ناول

ري اسٽور ٿيل ماڻهپو

هي ڪتاب ناشاد رحم علي جو لکيل ٻيو ناول آهي. علي آڪاش لکي ٿو:
”هن ناول جي ٻولي تشبيهن ۽ استعارن جي تازگيءَ سان ٽمٽار تخليقي ٻولي آهي، جيڪا پڙهندڙ تي وڻندڙ تاثر قائم ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ ڪردار نگاري، مڪالمي، ماحول جي عڪاسي، احساسن ۽ لقائن جي جزئيات جو بيان ۽ ڪهاڻيءَ جي مرحليوار تعمير اهڙا عنصر آهن، جيڪي پڙهندڙ تي پنهنجي جڪڙ برقرار رکن ٿا. مجموعي طرح هيءُ ناول سچاين جي پاسداريءَ جو پيغام ڏئي ٿو ۽ اُهو سماجي سطح تي، بدعنوانيءَ، فردن وچ ۾ عدم سهڪار ۽ مفادن تي ڪُلي طرح ڀاڙيندڙ سماجي بين العمل جهڙن اوگڻن ڪارڻ ڀور جهور جي ور چڙهي ڪمزور ٿيندڙ سنڌ ۾ ڪن آدرشي ۽ مثالي ڪردارن کي تخليقڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙا ڪردار جيڪي اصولن ۽ قدرن سان سلهاڙجي جيئن ٿا.“
Title Cover of book ري اسٽور ٿيل ماڻهپو

باب ٻيو

اولهه جي تيز سامونڊي هوا گهلي رهي هئي. جانمحمد عرف جانُو ۽ صابُو، کوه جي اواڙي کي ڏنل واڙ جي اوٽ ۾ ڪانڀُون ڪڍي ويٺا هئا. آسمان تي ايڪڙ ٻيڪڙ سامونڊي ڪڪر تيزيءَ سان اوڀر طرف وڃي رهيا هئا. جانُوءَ آسمان تي اکيون کُپائي، ٿڌو شوڪارو ڀريو. صابوءَ چيس:
”ڪاڪا لڳي ٿو هيل به ٿر ڪون وسندو!؟”
جانو وراڻيو:
”آسمان جا پار به ته اهوئي پيا ٻُڌائين!“
صابُوءَ جي مُنهن تي هَئِيڊ هارجي پيئي. بيوسيءَ مان چيائين:” پاڻ ته بک جا ڏاڍا آھيون، ڳالهين جا ڳُڙ کائي، ڪارا ڏڪار به ڪٽي آيا آھيون، پر اڄ ڪلھ جي ٻارن کان ته صفا صبر نٿو ٿئي!“
جانوءَ به ڳالهه جي سر جهلي:
”ڏڪار اڳ به ايندا هئا. پر ههڙي ڪاري-واري ڪڏھن ڪون ٿي. ماڻھن ۾ صبر ۽ شڪر هو، پر هاڻ ته ويڙھو ويڙھي کي پيو کائي. اسين رٻ جي وٽي ۽ اڇ جي ڪٽوري تي سڄو ڏينهن سَرها سُنرا هوندا هئاسين. وڏڙن ته ان کان به اڙانگا ڏينهن ڏٺا. چون ٿا بک ۾ ڍڳين رنڀُون ڪري، واري کاڌي ۽ ڪن ماڻھن چم مان ٺھيل ورت جا سيٽ ڪرٽيا، پر ننڌڪ ايترا جو ڏڪار جا ڏينهن آڱرين تي ڳڻي پار پوندا هئا“
صابوءَ چپ تي آڱر رکي جانوءَ ڏانهن اچرج مان ڏٺو ۽ پڇيو:
“ماڻھو به ساڳيا، ڏڪار به ساڳيا، اڄڪلھہ آسانيون به گهڻيون آھن، پوءِ به ماڻھو بک بک پيا ڪن، بيماريون مارين ٿيون، آخر ڪارڻ ڪهڙو آھي؟“
جانُوءَ ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ وراڻيو:
”هڪڙو ته ماڻھن ۾ جسماني جهلو ڪونهين، ان جو هڪ ڪارڻ کير مکڻ جي کوٽ آھي، وڪري ۽ مهانگائيءَ ٻنهي کي غريبن کان پري ڪري ڇڏيو آھي، گڏوگڏ زمينن تي قبضن ۽ گئوچر جي کيڙيءَ به مال کي گهٽايو آھي ۽ جهنگلي جيوت کي نقصان رسيو آھي. برساتون گهٽيون آھن ٻيو وري ماڻھن جو جسم به گهٽ محنت ۽ نقلي خوراڪ تي هِري پيو آھي، بيمارين جي دٻ نٿو جهلي. پر صابوڙا ماڻھن کي قدرت جي ڏڪارن کان به وڌيڪ ماڻھن جي آفعالن جي ڏڪارن ماريو آھي. “
صابو سوچ ۾ پئجي ويو:
”ڪاڪا افعالن جو ڏڪار وري ڪيئن؟!“
”اڙي صابُوڙا بُڇڙا افعال! مطلب ته رشتن مان رس ۽ واسطن مان واس وڃائجي ويو. سمورا سنڱ سياپا مفادن مروڙي ڇڏيا آھن. لُچائي، لالچ ۽ لليچائي ايتري وڌي آھي جو ماڻھو، ماڻھُوءَ جو ويري ٿي پيو آھي. محبتن جي ڪاري ڏڪار، ماڻھن کان انيڪ خوشيون کسي ورتيون آھن!. ڏڪار ته گهڻو ڏِيل ڏُکائيندا آھن پر آسپاس جا بُڇڙا آفال روح روڙيندا آھن!“
صابو سوچ جي لهرن تي لُڏندو رهيو.
