باب چوٿون
“شڪ ۽ تصديق کان سواءِ تحقيق انڌي هوندي آھي، جڏھن ته ڏٺي مان به وري ڏسڻ بنا رڳو شڪ اتاڪي ڪتيءَ کي انڌا گُلر ڄڻائيندو آھي. رشتن جي بقا لاءِ اعتبار ضروري آھي. جڏھن ته دليل ۽ ناقدانه نظر رشتن کي روڳ بڻائي ڇڏيندا آھن. ڇوته ناقداڻي نظر ۾ رشتا ايئن نه لڳندا آھن، جيئن اسين کين ڏسڻ چاهيندا آھيون، مون پنهنجا ڪيئي رشتا ايئن وڃائي ڇڏيا، جو جيئن هو هئا، ايئن کين آئون قبولي ڪون سگهيس ۽ جيئن مون کين ڏسڻ چاهيو ٿي، تيئن هو ٿي نه سگهيا!”
هُو پنهنجي ساءِ کلي پيو هو.
”تشڪيڪ پسندي عقل جي سُريت آھي، پر غير متوازن شڪ عقل جي اکين تي چيچڙي ۾ وهندڙ اٺ جيان پٽيون ٻڌي ڇڏيندو آھي!”
ان ڏينهن ڪيئن نه سهيند تي شڪ ڪري ويٺو هئس؟! سٺو ٿيو جو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي طوفان ۾ ڪو انتهائي قدم کڻڻ کان اڳ، جوش جي انڌي گهوڙي تان لهي، هوش سان هٿ ملايو هئم“
هن کي سهيند جو هيسيل چهرو ياد اچڻ لڳو. ڪاري ڪري ماريل عورتن جي مرڻ کان اڳ سندن محسوسات متعلق سوچيندي، اها شام کيس هانءُ تي هُٽڪڻ لڳي هئي، جڏھن ھن سُهيند کان رعب مان پڇيو هو:
”آخر اخبار جي خبر توکي ڪنهن ٻُڌائي؟“
هوءَ لڄاري لوئيءَ ۾ ويڙھجي ويئي هئي. ڪاوڙ جي انڌي گهوڙي وري هڻڪو ڪيو هو.
”مڙس آھين ته ڀڃينس مڻڪو، نه ته طلاق. . !؟“
پر تُرت ئي سهيد هٻڪندي هٻڪندي چپ چوريا هئا:
”مون پاڻ تنهنجي ڪالههوڪي آندل اخبار ۾ پڙھيو هو ته جلد سرڪار ٿرين کي امدادي ڪڻڪ جي ٽئين قسط ڏيندي“
دلبر ڇرڪي پيو هو. سوچيو هئائين:
”ڀئو بڇڙي بلا آھي، خوف ۽ تڪڙ ۾ انسان اهڙو ڪوڙ به ڪري گذرندو آھي، جيڪو بظاهر اڻ ٿيڻو هوندو آھي. “
اها اخبار سامهون جالي تي سنڀالي رکي هئي. دلبر سُھيند جي چهري تي نظرون کُپائي ڇڏيون. هوءَ شڪار جي گهيري ۾ آيل سهي جيان ڦٿڪڻ لڳي هئي. دلبر چيس:
”ڏيکار! هن اخبار ۾ اها خبر ڪٿي آھي؟“
”هن هراسيل ڊيل جهڙين نظرن سان اخبار جا صفحا ڳوليا هئا. دلبر سوچيو:
”نه ڪو نو مڻ تيل گڏ ٿيندو ۽ نه ڪو راڌا نچندي!“
پر ٻئي لمحي تڏھن حيران ٿيو هو، جڏھن سهيند پنهنجي نازڪ آڱر ان ئي ساڳي خبر تي رکي، اخبار هن اڳيان آندي هئي. پر وري به بي اعتباريءَ جي باه ڀڙڪو کاڌو هو:
”خبر سڃاڻڻ ۽ پڙھڻ ۾ فرق آھي!”
سهيند کان اخبار کڻي، ساڳي خبر تي آڱر رکي چيائين:
”پڙھي ٻُڌائي“
هوءَ ويهين صدي جي سخت مزاج سنڌي استاد اڳيان سبق وساري ويٺل حساس شاگرد جيان مُنجهي پيئي ھئي. حراسجي پيل هرڻيءَ جيان ڇِپي دلبر ڏانهن ڏٺو هئائين.
دلبر چيس:
”شاباس! پڙھي ٻُڌائي“
هن کنگهي گلو صاف ڪيو، ڄڻ مٿي تي آيل اڻ مَيو بار کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر بار نٿي کڻاڻُو!”
ٻئي لمحي دلبر جي حيرت جي حد نه رهي هئي، جڏھن هن حرف بحرف سڄي خبر کيس پڙھيٻُڌائي هئي.
هڪدم دلبر جي چهري جا بدلجي پيل تاثر ڏسي، سهيند جي ساھ ۾ ساھ پيو هو. بيساخته چئي ويٺي:
”گهوڙا منهنجو ته ھيئون ٿي ڦاٽو! سمجهيم منهنجو اخبار پڙھڻ توکي بُرو لڳو آھي. اهوئي ڊپ هئم جنهن ڪري تنهنجا ڪتاب لڪي لڪي پڙھڻ واري ڳالهه توکان لڪايم، متان تون مون لاءِ بدلجي پوين!”
