جيئن سي سنگهار : سردار ڀيو
ڀِــني ٿــيون ڀـڙڪن، باهيون بيراگين جـــون،
هــلو ته سيــڪيــون هــٿــڙا، مــٿي تــن مچن.
هو سماجي اداري سامي فائونڊيشن جي منعقد ڪيل وڏي تقريب ۾ اسٽيج تي بيهي ڀيل ، مينگهواڙ ۽ ڪولهي جو اوبر پاڻي پيئي مذهبي رواداري جو ثبوت پيش ڪري ٿو! سندن اهڙي عمل سان سماج ۾ وڌندڙ ويڇا گهٽجڻ لڳن ٿا!، بنا مذهبي تفريق جي مولانا صاحب جي انسانيت سان اُنس واري انداز دِلين تي وڏو اثر ڇڏيو آهي جو اڄ هر مذهب جو پيروڪار کين پنهنجي دِل سان عزت ۽ محبت ڏي ٿو، اها محبت هتي هرڪنهن کي نٿي ملي! ماڻهو جي حياتي ۾ سُک جون ساعتون مختصر ٿين ٿيون، ڏُک جا ڏاڍا ڊگها پنڌ ۽ رڻ جون اوکيون راتيون ٿينديون آهن. هندستان جي مشهور ڏاهي شنڪر آچاريه چيو “ هن جهان ۾ ماٺيانا ۽ مها سنت آهن ، جيڪي چشمي وانگر، ماٺ ميٺ ۾ ۽ بنا گهرڻ جي، ٻين سان ڀلائي ڪندا آهن، هُو حياتي جو ڀيانڪ سمنڊ اڳئي اُڪري چُڪا آهن۽ ٻين کي پار پهچائڻ ۾ خود بخود ۽ بنا مطلب جي مدد ڪندا آهن” مولانا صاحب ذاتي طور تي تمام حساس انسان آهي، هر انسان جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو، هُو پنهنجي سڄي ڄمار انسانيت جي درد تي لُڇي، پچي ۽ پڄري گذاريندو رهيو آهي. حقيقي سونهن ٻئي جو ڏُک ڏور ڪرڻ ۾ آهي.
عُــــمــريـــان لــنگهيـــان پــٻـــان پــــا !
مولانا صاحب کُليل ڪتاب جيان آهي، جنهن جي هر صفحي تي انسانيت جا نقش چٽيل آهن، محبت جون ڳالهيون سهيڙيل آهن، نفرتن ۽ تفاوتن جو نالو و نشان ناهي! هُو ايمان، اتحاد ۽ ايڪي جو قائل ماڻهو آهي، تنهنڪري عمرڪوٽ ضلعي توڙي ٻين هنڌن تي ڪنهن به قسم جو ڪو ڦڏو، فساد، تڪرار، اها خواهه سماجي هُجي يا مذهبي، مولانا صاحب نيڪ ارادي سان الله ڪارڻ ٻنهي ڌُرين کي سرچائڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي. اهڙا کوڙ سارا واقعا موجود آهن، جن ۾ مولانا صاحب جو مثبت بي مثال ڪردار نه صرف ساراهڻ جوڳو آهي پر تاريخ جو حصو پڻ آهي. سماجي تقريبون هجن، مذهبي پروگرام هُجن يا ڪنهن به ڪميونٽي جو ڪٺ يا ميڙاڪو هُجي، جيڪڏهن مولانا صاحب کي مدعو ڪيو ويو، ته پاڻ مقرر وقت تي پهچي شريڪ ٿيڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي، ايستائين جو ڪڏهين ڪڏهين طبيعت جي ناچاڪي باوجود به پهچيو وڃي. سندن چوڻ هوندو آهي ته يار! دعوت قبول ڪئي سين ته شريڪ ٿيڻ به ضروري آهي، اڳئين دعوتي کي ڪهڙي ڪل ته آئون بيمار ٿي پيو آهيان يا نٽايان پيو، سو هر حال ۾ شريڪ ٿبو! پريس ڪلب ۾ ميلادالنبي صلي الله عليه وآليه وسلم جي حوالي سان تقريب منعقد ڪيل هُئي، جنهن ۾ واحد مولانا صاحب مقرر هو، مولانا صاحب اچڻ جي پڪ ڏني پر رات جو اوچتو بيمار ٿي پيو، اسان کي ڪا خبر نه پيئي ته ڪو مولانا صاحب بيمار ٿي پيو آهي، پروگرام کان ڪجهه وقت اڳ وٽن وياسون ته جيئن سائين کي گاڏي ۾ کڻي پريس ڪلب پهچائجي. اُتي مولانا صاحب سان ملاقات ڪئي ته انتهائي عليل نظر اچي رهيو هو اهڙي حالت ۾ سندن ساڻ هلڻ مناسب نه هو، تنهنڪري گذارش ڪئي ته سائين! اوهان جي طبيعت خراب آهي، آرام ڪريو. پر مولانا صاحب اهو چئي ساڻ هليو ته مون شريڪ ٿيڻ جي هامي ڀري هُئي هاڻي مون کي ضرور هلڻو آهي ڇو جو حضور پاڪ صلي الله عليه وآليه وسلم جن جي ميلاد جي سلسلي ۾ پروگرام رکيل آهي، ويهه پنجويهه منٽ ڳالهائيندس پوءِ مونکي اجازت ڏجو! انهي تقريب ۾ ويهه منٽن بدران ڏيڍ ڪلاڪ ميلاد النبي صلي الله عليه وآليه وسلم جي حوالي سان بهترين انداز سان ڳالهايو ۽ پوءِ سوالن جا جواب پڻ ڏنائين، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ بيمار ئي نه هو! پڇاڙي ۾ مون کائن پڇيو ته سائين! اوهان هيترو وقت ڪيئن ترتيب سان ڳالهايو تنهن تي فقط اهو چيائون ته جنهن جو پروگرام هو، انهي جي برڪت آهي نه ته مون فقير ۾ ايتري طاقت ئي ناهي! مولانا صاحب سماجي رواداري جو امين ۽ سمورن مذهبن جي پوئلڳن سان محبت ڪندڙ حقيقي انساني مسيحا آهي جو هُو “ ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇِنڻ مُور نه سِکيا” جو قائل آهي، سمورن مذهبن ۽ عقيدن کي هن خوبصورت ڪائنات جي حُسناڪين جو رنگين گلدستي جا گُل سمجهندڙ هي انسان هر مذهب سان محبت ڪري ٿو ،اهڙن انسانن جي لاءِ جئين سلطان باهو چيو ته
دِل دريا سمندرون ڏونگهي کون دِلان ديان جاڻي هُو،
وچــئين ٻيڙي، وِچئين جهيڙي، وِچئين ونجهه مهاڻي هُو،
چــوڏنهن طبــق دِلان دي انــدر، تنبو وانگيان تـاڻي هُو،
جو ئي دِل دا مــحرم هووي، سوئي رب پچهاڻـي هُو.