جانوءَ ڳالههہ جاري رکي:
”اڳي گهڻوتڻو سڀ هڪجههڙا هوندا هئا، وڏ-ننڍائيءَ جو ويڇو عمر ۽ عقل تي هوندو هو. پر هاڻ ته هر پاسي هُوند تي هُونگار وارا هوڪا آھن. تون جي غريب آھين ۽ تنهنجو ڀاءُ جي تونگر آھي ته ان جي گهر ڀاتين جا ٺٺ ٺانگر ۽ کائڻ پيئڻ تنهنجي گهر وارن کي پنهنجي هيڻي حال جو روز مهڻُو ڏيندا رهندا، جيڪي انهن کي اندران ٻاهران اڏوهي بڻجي کائيندا رهندا“
اوچتو صابُوءَ جي اندر ۾ وهلُورن جو واچوڙو ٺھي پيو. هن کي پنهنجي مفلسي، فاقن ۽ زال صدوريتوڻي ٻارن طرفان پنهنجي بدحاليءَ متعلق وري وري پڇيل سوالن جا تير، پنهنجي وجود مان آرپار اُڪرندي محسوس ٿيا.
گذريل ڪجهه مهينن کان صابو سخت ذهني مونجهارن جو شڪار هو. سندس عمر پنجاه جي لڳڀڳ هئي. هن جي جواني، آوارگين، رولاڪين، چاهتن، شوقن ۽ شُغلن ۾ گذري هئي. من-موجي قسم جي هن مٿير مڙس، ڪڏھن به پئسي کي اهميت ڪون ڏني هئي. جمع ۽ طمع جي هوا، هن جي پاسي مان به ڪڏھن ڪون گذري هئي. جڏھن وڻيئس، جيڪو مليئس، پورهيو ڪري پيٽ ڀري وٺندو هو. پر اهو سڀ ڪجهه تيسين هو، جيسين ڇڙو هو.
هن جي ڀيڻ نه هئي، ان ڪري بدو ڏيئي جوانيءَ ۾ پرڻجي نه سگهيو هو. چاليهن سالن جي ڄمار ۾، هن ڏوڪڙ ڏيئي صدوريءَ جو سنڱ ورتو هو. ان وقت هن جي مٺيءَ واري هوٽل سُٺو ڪمائي رهي هئي ۽ ھن وٽ پنهنجي نيمي به هئي. ماڻھن کي ڀائيواريءَ تي ڏنل مال به هو. شاديءَ کانپوءِ چند ئي سالن اندر هن مٺيءَ واري هوٽل مان هٿ ڪڍيا هئا، ڇوته هوٽل جي آسپاس گهڻيون ۽ بهتر هوٽلون کليون هيون، جنهن ڪري هن واري هوٽل بند ٿيڻ تي آئي هئي. صدوريءَ مان ٻن پُٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد هئس.
گذريل چند سالن ۾ اڪثر آيل ڏڪارن سبب، هن جو سمورو مال کاڄي کپي چُڪو هو. ۽ گذريل ڪجهه مهينن کان هن جي گهر ۾ گهڻو ڪري لانگهن جي لالٽين ٻري رهي هئي! ڳوٺاڻن دڪاندارن جون اوڌرون هن تي وڻ ويڙھيءَ ول جيان چڙھي ويون هيون. ڪٿي به سندس ڪار نه رهي هئي.
هڪ ڏينهن جڏھن سندس گهر ڀاتين وٽ ٻن ڏينهن جو لانگهو ترسيل هو ۽ هن جي ٻارن جهنگلي ٻير کائي کانئس پڇيو هو:
”ابا ڏڪار ۾ به ٻيرين ۾ ٻير ٿين ٿا ۽ ڄارين ۾ پيرون پچن ٿا پر ٻنين ۾ ٻاجهر ڇو نٿي ٿئي!؟ابا اٽو وٺي اچ بک ماري ٿي!“
تڏھن هن پنهنجي زندگيءَ جو گهٽيا ترين فيصلو ڪيو هو. صدوريءَ کي قادوءَ جي دڪان تي اوڌر سامان آڻڻ لاء اهو چئي موڪليو هئائين ته
” مون ڏانهن اڳي اوڌر گهُري پيو وڌيڪ ڪون ڏيندو. تون وڃين گهُر، من نياڻيءَ جون اکيون آڏيون اچنس. بختاور کي به ڪوٺيو وڃ!“
پر ڪجهه دير بعد صدوريءَ هٿين خالي واپس آئي هئي. سندس اکين ۾ لڙڪ هئا. چيائين
“مُئو بيلڇڻو آھي. چئي ٿو چمي ڏيڻ ڏي پوءَ ڀلي اوڌر کڻي وڃ. “
صابوءَ مٿي تي هٿ رکي دير تائين پنهنجو پاڻ کي بروڀلو چيو هو. ڪيتريون راتيون ان ضمير جي ڦوڙائي ۾ ڦٽجي گذاريون هيون. پر هن وٽ ھڪ رپيو به نه هو جو ننڊ جي گورين سان اوجاڳن جو سودو ڪري سگهي!