دلبر اچرج مان پڇيو هو:
”سهيند تون ته اڻ پڙھيل هُئيين نه؟“
”اڻپڙھيل ئي سمجهه . ننڍي هوندي وڏي ڀاءُ وٽان صرف سنڌي ٻاراڻو ڪتاب پڙھي هُيس. پر جڏھن کان تون ڀانئڻ لڳو آھين، تنهنجي هر شيءُ پنهنجي پنهنجي ۽ سٺي لڳندي آھي. تو وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ ضروري سمجهيم ته پڙھان. اسڪول وڃڻ وس ۾ نه هو، جنهنڪري اخبارون ۽ رسالا کُنڊي کنڊي پڙھندي هيس. پهرين ته ڪجهه به سمجهه ۾ ڪون ايندو هو، پر پوءِ به خبطي شوق اهڙو جو پڙهڻ جي ڪوشش ڪون ڇڏيم. نيٺ ڪجهه نه ڪجهه پلئي پوڻ لڳو. آھستي آھستي اخبارن ۽ رسالن کان اڳتي وڌي، ڪهاڻين جي ڪتابن تائين پُڳي آھيان، تنهنجي پيار، پاٻُوھ ۽ ٻاٻيس منهنجا حوصلا هيڪاندا وڌائي ڇڏيا جو هاڻ ڪهاڻيون، سفرنامہ ۽ آتم ڪٿائون شوق سان پڙھندي آھيان، جتي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ اٽڪ ٿيندي آھي، اتي لُغاتون کڻي وٺندي آھيان. هڪ نئين دنيا منهنجي اکين اڳيان کُلي آھي. “
هوءَ دلبر جي ويجهڙو سُري آئي هئي. دلبر کيس داد ۽ جس ڏيئي، پيار مان ڳلن تي ٿپڪي ڏني ته هُوءَ اُري پيل گدريءَ جيان هيڪاندي هٻُڪار ٿي پيئي هئي!”
سگنل موٽي آيا هئا ته دلبر جو به ڌيان ڇڪاڻو هو ۽ ويل وقت جي ساروڻين جا پکي به ڀڙڪو کائي اُڏاڻا هئا.
هن ملوڪ جو نمبر ملائي رنگ وڄڻ ۽ دلبر جي ڪال کڻڻ جو انتظار ڪيو.
“هيلو دلبر پيارا، خيريت آهي؟“
”توهانجو ميسيج مليو، تڏھن ڪال ڪيم“
”تون سڀاڻي مٺيءَ اچ. ريڊيو جي هڪ نئين آيل پروڊيوسر مٿو کائي ڇڏيو آھي. تنهنجو انٽريو ڪرڻ چاهي ٿو. ۽ ھا- ٻي ڳالهه ته مون تولاءِ ھڪ اين جي او ۾ نوڪريءَ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. سٺو ٿيو جو ان جو هيڊ خيبر پختون خواه جو پٺاڻ آھي، نئون ماڻھو آھي، هتي وارا همراه سندس آءُ ڀڳت ۾ لڳا پيا آھن، پر اڃان وٽن ڦاٿو ڪونهي. منهنجي هڪ لاهوري دوست جو مائٽ آھي، مون کيس تو متعلق ٻُڌايو آھي، جنهن توکي پنهنجي اداري ۾ مقرر ڪرڻ جي حامي ڀري آھي. جلدي ڪر، متان تو وارا مخالف اتي به پهچي نه وڃن!۽ها- هڪ ٻئي ڳالهه جو خيال رکجان. هاڻ اڳوڻيون تيريون-ميريون ڇڏي ڏي. ڪتابن واريون سچايون ڳوٺ ڇڏي اچجان، قول ۽ عمل جي هڪجههڙائي ڪرڻي اٿئي ته درويش ٿي دنيا تياڳي ڇڏ. باقي دنيا داريءَ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ دل جي دوکي بدران دماغ سان سوچڻو پوندو. ضمير کي به ملو ڇلو معاف ڪرڻو پوندو. هينئر موقعو اٿئي زندگي ٺاهڻ جو. ڏڪار سبب ٿر ۾ ڌڙاڌڙ اين جي اوز جي نالي ۾ پراجيڪٽ اچي رهيا آھن. بس ڪٿي پير کُپائي وئين ته پئسو ئي پئسو اٿئي، ڏوڪڙن سان رانديون ويٺو ڪجان!…”
سگنل وري هيٺ مٿي ٿيڻ لڳا، ايڊوڪيٽ ملوڪ جو آواز ڪٽجڻ لڳو. دلبرچيو :
“ توهانجو آواز ڪٽجي رهيو آھي. چڱو سڀاڻي مٺيءَ ۾ روبرو ملبو. “
ملوڪ جو آواز ڪٽجي رهيو هو. دلبر وکريل اکرن کي ملائي اندازو لڳايو ته ملوڪ او ڪي بائي چوڻ کان اڳ “اچجان ضرور“ به چيو هو.
