهيندي پيو برداشت ڪندو هُئس. صبح جو فجر نماز کانپوءِ هڪ سبق مدرسي جو پڙهي، هلڪو ڦلڪو، جهڙو مليو ، تهڙو ناشتو ڪري اسڪول هليو ويندو هُئس. اسڪول جي گيٽ وٽ مَدرسي واري سفيد ٽوپي کيسي ۾ وجهي، سڌو اسيمبليءَ ۾ شريڪ ٿيندو هُئس. منجهند ٻه وڳي وري مَدرسي جي گيٽ وٽ کيسي مان اڇي ٽوپي ڪڍي پائي ڇڏيندو هُئس. اهڙي ريت پنهنجي پر ۾ ڀرپور ڪوشش ڪندو هُئس، ته هاءِ اسڪول ۾ اتان جو شاگرد، ته مَدرسي ۾ وري مَدرسي جو شاگرد نظر اچان. ان جي باوجود اسڪول جا هم ڪلاس دوست مولوي هُئڻ جا ۽ مَدرسي جا هم جماعت وري انگريزي پڙهڻ جا طعنا پيا هڻندا هئا ۽ اهي نه چاهندي به پيو برداشت ڪندو هُئس. ان سموري ماحول ۾ مُون لاءِ اُتساهه ۽ اطمينان جو ڪارڻ صرف هڪ ئي شخصيت هُئي. جيڪو اڄ منهنجي موضوع جو مرڪز ۽ هن مجلس جو مُور آهي. اُن جي شفقت جي ڇانءُ مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وڃي.
ان شخصيت کي اسين سڀ “مولانا عبدالرحمان جماليءَ” جي نالي سان ياد ڪريون ٿا. هو پاڻ کي “جمالي” سڏائي ٿو. سندس تعلق “زوڙ” قبيلي سان آهي. گذريل چئن سالن کان سنڌ جي “نسليات” منهنجي تحقيق جو موضوع رهي آهي. لس ٻيلي ۽ حَب توڙي “هاڙهي” جبل تي آباد سنڌي قبيلن جو خوب مطالعو ڪيو اٿم. “زوڙ” قبيلي جون مٽيون مائٽيون سيٺارن ۽ گونگن قبيلن سان آهن. ٻئي قبيلا سماٽ ۽ ڄاموٽ آهن. هونئن به هتي صدين کان ڄام ۽ ڄاموٽ صاحب اقتدار ۾ رهيا آهن. اُن ڪري مُنهنجي تحقيق موجب “زوڙ” به سنڌ جا سماٽ آهن ۽ انهن تي ٻَروچاڻو رنگ غالب آهي.
جمالي صاحب نه فقط منهنجي درس نظامي جي تعليم جو خيال رکڻ لڳو، سبق ٻُڌڻ لڳو، داد ڏيڻ لڳو، پر گڏوگڏ عصري تعليم جي مضمونن جي پڻ خبر چار وٺندو هو، جتي جتي ضرورت سمجهندو هو، اُتي رهنمائي پڻ ڪندو هو. هڪ ٻه ڀيرا هاءِ اسڪول پڻ هليو آيو ۽ متعلقه اُستادن کي منهنجي پارت پڻ ڪيائين. ان ڊگهي قصي ڪرڻ جو مطلب آهي، ته هُو قديم علوم جي تحصيل سان گڏوگڏ جديد ۽ عصري علوم جي تعليم کي نه رڳو جائز پر ضروري پڻ سمجهندو هو. ان ڪري هو مون کي پيءُ ۽ اُستاد واري گڏيل شفقت جو شرف پڻ بخشڻ لڳو هو، اٺين ڪلاس ۾ سج گرهڻ، چنڊ گرهڻ ۽ سائنس جو فلڪيات وارو باب مُون کانئس ئي سکيو. اهڙي ريت درس نظاميءَ ۾ علم الصرف جو مضمون پڻ پڙهيو. جڏهن اسڪول ۽ مدرسي جا امتحان ٿيا، ته مَدرسي مان فرسٽ پوزيشن ۽ اسڪول مان وري سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪيم. ان مان سندس اعتماد پڻ وڌي وڻ ٿيو. هُو مون کي پنهنجي پيءُ جهڙو پيار ڏيڻ لڳو. منهنجي ڪاميابي کي هر مولوي ۽ مِسٽر سان مثال بڻائي پيش ڪرڻ لڳو. اهڙي ماحول ۾ مون کي هُو سنڌ جو نظام الدين اُولياءُ لڳندو آهي. جنهن وٽ هندوستان جي سَتن بادشاهن جو زمانو ڏسندڙ، موسيقي ۽ شاعريءَ جي خرافات جي دلداده ۽ داعي حضرت امير خسرو جڏهن شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪرڻ لاءِ پيش پوي ٿو، ته هُو بنا دير کيس پنهنجي بارگاهه ۾ قبوليت جو شرف بخشي ڇڏي ٿو، کيس بادشاهن جي درٻاري ۽ غير شرعي اُمور جي عادي هُئڻ جو طعنو هڻي مُوٽائي نٿو. عزيزان من! آئون يقينن امير خُسرو، ته ڇا، پر ان جي پيرن جي پيزار برابر به ناهيان، ليڪن هيءُ بزرگ منهنجي سنڌ جو نظام الدين اولياءُ آهي، اُن ۾ذرا برابر به شڪ ڪندڙ گُمراهن جي جماعت جا غازي آهن.
