باب ٻارهون
ان نوعيت جا ئي خيال هئا، جن کيس سول سوسائٽيءَ کان باغي بڻايو هو. ان ئي طبقي سان کيس نفرت ٿيڻ لڳي هئي، جنهن طبقي ۾ وڏيمشڪل سان هن پاڻ پير کُپايا هئا ۽ ملڪيت ٺاهي هئي!
هن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ ڇڏي ڏنو. هڪ ڀيري ڪنهن هجتي دوست کيس زوري پاڻ سان رچايل رهاڻ ۾ آندو هو ته هن اڳي جيان آسماني خوبيون ساڻس سلهاڙڻ بدران رڳو شام ملهائجڻ جون مبارڪون ڏنيون هيون ۽ پوءِ چيو:
”اسان کي ناهي ضرورت وڏن ڏاهن جي، اسان کي ناهي ضرورت سٺن قلمڪارن جي، اسان کي ناهي ضرورت ذھين سياستڪارن جي، اسانکي ناهي ضرورت چالاڪ ڪامورن جي، اسان کي ناهي ضرورت سٺن سماج سڌارڪن جي، پر اسان کي ضرورت آھي سٺن انسانن جي! پوءِ اهو عالم، اديب، سياستڪار، ڪامورو يا ڪو ٻيو هجي!
سچ ته اسان کي انسانيت سکڻ جي ضرورت جيتري هينئر آھي، اڳي تاريخ جي ڪنهن به دؤر ۾ نه رهي آھي!!“
سندس لانگوٽين يارن مان گهڻن کي تعجب جي تار جو ڪرنٽ لڳو هو. سندس هڪڙو دوست ٽوڪ مان ڀُڻڪيو هو:
”ٻلي ست ڪوئا کائي، هاڻ حج سنبري آھي!“
تقرير ختم ڪري جلدي هليو ويو هو. سندس ساٿين ۾ مختلف ڪمينٽس جا ڪُتا ڪُٽجڻ لڳا هئا:
”دلبر نفسياتي مريض ٿي پيو آھي“
”سندس ڪو گهريلو مسئلو آھي“
”مرڻ جو ڊپ ٿيو آھي، روحانيت ڏانهن موٽڻ وارا پار اٿس“
”نه ڙي نه! ايترا مال کاڌا اٿس جو مري ويندو، مادي لالچ ڪون ڏيندو“
”نه نه اين جي اوز جي ڪنهن حُور پريءَ کي سچ پچ دل ڏيئي ويٺو آھي. هاڻ پُراڻُو ڀاڻ دُونهن پيو ڪري“
”نه نه اهڙو چريو ڪونهي جو عشق جو خفو کڻي، ھاڻ ته سئوسيڪڙو ”شھري“ ٿي پيو آھي، ڪم ڪڍي ڇڏي ڏيندو“
”پر ٿي سگهي تو اڳيون ڀوڪ پڻو وري منجهس جاڳي پيو هجي!“
بس هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي رايي جي رٻ رڌي هئي!
دلبر گهر جي اي سي ڪمري ۾ بيڊ تي ليٽيل هو. هن جي دل ۽ دماغ وچان سانُ پاڏن جهڙي ويڙھ هلي رهي هئي. جنهن ۾ وڏي عرصي کانپوءِ دل کي سوڀ ۽ سرسي ملي هئي.