ڀٽ جي چوٽي تان لهواري لهندي دلبر سوچيو:
”لاڳيتن ڪيسن ۽ ڏڪارن منهنجا معاشي حالات ساڳي رهڻ ڪون ڏنا آھن. تڏھن ئي ته ايڊوڪيٽ ملوڪ جي ڪنهن ڳالهه کان اختلاف نه پيو ڪري سگهان. شايد ناسازگار حالتون، انسان جا سنڱ ڀڃي موڏو ڪري وجهنديون آھن! جن ڳالهين کان منهنجا ايڊوڪيٽ ملوڪ سان زبردست نظرياتي اختلاف رهيا آھن، اڄ ھُن جي ڳالهين سان متفق ٿيڻ بنا مون وٽ ٻيو ڪو چارو ڪونهي. مونکي هن وقت هرحال نوڪريءَ جي گهرج آھي ۽ اها ملوڪ جي ڳالهين سان سهمت ٿيڻ بنا ممڪن ناهي، جيڪو هميشہ موقعن، مصلحتن، حالتن ۽ تعلقدارين مان ڀرپور فائدا وٺڻ جي تلقينڪندو آھي“
ملوڪ ئي کيس اقتداري پارٽيءَ ۾ شموليت جو مشورو ڏنو هو. پر دلبر جي دل کيس ايئن ڪرڻ ڪون ڏنو. سمورا انتقام ڀوڳي ڪنگال ٿي وڃڻ باوجود، هن ڪڏھن اقتداري ڇٽيءَ ھيٺان لڪڻ جي ڪوشش ڪون ڪئي. ھن ڪڏھن ڪو اهڙو ڪم ڪون ڪيو، جنهن کي هن جي دل نه مڃيو هجي.
ايڊوڪيٽ ملوڪ چوندوهئس:
”دلبر تو سول سوسائٽيءَ جا چڱا چوکا ماڻھو رڳو ان ڪري ناراض ڪري ڇڏيا، جو تنهنجي بقول اهي قول عمل جو تضاد رکندڙ ھئا. اهي اڄ ڪروڙن ۾ مٿو ڌوئي رهيا آھن ۽ تون. . . . . !؟“
ملوڪ هن جو پيارو دوست هو. ٻنهي جي خيالن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هجڻ باوجود ملوڪ کيس ان ڪري سٺو لڳندو هو، جو سندس نيت ۾ دلبر متعلق ڪو خلل ڪون هو. دلبر سان هن کي همدردي هئي ۽ ھُن جي بقول دلبر کي ڪتابي ڳالهيون ڇڏي حقيقتن ۽ حالتن موجب پاڻ کي بدلائجڻ گهربو هو، پر دلبر هيستائين بدلجي نه سگهيو هو!
ڀٽ جي چوٽيءَ تان واپس گهر ايندي، دلبر کي ملوڪ سان ماضيءَ ۾ رچيل رهاڻين مان ڪيئي عڪس اکين اڳيان اچڻ لڳا. ڪي جملا ڪنن ۾ سُس پس ڪرڻ لڳس. ملوڪ چيو هئس:
”دلبر توکي ٿر جي سول سوسائٽيءَ جي ماڻھن سان تعلقات بهتر بڻائڻ گهرجن. پر تون ته مورڳو انهن تي ڇتيون تنقيدون ڪندو رهيو آھين“
دلبر سوچ ۾ پئجي ويو هو. مختصر ماٺ بعد وراڻيائين:
”منهنجو انهن سان ڪو ذاتي اختلاف نه آھي، بس انهن جي بڇڙن افعالن سان اختلاف آھي. اهي صحافيءَ جي روپ ۾ ڪامورن ۽ بااثرن جا چمچا ٿيندي به دير نه ڪندا آھن، ڇوته کين اشتهارن ۽ مراعاتن لاءِ وٽن وڃڻو پوندو آھي. ڳالهيون ڪندا آھن قلمي جهاد جون، پر جهاد ڀلا لالچ ۽ بدديانتيءَ سان گڏ ڪيئن ٿو هلي سگهي؟!
اهي سماج سڌارڪ جي روپ ۾ ٿري عوام لاءِ آيل ڪروڙن جي فنڊن تي هٿ صاف ڪندا آھن، پر پاڻ کي سڏائيندا عوام جا سچا خيرخواه آھن، ڀلا گهوڙو گاھ جو خير خواھ ڪيئن ٿو ٿي سگهي!؟
هيٺين يا مٿئين سطح تي سياست ۾ هوندا آھن ته وٽن ڪرپشن به جمهوريت جو حسن ٿي پوندي آھي. ڀلا ڪرپشن ۽ عوام جا مفاد، شينهن ٻڪريءَ جيان ساڳي گهاٽ تان پاڻي ڪيئن ٿا پيءُ سگهن؟!
اديب يا شاعر جي روپ ۾ ڏينهن کي رات چوندي دير نه ڪندا آھن. اهو ڪجهه ڪندا آھن، جنهن جا وڏا نقاد پاڻ هوندا آھن. لابين جي ڪلهن تي چڙھي قلمي قد وڌائڻ جي چڪر ۾ ٻاراڻيون حرڪتون ڪندا آھن. پاڻ يا سنگتين ساٿين کان پاڻ سان شامون ملهائڻ جو اهتمام ڪرائي وٺندا آھن. ڪي ته سنگت ساٿ کان خود کي عظيم اديب قرار ڏياري وجهندا آھن. ڀلا ماءُ واکاڻيو پٽ ۽ ڌڻيءَ واکاڻيو گهوڙو ڀلو ڪيئن چئبو؟!