هُو پنهنجي مزاج ۾ معتدل، صُلح پسند، کُليل ذهن، دل ۽ دماغ وارو انسان آهي. عِلم ۽ ادراڪ جو بُلند قامت پهاڙ آهي. منطق ۽ فلسفو سندس ساڄي هٿ جو کيل آهن. فلسفه فلسفه ۽ منطق منطق جو راڳ ڪنن ٻُڌو توهان ۽ اسان تمام گهڻو آهي، پر اکين ڏٺو گهٽ آهي. اگر اوهان کي صحيح معنيٰ ۾ ڪنهن صاحب فلسفه شخصيت جو ديدار ڪرڻو آهي، ته هليا اچو، سندن مُک مهتاب پسي وٺو. اُن جي گفتگو مان فلسفه ۽ منطق جا واهڙ ائين پيا وهندا آهن، جيئن ناگا پربت جي پهاڙن مان پاڻي جا چشما ڦٽي نڪرندا آهن. کيس ڪهڙو به تصوراتي موضوع منتخب ڪري ڏيو، پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڏينهن جا ڏينهن، بلڪه مهينن جا مهينا بلا تعطل گفتگو ويٺا ٻُڌو. پاڻ صرف، نحو، منطق، فقهه، اصول فقهه، تفسير، طبعيات، فلڪيات، الٰهيات، ادب، معاني، ميراث ۽ علم اللسان جي قديم علمن ۾ ڪمال جي قدرت رکندڙ عالم آهي.
هن عالم کي جديد علوم سان پڻ ايتري ئي رغبت ۽ راهه رسم آهي، جيتري قديم علوم سان آهي. قديم طبعيات، ڪيميا ۽ فلڪيات کي جديد تحقيق سان جوڙي، اوهان کي اهڙو ته علمي ليڪچر ڏئي ڇڏيندو ، جو وڏين وڏين جامعات جي ڊاڪٽريت ڊگري يافته پروفيسرن جا پاجاما ۽ پتلون پگهر ۾ ڀرجيو وڃن. اُن جي زبان ڏاڍي شيرين بيان آهي ۽ مٿان وري لغت ۽ لفظن جي بي پناهه ذخيري سان کيس پنهنجي وڏي ۾ وڏي علمي حريف کي مات ڏئي مڃائڻ جو ملڪو پڻ مالڪ پاران مليل اٿس. هُو منطق تي ايتري ته مهارت رکندڙ مَهاساگر آهي، جو سفيد کي سياهه ۽ سياهه کي سفيد ثابت ڪرڻ لاءِ عصاءِ موسيٰ ۽ يد بيضا به رکي ٿو. اُن وٽ استدلال ۽ استعداد جي بيش بها قوت آهي، جنهن سان مُخالف جي مضبوط موقف کي علمي صلاحيت سان ائين ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي، جيئن مئيخانن جا مشتاق پنهنجي ڀرپور خمار ۽ مَستيءَ جي عالم ۾ جام ٽڪرائي ٽڪرائي ڪرچيون ڪرچيون ڪري ڇڏيندا آهن. اُن وٽ پنهنجي علم، ڏاهپ ۽ حڪمت ذريعي ننڍڙي موضوع مان هزار داستان بڻائڻ جو سَليقو ۽ سَنوت پڻ آهي. کيس نانگن جهڙن موضوعن مان نوڙيون ۽ نوڙين مثل مسئلن مان پنهنجي ڏاهپ ۽ بصيرت جي توانائيءَ سان نانگ بڻائڻ جو فن پڻ اچي ٿو.