دلبر سوچيو:
”توبهن مدي خارج نه بڻبي آھي. معافي جا دروازا سئنيمائن وانگر حال ڀرجڻ تي بند نه ٿيندا آھن. ۽ سُڌرڻ جي سفر کي سدائينلاءِ بريڪ لڳڻ به ضروري ناهي. انساني ارتقا جو قانون به سدائين جي جمود کي نٿو مڃي. آئون به غلط ڪاريون ڇڏي ماضيءَ واري زندگيءَ ڏانهن موٽ کائي سگهان ٿو!“
دلبر پاسو ورائي وري سوچيو:
”جيڪي گناه ڪيم انهن جو ڇا ٿيندو؟“
دماغ ڀڻڪيو:
”حج ڪري وٺ گناه ڌوپي ويندا. خيراتون ڪر ۽ نماز پڙھ“
دل چيو:
”روزا نمازون اي پڻ چڱو ڪم! پر جن پئسن سان حج ڪندين، تنهنجي حق حلال جي ڪمائي آھي؟! هتي به ٺڳي نٿو ڇڏين! ڄڻ اين جي اوز جي باس کي پيو ڀورائين! تو ڪيترن مسڪين ماڻھن جي جيون ۾ بهتري آڻڻ لاءِ آيل ناڻو ڦٻايو آھي؟ انهن پئسن سان هتي عيش ڪيئي، هاڻ ھُن جهان جون آرائشون خريدڻ چاهين ٿو؟ فيصلو جسٽس مشتاق وٽ ته ناهي، جو اثررسوخ، رقم يا وري چاپلوسي ۽ هٿ ٻڌڻ سان راضي ٿي، تنهنجي مرضيءَ موجب انصاف ڪندو!؟پر اصل حساب ڪتاب ته ان عظيم منصف وٽ آهي، جنهن جو حقيقي تصور ڪرڻ ته حواسن جي به وس ۾ به ناهي!“
دلبر جي اکين مان ڳوڙھا وهڻ لڳا. کيس ڳوٺ ڇڏي مٺي اچڻ ۽ ان بعد ڊگهي عرصي تائين دل کي بيهوشيءَ جي انجيڪشن هڻڻ واري فيصلي تي شديد پشيماني محسوس ٿيڻ لڳي. هن سوچيو:
”توبهن ۽ سُڌرڻ جا در بند نه ٿيندا آھن، بشرطيڪ سڀ ڪجهه دل سان ڪجي!“
هن دماغ جا چپ سبي ڇڏيا ۽ دل سان رجوع ڪيو:
”نيٺ ڇا ڪجي؟“
”سڀ کان اڳ توکي پنهنجي ملڪيت مان جان ڇڏائڻي پوندي، جنهن اي سي ڪمري ۾ ويٺو آھين، اهو وري ڪهڙو تنهنجو حق حلال جي روزيءَ جو آھي؟“
دلبر پڇيو:
”ڳوٺان هتي اچڻ بعد ٺاهيل ملڪيت غريبن ۾ ورهايان ته؟“
”تون ڇا ورهائيندين؟ تنهنجي ته هئي ڪون. هئي ئي مسڪينن جي؟ پرائي شيءُ تي به پنهنجي لئي نٿو ڇڏئين؟“
دلبر بيوسيءَ مان پڇيو:
”پوءِ ڇا ڪجي؟!“
”سموري ملڪيت کپائي، ڪنهن قابل اعتبار خيراتي اداري کي ڊونيٽ ڪر. ۽ تون ڳوٺ ۾ موروثي زمين سنڀال يا وري اها کپائي پئسن مان روزي روٽيءَ خاطر ڪو ڪاروبار ڪر“
”سهيند کي فرج کان سواءِ پاڻي ناهي وڻندو. ٻار گاڏي بنا اسڪول نه ويندا آھن. گهر جو ڪم ڪار نوڪرن بنا ناهي نبرندو! نئون لائيف اسٽائل اپنائڻ بنھہ مشڪل هوندو؟“
”باقي عبادتون ۽ واعظ ڪرڻ سولو آھي؟! لکڻ ۽ تقريرون ڪرڻ تي به آيو ٿو پُڄين!“
”هونئن ڪريان به سهي ته پوءِ ؟“
”بس ناجائز ملڪيت جو نانگ ڪنڌ مان ڪڍڻ بعد حق حلال جي ڪمائيءَ مان جيڪو چڱو ڪم ڪري سگهين، ڪر. جن ماڻھن کي تنهنجي ڪري تڪليف پهتي، انهن کاب به ڀلين بخشارائي. رب سائين بخشڻهار آھي!“
دلبر جي اکين اڳيان صابوءَ سميت انيڪ مهانڊا اڀرڻ لڳا، جن کي هن طرفان تڪليف پهتي هئي.
