ناول

ري اسٽور ٿيل ماڻهپو

هي ڪتاب ناشاد رحم علي جو لکيل ٻيو ناول آهي. علي آڪاش لکي ٿو:
”هن ناول جي ٻولي تشبيهن ۽ استعارن جي تازگيءَ سان ٽمٽار تخليقي ٻولي آهي، جيڪا پڙهندڙ تي وڻندڙ تاثر قائم ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ ڪردار نگاري، مڪالمي، ماحول جي عڪاسي، احساسن ۽ لقائن جي جزئيات جو بيان ۽ ڪهاڻيءَ جي مرحليوار تعمير اهڙا عنصر آهن، جيڪي پڙهندڙ تي پنهنجي جڪڙ برقرار رکن ٿا. مجموعي طرح هيءُ ناول سچاين جي پاسداريءَ جو پيغام ڏئي ٿو ۽ اُهو سماجي سطح تي، بدعنوانيءَ، فردن وچ ۾ عدم سهڪار ۽ مفادن تي ڪُلي طرح ڀاڙيندڙ سماجي بين العمل جهڙن اوگڻن ڪارڻ ڀور جهور جي ور چڙهي ڪمزور ٿيندڙ سنڌ ۾ ڪن آدرشي ۽ مثالي ڪردارن کي تخليقڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙا ڪردار جيڪي اصولن ۽ قدرن سان سلهاڙجي جيئن ٿا.“
Title Cover of book ري اسٽور ٿيل ماڻهپو

باب ٽيون

واهوندي واءُ ۾ ننڊاکڙو ٿي پيل ڳوٺ جي ڪنهن اڱڻ تي سورٺ کٽ تي ستل هئي. هن جي اکين مان ڪڏھوڪو ڏيس وٽو ڏنل سپنا، اڄ وري سلھ جي مريض جيان آسپاس کنگهڻ لڳا هئا. ٿوري دير اڳ هن ريڊيو جو بٽڻ آف ڪري، ڪوري دلي مان ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيتو هو ۽ چنڊ تي اداس نهار وجهي اچي سُتي هئي. اڄ وري هن کي دلبر جي ياد آئي هئي. دلبر جنهن، هن جي دل-دفيني مان احساسن ۽ جذبن جا اهي موتي ميڙيا هئا، جن جو پتو نه هن پاڻ کي هو ۽ نه ئي ڪو ٻيو هٿ انهن کي ڦُلوري سگهيو هو!
دلبر ريڊيو جو ڪمپيئر هو ۽ ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تي هڪ هفتيوار پروگرام جي ميزباني ڪندو هو. جن ڏينهن ۾ سورٺ جي پيءُ سلطان لوڪ جي مهڻن ۽ ويجهو هاءِ اسڪول نه هجڻ جي سببن ڪري سورٺ کي تعليم ڇڏائي گهر ۾ ويهاريو هو، انهن ئي ڏينهن۾ سورٺ انگل ڪري پڻس کان ريڊيو وٺرايو هو.
ڳوٺ ۾ بجلي نه هئي. ريڊيو ئي وندر ورونهن جو اڪيلو ذريعو هوندو هو. تڏھن ايف ايم مٺي نئون نئون شروع ٿيو هو ۽ تڏھن ئي هن دلبر جو پروگرام ٻُڌو هو. پروگرام جي هر لفظ هن جي هانءُ ۾ ڪتڪايون ڪيون هيون ۽ هر جملي سندس دل جي آمڻ ٻير کي جنجهُوڙي جذبن جا ٻير ڇاڻيا هئا، جن کي سندس محسُوسات جو ٻالاڀولو ٻارڙو، ميڙيندو ئي رهجي ويو هو!
هوءَ سڄو هفتو محظوظات جي مينهن ۾ ڀِڄندي ئي رهي هئي. ۽ پوءِ اهو پروگرام هن لاءِ ٻاڙ بڻجي پيو هو. پروگرام ختم ٿيڻ بعد هوءَ ڀرت ڀرڻ وارين ٽڪن يا مڻين مان ست عدد ڳڻي چونئري جي جالي تي رکي ڇڏيندي هئي ۽ صبح سويل اُٿي هڪڙو داڻو ڪڍي واپس برڻيءَ ۾ رکندي هئي. هر داڻو ڪڍڻ وقت کيس دلبر جي ويجهڙائيءَ جو البيلو احساس اک ڀڃندو هو، ايئن جيئن ڍاٽڪي پوشاڪ پاتل مخمور ڇوڪري، شاديءَ جي مقرر تاريخن جي ڏوري مان ڳنڍين جا آخري وراڪا کلڻ ويل محسوس ڪندي آھي!
