پنهنجي پاران : ناشاد رحم علي
هونئن ته هن ناول ۾، هڪ دؤر جي
ڳوٺاڻي زندگي ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ ماڻھن کي داڻي پاڻيءَ جي اڻهوند سان گڏ بدليل ترجيحن ۽ اوليتن جي تپش به ماري ٿي. ان ڪري ئي هن ناول ۾ شروع کان آخر تائين، قلم کي اُماڙي بڻائي جلاوطن بڻجي پيل انسانيت جي خوشبوءُ ۽ سچ دوست چانڊوڪين جا پيرا کڻڻ جي ڪوشش جاري رهي ٿي. انهي دوران ئي هن ناول جو اهم ڪردار دلبر، زماني جي اوڀارين لهوارين ۾، پنهنجو اصل فطري روپ بدلائي مروج ڪميڻي ڪلچر جو حصو ٿي پوي ٿو! مگر بيهوش ضمير جي جاڳ ۽ سلڇڻي زال سهيند جي مدد سان، کوکلي موبائيل فون جھِڙي وجود ۾ ماڻهپي کي وري بحال ڪري وٺي ٿو. انڪري ئي هن ناول جو نالو ”ري اسٽور ٿيل ماڻهپو“ ٿي پيو آهي. ناول جا ڪردار مجموعي طور، سنڌ ۾ ٻن مختلف دؤرن ۽ سوچن جي ٽڪراءُ ۽ رؤين جي تصادم سبب زخمي ٿيندڙ پاريهر پکين جهڙن قدرن جي ويڳاڻپ به ظاهر ڪن ٿا، جن لاءِ پڇ ڍائي ذهنيت، محبتن جو ڏڪار ۽ قول عمل جو تفاوت گُليل بڻجي ٿو!
ڇا انسان لاءِ سازگار معاشرتي رؤيا به ايترو ئي ضروري آھن، جيترو کاڌو ۽ ننڊ ؟!
ڇا اسان جي ملڪ ۾ قول۽ عمل جو فرق ماڳهين سڀني مسئلن جي پاڙ ته ناهي؟!
سول سوسائٽيءَ جا دعويدار ۽ ڌرتيءَ جون زباني توڻي قلمي پچارون ڪرڻ وارا مورڳو خطرناڪ جراثيم ته ناهن، جن کي عام اک سان ڏسڻ مشڪل آھي!؟
ڇا جيئري به انسان جُوڻ مٽائڻ جي پريڪٽس ڪري سگهي ٿو؟!
ڇا انسان جي سُٺائيءَ لاءِ عالم ۽ جاهل جي روايتي تصورن تي نظرثانيءَ جي ضرورت ته ناهي؟!
ارتقا جو قانون چوي ٿو ته رهڻي ڪهڻي تبديل ڪرڻ لاءِ جاندارنکي پنهنجي جسامت به تبديل ڪرڻي پوندي ، جيئن نوريئڙي کي ڪوئي جي ٻر ۾ رهڻ لاءِ ٽنگون، پُڇ ۽ طوطي کي عمارتن ۾ آکيرا ٺاهڻ لاءِ رنگ جي تبديلي ضروري آھي، پر انسان لاءِ ايئن ڪرڻ ڪيترو مشڪل آھي؟!
شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي سوچ ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آھي؟!
ڇا محبت ۾ اهو ڪرشمو ناهي ته اها ڪنهن کي ڊگريءَ بنا به عالم ٺاهي ڇڏي؟!
انساني عملن تي عقيدي کان وڌيڪ فطري خود غرضي ڇو اثرانداز ٿيندي آھي؟!
اهي ئي بنيادي سوال هئا، جن کي سامهون رکي مون هي ناول لکڻ شروع ڪيو هو. پر اسٽوري لائين ڪجهه اهڙي هئي جو، ٿر ۾ ڪوئلي سبب امڪاني لڏپلاڻ، ڏڪار ۾ مرندڙ ٻارن ۽ يرغمال بڻايلڇوڪريءَ جهڙي مظلوم تاريخ، رڻ ۾ رهجي ويل گونگن ٻارڙن جيان بار بار مونکي اشارا ڪري، پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريو!
ڪهاڻيءَ جي لوڪيشن، ڪردارن جي گُهرج، قلمي ڪوتاهي يا ڪنهن ٻي سبب ڪري، ٿي سگهي ٿو مونکان مٿين سوالن سان مڪمل انصاف ڪرڻ رهجي ويو هجي!
هن ڪتاب جي ڇپائي وارن مرحلن دوران جن پيارن ماڻهن جو سهڪار شامل رهيو تن ۾ شامل آهن، ارباب خدا بخش، ولي محمد موسيپوٽو ، سڪندرعلي اوٺو، خان محمد آٿلو ، جاويد موسيپوٽو، عبدالحڪيم پلي، هاشم گل مڱريو ، شاهد ميراڻي ، الله ڏنو هالاڻي، ارباب علي نهڙيو، سندن ٿورا.
[b]-ناشاد رحم علي
[/b]ملهي جو تڙ ، ٿر
7/11/2016