هن بئراج ڏانهن وڃي محنت مزدوري ڪرڻ جو به سوچيو هو، پر هڪ ته سندس پوڙھو جسم سخت ڪم ڪار لاءِ ساٿ نه ڏيئي رهيو هو. ٻيو وري پويان جواڻ جماڻ صدوريءَ کي اڪيلو ڇڏي وڃڻ جو الڪو به کيس ايئن ڪرڻ کان روڪي رهيو هو. هن جي قبيلي ۾ ستن پيڙھين کان ڪڏھن به ٻارن ٻچن محنت مزدوري لاءِ بئراج لڏڻ جو رواج ڪون هو، بلڪہ لڏڻ وارن کي سماج ۾ هيٺائين حيثيت ملندي هئي. جنهن ڪري صابوءَ جڏھن به ان حوالي سان سوچيو ٿي ته هن جي اڳيان اهي سمورا تصور اڀري آيا ٿي، جن کان هو پاڻ جوانيءَ ۾ متاثر رهيو هو! هن سوچيو:
”جيڪڏھن جوان زال وٺي بئراج ويئس ته ماڻھو ڇا چوندا؟ اجايو اولاد کي مهڻياب ڪندس، برادريءَ ۾ ساڻن ڪوبه رشتيداري نه ڪندو. اتي بئراج ۾ وري ڪهڙيون کير جون نديون پيون هلن. آئون ۽ صدوري اتي وري ڪهڙا ڦاڙها مارينداسين؟!“
صابو ذھن جي ڇتي ڇڪتاڻ ۾ ڦيريون کائڻ لڳو هو. سامهون ويٺل جانو ڳالهائي رهيو هو، پر صابوءَ کي ڪجهه به سمجهه ۾ ڪون پي آيو. هن جانوءَ جي جملن مان ڪجهه جهٽڻ چاهيو، جهٽي نه سگهيو. هن وري ساڳي ڪوشش ڪئي، هن ڀيري هڪ جملو هن جي هٿ چڙھيو:
”انسان جناور ٿي پيا آھن“
”انسان. . . . جانور. . . . . !!“
هن جو ڌيان جانوءَ جي ڳالهين تان هٽي وري وجود جي وراڪن ۾ وچڙي پيو:
”جانورن تي زندگيءَ جو ڪوبه بار نه هوندو آھي، آڻڻ چاڙھڻجا اُلڪا، لوڪا چاريءَ جي پت پاڙڻ ، ننگ ۽ ناتا نڀائڻ جا بار ته انسان تي هوندا آھن. ڇونه جانور ٿي وڃجي، ڪمن ۽ غمن کان آجو“
هن سچ پچ جانور ٿيڻ چاهيو. “پر ڪهڙو؟!”وارو سوال سندس سامهون اچي بيٺو. ھن جي تصور ۾ مختلف جانورن جي شبيهن جا عڪس ٺھڻ ۽ ڊھڻ لڳا. ڪتي کي هن ڌڪ سان رد ڪري ڇڏيو، ڇوته هن جي شعور توڙي لاشعور ۾ ان جو موچارو سماجي ۽ مذھبي تصور موجود نه هو. هن مور ٿيڻ جي سڌ ڪئي پر ظالم شڪارين جو تصور ايندي ئي هُو ان تان هٿ کڻي ويو. هن ڍڳو ٿيڻ چاهيو پر ڌرتي سنڱن تي کڻي بيهڻ واري خيال، هن کي ڪنبائي وڌو! هن گابي تي به سوچيو، پر کير وڪڻڻ وارن ڀاڳين جو خيال هن کي ڀڄائڻ لاءِ ڪافي هو!
اوچتو جانُوءَ رڙ ڪئي:
”گهوڙا صابوڙا توکي ڇا ٿيو آھي، آئون ڳالهايان پيو پر تولاءِ جهڙو ڏٻي ۾ ٺڪريون. خيالن جا ڪهڙا پوھ ويٺو پچائين؟!“
صابوءَ پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي:
”نه ڪاڪا توکي ٻُڌان پيو، پر مڙئي مٿي تي بار آھي، ان ڪري اکيون ٻُوٽيو ويٺو هئس“.
”مٿي تي بار . . . ايئن چئو. ڪجهه نه ڪجهه ته آھي، تڏھن منهنجون ڳالهيون تنهنجي مٿان لنگهي رهيون آھن“
صابُوءَ وري پاڻ کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪئي. منتشر ڪيفيت لڪائڻ لاءِ هن جانُوءَ جي ڳالهين ۾ مصنوعي دلچسپيءَ جو اظھار ڪندي چيو:
”ڪاڪا اڄ تنهنجي جوڀن ۽ ڪڇ گجرات واريون ڳالهيون وري ٻُڌائي ته ڪي ٿڪ لهن“
جانو سادو سودو ڳوٺاڻو ٿريو هو. صابُوءَ کان ويھ-پنجويھ سال وڏو هو. لٺ تي هلندو هو، پر اڃان جڙد مڙد لڳو پيو هو. ملاوت هن جي پاسي مان به ڪون گذري هئي. بنا ڪنهن ڇڪ ڇڪان ۽ نخريبازيءَ جي، کنگهي گلو صاف ڪري ڳالهه شروع ڪيائين:
”ٻيلي! ابو هتان ڍڳا وٺي، ڪڇ گجرات ڏانهن وڪڻڻ ويندو هو. چوٿين پنجين مهيني موٽندو هو، چڱو چوکو نفعو ٿيندو هئس. امان سندس اوسيئڙي ۾ ٿر جا ڪانگ اڏاريندي هئي. پر ورهاڱي سبب ابا جو اهو وڻج واپار بند ٿي ويو. سگهوئي کيس سلھ جهڙي موذي مرض اچي وڪوڙيو، جنهنجو ان زماني ۾ ڪوبه علاج ڪون هو. ابا بيماري وچڙڻ جي ڊپ سبب مونکي پري کان پيار ڪندو هو. مونکي مس مس ڏينهن ياد پون ٿا، جڏھن هي جهان ڇڏيو هئائين ته عزيز قريب رُنا هئا، ۽ امان اُلهي-ڪُلهي پهريل عاج جا اڇا چُوڙا لاهي ٻانهُون ٻُسيون ڪيون هيون. سڀوٽ گج لاهي، ڪاري پيٽي پاتي هئي. ڳوٺ جي عورتن هن سان همردي ڪئي هئي. ماسي مونکي راند ڪرائڻ پنهنجي گهر وٺي هلي هئي. مونکي ان وقت اها سُرت نه هئي ته ماڻھو، اسان کي آٿت ڇو ڏيئي رهيا هئا. مون ان ڳالهه تي اعتبار ڪيو هو ته ابا ولايت وڃي رهيو هو.