مون هن کي محبتون ورهائيندي ڏٺو آهي، جتي هوندو آهي اُنسيت ۽ پاڻ ۾ ڳنڍجڻ جي ڳالهه ڪندو آهي، ڇِنڻ جي ڳالهه ڪرڻ کي ڪفر ٿو سمجهي. مولانا صاحب هن ڀونءِ ۾ هڪڙي انساني مسيحا طور تي عزت ۽ محبت جي لائق اهڙي شخصيت آهي، جنهن جي دِل ۾ انسانيت ڌڙڪندي آهي، هُن وٽ ڳنڍڻ جو فلسفو آهي، ڇنڻ مور نه سکيو! هر ڪنهن کي جُڙي هلڻ جو چئي ٿو ، ڀٽائي گهوٽ ٿو فرمائي:
ڇال مَ ڇِڄي نينهن، پِرت پُراڻـي مَ ٿئي،
کوءِ رُسڻ ٻَنِ رِيتيون، کوءِ ڏولائي ڏينهن ،
سندو محبت مينهُن، وسي تان وَس ٿئي.
مولانا صاحب ڪنهن سان ڏاڍيان ناهي ڳالهائيندو، جڏهن گفتگو ڪندو آهي تڏهن سندن آواز ايترو جهيڻو هوندو آهي جو مشڪل سان ٻيو شخص آواز ٻڌي سگهي. ساڻن ملاقاتي ٿيندڙ هر ماڻهو سان وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ملندو آهي. محبت جا ٻول ٻوليندڙ هن فقير ماڻهو جي من ۾ ميراڻ ناهي ۽ هر ڪنهن سان چڱائي جا ٻه پير ڀرڻ سندن خاصو آهي.
چـــڱا ڪـــن چــڱايون ، مَـــٺايـون مَــٺن،
جو وَڙ جُڙي جِن سين ، سو وَڙ سيئي ڪن.
مولانا صاحب چوندو آهي ته هرڪنهن کي پنهنجي مذهب سان محبت ۽ صدق ڪرڻ جو حق آهي، ڪنهن کي به اهو حق حاصل ناهي ته هوُ ٻئي جي مذهب ۽ عقيدي جي ڇيڙڇار ڪري يا کائن نفرت ڪري . مولانا صاحب انسانيت سان پيار ڪندڙ ساکائتو ڪردار هجڻ ڪري سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ ڪوشان آهي، انهي جو مثال اهو آهي ته هُو هرڪنهن جي سڏ ۾ سڏ ڏي ٿو، هُو هر تڪرار ۽ مامري جي نبيري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو. مولانا صاحب معامله فهم، بااصول، باڪردار، دورانديش، صبر ۽ شڪر ڪندڙ انسان آهي، جنهن وٽ معاشري ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي کي ٻنجو ڏيڻ جي لاءِ حوصلي ۽ همٿ سان گڏ نيڪ نيتي ۽ اٽل ارادو پڻ آهي. تنهنڪري مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب عزت ۽ محبت لهڻي.
سامي فائونڊيشن ، سنڌ جو اهو ساکائتو سماجي ادارو آهي، جنهن ٻن ڏهاڪن کان اسان جي خطي ۾ سماجي رواداري، امن، شانتي ۽ انساني ترقي لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي آهي، اهو سلسلو اڄ به ماٺو ناهي ٿيو، اڃان به اڳيان ۽ اڳڀرو ...، جنهن جو مثال اهو آهي ته سامي فائونڊيشن هڪڙي روايت کي ٽوڙي نئين روايت جو بنياد وڌو آهي، جو مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب جهڙي عظيم ڪردار کي حياتي ۾ ئي سندن اعليٰ ڪردار ۽ خدمتن تي مڃتا ڏيندي ڪتاب سهيڙي ۽ ترتيب ڏيئي وڏي اهتمام سان شايع ڪيو پيو وڃي. اهڙي مثبت ۽ ساراهه جوڳي قدم تي سامي فائونڊيشن ۽ سمورو سٿ جس لهي.