سرڪاري ملازم هونداآھن ته سندن فرض رڳو ڪاغذن جي زينت بڻبا آھن. رشوت سندن سهيلي هوندي آھي، پر پاڻ کي قانون جا پاسدار ظاهر ڪندا آھن. ڀلا رشوت قانون سان لانئون ڪيئن ٿي لهي سگهي!؟
بس اها هڪ ذهنيت آھي، جيڪا ادارن کان فيس بڪ تائين، هرهند کائڻ جا ڏند لڪائي، ڏيکارڻ وارن ڏندن جي نمائش ۾ پوري آھي!
ايڊوڪيٽ ملوڪ دلبر جون ڳالهيون ماٺ ميٺ ۾ ڌيرج سان ٻُڌيون هيون. ۽ پوءِ پڇيائين:
“انهن ڳالهين جو تو وٽ ڪو ڪاغذي ثبوت آهي؟”
دلبر وراڻيو:
“مٿائين منصف ۽ اندر جي قاضيءَ کي ڪو به ڪاغذي ثبوت گھربل نه هوندو آهي!”
“ڇا اهي ماڻهو ڪي علم کان خالي آهن، جن کي تون صحيح ۽ غلط سمجههائيندين؟!”
“آئون ڇا سمجههائيندس! بس علم به تيستائين سُنڍ عورت جي هنج ورتل ٻار جيان آهي، جيستائين پاڻ تي لاڳو ڪري تخليقي باريڪين سان نٿو پرکجي!”
”اهو سڀ ڪجهه غلط ئي سهي، پر ان تي ايترو سخت ڳالهائي، سول سوسائٽيءَ ۾ اڪيلو ٿيڻ ۽ ذاتي نقصان کائڻ جو ٺيڪو صرف تو ئي کنيو آھي؟!”
دلبر وراڻيو هو:
”غلط کي غلط ۽ درست کي درست چوڻ علمي فرض آھي“
ملوڪ کلي پيو هو. چيائين:
”ڪيترا فرض آھن، جيڪي اسان وٽ پورا ٿي رهيا آھن؟!“
دلبر به کلي پيو هو، وراڻيائين:
”ڀينگ ٿي پيئي آھي، بس ماٺ ڀلي آھي!“
خيالن ۾ شديد تفاوت هوندي به هُو ٻئي ڄڻ ھڪٻئي سان متفق هئا! اختلاف رائي باوجود هڪٻئي لاءِ وٽن هجت ۽ احترام هوندا هئا. سنجيده بحثن مباحثن جي ممڙين، ڪڏھن به سندن روسامن جي ٻارڙن کي ٻک ڪون وڌا. اهوئي سبب آھي جو هُو هڪٻئي سان اسهمت هوندي به سهمت هئا! رٺل هوندي به پرتل هئا! گڏ هوندي به ڌار ۽ ڌار هوندي به گڏگڏ ھئا. ستارن جهڙي سنگت ۽ درياءُ جيڏي دوستيءَ کين ساڻ ساڻ سلهاڙي رکيو هو.
ڪڏھن ڪڏھن ته سندن گفتگو جي انداز مان ايئن لڳندو هو، ڄڻ هُو ٻئي اختلافي موضوعن تي به متفق هوندا هئا، فرق رڳو اهو هو جو، ملوڪ هڪ دوست جي حيثيت ۾ دلبر طرفاندنياداري اپنائڻ جو آرزومند هو!
”هُن ڪهاڻيڪار همراه پنهنجي چاچا کي ٿر جو ايڌي قرار ڏيارڻ لئه وري ورسي تقريب رکي آھي، جنهن ۾ مٿس مقالا ۽ لکندڙن کي ايوارڊ به ڏنا ويندا. جڏھن ته چاچل مرحوم ته ڪالهوڻي ڪالهه پاڻ به ڏٺو هو، سندس 'ٰڪارنامن' کان ته سڀ واقف آھيون!“
ملوڪ ٽوڪيلي مرڪ مُرڪي چيو هو. دلبر وراڻيو:
”اهائي گهوڙا گهوڙا ڪندي، مون کي سال ٿي ويا آھن ته اقرباپروري ۽ مفروضات مڃائڻ لاءِ ٿري تاريخ سان هٿ چُراند ڪري، ايندڙ نئين نسل جي اکين ۾ ڌُوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي. هونئن ته هرهنڌ تاريخ ۾ وڏو ترڪتال ٿيل آھي، پر اهو سڀ ڪجهه ھينئر ايڪويهين صديءَ ۾ عجيب لڳي ٿو!“
”پئسو واقعي پئسو آھي. دماغ سان ان جو استعمال ڪجي ته هُوند گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو! غير ٿري علائقن جي قلمڪارن کي ٿر گهمائي، خدمت چاڪري ڪري، ايوارڊ ڏيئي، مفروضن تي مبني ڪهاڻيون ٻُڌائي، چاچن مامن کي ٿري هيروز قرار ڏيارڻ اڄڪلھ مسئلو ئي ناهي. ڪير ڇا هو؟ ماضيءَ ۾ ڪير ٿو جهاتي پائي؟ ڪو دستاويزي ثُبوت ته کپي ڪون ٿو!”