جڏھن ڪجهه سُرت سنڀاليم ته امان به هي جهان ڇڏي هلي ويئي. ايئن آئون يتيم ٿي ماسي وارن وٽ ڌڪا کائيندو رهيس. چوندا آھن ته لتاڙيل سلو هميش سُٺو ٿيندو آھي، سو آئون به ڏُکن سان ڏورڻا ڏيئي، مچي مڙس ٿي ويئس. جڏھن موسر ڦُٽي، تڏھن خبر پيئي ته ويٺي ته شينهن به بک مرن، سو ڪجهه ڪرڻ لاءِ سينو ساهڻ لڳس. الئي ڇو؟ ابا جي رِيس ھئي يا جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا واري ڪار هئي، جو دل ڪڇ گجرات وڃڻ لئه واجهائڻ لڳي. ان زماني ۾باڊر(بارڊر) تي ڪنڊيدار تار ڪون لڳي هئي. لِڪ ڇِپ ۾ سملنگ(سمگلنگ) ٿيندي هئي. مون به ابا جي هڪ واسطيدار کان موچارو ڍاٽي اٺ، اوڌر تي ورتو. اٺ ڇا هو، جهڙو مور جو ٻچو. چڙھي ويھہ ته جهڙي ورت هٿن مان نڪتي! سوکو به اهڙو جو ڀلي هٿ جي تَريءَ تي لوٽو گيھ جو رکي ڇڏ، مجالآھي جو ڦُڙو به هارجي! هڪ دوست سان گڏ لڪ چوري هُن پار پهچڻ جو سَٽل ٺاهيوسين. اهو همراه ته اڳي ئي رڻ جو سُونهيون هو پر مون پهرين پهرين جڏهن ڪڇ ۽ ٿر وچان رڻ جي پيٽ ۾، رات ٽاڻي پير پاتو ته دل ڌڙڪو کاڌو هو. مون واري سنگتيءَ مونکي رستن جي پُرپيچ پاسن کان بچڻ ۽ ڏِسائن جي ڏس پتي لاءِ، آسماني نکٽن جي سنوت جو سهارو وٺڻ سيکاريو. آھستي آھستي سڀ گُر سکياسين.
سستيون شيون جن جا اگھ اتي ٻيڻ تي هوندا هئا، سي هتان کڻيو ويندا هئاسين. جڏھن ته ٻيڙين ٻڌڻ وارا پن، سون، ڪپڙو، شراب ۽ ٻيو سامان وري اتان آڻيندا هئاسين، جيڪو هتي اٺوڻو ڏھُوڻو وڌيڪ مُلھ ۾ وِڪبو ھو. هن پاسي جي چوڪين وارا، جن وٽ ان زماني ۾ اٺ هوندا ها، سي ڪڏھن ڪڏھن ڦري ايندا هئا، پر اسين به هُئاسين ٽھاڙ ڀٽارين جي کُرن جي کيھ، اک نه ڏسي گوڏي کي! گهڻو ڪري اهڙن گسن تان گذرندا هئاسين، جتي پکي پکڻ جو به پير نه هجي. ان زماني ۾ رڻ ۽ ڪنڌيءَ وٽ جهنگلي جانورن جو به ڀئو هوندو هو، ان ڪري ڪن ڪن پاسن اچ-وڃ گهٽ هوندي هئي. پر اسين ته هونئن به هئاسين ڪوڏڙ ڪَرهن جا سُورا سوار، سو چونڪين تي لانگن ۾ لغام وجهڻ وارا ۽ روز روز بدلي ٿي ايندڙ ويندڙ ڪٿي ٿا اسان کي رسي سگهن، جيڪي هڪ-ٿُھيَن ڀٽارن تي سولا لانگ واري به ڪون سگهندا هئا. اسان جهڙا آڙيڪاپ ته کين گهوئيون ڏيئي تاڙيون هڻي ڀڄي ويندا هئا. پر ڪي سيکڙاٽ پڪڙجي به پوندا هئا. “
جانوءَ ڀُونگريءَ ۾ تماڪ وجهي، کيسي مان ماچيس ڪڍي ڀونگري دکائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوا جي تيز جهونڪي ۾ ماچس جي تيلي وسامي پيئي. هن هوا کان بچڻ لاءِ ڪانڀ کولي ٽوال جي جهُنڊ ٺاهي. جهٽپٽ تيلي دُکائي ھڪ هٿ جي آڱرين کي تيليءَ واري هٿ سان اھڙو پيچ پاتو جو، ڀونگريءَ جي ڏُنڊ کانسواءُ ان مان هوا جو گذر مشڪل هو. ڀونگري دکائي، ٻه وڏا سُوٽا هڻي، هن صابوءَ ڏانهن ڏسڻ بنا پڇيو:
”ٻُڌين پيو نه صابوڙا؟“
صابُوءَ جي جواب جو انتظار ڪرڻ بنا ڳالههہ جو ڇيڙو اُتان ڇڪيائين، جتان ڇڏيو هُئائين.