وڏا وڏا جُبه پوش ۽ عمامه بردار سندن ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانءُ کان ائين نٽائيندا آهن ، جيئن گنجا پاڪين کان لهرائيندا آهن. مُون عمر ڪوٽ جي جامع مسجد ۾ کيس بسم الله الرحمٰن الرحيم تي ڇهه مهينا بلا تعطل درس ڏيندي ٻُڌو آهي. ٽنڊي باگي ۾ سنڌي قوم جي عروج ۽ زوال جا اسباب، علم انسان ذات جو اجتماعي ورثو آهي ۽ “انسانن ۾ وڌندڙ حرص دنيا لاءِ تباهه ڪُن ثابت ٿيو آهي” جهڙن موضوعن جي تمام دقيق ۽ عميق مسائل تي حڪيمانه ۽ عالمانه گفتگو ڪندي ڏٺو آهي، هو ڪتابي ڳالهين کي فطرت ۽ ماحول سان ائين جوڙي ويندو آهي ، جيئن لوهار ڪڙو منجهه ڪڙي لپيٽي سنگهر جوڙيندو آهي. هو ٻن قسمن جي مطالعي جو شوقين آهي. رسمي ڪتابن سان پڻ چاهه رکي ٿو، ته ڪائنات جي آيات ۽ آفاق ۾ پڻ غور ۽ فڪر جي عادت ۽ اثر پڻ رکي ٿو. هُو جيتوڻيڪ ڪنهن به تصور (concept) جو موضوع ڪتاب مان کڻي ٿو، پر اُن جي ڦهلاءُ ۽ وسعت لاءِ فطرت جو سهارو پڻ ضرور وٺي ٿو.
حڪيم جالينوس سان جڙي ٻوٽيون فقط بيمارين متعلق گفتگو ڪنديون هيون. پر هيءُ قرآن حڪيم جي زبان ۾“اولوالالباب” جي قافلي جو شايد آخري پانڌيئڙو آهي، جنهن وٽ جيڪڏهن قرآن ڪريم جون “آيتون” هدايت جو ذريعو آهن، ته فطرت جي منظر جون “آيتون” پڻ سندن لاءِ رهنمانيءَ ۽ رهبريءَ جي وٿ آهن.
ان في خلق السمٰوٰت والارضِ واختلاف الليل والنهارلآياتِ لاولي الالباب. (العمران رڪوع 20)
(بيشڪ زمين ۽ آسمان جي تخليق ۾ ۽ ڏينهن ۽ راتين جي بدلجڻ ۾عقل وارن لاءِ آيتون آهن).
ان مان لڳندو آهي، ته شايد هو فطرت پسند آهي. سنڌ جو سرسيد احمد خان آهي يا جين پال سارتر (Jean Paul Sartre) آهي. ان جي حتمي وضاحت هُو پاڻ ئي ڪري ته بهتر! آئون فقط ايترو وثوق سان چئي سگهان ٿو ، ته هُو بي انتها “فطرت پرست” آهي، متان ڪو اعتراض ڪري، تنهنڪري کيس “فطرت پسند” قرار ڏيون ٿا. مُون ٻن قسمن جا “فطرت پسند” ڏٺا آهن. هڪڙا اُهي جيڪي ڪائنات جي منظرن، وڻن ٽڻن، باغن بُستانن، سَبزن ساوڪن، جهنگ جهرن جبلن، دريائن ڍنڍن ڍورن، سمنڊن، ڀِٽَن بيابانن ۽ سج چنڊ تارن جي سطحي منظرن جا مُتلاشي هوندا آهن. اهي تارن جي تازگين، چنڊ جي چانڊوڪين، سُورج جي شعائن، ڌرتيءَ جي مَهڪ ۽ آسمان جي اهڃاڻن مان فقط اک جي علم ذريعي پيا لطف اندوز ٿيندا آهن. پر هيءُ ته منهنجي سنڌ جو هڪ حڪيم آهي، جيڪو پنهنجي اک کان “نظر” جو به ڪم وٺي ٿو، ته ساڳئي اک جي گهرائيءَ مان “بصيرت” جي جوت پڻ جلائي ٿو. هو انهن مَنظرن کي پنهنجي اک جي نظر سان ڏسي، پوءِ بصيرت جي مانڌاڻيءَ سان ولوڙي ڪائنات جي رازن جو مَکڻ لاهي ٿو. منهنجي ڳالهه فقط اهي صاحب علم ۽ ادب سمجهي سگهندا، جن کي “نظر” ۽ “بصيرت” جا معنوي مفهوم معلوم هوندا. اهو لقاءُ سندس گفتگوءَ جي سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ گهرائيءَ مان پڻ پسي سگهو ٿا. موقعي جي مناسبت سان مون کي انگريز عالم“وليم شيڪسپيئر” جا لفظ ياد اچن ٿا.
