شاعري

صداءِ غم عرف آوازِ دل

ڪتاب ”صداءِ غم عرف آوازِ دل“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مرحوم مير غلام اڪبر ”مشتاق“ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
قمر الدين سهتو لکي ٿو:
”اسانجو مرحوم دوست ميراڻو ٻار ٿي ڪري ۽ ڦوھ جواني ھوندي به ڦونڊ ۽ وڏائي ڪانه رکندو ھيو- ھو نھايت بردبار ۽ حليم طبيعت جو مالڪ ھيو. سندس طبيعت ھن چوڻيءَ جي مصداق ھئي ته ” ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج- ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي “ ان چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونھي ته اسان جو مرحوم دوست اُھو انسان ھيو جنھن جي خوشبوءِ ھن وقت به اسانجي دماغ کي معطر ڪري ٿي. اسانجي دوست شادي ته ڪانه ڪئي پر اھڙي لائق اولاد يا ورثو (زير نظر مجموعو) ڇڏي ويو آھي جنھن مان نه صرف دوست پر ٻيا احباب به مستفيض ٿي سگھن ٿا.“
Title Cover of book صداءِ غم عرف آوازِ دل

مختصر سوانح حيات مرحوم غلام اڪبر ”مشتاق“

[b] تاريخ ولادت [/b]25 سيپٽمبر 1926ع- شھداداڻي ٽالپرن جي ڄاماڻي پاڙي جي ھڪ متوسط خاندان ۾ تولد ٿيو. سندس پرورش والدين جي زير نگراني ٿي. والد صاحب جو نالو مير غلام علي خان- جاءِ ولادت آبائي ڳوٺ صوڀوديرو تعلقه گمبٽ، ضلع خيرپور آھي- سندس والد صاحب مير غلام علي خان ھڪ علم دوست ۽ علم سان بيحد شوق رکندڙ آھي ۽ سندس مشغله ساري زندگي ڪتابن جو مطالعو رھيو آھي. والد صاحب جو اثر اولاد تي به ساڳيو رھيو ۽ سندس اولاد مان ڪنھن به فرد کي عام ٽالپرن ۽ وڏن ماڻھن جي ٻارن جيان فضوليات سان به ڪو واسطو نه رھيو. مرحوم غلام اڪبر جي طبيعت ته پنھنجي ٻين ڀائرن کان به نرالي ھئي. کيس ٻيا ٻه ڀائر ھر ھڪ، وڏو حسن علي راقم الحروف ۽ ٻيو مير شھداد خان مرحوم، جو گورنمينٽ ملازم ھيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ھيو ۽ دل جي اٽيڪ سبب ھارٽ فيل سال 1971ع جي اپريل ۾ ٿيو. غلام اڪبر، جو پنھنجي والدين جي اولاد مان سڀ کان ننڍو ھيو. تمام سلڇڻون، سٻاجھو، حيا ۽ رحم جو ھڪ مجسمون ھيو. زماني طفوليت ۾ ھن عام ٻارن وانگر ڪڏھن به ڪنھن شيءِ ملڻ لاءِ پنھنجي مائٽن سان ضد نه ڪيو. نه ڪنھن ٻار سان راند ڪندي اسان کيس وڙھندو ڏٺو. گھر ۾ جيڪو به کاڌو پچندو ھيو ۽ جڏھن به تيار ٿيندو ھيو، بسم الله ڪري کائيندو ھيو. اِئين ڪڏھن به نه چيائين ته مان ھي نه کائيندس، مون کي فلاڻي شيءِ ملي، يا مانيءَ جي تيار ٿيڻ ۾ دير ھوندي ھئي ته ڪيتري بُک ھوندي ڪڏھن نه چيائين ته دير ڇو ٿي آھي. پنھنجي گھر جي نوڪرن نوڪرياڻين کي پنھنجي عزيزن جيان ڀائيندو ھو. ڪڏھن به اسان کيس انھن سان تلخ ڪلامي ڪندي نه ڏٺوسون. پنھنجي حياتيءَ جي پوين سالن ۾ ھڪ دفعو ٻن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪندي ھڪ ماڻھون کي سزا طور ھڪ چپاٽ ھنئين ھيائين جنھن جو پڇتاءُ پڇاڙيءَ تائين ڪندو رھيو. انسان دوستي ۽ محتاج جي مدد ڪرڻ پنھنجو فرض سمجھندو ھيو. ڪنھن انسان کي دُکي ڏسي سندس دل بيقرار ٿي ويندي ھئي.