سورٺ به ان پروگرام ۾شامل ٿيڻ چاهيو هو. هر ڀيري لکڻ وقت هن جي هٿن ۾ رڦڻي ٿي هئي، پر نيٺ ھن ڪجهه لکيو هو. لکي وري لکيل پنو ڦاڙيو هو ۽ وري ٻيو پنو ڀريو هو. لکيو ڇا هو؟ بس هن جا لُئارن ڇيلڙن جهڙا بيترتيب احساس هئا، جن کي هن قلم جي چهبڪ سان هڪلڻ ۽ ڇانگ ٺاهڻ چاهيو هو. ڌڻيءَ جي اک کي عيب نظر نه ايندا آھن، ايئن هن کي به پنهنجا لفظ سٺا لڳا هئا. ڀاڻس سارنگ هٿان لفافا گهرايا هئائين. اداس نازبوءُ جي فرضي نالي سان مواد لکي لفافي ۾ ويڙھي، پوسٽ جي دٻي ۾ وجهڻ لاءِ سارنگ کي ڏنو هئائين. پر هن جا سمورا سپنا، گهوڙن جي سُنبن هيٺان اچي ويل واريءَ گهرڙن جيان تڏھن ڀڄي ڀُري پيا هئا، جڏھن دلبر پروگرام ۾ اهو چيو هو:
”محترمه توهانجو موڪليل مواد پروگرام جي معيار ۽ مزاج تي پورو لهي نه سگهيو. سٺا ڪتاب پڙھو ۽ لکڻ جي مشق جاري رکو“
سلطان رسالا ۽ اخبارون اڳي ئي آڻيندو هو پر هاڻ سورٺ ھن کي ڪتاب آڻڻ لاءِ چيو هو ته هن طوطو مينا جهڙا عام دستياب ٻاراڻي پسند وارا ڪتاب کيس آڻي ڏنا هئا پر سورٺ اهي واپس موٽائي ڏنا هئس. اخبارن رسالن ۾ تبصري هيٺ آيل ڪن ڪتابن جا نالا لکي پڻس کي ڏيندي چيائين:
”بابا هي ڪتاب وٺي اچجان“
”هاڻوڪو مٺيءَ ويندس ته وڏن دڪانن تان پڇا ڪري ضرور وٺيو ايندس“
ڪتاب به آيا هئا، هن پڙھيا به هئا. هن لکيو به هو، پر جذبن جي جيتري اٿل پُٿل سان هن مواد موڪليو هو، اوتري ئي بيدرديءَ سان دلبر وٽان اهو رد ٿيندو رهيو هو. هن دلبر وٽ پاڻ کي نظرانداز ٿي ويل وجود محسوس ڪيو هو.
هاڻوڪي ڀيري هن پروگرام لاءِ لکيل مواد سان گڏ، دلبر کي مواد شامل نه ڪرڻ جي ڏوراپن تي مشتمل جذباتي خط به لکيو هو. ٻئي هفتي سندس تحرير شامل ته ٿي هئي پر ان ۾ دلبر ايتري ته اصلاح ڪئي هئي، جو اها لکڻي سورٺ به مشڪل سان سڃاتي هئي. اها لکڻي ريڪارڊ ڪري هن وري وري ڌيان سان ٻُڌي هئي. هرهڪ جملي جي جُڙاءُ ۾ هوءَ ڄڻ ته پوئجي پيئي هئي. لفظن جي لهرن تي لڏي، هن الاءِ ڪيترا دفعا تخيل جي تيراڪي ڪئي هئي. سوچن جي سمونڊ ۾ ٽُٻيون هڻي، هن الاءِ ته ڪيترا مفهوم جا موتي ميڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن پنهنجي موڪليل تحرير کي، دلبر جي اصلاح ڪيل تحرير سان وري وري ڀيٽيو هو. تضادن ۽ باريڪين جي تفاوتن تي سنجيدگيءَ سان سوچيو هئائين. تڏھن کيس محسوس ٿيو هو ته دلبر هن جون لکڻيون ڇو رد ڪندو رهيو هو؟ ان ڏينهن هن ڄڻ پاڻ سان واعدو ڪيو هو ته هوءَ ھاڻ اهڙيون لکڻيون لکندي، جنهن ۾ دلبر جي اصلاح جي گنجائش ڪون هوندي. اها سوچ به ڄڻ دلبر سان سندس بيعنوان انسيت مان اُڀرندڙ هجتي انا جو بيساخته ردعمل هئي!
خيالن جي بن ۾ ڀٽڪندي، قلم جي تاڙين سان لفظن جا ڪيئي مور اُڏائيندي، ڪافي ڏينهن لنگهيا هئا. پر هن ڪابه تحرير ريڊيو ڏانهن ڪون اُڏاري هئي! پوءِ به هن جو روح سدائين ريڊيو اسٽيشن ۽ دلبر جي اڻڏٺل وجود لاءِ واجهائيندو رهيو-تاگهائيندو رهيو.
