ٻه اکر
باغبان دھر نخل عمر را آبے نداد
کاشتن دانست و پروردن نمیداند کہ چیست.
ھن مجموعه ۾ 8 نظم، 17 غزل ۽ 5 ڪافيون آھن. شاعر جي حالات زندگيءَ مان پتو پوي ٿو ته ھي بي داغ ڪردار جو مالڪ ھو. انھيءَ ڳالھ جو ثبوت ھن جي ڪلام مان به ملي ٿو، جنھن ۾ سيرت جو عڪس جھلڪندو ٿو رھي.
شاعريءَ جي دامن ۾ ايڏي وسعت آھي، جو اُن ۾ نه صرف ھر موضوع تي اظھارِ خيال ڪري سگھجي ٿو، پر ھر قسم جي جذبه جو بي تڪلفيءَ سان اظھار به مباح سمجھيو ٿو وڃي. مگر ھيءُ شاعر ڀرپور جوانيءَ جي باوجود غزل جھڙي صنف ۾ به پنھنجي جذبات جو اظھار اھڙي انداز ۾ ٿو ڪري، جو سنجيده مزاج ماڻھن کي به ناگوار نٿو لڳي. حالانڪ غزل بنيادي طور تي آھي ئي شراب ۽ شباب جي ڳالھين لاءِ وقف.
ان مان جتي اھا خبر پوي ٿي ته شاعر ۾ اظھار جو سليقو موجود آھي، اُتي ھن ڳالھ جي تصديق به ٿئي ٿي ته ھن جو اندر ڪيڏو نه اُجرو آھي، جو ڪُل اِناءِ يَتَرشَّحُ بِمافِيۡہِ جي مصداق ھن جي زبان مان اھوئي ٿو نڪري، جو ھن جي دل ۾ آھي. در اصل اھو سيرت ۽ ڪردار جو بلند ترين مقام آھي ۽ شاعر جو پنھنجي فن سان بي پناھ خلوص، جنھن ڪري ھيءُ شعر ھن جي جذبه خلوص جو بھترين آئينه دار بڻجي پيو آھي.
ھن ڪلام ۾ انداز بيان جي سادگي طبيعت کي متاثر ڪري ٿي. نه اٽڪي ٿي ۽ نه مفھوم سمجھڻ ۾ دماغ مونجھارو محسوس ٿو ڪري- اھا سادگي، قادر ڪلاميءَ جو نتيجو کڻي نه ھجي، جا غير معمولي علم ۽ مسلسل مشق جي ڪري پيدا ٿيندي آھي، پر ڪم از ڪم اھو تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته شاعر مافي الضمير جي ادائگيءَ ۾ تصنع کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي.
ھيءُ شعر طبيعت جي موزونيءَ جي آڌار تي چيل آھي ۽ قواعد و ضوابط کي نظر انداز ڪيو ويو آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ اھا ڪا نئين ڳالھ نه آھي. منھنجي علم ۽ تجربه موجب سنڌ جي اڪثر شعراءَ ڪرام جو ڪلام ابتدا ۾ ائين ئي ھوندو آھي. مان ڀانيان ٿو ته شاعر جي حياتي وفا ڪري ھا ۽ مشق سخن جاري رکندو اچي ھا، ته سندس ڪلام عام قاريءَ کان علاوه اھل فن حضرات کان به خراج تحسين وصول ڪري ھا.
بھرحال ھيءُ ننڍڙو مجموعو سنڌ جي شعري ادب ۾ چڱو اضافو ڪندو ۽ مرحوم جي عزيزن ۽ دوستن جي لاءِ بھترين يادگار ثابت ٿيندو.
[b]حافظ خير محمد اوحدي
[/b]شڪارپور
15- اپريل 1978ع