اطاعت: والدين جي اطاعت، عزت ۽ خذمت پنھنجو اولين فرض سمجھندو ھيو.
[b]تعليم[/b]: سندس ابتدائي تعليم گورنمينٽ مڊل اسڪول صوڀوديرو سندس آبائي ڳوٺ ۾ ٿي- اسڪول کان ڪڏھن به ڪين گسائيندو ھيو. گھر ۾ ايندو ھيو ته به سندس شوق ڪتابن پڙھڻ سان ھوندو ھيو. استادن جو ادب والدين جيترو ڪندو ھيو جنھن ڪري استاد به کيس بيحد عزت جي نگاھ سان نوازيندا ھيا. مارچ 1943ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان مڊل اسڪول صوڀوديرو مان پاس ڪيائين. اپريل 1943ع ۾ 25 تاريخ تي کيس ناز ھاءِ اسڪول خيرپور ۾ داخلا وٺي ڏني وئي. اتي بحيثيت فري بورڊ جي ھاسٽل ۾ رھندو ھيو. سندس ڪلاس ميٽ دوستن مان تمام قريبي دوست جن کي ھو ڀائرن جيان ڀائيندو ھيو انھن مان ھڪ مسٽر قمرالدين سھته صاحب ۽ ٻيو مسٽر ثناءُالله بلوچ صاحب ھيا. مسٽر قمرالدين سھته صاحب سان گڏ ان وقت جو نڪتل فوٽو اڄ به اسان وٽ يادگار آھي. سال 1947 ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ پوءِ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي ۾ آرٽ ۾ داخلا ورتائين. خيرپور رھڻ واري عرصي ۾ بزم ناز خيرپور جي شاعرانه محفلن ۽ صحبت جي ڪري منجھس شعر چوڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ پاڻ به شعر چوڻ شروع ڪيائين. بزم ناز خيرپور مان ”طرح“ جو مصرع نڪرندو ھيو جنھن تي شعراءُ ڪرام طبع آزمائي ڪندا ھيا، جنھن ۾ پاڻ به حصو وٺڻ شروع ڪيائين. جن طرح جي مصرعن تي پاڻ شعر لکي بزم ناز ۾ ڏنا اٿس يا مشاعري ۾ به پڙھيا اٿس تن جو سلسلي وار فصيل ھي آھي:
1- ”سپاھي قوم خفتہ جا اٿي بيدار ٿي ھاڻي.“
2- اسيرانِ قفس جو دم لبِ منقار تي پھتو. ان تي شعر چئي مشاعره ۾ پيش ڪيو اٿس ۽ تاريخ 45- 11- 7 لکيل اٿس.
3- طرح آھي- ”اي صبا ڇو ٿي وڌائين پنھنجي تون رفتار کي.“ ھن تي 48- 8- 9 تي شعر لکي ڪراچي مان بزم ناز کي موڪليو اٿس.
4- طرح جو مصرعه- ”ٻڌايان ڪنھن کي غم پنھنجو الم پنھنجو بيان پنھنجو.“ ان تي مورخه 49- 1- 3 تي شعر لکي ڪراچي مان بزم ناز کي پيش ڪيو اٿس.
اھڙيءَ طرح شاعرانه صحبت ۽ شعراءُ ڪرام جي ھمٿ افزائي منجھس ننڍي عمر ۾ شعر چوڻ جو شوق پيدا ڪيو ۽ شعر چوڻ شروع ڪيائين. سندس تخلص ”مشتاق“ آھي.