”ابا صابوڙا ايئن اسانجي اچ-وڃ به ھلندي رهي. رڻ اسانجو دوست هو ۽ رڻ جون راتيون وري اسانجون جهڙيون جيڏلون. سومهڻيءَ مهل اٺن کي رڻ ۾ لاهيندا هئاسين ۽ ڪوشش هوندي هئي ته ڍڪيءَ ۾ ئي هُن پاسي پهچي وڃون.
هُن پاسي گهڻوتڻو لڪيل هوندا هئاسين، ته متان ڪٿي چُغلي نه لڳي. رات جي وقت، سو به ڀَروسي وارن وٽ لڪي ڇپي ايندا-ويندا هئاسين. هڪ ڀيري بابا جي ڄاڻ سڃاڻ وارن وٽ ترسيل هئس. ڏينهن جو وقت هو، جنهن گهر ۾ لڪيل هئس، اتي اوچتو ڪا شيءُ اڌارڻ لاءِ ڀاڳڀري اچي پهتي. گهر جا ڀاتي ڪيڏانهن نڪري ويل هئا. گهر ڌڃاڻيءَ کي سڏي، در تي پهرين آهستي پوءِ زور سان ٺُڙٺُڙ ڪرڻ لڳي. نٿو کوليان ته سڄي پاڙي ۾ ٿو تماشو ٿئي.
نيٺ در کوليم، هوءَ اندر هلي آئي. مون تي نظر پيئس ته ٽھي پري بيهي رهي. ڀلڪو مُنهن ڪري، پٽڪو لاهي پيرن تي رکندي، منت ڪيم:
”پرديسي آھيان. واءُ جو لوڏيو قسمت سان توسان مليو آھيان، ڳالهه کُلي ته جهلجي پوندس. راز رکندئين ته بچي پوندس، پرديسي ڇورو ڇنو آھيان“.
هن کي پهرين ته ڪنن تي اعتبار ڪون آيو هو، پر پوءِ جڏھن سربستي ڳالهه ڪري ٻُڌائي هئم ته هن کي مون تي رحم آيو هو. هن ٿر جي باري ۾ پڇيو هو. رڻ جي اڙانگي سفر جا پار پڇيا هئا. مون جڏھن کيس پنهنجي جوکن ۾ جڪڙيل جيون جو ٻُڌايو هو، ته هن کي وڌيڪ هُرکُر ٿي پيئي هئي. مون سنڌ جي سچي اجرڪ کيس سوکڙي ڪري ڏني هئي ته هن موٽ ۾ مونکي ڪجهه ڏيڻ لاءِ سوچيو هو. مون سندس ريشمي آڱر ۾ پاتل ڇلي ڏانهن اشارو ڪيو هو ته چيائين:
”ڇلو ته زندگيءَ جو سودو هوندو آھي، سودو ڪندين!؟“
بياختيار ”ها” ڪئي هئم.
بس پوءِ ته پير ئي پٽ تي نه لڳو. هوءَ هئي به اهڙي. ڪڻڪائون رنگ، هانٺي جهڙي ڪامونءَ جي ڪاٺي. هرڻين جهڙيون اکيون، کُڙين سان لڳندڙ ڪارا وار، جن ۾ جيڪر ماڻھُو لڪي ته لڪي وڃي. ٻانهُون جهڙيون ٻه جاڙيون انڊلٺون، چپ جهڙا گُلاليي ڇانهئين جون ڦاريون، نڪ جهڙو طوطي جي چُھنب، هلڻين ۾ وري مور جي ٽور، ڳالهائي ته جهڙا واهوندي واءُ ۾ روهيڙي جا گل پيا ڇڻن! بس قدرت واري کيس خاص مٽي مان واندڪائيءَ ۾ ويهي گهڙيو هو.
هن سان جو اک لڳي، ته سمورا ڪم ڪار وسري ويا. هرھر سندس ڳوٺ وڃيو پهچان. جنهن گهر ترسان ان جي ڌڃاڻي، منهنجي دين جي ڀيڻ ڪيل هئي، مجبوريءَ ۾ وچوئيي وارو ڪم ان کان ئي وٺندو هئس. پر جڏهن ڏٺم ته اها لڪ لڪوٽي گهڻو هلي نه سگهندي، تڏھن کيس چيم:
”ياد ڪر، ڇلو ڏيئي، زندگيءَ جو سودو ڪيو هيئي، هاڻ تيار ٿي ته پاڪستان ڀڄي هلون!“
مرڪي پيئي. پڇيائين:
“زندگيءَ جي سودي جو نالو شادي ته ڪون آھي؟! شاديءَ کانسواءِ به زندگيءَ جو سودو ڪري، ان کي پيراڻي ڍڳي جيئن ڪنهنجي نالي ڪري ڇڏبي آھي!“
ڳالهه دل سان لڳي هئم. چيل ڳالهه تي پڇتايم. مونکي ماٺڪو ڏسي، چيائين:
” توکان سواءِ زندگي مونکي به زهر ٿي لڳي. ڀانيان ته هينئر ئي توسان گڏ نڪري هلي سنڌ جا وڻ وسايان، پر هڪ مهڻي جي خوف ماري وڌي آھي. “
منجهي پيو هئس.