دلبر رازداريءَ مان دل کي چيو:
”ڪن عورتن کي مون برابر بليڪ ميل ڪيو هو پر ڪن عورتن ته مونسان راضي خوشي تعلقات رکيا هئا“
”ان ۾ به تنهنجي باس واري دٻدٻي ۽ اثرانگيزيءَ جو پهلو شامل هو!“
دلبر سوچ جي لهرن تي گوتا کائڻ لڳو. هن سوچيو:
”مون ڪيترن ئي ماتحتن کي اجايو تنگ ڪيو هو. پراڊو ۾ چڙھڻ بعد ڪيترن ئي ڄاڻُو سُڃاڻو مسڪين ماڻھن سان بيرُخي ۽ حقارت وارو رؤيو رکيو هو. مفلسي ۽ لاچاريءَ جي برپٽ ۾ قسمت طرفان تنها ڇڏيل عزيزن، قريبن ۽ دوستن جي، مونسان منسوب ڪيل معصوم اميدن جو گلو گهٽي دل ڏکائي هئي!“
هن بيچينيءَ مان پاسو ڦيريو.
”مون لفظن جي ڪاريگريءَ سان ڪيترا ڏٽا هنيا؟ زيروز کي هيرو ۽ لابين کان ٻاهر بيٺل مستحقن جو ڪردار مارڻ لاءِ ڇاڇا نه ڪيو؟ سازشي سنگت ۾، مون جيڪو ڪجهه ڪيو، ان جي اثرن کي ڏسجي ته بخشجڻ جي گهٽي ئي ڪونهين!“
دل ڀڻڪو ڪيو:
”او هاڻ لائين تي آھين!!“
دلبر سوچيو:
”مون ڪيترن جي ڪارڊ ڪاپين تي امدادون ڦٻايون. تپيدارن سان ملي ننڍن کاتيدارن جي نقلن تي سرڪاري ٽريڪٽر ڪڍائي ڪمپنين کي وڪرو ڪيا. صحت ۽ تعليم وغيره جي سلسلي ۾ آيل فنڊن تي ٻُھارو ڏنو؟ مون عشرزڪوات جي اختيارڌڻين کان واسطن ۾ ڪيترن ڪوڙن چيڪن تي صحيحون ڪرايون؟ مون ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کان غريبن جي گهرن ۽ ڪميونٽي هالن لاءِ آيل اسڪيمون وٺي، ذاتي گهر ۽ اوطاقون ٺھرايون. مون ذاتي اثرورسوخ سان نااهل اميدوارن کي نوڪريون وٺي ڏنيون، جن غريبن جي اهل اولاد جي جاءِ روڪي، کين بک ۽ بدحاليءَ جي باه ۾ ساڙي ڇڏيو!
مون هڪ غريب رشتيدار جي پٽ کي اين جي اوز ۾ مليل نوڪري رڳو ان تعصب سبب ڦُرائي هئي جو، اهو خوف هئم ته متان مائٽ مون جيان خوشحال بڻجي نه پوي! مون هڪ بي سفارشي ڪمپيئر کي ريڊيو تان رڳو ان ڪري ڪڍايو هو، جو سندس ڏات مان خطرو هئم ته متان سڀاڻي پنهنجن پيرن تي بيهي، منهنجي ادبي شهرت جي ڪلهي ۾ ڪلهو نه ملائي! مون ڪيترن ئي غريب اميدوارن کي سازشي سنگت سان ملي، رڳو ان ڪري ناپاس ڪرائي ڇڏيو، جو انهن جيمنصف مزاجي اسان جي مزاج سان اڻٺھڪندڙ ھُئي!