جيڪي شعر چيا اٿس، انھن تي تاريخون لڳل آھن جنھن مان معلوم ٿو ٿئي ته 45- 8- 29 کان شعر چوڻ شروع ڪيو اٿس. سال 1945ع ۾ 5 شعر ۽ سال 1946ع ۾ 16، سال 1947ع ۾ 6 ۽ سال 1948ع ۾ ھڪ شعر چيو اٿس. ان جو سبب ھي آھي ته سال 1947 ۾ والد صاحب کي جڏھن خبر پئي ته ھو شعر ٿو چوي ته والد صاحب کيس شعر چوڻ کان منع ڪئي ھئي جنھن ڪري ھن شعر چوڻ ڇڏي ڏنو. مون والد صاحب جي ان فھمائش ڪرڻ کي سراسر زيادتي ٿو سمجھان ڇالاءِ ته شعر چوڻ ڪھڙو خراب ڪم آھي يا ڪھڙو ڏوھ آھي، جڏھن ته وڏن وڏن عالمن ۽ بزرگن شعر چيا آھن- خود والد صاحب جن پاڻ به پارسي ۾ شعر گوئي ڪئي آھي. سندس تخلص ”عاصي“ آھي- ۽ منھنجي ڏاڏي مرحوم مير خير محمد خان به پارسي ۾ شعر چيو آھي. سندس تخلص ”ضيا“ ھيو. ته پوءِ غلام اڪبر شعر چيو ته ڪھڙو خراب ڪم ھيو جنھن کان والد صاحب کيس منع ڪئي. ھن وقت اسان وٽ سندس چند شعرن کانسواءِ ٻيو ڪھڙو يادگار آھي- ازنسواءِ شعر شاعر جي جذبات، احساسات ۽ تصورات جو آئينه دار آھي جنھن مان سندس شخصيت کي پروڙي سگھجي ٿو.
سال 1949ع ۾ مون وٽس ڪراچي سندس شادي جي ڏاج خريد ڪرڻ جي لاءِ ويو ھيس. ان وقت پاڻ ھاسٽل ۾ حسن علي ھال جي روم نمبر 16 ۾ ٻين دوستن سان گڏ رھندو ھيو. ساڻس گڏ ساڳي روم ۾ ٽي ٻيا ۽ چوٿون پاڻ رھندا ھيا جن مان مسٽر ثناءُالله خان ۽ ٻيو مسٽر محمد دائود خان باقي ٽئين صاحب جو نالو مون کي ياد نه رھيو آھي. اھي چارئي ھڪ روم ۾ گڏ رھندا ھيا. مسٽر ثناءُالله خان B. A. LL.B پاس ڪري جيڪب آباد ۾ وڪالت شروع ڪئي جو اڄ جيڪب آباد ۾ نالي وارو وڪيل آھي. مسٽر قمرالدين سھته صاحب جيئن ته انجنيرنگ ۾ داخلا ورتي ان ڪري ساڳي ھاسٽل ۾ مٿين منزل ۾ رھندو ھيو. ۽ انجنيرنگ ۾ B. E ڪرڻ بعد سروس ۾ آيو ۽ ھن وقت S. E گڊو براج آھي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.
شادي: غلام اڪبر جو مڱڻون منگھنواري جي مير ڪرم خان صاحب جي دختر سان سال 1948ع ۾ ٿيو. سندس شاديءَ جو پروگرام 1949ع ۾ ھيو ۽ ان ڪري سندس ڏاج جي خريداريءَ لاءِ مان ڪراچي ويو ھيس جو ٻنھي گڏجي ورتو. مگر سال 1949ع ۾ شادي ٿي نه سگھي جو سندس سھرو مير ڪرم خان فوت ٿي ويو. سندس شادي جو پروگرام بعد ۾ ڊسمبر 1950ع ۾ مقرر ڪيو ويو ھيو ته جيئن B. A جو امتحان ڏئي ڳوٺ اچي ته سندس شادي ڪرائي وڃي.