”دلبر ڪيئن هوندو؟ ڪهڙو هوندو؟ جتان پروگرام ڪندو آھي، اهو هنڌ ڪهڙو هوندو؟ سندس آسپاس ڇاڇا هوندو؟ “
هوءَ پنهنجي ساءِ سوچيندي هئي ۽ تجسُس جي ٿوهرن ۾ وچڙندي هئي.
هڪ ڀيري سندس والد سلطان جڏھن بيمار ماڻسُ سڀاڳيءَ کي علاج لاءِ مٺيءَ سنبرايو هو، ته هن به گڏ ھلڻ لاءِ ضد ڪيو هو. ماڻس ڀڻڪي هئي:
”ڇوري جواڻ جماڻ ڌيءَ ڪيڏانهن ٿي هلين؟“
پر پڻس کيس گڏ وٺي هليو هو. مٺيءَ جي رستن تي هن جون نهارون ٽوليءَ مان ٽاريل ٽھاڙ وڇيرن جيان بيچين بڻجي پيونهيون. هن دلبر جي خيالي تصوير سان ملندڙ جلندڙ مُهانڊن جي ڳولا ۾، آسپاس پاڇولن جي مٽي ڇاڻي هئي. پر ڪٿي به دلبر جو درشن نصيب ڪون ٿيئس يا هوءَ کيس سُڃاڻي ڪون سگهي هئي؟!ڪجهه به هو، هوءَ مطئمن هئي ته هن ان شهر کي ڏٺو هو، جتان هن جو محبوب پروگرام نشر ٿيندو هو. هوءَ به اتي آئي هئي، جتي دلبر جي موجودگيءَ جو احساس، هن سان لاڳيتو اکيون ڀڃي رهيو هو.
ڊاڪٽر سندس ماءُ کي تپاسيندي، ٻه ٽي ڀيرا هن ڏانهن اک ٽيٽ انداز سان ڏٺو هو. ڊاڪٽر واپس آفيس ڏانهن ويندي به هن کي، شڪار جي تاڙ ۾ ويٺل جهنگلي ٻلي جيان چتائي ڏٺو هو. زندگيءَ جا اڪيچار گهٽ گهيڙ ڏسندڙ سڀاڳيءَ سورٺ جي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو هو:
”ڌيئم! پاڻ کي ڍڪي ويھ، ڊاڪڊر لوفر ماڻھو لڳي ٿو. “
”نه امان ڊاڪٽر ته گهڻا پڙھيل ۽ سٺا انسان هوندا آھن“
”ڌوڙ جا سٺا! سڀ مرد سهڻين عورتن اڳيان بُکيا ڪتا ٿي پوندا آھن“
ڊاڪٽر وري موٽي آيو هو. پر هن ڀيري سورٺ نه رڳو چُنيءَ سان پاڻ کي ڍڪيو هو، پر سندس نظرون به جهڪيل هيون. ھر ڀيري ڊاڪٽر طرفان غير ضروري طور سورٺ ڏانهن اڇلايل ڳالهين جي ڏڙن کي سڀاڳيءَ جهٽي ورتو هو.
شام 4 وڳي جڏھن سورٺ جي ڊرپ لٿي هئي ته ڊاڪٽر ڪمري ۾ ڪرسي رکائي اچي ويٺو هو. سلطان به دوائون وٺي موٽي آيو هو. ڊاڪٽر چيس:
”اوهان کي ٻه ڏينهن ترسڻو پوندو، اڃان چار سيون لڳنديون“
سڀاڳيءَ سلطان کان اڳ ڳالهايو هو:
”سيون لکي ڏيو. ڳوٺ ۾ ڪمپائونڊر آھي لڳرائي وٺنداسين. ترسڻ ڏُکيو آھي، پويان ڪم ڪار آھن“
ڊاڪٽر سوچ ۾ پئجي ويو هو. هن دوائن جي پرچي لکي سلطان کي ڏيندي چيو هو:
”سامهين واري اسٽور تي ملنديون، ستن ڏينهن بعد اچجو“
سلطان ڪنڌ ڌُوڻيو. ڊاڪٽر کي وري ڪجهه ياد آيو، چيائين:
“ليبارٽريءَ واري کي بل ڏنو؟“
سلطان وري ڪنڌ ڌُوڻيو.
ڊاڪٽر پنهنجو بل گهريو، تڏھن سلطان چيس:
”سائين غريب ماڻھُو آھيون. پئسه کٽي پيا آھن، اڌ بل وٺو، بقيہ ستين ڏينهن ايندس، تڏھن وٺجو!“
ڊاڪٽر مُٺيماري ”ٺيڪ” چئي سوچ ۾ پئجي ويو هو. نيٺ ڳالهاڻو:
”سورٺ ڪيترو پڙھيل آھي؟“
”اٺ درجا پڙھي. ويجهو هاءِ اسڪول نه هو، اڳتي پڙھائي نه سگهياسين. “
ڊاڪٽر مرڪي پيو.