سوچيندڙ، ٻولڙيا ۽ اسان واري ذھنيت کان باغي اهل نوجوان، اسان کي نه وڻندا هئا. ٿري ادارن تي قابض اسان واري ”مافيا“ سندن ترقيءَ جي رستا روڪ ڪري، کين هوٽلن جا بيرا يا فيڪٽرين جا مزدور ٺاهي ڇڏيو! مون ڇاڇا نه ڪيو؟ مون ففٽي ففٽيءَ تي ٺڳ ٺيڪيدارن کي ٺيڪا وٺي ڏنا، جن غريبن جي پگهر تي لڳل ٽئڪس جو پئسو ساڙي ڇڏيو؟“
دلبر جي سوچن ۾ سندس ڪميڻي ڪردار جي ڪنڊن جي ڊگهي ٽاري اٽڪي پيئي! بدن ۾ رڦڻي ٿيڻ لڳس. هن سوچي سمجهي مڪروه ماضيءَ تان ڌيان هٽائي ڇڏيو ۽ چپن ۾ چيو:
”رب بخشيندو-برابر بخشڻھار آھي!“
هن سهيند کي سڏي پاڻ سان گڏ وهاريو ۽ چيو:
”سهيند مون مائٽاڻي زمين کانسواءُ سموري ملڪيت وڪڻي، رقم ايڌي وارن کي ڏيئي، ڳوٺ هلي غريباڻي زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آھي“
هن ڄڻ پاڻ کي ري اسٽور ڪرڻ جي ٿڪل ڪوشش ڪندي سوچيو.
سهيند وراڻيو:
“مون اڳي ڪڏھن توسان اختلاف ڪيو آھي؟!“
”نه……! پر اتي نه فرج هوندو، نه چڙھڻ لاءِ گاڏي هوندي. ۽ نه وري ڪم ڪار لاءِ نوڪر چاڪر؟! ٿي سگهي ٿو سادو کائڻو ۽ پائڻو پوي؟“
”پوءِ ڇا ٿي پيو؟ سادگيءَ ۾ ئي زندگيءَ جو حسن آھي“
اوچتو دلبر جي چپ سبيل دماغ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. لفظ اچاري نه سگهيو، پر اشارن سان مقصد اظھارجي پيو:
”ٻارن جي تعليم جو ڇا ٿيندو؟“
دل وڏي واڪ چيو:
” غريبن جا ٻار پڙھي نه سگهندا آھن ڇا؟ علامہ دائود پوٽو ڪهڙي تونگر جو پٽ ھو؟!“
دلبر سهيند سان مخاطب ٿي چيو:
”تون مايوس نه ٿي. ڪوئلي سبب ڳوٺ جي زمينن جا اگهہ چوٽ چڙھي ويا آھن. سٺو ريٽ مليو ته وڪڻي، اسلام ڪوٽ يا ڪنهن ٻي شھر ۾ هلي سيٽل ٿينداسين. ڪو موچارو ڪاروبار کولي حق حلال جي روزيءَ لاءِ ھٿ پير هڻبا!“
سورٺ وراڻيو:
”آئون مايوس نه پر خوشي گاڏڙ حيرت ۾ وچڙي پيئي آھيان. تون ڳوٺ ڇڏي شھر اچڻ بعد اڳوڻو دلبر نه رهيو هئين. عيدن تي جانور قربان ڪرڻ لڳو هئين، پر پاڻ قربان ٿيڻ جو جذبو، تو مان وڃائجي ويو هو! روزا به رکندو هُئين، ٻين کي به کولائيندو هئين، پر بک جو حقيقي ادراڪ توکي ٿي نه سگهندو هو. اعتڪاف ۾ به وهندو هئين، جسماني پاڪائي به رکندو هئين، پر توکان اندر اُجارڻ جي وِڄا وسري ويئي هئي! ثواب حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾، خيراتون ڪري غريب به کارائيندو هئين، پر تو وٽان مسڪينن جي مسئلن کي پروڙڻ جو حس هليو ويو هو! اڇي ٽوپي پائي ڪڏھن ڪڏھن تسبيح به سوريندو هُئين، پر تومان تن تسبيح ۽ من مڻيون ڪرڻ واري ڪرامت هلي ويئي هئي. مون کي هر شيءُ وٺي ڏنئي، پر جيڪي غير ملاوتي رؤين ۾ پوئل پنهنجائپ ۽ پيار هوندا آھن، سي تو مان اڏامي ويا هئا. تون انسان هوندي به مشين لڳندو هُئين. ڪڏھن ڪڏھن ته مونکي توتي جانور ٿي وڃڻ جو گمان به ٿيندو هو! تو ۾ ڪو ازدواجي زندگيءَ جو چارم به باقي نه رهيو هو، پر مون ٿري عورت جيان چپ سبيا هئا. توسان ڪڏھن ڪا شڪايت ڪون ڪئي!