“And this our life, exempt from public haunt, finds tongues in trees,
Books in the running brooks, sermons in stones and good in
Everything, if we have penetrating eyes.”
(اسان جي ظاهري زندگي کان علاوه به ڪائنات جي رازن ۾ گهڻو ڪجهه سمايل آهي. وڻن کي زبانون آهن، وهندڙ چشما آهن. پٿر وعظ پيا ڪندا آهن ۽ هر شيءَ ۾ سهڻو راز سمايل آهي، جيڪڏهن اسان وٽ بصيرت واريون اکيون هجن.)
هَو جلال الدين رومي، مولانا عبدالرحمٰن جامي ۽ فريد الدين عطار جهڙن “اولي الابصار” عالمن ۽ اوليائن جي قافلي مان وڇڙي ويل واٽهڙو آهي. هُو علت ۽ معلول ۽ سبب ۽ اثر (cause and effect) جي رواجي ڪج بحثن کان گهڻو مٿانهون آهي. هُو ڪڏهن ڪڏهن پير علي محمد راشدي چواڻي، سنڌ جي مردم خيز ڌرتي “پاٽ” جي مُعتبر ۽ متبرڪ عالمن جي قافلي جو گم ٿي ويل “ساٿي” به لڳندو آهي، ته ڪڏهن وري ابن عربي جي معتقد مخدوم معين ٺٽوي، سرتاج الشعراءُ شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ميان عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو چوٿون يار پڻ، ته ڪڏهن وري منهنجي امراڻي جي سرزمين جي ولهيٽي ۽ ولهاري سلسلي جي سالڪن جي آخري نشاني به، منهنجي خيال ۾ کيس انهيءَ آخري قافلي جو پانڌيئڙو سڏڻ اسان جي دل ۽ دماغ وٽان وڌيڪ بهتر ٿو لڳي. پاڻ هر قسم جي تعصب کان بالاتر آهي، مَسلڪن، فرقن ۽ مذهبن جي رواجي ۽ غير رواجي تعصب کان پاڪ پويتر رُوح جو سهڻو ۽ صاف سانچو ۽ ڍانچو آهي. وڏو فرد شناس آهي. هر ايندڙ ويندڙ، مقيم توڻي مسافر کان اُن جي مزاج، مَسلڪ، مذهب، مَطلب ۽ ضرورت مطابق گفتگو ڪري کيس پنهنجو گرويده بڻائي ڇڏيندو آهي. هُو سنڌ سونهاري جي قديم اسلامي مَشرب ۽ مَسلڪ جو آخري چوڪيدار آهي. جنهن وٽ امن ۽ اهنسا واري قديم صوفياڻي سنڌ جي خزانن جون ڪُنجيون آهن. اُن ڪري هُو دورِ حاضر جي ڪج بحثي ديوبنديانه، بريلويانه، سُنيانه توڻي شيعانه روايتن کان تمام ڏور، اويلي ۽ اَجنبي مسافر جيان بيٺل نظر ايندو آهي. هُو منهنجي سنڌ جي قديم سنڌي اسلامي مشرب ۽ مسلڪ جو امين آهي، جنهن جو پڙاڏو اسان پنهنجي ٻُڍڙن جي ساده لفظن ۾ گُهريل دُعائن ۾ ئي ٻُڌندا آهيون.
اوڙي جو خير، پاڙي جو خير!