”ڪا ڳالهه ناهي، ستين ڏينهن سرٽيفڪيٽ کڻي اچجو داخلائون هلن پيون. في آئون پاڻ ئي ڏيندس، صبح جو اسڪول ۽ شام جو هتي ليڊي ڊاڪٽر کان ڪم سکندي. رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست به ٿي پوندو، ٻه ٽي هزار کن، مهيني ۾ اوهان کي به ملي پوندا“
ڊاڪٽر جملو پورو ڪري ڳيت ڏني ۽ جواب جو انتظار ڪرڻ لڳو. سلطان جي وراڻيءَ کان اڳ ئي، سڀاڳيءَ وراڻيو:
”اسان ۾ ڌيئرن جي ڪمائيءَ تي گُذارو ڪرڻ جي هير ڪونهين“
ڊاڪٽر کي ڄڻ ڪاوڙ چٽي ويئي.
”باقي بک مرڻ جي عادت آھي“
هن ڀيري سورٺ ورندي ڏنس:
”ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان“
ڊاڪٽر ڪرسيءَ تان اٿي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. پيادل ٽرمينل ڏانهن ويندي سورٺ پڻس کان پڇيو:
”ريڊيو تي روز ٻُڌائين ٿا ته سرڪار، اسپتالن ۾ سهولتون وڌائي رهي آھي، مفت علاج ٿئي ٿو. امان کي اتي وٺي ڇو ڪون هلئين؟“
سلطان سڀاڳيءَ ڏانهن ڏسي وراڻيو:
”اڳي چار دفعا اتي ويا هئاسين. مٿو ٽوپيءَ ۾، ٽوپي مٿي تي! ڳالهه مڙوئي ڳُڙ لڳي پيئي آھي. گهڻيون دوائون اسٽور تان پئسن سان وٺڻيون پونديون آھن. سيول ۾ ڊاڪٽر مريضن تي ڌيان مورڳو نٿا ڏين. هن ڊاڪٽر جي به سيول ۾ ڊيوٽي آھي. پوئيين دفعي مونکي چيائين:
”ميان جا فقير هتي رُلي ويندين. فائدو کپئي ته منهنجي اسپتال تي اچج. تڏھن ئي ته اڄ وٽس آياسين“
سورٺ ڪنڌ جهڪائي خاموش ٿي ويئي.
مٺيءَ مان واپس ايندئي، ڪجهه نه ڪجهه پويان رهجي وڃڻ جو نماڻو احساس ڄڻ ته هن جي ڀرسان ئي بس جي سيٽ تي ويهي رهيو هو. بس رواني ٿيڻ کان ٿورو اڳ هن اخباري هاڪر جي هٿ ۾ رسالو ڏسي پڻس کي چيو هو:
”ابا رسالو ته وٺ“
پر ٻئي لمحي هوءَ پڇتاءُ جي پاڻيءَ ۾ تڏھن پُسي پيئي هئي. جڏھن سلطان بيوسيءَ مان کيسو ڦُلوري، ريزگارين جي سهاري رسالوورتو هو، تڏھن کيس والد جي غربت ۽ لاچاريءَ جو احساس وڌيڪ شدت سان محسوس ٿيو هو!
هوءَ واندڪائيءَ جي وقت مطالعي جي مينهن-ڪڻين ۾ ڀڄندي رهندي هئي. پر دلبر جو پروگرام ته سندس سمورين مصروفيتن کي مات ڏيئي ڇڏيندوهو. پروگرام شروع ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ فريڪوئنسي سيٽنگ لاءِ بٽڻ گُهمائڻ جو لمس کيس عجيب سرور ارپيندو هو. آڱرين ۾ مزيدار ڪتڪائي ٿيندي هئس ۽ هوءَ پروگرام شروع ٿيڻ تائين باربار ايئن ڪندي هئي!
پروگرام هلندئي، هوءَ دل جا ڪن کولي رکندي هئي. پروگرام جو دورانيو هن لاءِ ڪنهن سهڻي خواب وانگر هوندو هو. جنهن ۾ ڪيترين ئي رنگبرنگي ڪيفيتين سان سندس آشنائي ٿيندي هئي. ڀانت ڀانت جا جذبا، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ وانگر احساس! سماعتن ۾ سرهاڻ اوتجي ايندي هئي.