”پئسو برابر گهڻو ڪجهه آھي، پر سڀ ڪجهه ناهي. اصل خرابي اها آھي جو سمجهڻ وارن چپ سبي ڇڏيا آھن. وقتي خواهشن آدرشن کي لتاڙي ڇڏيو آھي. هرڪو چوي ڪير ڇا هو، ان سان منهنجو ڇا وڃي؟ مونکي ته منهنجو مفاد ڏسڻو آھي. “
”فطرت جو قانون ئي طاقت ۽ مفادن جي مٽيءَ ۾ ڳوهيل آھي. هيڻن جي حقن جي ڪابه ضمانت ڪونهي. ۽ اڄڪلھ طاقت جو سرچشمو پئسو آھي!“
”ڇا پئسن سان هُن جهان ۾ به ماڙيون اڏائي سگهبيون!؟“
”اهڙيون ڪوششون اڳ به ٿيون آھن، هينئر به ٿين پيون. متارو ۽ موليڏنو جڏھن مئٽرڪ ۾ ناپاس ٿيڻ بعد مٺيءَ ۾ اچي رهيا هئا، تڏهن شروع ۾ ٻي ٽي ٽڪ ماني لاءِ اوطاقون ڳوليندا هئا. پوءِ هڪ همراه صحافت ۾ ڦاڙھا مارڻ لڳو. خبرون به ٻين کان لکائيندو هو. پوءِ به رهيل سهيل درستگيون اداري وارا پاڻ ڪندا هئا. موليڏنو هڪ اين جي اوز واري وٽ بورچي ھُوندو هو. هن وقت اهو همراه هڪ اين جي او جو هيڊ آھي. جڏھن ته موليڏنو جديد ٿري صحافت جو باني ليکجي ٿو. ٻنهين پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ايترا هٿ صاف ڪيا آھن، جو چڱو چوکو پئسو ٺاهڻ بعد همراهن ڳوٺ وارين ارينج ميريجن مان نامطئمن ٿي، شهري عورتن سان ٻيون شاديون رچايون آھن“ملوڪ کلي پيو. دلبر اتان ئي ڳالهه جو سنڌو ملايو، جتي ملوڪ ڇڏيو هو.
”۽ جڏھن ٻنهين کي محسوس ٿيو ته اهي شيون مئي کانپوءِ ڪنهن ڪم جون ناهن، ته هنن تاريخ ۾ ٽنگجڻ خاطر گهر جا پئسه ڏيئي، ڊونيشنون ڪرائي، پاڻ سان شامون ملهائڻ جا اهتمام به ڪرايا۽ ذاتي ۽ قلمي واسطا استعمال ڪري پاڻ کي عالي ۽ عظيم به قرار ڏياريوپر وري کين محسوس ٿيو ته هي جهان هٿيڪو ٿيو، پر هُن جهان جو به ڪو بلو ڪرڻ گهرجي، ته ٻئي حج تي به گڏ روانا ٿيا. واپس جو موٽيا آھن ته ٻنهين ۾ بس هڪڙي تبديلي آئي آھي، چهري تي سونهاري، هٿ ۾ تسبيح، ۽ چپن تي نيڪ ڪمن جي تبليغ! باقي ڪو خاص فرق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. !انهي ساڳي رستيجي پنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي همراه آھن!“ملوڪ وري به کلي پيو هو. حيرت مان پڇيائين:
”تون ته اڪثر ڳوٺ ھُوندو آھين، ڀلا توکي اهي خبرون ڪير ٿو ٻُڌائي؟“
دلبر مرڪي ڏانهس ڏٺو هو. وراڻيائين:
”مونکي اها به خبر آھي ته جيڪي ڏات ڌڻي اين جي او ۾، مسڪين ٿرين لاءِ آيل پئسن مان ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري، آڊٽ کان بچڻ خاطر پرڏيھ ويا هئا، اهي آهورن جا هيراڪ اتي پاهُرن تي بيهي ڪون سگهيا. هتي ماحول ٿڌو ڏسي پاڻ سان شام ملهائڻ جو بندوبست ڪيائون. سنڌ جي ناليوارين هستين کي مدعو ڪري، خاص يارن کي سمجهايائون ته اهڙو ماحول ٺاهيو جو پنڊال وارا سڀ اٿي بيهيمطالبوڪن ته اسين واپس اچون. ايئن ئي ٿيو، بس گهر جا ڀوڀا، گهر جا پاوڙيا! چند ماڻھو هزارين پڙھيل لکيل ماڻھن جي اکين ۾ سرمو پارائي، بدترين ڊرامه ڪري رهيا آھن!“
ملوڪ وري وڏو ٽھڪ ڏيئي کلي پيو هو. چيائين:
”لڳي ٿو فرشتا تنهنجن ڪنن ۾ ڦُوڪون ڏيندا آھن“
دلبر مرڪندي وراڻيو”تون منهنجين ڳالهين کي درست به سمجهين ٿو ۽ وري وڙھين به ٿو ته آئون اهي ڳالهيون نه ڪريان!“
ملوڪ سنجيده ٿيندي، پيار مان وراڻيو:
”دلبر ڏس! پاڻ ننڍپڻ کان گڏ گڏ پڙھيا آھيون. آئون تنهنجو خيرخواه آھيان. تو پهرين سياست جي ٻُڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ سرگرميون شروع ڪيون، جڏھن ٻيا سڀ ڇپيا ويٺا هئا. ڪيترا نقصان کاڌئي، پر منهنجي صلاح باوجود اقتداري پارٽيءَ ۾ شموليت نه ڪيئي. شموليت ڪرين ها ته اڄ نه رڳو پاڻ پر عزيزن قريبن لاءِ به نوڪريون وٺيو ويٺو هجين ها. ٺيڪا به ملنئي ها. تو وٽ ذاتي ووٽ بينڪ به هو، ان ڪري پاڻ يا خاندان جي ڪنهن ٻئي لئه بلدياتي چونڊن ۾ پارٽي طرفان سيٽ به ملنئي ها!