ننڍي جو خير، وڏي جو خير!
مال جو خير، وٿاڻ جو خير!
وڻن جو خير، پکين جو خير!
جيتن جو خير، جناورن جو خير!
هندو جو خير، مسلمان جو خير!
اسان جا اِلاهي سڀني جو خير!
پاڻ انهيءَ فڪري ۽ مَسلڪي سلسلي جو آخري داعي آهي، تنهنڪري ئي ته پاڻ مَسلڪي، مذهبي ۽ قبائلي تعصبات کان تمام گهڻو بيزار لڳندو آهي. هيءُ تعصبات کان پاڪ دور جو هڪ اهڙو جوڳي آهي، جيڪو شايد رستو ڀُلجي پيو آهي ۽ اچي اسان واري جهنجهٽ ۾ ڦاٿو آهي. هُو مون کي مولانا روميءَ جي انهن سٽن جو جيئرو جاڳندو مثال پڻ لڳندو آهي.
درمذهب ما ڪافريست رنجيدن
(اسان جي مذهب ۾ ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ ڪفر جو ڪم آهي.)
هُو هر ڪنهن جي درد جي دوا رکي ٿو، اُن ڪري هر تڙپندڙ رُوح سندس تڏي تي اچي سُڪون ۽ سانت حاصل ڪندو آهي، سندس آسپاس هر وقت ماڻهن جا ميلا متل هُوندا آهن، جيڪي مسلمانانه، هندوئانه، ٻروچانه، سماٽانه، مَسلڪانه ۽ فرقيوارانه چوغا لاهي، هر قسم جا تعصب تياڳ ڪري هِن وٽ فقط انسان ٿي ايندا آهن.
هو هڪ ڀيرو ٻيهر سڀن تي شفقت جي نظر وجهندو آهي ۽ڳالهه کي جاري رکندو ۽ ارشاد فرمائيندو آهي؛
آدميت نه به نطق، نه به جان، نه به ريش،
طوطيان نطق، بُزان ريش، خران جان دارد!
(ماڻهپو نه ڳالهائڻ تي آهي، نه ساهه کڻڻ تي آهي ۽ نه ڏاڙهي تي آهي، ڇاڪاڻ ته طوطا ڳالهائيندا آهن، ٻڪرن کي ڏاڙهيون ٿينديون آهن ۽ گڏهه ساهه به رکندا آهن).
هُو هڪ بي نياز (بي پرواهه) رُوح رکي ٿو. اُن کي ڪڏهن به پنهنجي علمي ۽ حڪيمانه قدڪاٺ کي ظاهر ته ٺهيو، پر محسوس ڪندي به نه ڏٺوسين. الٽو کيس ٻئي کي وڏو ڪوٺيندي ۽ محسوس ڪرائيندي ڏٺو سين. اُن ڪري هُو پاڻ کي مخاطب جي حيثيت ۽ سطح تي آڻي بيهاريندو آهي ۽ ساڻس ان سطح تي گفتگو ڪندو ۽ ويچار ونڊيندو آهي، اها تمام وڏي منزل آهي. جڏهن توهان ڪنهن نيچ يا نابود کي نامُور بڻايو ٿا يا نيستيءَ ۾هستيءَ جو جوهر ڇٽيو ٿا. سندس ماڻ ۽ ماپي ۾ پنهنجو وزن وجهي کيس دِيو قامت بڻايو ٿا. هڪ ڀيري گذارش ڪئي هُئم، ته سائين توهان مولانا جاميءَ جي ديوان تي لکو، جواب مليو، “بابا! مون سدائين فرمانبرداريءَ ۾ زندگي گذاري آهي، پنهنجي مزاج ۾ اُستادن جو تابعدار رهيو آهيان، جيڪڏهن تون چوندو رهندين (حڪم ڪندو رهندين) ته متان فرمانبرداريءَ ۾ اهو ڪم ڪري وڃان، نه ته مشڪل آهي”. جواب ٻُڌي سوچڻ تي مجبور ٿي ويس! هُن جي درٻار هر وقت هر ڪنهن لاءِ کُليل ڏٺي سين، صبح جو ڪو مسلمان، ته شام جو هندو، منجهند جو مولوي، ته ٽپهريءَ جو مِسٽر، ڏينهن جو ڄاموٽ ته رات جو ٻروچ، هُو هر ڪنهن کي مان ڏيندو