لفظن جي جوانين کي دلبر جڏھن صداڪاريءَ جي ڌُن تي رقص ڪرائيندو هو، ته هوءَ محظوظات جي ماڪ ۾ ٻاجهر جي ڪچڙن آڀُوئن جيان هرسُو ھڳاءُ ٿي پوندي هئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ دلبر جو پروگرام به اوچتو بند ٿي پيو هو. دلبر ريڊيو ڇا ڇڏيو، سورٺ کان گهڻو ڪجهه ڇڏائجي ويو. گهر جي ڪم ڪار ۾ به سندس دل ڪون کُپندي هئي. بجلي جي سهوليت کان محروم ڳوٺ ۾ ريڊيو ئي سندس اڪيلي وندر هئي پر اهو به هن لاءِ دلبر بنا وڌواه جي وجود جيان بيرونق بڻجي پيو.
انهن ئي ڏينهن ۾ هن هڪ مئگزين جي صفحن تي دلبر ۽ سندس ريڊيو پروگرام متعلق نازڪ جذبن تي مشتمل ڪنهن لسنر جو پوپٽ جهڙو رنگين خط ڏٺو هو. جنهن ۾ ريڊيو تي دلبر جي وري واپسيءَ جو مطالبو به ٿيل هو. هونئن ته هوءَ دلبر جي مداح ھُئي، پر ڪنهن ٻئي طرفان دلبر کي ڏنل لفظن جي ڀيٽا، هن جي وجود ۾ رقابت جي چُھنڊڙي هنئي هئي، جيڪا پُرستار واري محبت کان به اڳتي ڪنهن جذبي جو عڪس هو، جنهن جو رقص هن جي وجود ۾ جاري هو، پر هوءَ ان کي ڪو نالو ڏيئي ڪون سگهي هئي. عزت ۽ احترام جي پاڇن ۾ پروان چڙھيل پيار جون پاڙون، دل-پاتال ۾ اُونهيون پيوند هونديون آھن. دلبر سان سندس والهاڻي وابستگي به ڄڻ ته ڊڀ جي پاڙ ھئي، جنهنکي دُورين جا ڏڪار سڪائي نه سگهيا هئا! هڪ خيال هن جي من ۾ ليئو پاتو هو:
”آئون به اهڙو ئي خط لکان“
هن خط لکيو هو، ڦاڙيو هو ۽ وري لکي روانو ڪيو هو. جنهن ۾ ريڊيو ڇڏڻ جي ميارن، سببن ۽ موٽياچڻ جي مطالبن تائين گهڻو ڪجهه سمايل هو. ساڳي رسالي جي ٻئي پرچي ۾ اهو ´ادبي خط` جي عنوان سان ڇپيو هو. هوءَ گدگد ٿي هئي. سندس دل جي دريءَ مان ڪي خيال ٽپي اندر آيا هئا:
”منهنجو هي خط دلبر پڙھيو هوندو الاءِ نه؟! پڙھيو هوندائين ته هن ڇا سوچيو هوندو؟ ٻُڌندڙ طور منهنجو پراڻو نالو به کيس ياد هوندو الاءِ نه؟!“
بي اولاد سوالن جي ھجوم ۾ ھُوءَ سڄو مهينو ڀٽڪي هئي. ٻئي مهيني جي پرچي ۾ سندس خط جي جواب تي مشتمل دلبر جو خط ڇپيل هو:
”محترمه اداس نازبوءُ!
تنهنجون کٽيون مٺيون ميارون به اکين تي!
پوئين پرچي ۾ ڇپيل تنهنجو نوازش نامو، مون لاءِ ٿري ڀٽن ۾ مائٽن کان وڃائجي ويل ٻار جيان ٿي پيو، جنهن جي روئڻھارڪين اکين ۾ ڪيئي بيجواب سوال سمايل هوندا آھن، جن جا جواب پپون ۽ ڳاڱيان ڳولڻ جيئن، جيتوڻيڪ دلچسپ آھن، پر توکي ته خبر آھي محترمه ته “ڏُڪار جي ڏينهن” ۾ اهو مشغلو به بي لاڀ ٿي پوندو آھي!