ٿر جي سول سوسائٽي ۽ قلمڪارن جي سڀني لابين سان به ڦٽايو ويٺو آھين. انهن جا همراه ٿر جي گهڻن ادارن تي قابض ٿيل آھن. مون جتي جتي به تنهنجي نوڪريءَ لاءِ ڳالهايو آھي، تنهنجو نالو ٻُڌي هرڪو ڇرڪي پيو آھي!
آئون توکي صرف اهو ٿو چوان ته تون پاڻ کي بدلائي ڇڏ. ڦٽايل تعلقات وري سنوارڻ جي ڪوشش ڪر. ڪجهه ماٺ، ڪجهه مصلحت ۽ ڪجهه دنياداري به سک!“
”دنياداريءَ مان مراد جيڪڏھن رات کي ڏينهن ۽ ڪانڊيري کي درخت مڃڻ آھي، ته شايد آئون اهو سبق سکڻ لئه اهل شاگرد نه آھيان!“
پر اڄ ڀٽ جي چوٽيءَ تي دلبر سان مٺيءَ اچڻ جو واعدو ڪري موٽڻ ۽ سندس هدايتن تي خاموش رهي، هن ڄڻ ته سندس مؤقف مڃي ورتو هو. حالتن جي جبر هيٺ، هن جي دل چُپ چاپ واري چادر اوڍي، سامين واري ننڊ سمهي پيئي هئي. ۽ ڊگهي عرصي کان جبري جلاوطن ڪيل سندس دماغ وري موٽي آيو هو، جيڪو هرهر هن کي ايڊوائيز ڪرڻ لئه آتو هو!گهر پهتو هو ته سهيند چانھ جو ڪوپ سندس اڳيان رکندي چيو هئس:
”ڪجهه دير اڳ ريڊيو پاڪستان مٺيءَتي ڪمپيئر ٻُڌايو پئي ته سڀاڻي شام ست کان اٺ وڳي تائين واري پروگرام ۾، تنهنجو انٽرويو نشر ٿيندو، ٻُڌندڙن کي سوال پڇڻ لئه نمبر به نوٽ ڪرايو ويو“
دلبر مرڪي چيس، ”توکي جيڪو پڇڻو آھي، هينئر ئي پڇي وٺ“
هوءَ به مرڪي پيئي هئي. مرڪڻ بعد هوءَ ماگھ جي مهيني ۾، لامن تي لڙڪي سج کان اُس اُڌاري وٺندڙ پکين جهڙي چلولي ٿي پوندي هئي. پڇيائين:
”ڪجهه وقت ريڊيو ڇڏي وري ريڊيو تي ويو هئين. ڪجهه مهينن بعد جنهن اداس نازبوءَ جون تحريرون هلائيندو هئين، ان جي ڪا خبر اٿئي، اڄڪلھ ڪهڙي حال ۾ آھي؟“
سورٺ پهريون ڀيرو هن کان ان قسم جو سوال پڇيو هو. ۽ دلبر کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو دماغ جي صلاح تي هلي، ڳالهه کي گول مول ڪرڻو پئجي ويو هو.
”هوءَ سندم پروگرام جي سڄاڻ ليکڪه ۽ ٻُڌندڙ ھُئي. منهنجو ساڻس بس ايترو ئي تعلق هو. ڪي سال اڳ ريڊيو ڇڏيم ته پوءِ ڪا خبر ڪون رهي ته ڪير ڪٿي آھي!؟“
سهيند شرارتي نگاهن سان دلبر ڏانهن ڏٺو هو. اهڙيون نگاهون جيڪي ڄڻ اهو چئي رهيون هيونته :
”ڏس توکي سڄي عمر سليقي سان ڪوڙ ڳالهائڻ ڪون آيو. هاڻ اهڙي ڪوشش نه ڪر، پڪن گهڙن کي ڪنا ڪون چڙھندا!“
سهيند ته شرارتي نگاهون هن تي اُڇلي، گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ کي لڳي ويئي هئي. پر هُن ڄڻ دلبر جي ڏکندڙ رڳ تي هٿ رکيو هو. کيس ڪي سال اڳ جو زمانو اکين اڳيان تري آيو هو.