آهي. سڀنيءَ سان سندن ظرف مطابق هلندو آهي. هِن وَٽ جيڪو آيو، سو پنهنجو ظرف کڻي آيو ۽ پنهنجو ئي ظرف کڻي ويو. هُو هن ڌرتيءَ تي سَڀني جو ٿي آيو ۽ سَڀني جو ٿي رهي ٿو. اُن ڪري هن دور جا مسلڪ پرست، مشرب پرست، مذهب جا واپاري ۽ قبيلا ئيت جا قاضي، گوشت خورن جا حامي توڻي سبزي خورن جا صُحبتي ساڻس چڙندي ۽ ساڙ کائيندي به نظر ايندا آهن، پر هن کي ڪنهن جي به پرواهه ناهي. هُو پنهنجي راهه تي رمندو رهي ٿو، پنهنجي رُوح کان سوال ڪندو ۽ پاڻ ئي جواب ڏيندو وتي ٿو. ڪير بُرو چوي يا ڀلو چوي، عالم باعمل چوي يا عالم بي عمل، ديندار چوي يا دنيا دار، قدامت پسند چوي يا ترقي پسند هن کي ڪنهن جي پرواهه ناهي، پر جي آهي ته سڀ ڪنهن جي آهي. هُو هاٿي سان سينو ساهي سگهڻ وارو انسان ڪڏهن ڪڏهن مَڇر کان به خوف کائي وڃي ٿو. مَڇر کان خوف رکندڙ ڪڏهن ڪڏهن وري هاٿيءَ کي به دسي وجهندو آهي. هو تمام سادگي پسند ۽ سٻاجهڙي شخصيت جو مَالڪ آهي. کيس وقت جي اهل اقتدار سان به راهه رسم رکڻ جو خوب ڏانءُ اچي ٿو. مقامي سياست جا وڏا وڏا بُرج ساڻس ويجهڙائيءَ کي پاڻ لاءِ سڀاڳ سمجهن ٿا.
سياست جي سياهه ڌنڌي جوا سزاوار هجن يا علم ۽ حڪمت جي ڪاروبار جا ڪارڪن. سَندس ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان سڀئي ڄامڙا آهن. وڏا وڏا صاحب فتويٰ هجن توڙي اهل فيصله پر سندس اڳيان بانبڙا پائيندي نظر ايندا آهن.
اُن جو نياءُ سڀني کان نرالو هوندو آهي. اُن ڪري وڏا وڏا مذهبي توڙي سماجي تڪرار ائين حل ڪري ويندا آهن، جيئن سُئي مان ڌاڳو ڪڍيو ويندو آهي. منٽن ۾ ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون آهن. عمرڪوٽ ۽ پس گردائيءَ وارن ماڻهن وٽ اهڙا ڪئي مثال موجود آهن. ان سان مون پنهنجي زندگيءَ جون چار بهارون گذاريون آهن. هڪ وقت اهڙو به آيو جو سندس مڪتب ۾ آئون اڪيلو شاگرد بچيو هوس ۽ هُو اڪيلو ئي منهنجو اُستاد هو. هُو پڙهائيندڙ هو ۽ آئون پڙهندڙ، هُو ڏيندڙ هو ۽ آئون وٺندڙ، هو مطلوب هو ۽ آئون طالب. گڏ سفر به ڪيو سين. گڏجي روزا به رکيا سين. نمازون به پڙهيو سين. اهڙي ريت ان سان وڌيڪ لهه وچڙ ۾ رهڻ سبب اسان اُستاد شاگرد گهٽ ٻه ساٿي وڌيڪ پيا لڳندا هئا سين. صبح جو سوير فجر جي نماز پڙهي، آئون هڪ پاءُ کير جو ۽ پنج کارا بسڪيٽ وٺي ايندو هئس. جيڪي هڪ جماعتي وٽان مقرر ڪيل هوندا هئا. بعد ۾ ان جماعتي صاحب به وڃي پنهنجي مَسلڪ ۽ فرقي وارا ماڻهو هٿ ڪيا، اسان شايد ان جي معيار تي پورو نه لٿا سين. سو روزي بند ڪري ڇڏيائين. مڪتب ۾ اڌ مڻ واري ڪين جي دٻي ۾ هڪ چُلهه ٺهيل هوندو هو. اڪثر