”ڪهڙو مهڻو؟!“
وراڻيائين:
”منهنجي امان ڪاٺياواڙ جي رجپوتياڻي هئي. هن به ابا سان زندگيءَ جو سودو ڪيو هو. پر ساهُرن ۾ مايون کيس ڀاڄوڪڙ چونديون هيون. اهو ويڻ ٿورو ڊگهو ٿي، اڃان منهنجي پويان لڳو اچي، چون:
”ڀاڄوڪڙ جي ڌيءَ!”
هن چنيءَ جي پلئو سان ڳوڙها اگهندي پڇيو:
”هڪ واعدو ڪندين؟“
چيم:“ها“
چيائين :
”تون يا تنهنجي ڪا مائٽياڻي مونکي ڀاڄوڪڙ نه چوندي“
وراڻيم
“آئون ته نه چوندس پر مائٽياڻيءَ کي به منهنجي اڳيان اهو لفظ مهانگو پوندو. باقي پرپُٺ چوي ته تون پاڻ پُڄجانس“
چيائين:
” مُڇ تي هٿ رک“
جهٽپٽ مُڇ تي هٿ رکي ويٺو هئس. هُن سينڌ تي هٿ رکي ڳالهايو:
”جيئن منهنجي ماءُ ابا سان وچن ڪري زندگي کيس ڀيٽا ڏني هئي، ايئن ئي آئون به توسان وچن ٿي ڪريان ته توسان گڏ جيئنديس ۽ گڏ مرنديس. توکانسواءِ اکيون ڪنهن ڏانهن ميري نظر ڏسن ته ڪڍي ڪُتن کي ڏيان. چپ تو آڏو چُرن ته سُوئن سان سبي ڇڏيان. ڪن تنهنجي گلا ٻُڌن ته منجهن ٽانڊا وجهي ٽھڪايان ۽ توسان کارو ڳالهايان ته ٻُڏي مران!“
ان کانپوءِ ستين رات هن ساڳي جاءِ تي اچڻ جو انجام ڪيو هو. ڇھي راتيون آڱرين تي ڳڻيندي ڪٽيون هئم.
ستين رات ڍاٽيڙي تي جُھل وجهي، پاکڙو رکي پهتو هئس ته هوءَ گَوَن جو پڙو، حُرمچ گج ۽ ٻانڌڻي چُني پهري مون کان اڳ اُتي موجود هئي. آسمان تي چوڏھينءَ جو چنڊ چمڪي رهيو هو. ٻارڙو هئس ته آسمان جو چنڊ چورائڻ جي سڌ ٿيندي هئي، پر ان رات هوءَ به چنڊ کان ڪو گهٽ سُھڻي ڪون هئي! ۽ آئون کيس انڊيا مان چورائي پاڪستان اچي رهيو هئس، اها به ڪا عام ڳالهه ڪون هئي!
مون اٺ جهيڪيو ته هن مون کي ننڍڙي هڙ ڏيندي چيو هو
“کرتائي گيھ ۽ ڳُڙ ۾ ماھٽيل ٻاجهر جي ماني آھي، متان سمجهين ملڪيت کڻيو پيئي هلان. ايئن ڪريان ته جيڪر چون:
” رن ڀاڄوڪڙ پاڻ ويئي گهر به ٻُھاري ويئي“
مون هن جي ڏنل هڙوٽي پاکڙي جي ڀِرڻي ۾ ٽنگيل پاڻيءَ جي سانداريءَ جي ڀر ۾ ٻڌي ڇڏي. اٺ تي چڙھڻ کان اڳ هن پنهنجن اباڻن گهرن ڏانهن ايئن نهاريو، ڄڻ ھُوءَ اتي گُذاريل حياتيءَ جون سموريون ساروڻيون اکين سان ميڙي، دل جي هڙوٽيءَ ۾ هميش لئه ھٿيڪيون ڪرڻ خاطر ويڙھي رهي هئي. مون ڏانهن مُڙي ته ڏٺم سندس اکين مان ٻٽا ٻِٽا لڙڪ ڇڻي رهيا هئا. چُنيءَ جي پلئو سان ڳوڙها اُگهي چيائين:
”پنهنجين پيارين شين کي آخري ڀيرو ڏسڻ به ڪاوا ڳڙڪائڻ جيئن ڏاڍو ڏُکيو هوندو آھي، سو به تڏُهن جڏھن اها پڪ هجي ته اسين کين وري ڏسي نه سگهنداسين!“
هوءَ واقعي هڪ پدمڻي عورت هئي. اٺ تي چڙھي ويٺاسين، ته ڀٽارو تترن وارا ڀڙڪا کائڻ لڳو. ڀاڳڀريءَ سبب کيس تکو ڪاهي نٿي سگهيس، متان ٿڪجي پوي.
رڻ ۾ چؤڦير اڇ ئي اڇ ڏسي پڇيائين:
”آسپاس پاڻي آهي؟“
وراڻيم:
”انهن کي چئبو آھي اک-ڌُوتارا. ماڻھو ڀائيندو پاڻي آھي، پر هوندو ڪون. جيئن ويجهو وڃ تيئن پري!“
هوءَ کلي پيئي هئي. کلندي کلندي چيائين:
”۽ ڪي ماڻهو وري دل-ڌُوتارا هوندا آھن. جيئن چاهبو، تيئن پري!“
هوءَ ڳالهين ۾ ڪويسر هوندي هئي. آئون ساڻس پُڄي نه سگهندو هئس.