مختصر وقت ريڊيو کان دُور رهڻ بعد وري جڏھن ريڊيو تي آيو هو ته هن جي دل اداس نازبوءُ نالي لسنر جي تحرير لئه، وڳ کان وڇڙيل گونئري جيان تڙپ مان تانگهايو هو!اها اداس نازبوءُ، جنهن هڪ رسالي ۾ سندس ريڊيو تي وري واپسيءَ جي مطالبيتي مشتل خط لکيو هو، جنهن جو کيس جواب به ڏيڻو پيو هو. ان خط ئي هن کي وري ريڊيو تي آندو هو. اداس نازبوءُ جي غائبانه تصور جي گولاڙي، تجسُس بنجي سندس سوچ کي ڀاڪر ۾ ڀريو هو. پرڪجهه ھفتا هُن جي ڪابه لکڻي دلبر جي هٿن تائين ڪون پهتي هئي. آسرا پلجڻ جي پيچرن تي پهتا هئا ته هڪ شام ريڊيو خطن واري ٽپال مان، نامعلوم ماڳ کان موڪليل اداس نازبوءُ جي تحرير نڪري آئي هئي. اهو مور جي صدائن ۽ پرينءَ جي ادائن جهڙو خوبصورت خط ھو ۽ ان خط جي لفظ لفظ ۽ جملي جملي کي، دلبر پروگرام ۾ پنهنجي مخصوص انداز جي اُتار چڙها سان، پس منظر ۾ جهيڻي جهيڻي بانسريءَ جو سگنيچر ٽيُون هلائي، صداڪاريءَ جي ڌُن تي رقص ڪرايو هو!”ڊگهو عرصو لنگهيو آھي، هينئڙي مٿان به ڪيئي هر هلي ويا آهن. يادگيرين جا قافلا ، دل ڳوٺ جي گهٽين ۾، الاءِ ڪيترو ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪا آهن. ڪي ڏينهن دادلي ڄمار جا ٻير ڇاڻي لنگهيا آھن. ڪي راتڙيون اڻپورن خوابن سان ڳراٽڙيون پائي، پويان رهجي پيل حسرتن جيٻارڙن کي دلاسن جي کٽمٽڙن تي ڌُتلائي، بس ايئن ئي گذري ويون آھي، جيئن ناري جي رستن تان لاڏائُو قبيلا گذري ويندا آھن. جيئن آسمان تان پرديسي پکي گذري ويندا آھن. ۽ جيئن دل جي گسن تان اويلا درد گذري ويندا آھن.
ياد اٿم گهڻو اڳ ڪنهن سرمئي شام ۾ هڪ پاڙيسرڻ سهيلي جي گهر ويئي هيس. اتي ئي تنهنجو پروگرام ٻُڌو هئم. پروگرام ڇا ٻُڌو هئم، ڄڻ پنهنجو پاڻ کي نئين سر دريافت ڪيو هئم. تنهنجو ساڳي کينچلو انداز، تنهنجون ساڳي دل کي مهٽي وجهندڙ ڳالهيون، ۽ تنهنجي آواز جي ساڳي رمجهم وسڪار!
۽ پوءِ لاڳيتو تنهنجا پروگرام ٻُڌا هئم. انهن ڏينهن ۾ مون اٺون پاس ڪري ڪن مجبورين سبب پڙھائيءَ کي خدا حافظ چيو هو. واندڪائي ۽ بوريت ۾ تنهنجا پروگرام ئي هئا، جن لکڻ جهڙي محبوب وندر ۾ لڳائي جيون ۾ دلچسپي وري آڻي ڏني هئي. انهن ڏينهن ۾ مون جڏو ڦڏو لکڻ شروع ڪيو هو، پر تنهنجي سخت معيار واري ڪاتيءَ ته مرڳو منهنجي دل ئي ڪپي ڇڏي! تو وٽان تحريرون رد ٿيڻ پڄاڻا سوچيو هئم، ڪڏھن به سٺو لکي ڪون سگهنديس. انهن ڏينهن ۾ لکندي هيس ۽ وري ڪنهن چلولي ٻار جيئن پاڻ ئي پاڻ ڊاهي به ڇڏيندي هيس. ان دؤر جون منهنجون لکڻيون ڪنهن پورالي پرينءَ طرفان ساحل جي ريٽ تي پاتل ليڪن جهڙيون هيون. يا وري اهڙيون جهڙيون سيکڙاٽ ڇوڪريءَ جو هلواڻ جي ڪپڙي تي ڀريل هُرمچ ڀرت!!
تون منهنجون موڪليل لکڻيون بيرحميءَ سان رد ڪندو رهين، پر مون اوترو ئي ثابت قدميءَ سان لکڻ جاري رکيو. هڪ اڌ لکڻي تو اصلاح ڪري هلائي به هئي، پر اها منهنجي لڳي ئي ڪون ٿي، بس رڳو نالو منهنجو بچيو هو. مون کي اهڙيون شيون ناهن وڻنديون دلبر، جيڪي رڳو نالي جون منهنجون هجن. آئون وري توکي تحريرون موڪلڻ بدران رڳو لکڻ ۾ سُڌارو آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيس. جذبن جا ڪڪر دل جي ڌرتي مٿان جڏهن به مانڌاڻ مچائيندا هئا ، ته بس ٻن ٽن ڪوسن لڙڪن سان گڏ، ڪي چار چڱا لفظ به ڪاغذ جي چولي تي، کارڪ جهڙو ڀرت ٿي پوندا هئا. ان وقت تنهنجي پروگرام ۾ اداس ڇوڪريءَ جا اداس ڪري وجهندڙ خط نشر ٿيندا هئا، سچ پڇين دلبر ته مونکي به ڏاڍو رُئاريندا هئا، ڇا ته غضب جا خط هئا.
جڏھن پاڻ کي ڪجهه لکڻ جهڙي ڀانئڻ لڳيس، تڏھن توئي ريڊيو ڇڏيو هو. تنهنجو پروگرام مون لاءِ ٻاڙ بڻجي پيو هو. تنهنجا پروگرام بند ٿيا ته ڪيفيت ان ماڻهو جهڙي ٿي پيئي، جيڪو سگريٽ ڇڏڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آھي.