ڪري اُن تي صبح واري چانهه ٺاهي پيئندا هئاسين. اڌ آلين ڪاٺين سبب باهه کي ڦوڪون ڏئي ڏئي اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون هُيون. ڪڏهن ڪڏهن سُڄي پڻ پونديون هيون. پر جڏهن اندران ڪمري مان هِن جهوني جوڳيءَ کي اورنگزيب جي قيدياڻي ڌي زيب النساءِ “مخفي” جا بيت سُر سان جهونگاريندي ٻُڌندو هُئس، ته سڀ سُور لهي ويندا هئا. ويتر ڪيف ۽ سَرور جي مَستي نوان جذبا جاڳائي وجهندي هُئي. ناشتيءَ کان پوءِ اڪثر آئون اسڪول يا بعد ۾ ڪاليج هليو ويندو هُئس. پاڻ موڪلن جي ڏينهن ۾ صبح جي وقت ۽ پڙهائي وارن ڏينهن ۾ منجهند کان پوءِ مون کي درس نظاميءَ جا سبق پڙهائيندا هُئا. هِتي اگر ڪنهن ڳالهه جي پرده پوشي نه ڪجي، ته سچي ڳالهه اها آهي، ته هِن جهونجهار کان شريعت جا صاحب مُلا مولوي ۽ انهن جا طالب علم ڪناره ڪش ٿي هليا ويا هئا. طريقت جي هن طالب تي عجيب عجيب تبصرا پيا ڪندا هُئا. اُن ڪري ئي ته آئون اڪيلو شاگردن ۾ شاگرد ۽ هُو اڪيلو منهنجو اُستاد ئي بچيو هو. ائين اسان سڄا سارا ٻه سال اڪيلي اُستاد ۽ اڪيلي شاگرد طور گذارياسين.
اڪثر ڪري منجهند جي وقت جڏهن سندس ڪهول وارا، صُحبتي، مُلاقاتي ۽ پسند ڪندڙ اچي مڙندا هُئا، ته تمام گهڻي رش ٿي ويندي هُئي. اهڙي حالت ۾ هڪ وڏو هِنڊو ٻوڙ جو ۽ مانين جو مينار هوٽل مان گهرائڻو پوندو هو، سو به اُوڌر تي. مٿان وري ساڳيو هنڊو ڌوئي ٻه ڪلو ڌونئرو ۽ پاڻي جا جڳ اوتي، پٽڙي لَسي ٺاهي پيئندا هُئا سون.
پاڻ وڏو سخي آهي، بلڪه ڏاتار آهي. ڀٽائي زِندهه هُجي ها، ته سنڌ جي ڏهه ڏاتارن ۾ کيس ضرور شامل ڪري ها يا وري کيس پنهنجي شاعريءَ ۾ وڌيڪ سخاوت ڪندڙن جا ڪردار قلمبند ڪرڻ جي ضرورت پڻ پيش اچي ها ۽ ان ۾ اسان جي ڏاتار جو نام نامي اسم گرامي سڀني کان سرفهرست هُجي ها. هُو مونکي تمام گهڻو عزيز رکندو هو. قديم توڙي جديد ٻنهيءَ علمن ۾ رهنمائيءَ ڪندو رهيو. اڪثر ڪري عصر جي نماز جي وقت مڪتب مان نڪرندو هو، ته “ هنسراج” واڻئي کان اوڌر تي کٽمٺا وٺي، پهراڻ جا ٻئي کيسا ڀري نڪرندو هو. سونارا گليءَ جا ننڍڙا ننڍڙا ٻار اڳيان در جهليو بيٺا انتظار ڪندا هُئا. سونارن جا ٻار، مهاجرن جا ٻار توڙي خاڪروبن جا ٻار، هُو هِڪ هِڪ سان ملندو، پيار ڪندو، کٽمٺا کارائيندو، جڏهن مسجد پهچندو هو، ته ڪافي دير ٿي ويندي هُئي. جماعتين جا سُونڍ سُڄيل ۽ تيور بدليل هُوندا هُئا، پرڪنهن کي به مُنهن تي ڪجهه چوڻ جي همت هرگز نه ٿيندي هُئي. اُن ڪري سندن ڪُرڪا مونکي ٻڌڻا پوندا هُئا، پر حقيقت جي هِن غازيءَ کي اهڙن مجازي مجاورن جي ڪا پرواهه به نه هُوندي