نومبر 1950ع ۾ سندس امتحان پورو ٿيو ۽ ڊسمبر جي پھرين يا ٻي تاريخ ڳوٺ آيو. سندس طبيعت ٺيڪ نه ھئي، زڪام ۽ ڪجھ بخار ٿي پيو. والد صاحب جن کيس پُڙيون لکي ڏنيون جي ٻه ٽي ڏينھن پيتائين مگر بخار وڌندو ويو. والد صاحب راڻيپور مان قاضي محمد حسين حڪيم کي گھرايو ڇاڪاڻ ته والد صاحب جن جو يوناني علاج ۾ اعتقاد گھڻو رھندو آھي. پاڻ به يوناني حڪمت مان گھڻو واقف آھي ۽ چڱو خاصو حڪيم آھي- قاضي صاحب جي اچڻ کان بعد بخار تمام گھڻو وڌي ويو ۽ تڪليف گھڻي ٿي وئي ۽ نڙي به بند ٿي وئي. ڪابه دوا يا غذا کائي نه پئي سگھيو. نڙيءَ ۾ نه سُور ھيو نه سوڄ ھئي، نه اندر ڳاڙھي ھئي صرف ڳيت ڏئي ڪابه شيءِ حتيٰ ڪه پاڻي تڪ ڳھي نه ٿي سگھيو. بخار 105 کان 106 تاءِ ھيو جو ڪڏھن به گھٽ ڪونه ٿي ٿيو- اھا حالت ڏسي قاضي صاحب موڪلائي ھليو ويو. والد صاحب حڪيم محمد صادق کي راڻيپور مان گھرايو مگر دوا ته اندر وڃي ڪانه ٿي سگھي، حڪيم محمد صادق به ڪجھ ڪونه ڪيو. پوءِ والد صاحب ڊاڪٽر گل محمد پٺاڻ کي گھرايو جو ان وقت گمبٽ جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر ھيو- ان اچي پينسلين جا انجيڪشن ڪيا مگر فائدو ڪجھ به ڪونه ٿيو. چوڏھن ڏينھن بخار تمام سخت ھليو ۽ بيقراري تمام گھڻي ھئي. سندس خدمت چاڪريءَ لاءِ سارو وقت، رات ڏينھن مان مقرر ھيس ٻيا ڀاتي ڪجھ آرام ڪندا ھيا ڪجھ جاڳندا ھيا. مگر مان رات ڏينھن سندس اڳيان جاڳندو رھيس ۽ سندس خدمت ڪندو رھيس. 18 ڊسمبر جي رات ھڪ بجي کان بعد مون کيس بيماريءَ جي حالت ۾ ڪنھن سان ڳالھائيندو ٻڌو. ڪنھن کي چوي پيو ته، اڄ نه سڀاڻي. ان کان بعدسجاڳ ٿيو ۽ مون سان ڳالھايائين ۽ ٽائيم پڇيائين ته مون کيس غلط ٽائيم ٻڌايو. 3 يا 4 بجه جو وقت مون کيس ٻڌايو ته مون کي کِلي چيائين ڏِس ڪوڙ ٿو ڳالھائين. مون پوءِ کيس صحيح ٽائيم ٻڌايو. چيائين اِئين چئو نه- پڇيائين ادو شھداد ڪٿي آھي. ادو شھداد خان ان وقت شھداد ڪوٽ ۾ مختيارڪار ھيو. ان کي تار ڪري گھرايو ويو ھيو جو موڪل وٺي آيو ھيو ۽ سندس بدلي به شھدادپور ٿي ھئي. ان وقت ڀر ۾ پيل کٽ تي ننڊ پيو ھيو جو مون کيس ٻڌايو ته ننڊ ۾ آھي. پاڻ چيائين ته اٿارينس اڄ به ننڊ ٿو ڪري. بس اڄ رات تڪليف سَھو سڀاڻي خوب ننڊون ڪجو. مون ادي شھداد کي جاڳايو. ان کان اڳ جا کيس بيماريءَ جي تڪليف ھئي سا بلڪل پوءِ ڪانه رھي. ان کان بعد بار بار ٽائيم پڇندو رھيو. 18 ڊسمبر جو سارو ڏينھن بار بار ٽائيم پڇندو رھيو. سج لٿو، شام جا 8 بجا ٿيا ته چيائين يار ھاڻي خدا حافظ. اڳ ۾ مون