دلبر سوچيو:
”جنهن عورت کي آئون ڪنهن وقت ۾ اڻپڙھيل ۽ جاهل سمجهندو هئس، ان کي منهنجن خريد ڪيل ڪتابن ۽ گهريلو ماحول ۾ رهڻ باوجود زندگيءَ ڪيترو ڪجهه سيکاريو آھي؟! جڏھن ته مون واري سنگت مون کي ٻھروپ، دوکا، گلا غيبت، سازشون، بيقدريون، احسان فراموشيون، ناشائستگيون، غير سنجيدگيون، بيوفايون، ڪوڙ، ٺڳيون، ، ويساه گهاتيون، واعده خلافيون، ڇنڊون ڦُوڪون، بدديانتيون، بدسلوڪيون، رهزنيون، مُنڪرايون، مڪربازيون، ناحقيون، لالچون، ٽرڙايون، رشوت خوريون، ناانصافيون، شبده بازيون ۽ ملڪيت ميڙڻ توڻي معتبر ٿيڻ جي ديسي طريقنکانسواءِ ڇا سيکاريو آھي؟! منهنجي لائبريري به منهنجو استاد بڻجي ڪون سگهي، ڇوته آئون پڙھيس ته سهي، پر سُهيند جيان قلوب سان ڪون ڪڙھيس! مونکي ته ڳوٺان فڪر ڦرهيءَ تي پڙھيل، قول ۽ عمل وارو بنيادي سبق به وسري ويو هو. آئون شايد موڳو مٽر شاگرد هئس!“
دلبر زمين کانسواءِ سموري ملڪيت کپائي، هڪ ڀروسي جوڳي خيراتي اداري کي ڏيئي ڇڏي. ان عمل جي ڪنهن کي به کُڙڪ پئجي نه سگهي. ڳوٺ واري زمين وڪڻي اسلام ڪوٽ ۾ پلاٽ وٺي، سادگيءَ سان رهڻ لڳو. پهريان کيس اسٽامپ وينڊري ڪرڻ جو خيال آيو، پر دل چيس:
”بدماشيءَ وارن ڏينهن ۾ ڪمايل نالي ۽ ناموس جي اثر سبب جيڪي ڪلائنٽ ايندا، اها حقي روزي نه هوندي!“
دلبر منجهي پيو. هن ڪي پيسا بينڪ ۾ رکيا. پنهنجي نگرانيءَ ۾، ڀائٽي کي ريزڪي دڪان کولي ڏنائين. ٻن ڀاڻيجن کي ڀائيواريءَ تي، ڪرائي جون ڪارون ۽ هڪ پاڙيسري ڇوڪري کي رڪشو وٺي ڏنائين. هن هڪ پرائيويٽ اسڪول به کوليو، جتي غريبن جي ٻارن کي مناسب في سان معياري تعليم ملنديهئي. پاڻ به اتي هفتي ۾ ٻه ڏينهن ليڪچر ڏيڻ ويندو هو. هاڻ سندس ليڪچرن جا لفظ هوائي نه هوندا هئا، پر انهن ۾ عمل جي آميزش ۽ دل جي ترجماني هوندي هئي!