هُئي. آخرڪار انهن دل جي سوڙهن هِڪ سازش سَٽي کيس مسجد جي امامت کان به بي دخل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو. ڪِٿي اهي اندر جا ڪارا ڪانءُ، ڪٿي اسان جو “هنج” پکيءَ مثل ماڻهو موتي مڻيادار. “جنهن کي خدا رکي، تنهن کي ڪير چکي”، سڀني کي ٻُوٿ جي کائڻي پئي. مايوسيءَ ۽ ندامت نصيب ٿين. تاريخ ۾ اهڙو مثال خليفه هارون رشيد جي حوالي سان پڻ ملي ٿو. خليفي صاحب تي هِڪ الزام مشهور ڪرايو ويو هو، ته پاڻ سندس ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث آهن. هِڪ ڀيري پاڻ شهر جي دوري تي نڪتا، ته هِڪ خاڪروب ٻئي خاڪروب ساٿيءَ کي چيو، ته “هن ماڻهو جڏهن کان پنهنجي ڀاءُ کي مارايو آهي، تڏهن کان منهنجي نظرن مان ڪِري پيو آهي”. خليفي صاحب اُهي لفظ ٻُڌي ورتا ۽ جواب ۾ فقط ايترو چيائون ۽ هلندا ويا ته
(نڪ پاڻي ۾ ....... آسمان تي). هو به اهڙن نادانن کي ڪڏهن پنهنجي زبان جي ذريعي ته ڪڏهن عمل ۽ ڪردار ذريعي اهڙو ئي جواب پيو ڏيندو آهي. سچ پچ! هُو عشق جي راهه جو منصور آهي. اسان جي ظاهري ۽ ڏيکاءُ واري شريعت ۾ فِٽ نه ٿي سگهيو آهي. مونکي شڪ آهي، ته متان کيس منهنجو اهڙو تبصرو نه به وڻي، پر آئون انهيءَ ماجرا جو اکين ڏٺو گواهه به آهيان. ڪڏهن ڪڏهن آئون ڪا شيءَ پَچائڻ لاءِ چُلهه تي ويهندو هُئس ، ته هُو پڻ منهنجو مددگار ٿي ويهندو هو. پوءِ منطق جي اصولن جي روشنيءَ ۾ ڪي به ٻه تصوراتي اصول قائم ڪندو هو. اُن جو هڪ مثال ونڊجي ٿو. هڪ ڀيري ٻه اصول (principle) جوڙيا ويا. (1) گوشت دال کان بهتر آهي ۽ (2) دال گوشت کان بهتر آهي. پهريون اصول منهنجي سُپرد ڪيو ويو ۽ ٻيو پاڻ وٽ رکيائون، اُن تي خوب بحث ڪرڻ جو هُنر به سيکاريائين. علمي زندگيءَ ۾ اڳتي هلي ايشياءَ جي سرزمين جي ٻن وڏن علمي قطب مينارن مير سيد شريف جرجاني ۽ علامه تفتازانيءَ جي وچ ۾ اهڙو مباحثو ۽ مناظرو ڏسي حيران رهجي ويس. ٻنهي عالمن جو پاڻ ۾ ٻن نظرين (1) غصو انتقام جو سبب آهي (2) انتقام غصي جو سبب آهي. پهريون موقف مير سيد شريف جو هو ۽ ٻيو علامه تفتازانيءَ جو هو. ٻنهيءَ ۾ ڪئي روز تائين زبردست بحث ۽ مناظرو جاري رهيو. نيٺ علامه تفتازاني کٽي ويو ۽ مير سيد شريف جُرجاني هارائي ويو. مورخن لکيو آهي، ته مير صاحب انهيءَ هار جي ڏک ۾ ئي وفات ڪئي.
انهيءَ سموري طويل داستان جو مطلب انهيءَ ديوقامت شخصيت جي وڏائي جا اصل اسباب عوام توڻي خواص اڳيان واضع ڪرڻ آهن. داستان تمام گهڻو ڊگهو آهي. شاعرا خاقاني جي شعر جو سهارو وٺندي ختم ڪجي ٿو.
قصه هائي بنوشت خاقاني،
قلم اين جا رسيد سر بشڪست.