کي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجھي موڪلايائين، ان کان بعد ادي شھداد کي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجھي خدا حافظ چيائين. ان وقت سندس زبان تي ياعلي- ياعلي جو ورد جاري ھيو. ادي شھداد جي ڀاڪر ۾ ئي سندس دم پرواز ڪري ويو. اِنا الله و انا اليہ راجعون- اھڙي طرح ھي نوجوان ساٿي اسان کان موڪلائي ويو. 19 ڊسمبر 1950ع تي سندس تدفين تڪفين جي رسم ادا ڪئي وئي. سندس جنازي نماز ۾ تمام گھڻا ماڻھو شامل ھيا ۽ سڀ جا سڀ زار زار روئي رھيا ھئا، گويا سندن ڪو تمام ويجھو نوجوان گذاري ويو آھي. الله تبارڪ و تعاليٰ کيس پنھنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا ڪري ۽ جنت ۾ داخل ڪري ۽ پنجتن پاڪ جو قرب عطا ڪري- مصرعه ” خود آسمان شد و کار مرا مشکل کرد “ کيس شھداداڻي ٽالپرن جي شجره لکڻ جو گھڻو شوق ھيو. جنھن به ٽالپر فرد سان سندس ملاقات ٿيندي ھئي، ان کان حقيقت معلوم ڪندو ھيو ۽ اھي حقيقتون پاڻ وٽ درج ڪندو ھيو. ان ڪري ڪن شھرن جو دورو به ڪيو ھيائين ۽ وڏي عمر وارن ٽالپرن سان ملي انھن کان حقيقتون ورتيون ھيائين. مگر جيئن ته اھو ڪم تمام مشڪل ھيو، ساري سنڌ جي ميرن کان موجوده نسل بابت حقيقتون ورتيون ھيون ۽ اڳ جا شجره ۽ تاريخ جو مطالع ڪرڻ جو ڪٺن ڪم ھيو جنھن لاءِ وقت ۽ سرمايه جي ضرورت ھئي، جي ٻئي ان وٽ ڪونه ھيا ۽ عمر به بقا نه ڪئي تنھن ڪري اھو سندس خيال پايهءِ تڪميل کي پھچي نه سگھيو- سندس شعر کان سواءِ ھڪ مضمون فراق جي زباني جي عنوان سان سندس ھٿ اکرين بوڪ تي لکيل نثر ۾ مليو آھي-
سندس وفات کان بعد مون تي سندس مفارقت جو سخت اثر ٿيو ڇاڪاڻ ته اسان ٽي ڀائر نه فقط پاڻ ۾ ڀائر ھياسون مگر اسان ڀائرن جي پاڻ ۾ سخت محبت ھئي ۽ ڏک به محبت کي ٿيندو آھي. دنيا اوندھ اندوھ ڪار ٿي وئي. ٻه سال برابر مون پاڻ کي ھن دنيا ۾ ڪونه ٿي سمجھيو. جيڪو ڪم ڪار فرض سمجھي ڪندو رھان پيو اھو اِئين پيو محسوس ٿئي ڄڻ خواب جي حالت ۾ ڪيو اٿم. سندس مفارقت ۾ ھڪ شعر به مون لکيو جو پڻ ھت ڏيان ٿو.
سندس شعر جي ڇاپرائڻ لاءِ گھڻي وقت کان مونکي خيال رھندو ھيو. 25- 3- 78 تي مسٽر قمرالدين سھته صاحب سان سکر ۾ ملاقات ٿي جو ھن وقت سپرنٽينڊنگ انجنيئر ايريگيشن گڊو براج تي آھي- ملاقات دوران صاحب موصوف غلام اڪبر جي شعر بابت پڇا ڪئي ۽ خيال ڏيکاريو ته سندس شعر کي ڇپرائجي، جنھن مون کي تمام گھڻي تقويت ڏني. ھي مجموعه ڪلام ترتيب ڏئي سندس مدد سان ڇپرائڻ لاءِ پيش ڪيم.

[b] العبد حسن علي ٽالپر
[/b] 10- 3- 78