تو سميت هزارين ريڊيو ٻُڌندڙ منهنجن مهربان سامعين جي سماعتن جا روهيڙا، منهنجي ڪمپيئرنگ جي يادن سان اڃان ساوا آھن، مون لاءِ اهوئي اتساه ڪافي آھي. مون لاءِ ته اهو به گهڻو آھي ته منهنجي آواز جيڪي لفظن جا پکي اُڏاريا هئا، انهن عام سماعتن ۾ جيڪي آکيرا اڏيا آھن، انهن کي اڻائي وقت جو واءُ ، اڃان اُجاڙي نه سگهيو آھي. مون طرفان اوچتو هليو وڃڻ وارو هاڃو، اڃان توکان وسري نه سگهيو آھي، پر آئون ڇا سمجهان؟ تنهنجون محبتون گونگن رشتن جو سڏڪو آھن، دادلي دل جي ، اجڙيل رشتن تي معصوم هُجت آھي يا وري آرٽ جي اڪيلائيءَ ، وڇڙيل رفاقتن کي فلائنگ ڪِس اُماڻي آھي!؟
محترمه! تنهنجو لفظ لفظ پرديس ويندڙ پرينءَ جي الوداعي ڀاڪر جيان، مون لاءِ ڊگهو سوال ٿي پيو آھي. اڄ ڪلھ جي دؤر ۾، جتي ماڻهو کن پل۾ احسان وساري ويهن ٿا. جتي سالن جا ساٿ، وقت وسارايو ڇڏي. جتي يادگيريون، گندي ۽ گره تان گهورجي، ويسر جي واريءَ ۾، نابين ٻار جي هٿ مان ڪري پيل سڪن جيان وڃائجيو وڃن. جتي حالتن جون هيراڦيريون، رشتن جا تقدص رولي ڇڏينديون آھن. ۽ جتي خلوص جي خوشبو ۽ سڪ جي سڳن کي، رهزنيون ريلي ۽ بيوفايون ڀيلي ڇڏينديون آھن، اتي تنهنجن ماکي لار جهڙن لفظن ۽ ڪبوتر جي نيڻن جهڙن جذبن تي مشتمل خلوص ڀريو خط پڙهي، سوچيو هئم چارڻ جو چنگ ٻُڌي راءِ ڏياچ جو روح وجد جي ڪهڙين واٽن تان گذريو هو؟ پنهونءَ جي پچارن، سسئيءَ کي ڪيئن روھ جيرولاڪ بڻائي، ڀنڀور ۾ ڀٽڪايو هو؟! نوريءَ جي نوڙت، ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي ڪيئن نه تماچيءَ کي تڙپايو هو؟ ڪيئن نه ميهار جي محبت، ڪچي گهڙي سان گڏ، سهڻيءَ کي لهرن تي لوڏيو هو!؟۽ ڪيئن نه راڻي جي روسامي، مومل کي اوڙاه تي اٽڪائي، وفا جي وارتا لکرائي هئي!؟
اداس نازبوءُ! مسافر آواز سان تنهنجي سماعتن جو پاتل ، اهو پرُڪيف ڊگهوپيچ، ڄار جي ٽار کي وسڪاري ۾ وروڪيل دالي گولاڙي جو دادلو ڀاڪر آھي يا وري ڊگهي جدائيءَ پڄاڻا ، ولايت مان موٽي ايندڙ وڃايل گونگي ڇوڪريءَ جو، پنهنجي جيجل کي پاتل ڏکارو ڀاڪر آھي؟!
نازبوءُ! تو منهنجي ريڊيو تان ڊگهي غير حاضريءَ متعلق پڇيو آھي؟ خبر اٿئي دل جي ٻولين ۽ سمنڊ جي ڇولين جون ڪي به وضاحتون نه هونديون آھن. ممنوع چاهتن ۽ وڇوڙي جي ساعتن کي دليلن جي بلورن سان چِٽي ناهي سگهبو! احساسن جي گڏن کي تشريح جي گُڏين سان پرڻائي به نٿو سگهجي؟! ۽ نه ئي ڪن بينام وڇوڙن جو ڪوبه نالو هوندو آھي! بس تونايئن سمجهه ته جڏهن ڍنڍون سڪي وينديون آھن ته سفيد ٻگهلن کي ڪوبه روڪي ناهي سگهندو! ڏڪار جي ڏينهن ۾، ٿر مان لڏيندڙ ۽ اباڻا اجها ڇڏيندڙ خانه بدوش قبيلن کي به ڪو ناهي ترسائيندو؟! ۽ نه ئي ڪير ضديلن بادلن ۽ مسافر هوڏي مهمانن کي ڪجهه دير بيهاري سگهندو آھي!
نازبوءُ! تو آس نراس جون چوٽيون چڙھي، ريڊيو تي منهنجي وري موٽڻ جون هجتون هلايون آھن. تو سميت هزارين محبوب ٻُڌندڙن جي هجت جون اجرڪون هانءُ تي اوڍي، وري اوهان سان ريڊيو واري رتيءَ جي رهاڻ رچائڻ لاءِ دل آرس ڀڳو آھي! سالن تائين سلامت رهجي پيل سڪ جي سُرڪن، وڇوڙن ۾ ھارجي ويل لڙڪن، ۽ مٺگهرن جي مرڪن جا، ڪهڙا ويهي ليکا چوکا ڪجن. بس وصل جي واٽن تي وڇايل وڇوڙن جا ڪنڊا لتاڙي، وري جي قسمت سان ملياسين، ته آواز جا ڪي رنگرتا پوپٽ، هوائن ۾ اُڏاري، سداملوڪ لفظن جي سوداگري ۽ ڪومل جذبن جو ڪاروبار به ڪنداسين، بس حالتن رعايت ڪئي ۽ وقت مهلت ڏني جيڪڏھن! تيستائين وصل جون واٽون ڀلجي ويل رفاقتن جي رکوالن اوهان پارن مٺن ماڻهن کي، موٽي ملڻ جي آسرن جا رنگبرنگي ويس وڳا مبارڪ هجن!”