مون پنهنجو پاڻ کي ڌُتلائڻ لاءِ ڪن ٻين ريڊيو چينلن تي به لکيو آھي. ڪن رسالن ۽ ڪن اخبارن لاءِ به قلم سان کيٽا ڪيا اٿم. پر سچ پڇين دلبر ته تنهنجن پروگرامن لاءِ لکندي سدائين ڪنهن اڻڄاتل خوف ۽ خدشن ۾ وروڪيل رهي آھيان، ته الاءِ تنهنجي نظر ۾ ، منهنجو هي ناچيز مواد پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جي لائق هوندو به يا الاءِ نه!؟پر اها پڪ اٿم ته تون ڪڏھن به ناانصافي ۽ ميرٽ جي لتاڙ نه ڪندين. مواد شامل نه ٿيو ته پنهنجو پاڻ کي ڏَڏ سمجهي، وري سٺو لکڻ جي ڪوشش ڪنديس ۽ بس!تون مواد شامل ڪرين نه ڪرين پر تنهنجو پروگرام منهنجي لاءِ سدائين جذباتيڪمزوري جيان رهيو آھي ۽ رهندو! ايئن جيئن ٻارن لاءِ رانديڪا، عاشق نيڻن لاءِ دلبر جو درشن ۽ ڏڪار جي ماريل ماروئڙن لاءِ مندائتي مينهن جي کنوڻين جا کيل!جڏهن به چيٽي چانڊوڪين ۾ ، واهوندي واءُ سان گڏ ڪٿان ريڊيو جو رولاڪ آواز ڪنايو اٿم، سچ پڇين ته ان ويل تنهنجن پروگرامن جي کوٽ اندر اڌ ڪيو آھي. پورالي پرينءَ جهڙن بادلن جڏھن به ٿر تي ڪي چلولايون ڪيون آھن، تڏھن تنهنجي پروگرام مان ڇڻي سماعتن ۾ سانڍجي پيل لفظن جي رنگين جهرڪين، ڪي ساروڻين جا سفر به ڪيا آھن. تون مڃين، مڃين، نه مڃين، زندگي جي هيڪلن رستن تي، ڪن سرمئي سانجهين ۾، ڪن ڀنل آڌين ۾، ڪن سُنهري صُبحن ۾، ۽ ڪن شرميلين شامن ۾، تنهنجو پروگرام ۽ ان ۾ لکندڙ مهربان ساٿين جا نالا اڃان به ڪڏھن ڪڏھن ياد ايندا آھن. اڃان به ساروڻين جي ديس ۾ لفظن ۽ نغمن جي سڳنڌ سان سينگاريل، تنهنجا ڪي پروگرام دل جي سليٽ تي پيچي اکرن ۾ اڄ به لکيل آھن.
اڄ وري ڊگهي عرصي کانپوءِ تنهنجي پروگرام ۾ لکڻ جي جرئت ڪري رهي آھيان. هي لفظن جا ٻالاڀولا پکي تنهنجي پاراُڏاريندي سوچيان ٿي، تون انهن کي الاءِ ڪهڙي موٽ ڏيندين؟! تنهنجي پروگرام جي کيتن منجھ لهڻ جي لائق به آھن يا الاءِ نه؟پر تنهنجي پروگرام جي معيار ۽ نشرياتي گهُرجن تي پورو لهي نه به سگهن، تڏھن به بيرُخين جي تاڙين سان اڏارين متان! ڇوته حساس جذبن جا پُرڪيف پکي ھڪ دفعو، جن وڻن تان اڏري ويندا آھن، انهن لامن تي وري لڏڻ پسند ناهن ڪندا. اهو به مڃيان ٿي ته تون ڪنهنجي به ڊڪٽيشن قبولناهين ڪندو، پر منهنجي ستن سالن جي محنت، منهنجي قلمڪاريءَ کي ڪيترو نکاريو آھي؟اهو سرٽيفڪيٽ تنهنجي پروگرام کان وڌيڪ ٻيو ڪو ٿي نٿو سگهي. منهنجا هي ناچيز لفظ تنهنجي آواز سان همسفر ٿي پيا ته اهو ئي مون لاءِ ڀلو ڀاڳ چئبو.
دلبر! ست سال اڳ، تنهجي پروگرامن ۾، جنهن اداس نازبوءِ نالي ماڻھوءَ جون تحريرون، تون بيدرديءَ سان رد ڪندو هئين، آئون اها ئي ويراڳڻ، اڄ وري تنهنجي پروگرام ۾، پذيرائيءَ جي پنجڪڻيءَ لاءِ جهول جهلي، بيک گهُري رهي آھيان. ڪانگن جي ڪانءِ ڪانءِ ، هڏڪين جي هلچل ۽ گره ڪرڻ جي گواهي، جيڪڏھن اڄوڪي دنيا ۾ سچي نه به رهي آھي، تڏھن به ساروڻين جي سنسارمنجھ، ڪن هڏڪين ۾ حصوپتي اسانجي به آھي. “
تحرير جي لفظ ۾ ڪو سوز هو، جيڪو کٽو هوندي به مٺو لڳي رهيو هو. جملو جملو درد هو، جيڪو دل ۾ ٿڌڙا ڪڍي رهيو هو