اسانکي خبر هئي ته پويان جي جلد ڪنهن ساري ورتو ته واهراڙو ضرور ٿيندو. ان ڳوٺ ۾ ٻه ٽي ھمراه رڻ جا سُونهان مونکي سُجهيا ٿي. اهو به خيال رکڻو هو ته متان چونڪين وارا ڪٿي اچي گڏجن، اڳي جيئن اتاڪو اٺ ڪاهڻ سبب متان ڀاڳڀري چونڪ مان نڪري وڃي!؟اهو جتن به ڪرڻو هو ته متان ڊگهي مسافريءَ ۾ هوءَ ٿڪجي پوي؟سو اٺ اڳي کان گهڻو آھستي ڪاھڻو پئجي رهيو هو. سمورا جوکا هڪڙي جائي تي اچي گڏيا هئا.
سج جي روشنيءَ ۾ جڏھن نکٽ وڃائجڻ لڳا ته اڃان گهڻو رڻ باقي هو. مونکي به ڀئو ٿيڻ لڳو ته متان واٽ ڀلجي وڃان. اڳي نکٽن جي سهاري راتورات نڪري ويندا هئاسين. پر اڄ وچ ۾ ئي سج اُڀري رهيو هو. رات شينهن جو وات آھي، سمورا خطرا کايو ڇڏي. پر ڏينهن چور جو دشمن ۽ ساڌ جو ساٿاري آھي.
سج اڀري ٻه پُرھ مٿي اچي چُڪو هو. ڀاڳڀري به اٺ تي ويهي ويهي ٿڪجي پيئي هئي. هرهر پڇي رهي هئي:
” اڃان ڪيترو رڻ جوپنڌ باقي بچيو آھي؟“
آٿتون ڏيندو رهيس:
” بس ٿورو صبر ڪر“
ڪجهه اڳتي هلياسين ته هن ايلاز ڪندي چيو:
“مهرباني ڪري اٺ جهيڪ، منهنجي چيل سور مان ڦاٽي ٿي“
اٺ جهيڪيم. سانداريءَ جو منهن کولي پاڻي پيتوسين. ناڙا ڇوڙ ڪري، ماهٽل ماني کاڌيسين. ڀاڳڀريءَ ٻه گره هڻي بس ڪئي ۽ اٺ جي ڇانھ ۾ ليٽي پيئي. آسپاس ڪو به وڻ يا ڇانھُ ڪون هئي. بيٺل اٺ جي ڪجهه ڇانھ ۽ ڪجهه ڪاڙھي ۾ پير ٻيڪڙڻ جيترو ڦُوڪارو کائي، ڀاڳڀريءَ کي چيم:
”اٿ هلون، متان ڪو جهنگلي جناور اچي نڪري. گهٽ ۾ گهٽ اٺ تي ته چڙھيل هجون!“
ڀاڳڀري شوڪارو ڀري اٿي بيٺي. چيائين:
”اٺ جي سواري ڪڏھن ڪيل ڪونهين. ايئن ٿي ڀايان جهڙو هڏ ڀڄي پيا آھن، جوڙ-جوڙ مان ٽُٽي پيئي آھيان. “
دلداري ڏنيمانس:
”بس هاڻ ٿورو ڏندن تي ڏي، سگهوئي رڻ اُڪري وينداسين“
ڳپل پنڌ جهاڳي، ڪس کي ڪجهه اوڏڙوآياسين ته اوچتو پويان ڀاڳڀريءَ رڙ ڪئي. پوئتي جو لوڻو ڦيريم ته مار!! ٻن اٺن ۽ هڪ گهوڙي تي لٺين ڪهاڙين سان پنج همراھ اچي ويجها پهتا. ڀاڳڀريءَ کي چيم:
”پاڻ سنڀالي ويھ، ڀاڳيا اجهو رسيا“
اٺ جي مُهار جو کنئيم ته ڀٽارو جهڙو پڃري مان پکي اُڏاڻو. پويان همراه به پراين مائرن جا پٽ ھئا، واءُ-مينهن ٿيندا ڳنڍيا آيا. پر آفرين هجي ڍاٽيڙي کي، جنهن وچ واري ڇيٽي ڀڃڻ ڪون ڏني. لک آفرينون ته ڀاڳڀريءَ کي به هجن، جيڪا ٿڪ ۽ تڪليف باوجود اهڙي قابُو ٿي ويٺي، جهڙي اٺ جي پوئيين چونڪ تي کُنڀي اُڳي آئي هئي. رڻ ٽپياسين ته پويان همراه بيهي رهيا. اٺ ڍرو ڪري لوڻو ڦيري جو ڏٺوسين پويان بيٺل همراهن مان ڪن بجا گهروڙي اسان ڏانهن اُڀا ڪيا. ڀايان ٿو هنن ڀانت ڀانت جون گاريون به اسان ڏانهن اڇليون هيون، پر وچئين وڇوٽيءَ سبب اسان تائين پهچي ڪون سگهيون. مون به ڀُونڊو ڏيڻ چاهيو، پر ڀاڳڀريءَ هٿ جهلي ورتو. کلي چيائين:
”ساهرن جو ته خيال ڪر“
مون چيس:
”هنن کي به ناٺي ڪون گڏيا هئا، مون جهڙي ناٺيءَ کي به ست پيڙھيون ياد ڪندا“
ڀاڳڀريءَ وراڻيو:
”آئون به چونڪ مان نڪرڻ تي هُيس. ٿورو اڳتي اچن ها ته شايد پويان ڪري پيئي هجان ها. مون وارا مائٽ پيا مونتي هٿ ٺارين ۽ تون وڃي پاڪستان پهچين ها!“
مون ٽھڪ ڏنو.
