شاعري

صداءِ غم عرف آوازِ دل

ڪتاب ”صداءِ غم عرف آوازِ دل“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مرحوم مير غلام اڪبر ”مشتاق“ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
قمر الدين سهتو لکي ٿو:
”اسانجو مرحوم دوست ميراڻو ٻار ٿي ڪري ۽ ڦوھ جواني ھوندي به ڦونڊ ۽ وڏائي ڪانه رکندو ھيو- ھو نھايت بردبار ۽ حليم طبيعت جو مالڪ ھيو. سندس طبيعت ھن چوڻيءَ جي مصداق ھئي ته ” ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج- ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي “ ان چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونھي ته اسان جو مرحوم دوست اُھو انسان ھيو جنھن جي خوشبوءِ ھن وقت به اسانجي دماغ کي معطر ڪري ٿي. اسانجي دوست شادي ته ڪانه ڪئي پر اھڙي لائق اولاد يا ورثو (زير نظر مجموعو) ڇڏي ويو آھي جنھن مان نه صرف دوست پر ٻيا احباب به مستفيض ٿي سگھن ٿا.“
Title Cover of book صداءِ غم عرف آوازِ دل

نوٽ

[b]نوٽ[/b]:- گھڻو ڪري مرحوم جنھن تاريخ ۾ شعر چيو آھي ان تي اھا تاريخ لکي اٿس ۽ اسان به انھن جون تاريخون شعر ھيٺان لکيون آھن. مگر مجموعه جي ترتيب پھريان الله تبارڪ و تعاليٰ جي شان ۾ چيل شعر ۽ ان کان بعد حضور اڪرم صلي الله عليہ و آله وسلم جي شان ۾ چيل شعر، ان کان بعد حضرت علي عليہ السلام جي شان ۾ چيل شعر، اھڙي طرح باالترتيب مرتب ڪيو ويو آھي.

ڪلام درد انجام از طرف حسن علي مضطر
در فراق برادرم مرحوم مغفور جنت مکان.

غلام اڪبر مشتاق