سورٺ خط پڙهي، بسنتي هوائن ۾ ٽڙي پيل باغ جيان وجود جي واس ۾ ئي واسجي پيئي هئي.
”دلبر منهنجو خط نه رڳو دل سان پڙھيو آھي، پر ان کي جواب جي قابل به سمجهيو آھي. جواب لکڻ وقت هن ڇا سوچيو هوندو؟ هن وٽ منهنجو غائبانه تصور ڪهڙو هوندو؟! هن منهنجي خط جي جواب ۾ ھزارين ٻُڌندڙن کيريڊيو تي موٽي اچڻ جو مبهم سُبهم آسرو به ارپيو آھي. “
سوالن جا ولر واريندي، الاءِ ڪيڏي محل هن جي اک لڳي ويئي هئي.
صبح سويل اٿي هئي ته راتوڪن خيالن جي گذري ويل برسات جون چند ڦُڙيون سندس من جي ڪکائين جهوپڙيءَ مان اڃان ٽمي رهيون هيون. ويل وقت جي ساروڻين ۽ حال جي تلخ حقيتن ۾ ڪيترو نه فرق اچي چڪو هو. سندس سويچار ماءُ سڀاڳي به ھاڻ هن دنيا ۾ نه رهي هئي. پيءُ سلطان جا پڇاڙڪا ڏينهن به ڏاڍا ڏُکيا گذريا هئا. چوپائي مال جو ولر سڀاڳيءَ جي بيماري ۽ ڏڪارن ڳڙڪائي ڇڏيو هو. سندس پٽ کي قالين جي ڪم تي لڳايو هئائين. اتي سيٺ چوپڻين تي اُبتا سُبتا بل لکي کيس قرضي ڪري وڌو هو. سيٺ جڏھن قرض وصوليءَ لاءِ کيس گهڻو تنگ ڪيو هو ته هن ڪجهه نه هجڻ جي مجبوري ڏيکاريندي سال جي مهلت لاءِ منت ڪئي هئي، پر سيٺ رُکو جواب ڏنو هئس. ڪجهه دير جي ناگوار خاموشيءَ بعد سيٺ ڳالهاڻو هو:
”توکي هڪڙي صلاح ڏيان؟“
سيٺ کي ڪجهه ٿڌو ڏسي، سلطان جي ساه ۾ ساه پيو هو:
”ٻُڌائي؟“
”وڏيري لائق وارا سکيا ستابا آھن. لائق وٽ نينگري نه آهي جو بدو ڏيئي پٽ پرڻائي. ڪالهه مون وٽ آيو هو، چيائين سلطي کي جهل ته پٽ لاءِ سنڱ ڏي. قرض به ڀريان ٿو ۽ ڪجهه ڏوڪڙ به ڏيندوسانس!“
سلطان جي چهري تي ڄڻ هئيڊ ھارجي پيئي هئي. بيضبط لهجي ۾ وراڻيائين:
”بس ٻيلي جن جي گُندئين ۾ داڻا تن جا چريا به سياڻا. لائق جو اڌ چريو ۽ اڌ کريو پٽ منهنجي ڌيءَ جو لائق آھي جو هن ۽ توکي، اهو چوڻ جي جرئت ٿي آھي! پر منهنجي نصيب مونکي اهي ڏينهن ڏيکاريا آھن!“
سيٺ کي ڪاوڙ چٽي ويئي هئي، هونئن به ڏاڍي کي هيڻي تي ڪاوڙ چڙھندي دير نه ڪندي آھي! ڪامورو، پٽيل، وڏيرو ۽ اقتدار ڌڻين جي ڪاوڙ ته هوندي ئي ٺيس وهيڻي آھي، شال نه ڪٿان بهانو ملي! وراڻيائين:
”اهڙو غيرتي ۽ وڏو مڙس آھين ته منهنجا پئسه هتي رک. پوءِ توکي چوان ته چئجان!”