هن چيو:
”خدا جي واسطي هاڻ اٺ جهيڪ، منهنجو ساھ ٿو نڪري“
هن جملو ئي پورو مس ڪيو ته سامهون نئين مصيبت نازل ٿي پيئي. ٻن اٺن تان لٿل چار چوڪين وارا سامهان ڄار جي ٻوٿار جي اوٽ مان پرگهٽ ٿي پيا. هنن اسان کي بيهڻ جو اشارو ڪيو. سمجهي ويئس ٻه ٽنگو ڦاٿو آھيان. سڄي عمر جا ساڙا هاڻ ڪڍندا“
جانُوءَ ڳالهه روڪي صابوءَ ڏانهن ڏٺو. الاءِ ڪهڙو خيال آيس، وري ڌيان سان صابوءَ ڏانهن ڏسڻ لڳو، جيڪو پنهنجن خيالن ۾ گم سم لڳو پيو هو.
”ڀانيان ٿو اڄ تنهنجو مڻڪو، ٺڪاڻي ڪون آھي، منهنجون ڳالهيون تولاءِ جهڙيون دٻي ۾ ٺِڪريون. !“
صابوءَ خيالن جا وچڙ ڪڍندئي، حواس جانئتا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”نه ڪاڪا ٻُڌم پيئي“
”نه ٻيلي! مون به ماڻھو چاريا آھن، اڄ تون ڪجهه ٻيو پيو لڳين!“
جانُوءَ الاءِ ڪيئن چيو پر صابوءَ کي لڳو ڄڻ هو ماڻهو نه پر سچ پچ جانور ٿي پيو هو. ڪجهه دير اڳ جڏھن جانو ڳالهه ڪري رهيو هو، تڏهن به صابو پنهنجن خيالن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل هو. عجيب عجيب خيالن جون مکيون، هن جي من ماناري تي اچي ويٺيون ٿي، جن کي هن حواسن جي هٿن سان هڪلڻ جي ناڪام ڪوشش پئي ڪئي.
”هاڻ آئون جانور ٿي ويندس. ٻين کان گرھ ڦُري پاڻ کائي وٺندس، سڀ ڳڻتيون ختم، جوڳين ڪهڙي جوءِ، سامين ڪهڙا سنڱ. !”
صابو دل ئي دل ۾ سوچيو هو. سندس چهري تي به ڪي اهڙا تاثر آيا هئا، جيڪي جانوءَ کي عجيب لڳا هئا.
جانو پنهنجي جاءِ تان اٿي، صابوءَ جي ڀرسان اچي بيٺو، سندس ڪلهي تي هٿ رکي، چيائين:
”هاڻ اُٿ ته اُٿون. تون گهر وڃي آرام ڪر. مونکي خبر آھي بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري. پر مڙس ماڻهو ٿي. ڏڪار به مڙسن لاءِ ايندا آھن“
جانوءَ کان موڪلائي صابو گهر ڏانهن هلڻ لڳو، هن ڏٺو ته جانو، کيس گهر ڏانهن ويندئي اڃان ڏسي رهيو هو. هن کي جانوءَ جي لفظن۾ ”داناءُ ديوانا” ٿيڻ وارو اشارو پاڻ ڏانهن منسوب ٿيل محسوس ٿيو. گهر ڏانهن ويندئي هن سوچيو:
”ڪنهن ڪنهن ويل مونکي عجيب خيالن جا ولر ڪوھ ٿا ورائين؟آڻڻ چاڙھڻ جي ڳڻتين ۽ گهر وارن جي معصوم آسن ۽ پُڇاڻن جي گهرن گهاوَن کان نٽائي ڀڄڻ جو نتيجو اهو آھي، جو آئون ڪنهن ڪنهن ويل ھوش ۽ حواس وڃائي رهيو آھيان“
گهر جي گهٽيءَ وٽ پهتو ته سامهون سندس ننڍڙي ڌيءَ بختاور ڊوڙندي سامهون اچي رهي هئي.
”ابا اتو، ابا ابا اتو“
تڏھن کيس ياد آيو ته هو زال ۽ ٻارن کي اها آٿت ڏيئي گهران نڪتو هو ته اڄ ڀر واري ڳوٺ جي هڪ واسطيدار دڪان واري کان اوڌر تي اٽو وٺي ايندو. پر ان دڪانواري تهاوڌر ڏيڻ کان کُتو جواب ڏيئي ڇڏيو. مورڳو سُڃاڻو ئي نه ٿئي! چانھ جو ڪوپ پيارڻ کان به ويو. واپسيءَ ۾ هن کوھ وٽ بيٺل جانوءَ سان ڪچهري ڪئي هئي. اصل ۾ هن کي جانوءَ کان اهو پڇڻو هوته ”ڏڪار ۾ ڄاتل سڃاتل اڻ سُڃاڻو ڇو ٿيندا آھن؟!“
پر هن کان ته سُورن ۽ پُورن ۾ پنهنجو پاڻ به وسري رهيو هو. بختاور جو آواز ٻُڌي ٻيا ٻار به چونئرن کان ٻاهر نڪري آيا.
”ابا اٽو، ابا اٽو، اتو اتو. . . . !!”