سيٺ تپي باھ ٿي ويو هو. سلطان ماحول جي جبر کي محسوس ڪندئي، سندس پيرن تي ڪري پيو. ايلاز ڪندي چيائين:
”تون وڏو آئون تنهنجي گئو آھيان، مونکي معاف ڪر“
سلطان جتي چڪ ۾ کڻي ورتي. سيٺ ڌڪار ۽ ڪاوڙ مان چيو:
”وڃي ڌُوڙ پائي-پر آخري واعدو ڪر، قرض ڪڏھن موٽائيندين؟“
سلطان چيو :“6 مهينا“
سيٺ چيس:
”نه نه ڇھ مهينا گهڻا آھن. قالينن جا اگھ ڪونهين. هونئن به آئون اهو ڪاروبار ختم ڪري ٻاهرئين ملڪ وڃان پيو. تڏھن ته قرضن جون وصوليون ڪري رهيو آھيان“
”ته پوءِ ٽي مهينا“
چلو ٺيڪ آھي، پر تيستائين تنهنجو ڇوڪرو اڌ رقم ۾ مونکي هڪڙو غاليچو ٺاهي ڏيندو“
”قبول سائين قبول“
سيٺ هليو ويو هو، سلطان وقتي ئي سهي سک جو ساھ کنيو هو. پر پريان بيٺل سورٺ محسوس ڪيو ته سندس والد ڏٻري ٻڪر جيان لالچي واپاريءَ هٿان هڪ ڀيرو ته ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڪڍائي ويو هو، پر اها ڪاتي دير سوير سندس سِر تي اچڻي ئي هئي!
سلطان جو سڪيلڌو پٽ سيٺ جو غاليچو ٺاهڻ ۾ رُڌل هو. سلطان هتان هُتان سيٺ جو قرض لاهڻ لاءِ ھٿ پير هڻي رهيو هو. پر هن جو ڪٿي به هٿ نٿي پڳو ۽ نه ئي پير ٿي لڳو. آس پاس ڏڪاري حالتن سبب بک ۽ بدحاليءَ جي ڏانئڻ چڱن چوکن کي کائڻ لڳي هئي. سلطان ڪنڊين جا پن لاهي شهر ۾ وڪڻي گهر جو سيڌو سامان آڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر پن لاهڻ وارن جي لوڌ، پنن جا به اگھ ڪيرائي ڇڏيا هئا. تڏھن هن ۽ گهر ڀاتين هڪ ويل رٻ ۽ ٻئي ويل مرچ مانيءَ تي گذارو ڪرڻ شروع ڪيو هو. ٻن مهلن واري چانھ به هڪ ويل تي اچي بيٺي هئي. ان بچت کي سلطان “سِيس-وِيس” چوندو هو. ٻه سال اڳ تائين ته هن وٽ رڍن ۽ ٻڪرين جو وڏو ولر موجود هو. پر ڏڪارن ۾ چاري پاڻيءَ جي کوٽ، سڀاڳيءَ جي بيماري ۽ ڏڪار جو بهانو بڻائيواپارين طرفان اگھ ڪيرائڻ جي سببن ڪري، هو ڪنگال ٿي پيو هو. غاليچي واري سيٺ جي بدديانتيءَ ويتر کيس قرضي ڪري وڌو هو. ڪجهه ڏينهن کان سندس سپوٽ پٽ کي به کنگھ رهڻ لڳي هئي. هو وڌيڪ ڪمزور ۽ ڏُٻرو ٿي رهيو هو. جنهنکي هڪ ڀيري ڊاڪٽر وٽ وٺي ويو هو، جنهن ايڪسري ۽ ڪن ٽيسٽن لاءِ ليبارٽريءَ ريفر ڪيو هو. پر هن پئسه نه هجڻ جي مجبوري ڄاڻائي هئي ته ڊاڪٽر اندازي تي دوائون لکي ڏيندي چيو هئس:
”ڇوڪري کي غاليچي جي ڪم تان اُٿار. ڌاڳن جي سنهڙي دز ساھ جي نالين منجهان ڦڦڙن تي نقصانڪار اثر ڇڏي رهي آھي. “
پر هو ڇوڪري کي کڏيءَ جي ڪم تان اٿاري نه سگهيو هو، ڇوته کيس سيٺ جو غاليچو مقرر تاريخ کان اڳ لاهڻو هو!
سيٺ سان قرض ڀرڻ جي ڏنل تاريخ جو واعدو جيئن جيئن ويجهو اچي رهيو هو، سلطان جي درديلي دل کي وهلُورن ۽ وسوسن وروڪي وڌو هو.
”قرض واپس نه ٿيو ته سيٺ ڇتو ٿي پوندو. چار چڱا به مونکي ڏوهي ڪندا! صوبيدار به سيٺ سان گڏ کائيندڙ پيئندڙ ماڻھو آهي، منهنجي مرمت ڪندي دير نه ڪندو. ڳوٺاڻو وڏيرو به سيٺ جو کاٻو هٿ آھي. ٻني ٻارو يا ٻي ڪا ملڪيت به ناهي جو کپائي قرض ڀريان!؟آخر وڃان ته ڪيڏانهن وڃان؟ کوه ۾ ٽپو ٿو ڏيان ته به اولاد رُلندو! سيٺ واري صلاح تي هلي، سورٺ کي وڪڻان ته به ٻُڏي مرڻ آهي، نيٺ ڪجي ته ڇا ڪجي؟”