باب تيرهون
”سائين! اسلام ۾ هڪئي وقت هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ جي اجازت آھي، پر اڄڪلهه جون بظاهر مذھبي ۽ صوم وصلوات جون پابند عورتون به مڙس جي ان مذهبي حق کي تسليم ڪرڻ لاءِ ڇو تيار ناهن؟“
دلبر چتائي ڏٺو. ڇوڪرو ساڳي هو، جنهن گذريل هفتي ادب تي ليڪچر ڏيڻ وقت کانئس پڇيو هو:
”سائين! شاه لطيف جي شاعريءَ کي پسند ڪرڻ وارا، پنهنجي ڌيءَ جو سهڻي ٿيڻ ڇو پسند نٿا ڪن؟ جن کي مارئيءَ وارو ست سيل پسند آھي، سي وري محلن جي ماليا خوليا ۾ مبتلا ڇو هوندا آھن؟ ڌيئن لاءِ ڦوڳ جهڙا ور ڇو نٿا منتخب ڪن؟ ڊرائنگ رومن ۾ شاه سائينءَ جو رسالو پڙھڻ وارا جوڳين سان گڏ جبروت جا پيادل پنڌ ڇو نٿا ڪن؟!
ٻيو ته دراوڙن يا مسڪينن جي محبت ۾ شاعري ڪرڻ وارن شاعرن مان اڄ تائين ڪنهن به ڪنهن ڪوجهي، ڪاري ۽ غريب دراوڙياڻي يا پينو فقيرياڻي سان همدرديءَ ۾ شادي ڇونه ڪئي آھي؟!
نه وري سنڌ جي اصلوڪن رهواسين سان عشق ڪندڙ ڪنهن دانشور، ڪنهن مسڪين اصلوڪي سنڌي کي ناٺي منتخب ڪري ڪو مثال قائم ڪيو آھي؟!ايئن ته ناهي صنفي، نسلي ۽ مذهبي بنيادن تي مشتمل نفرتون ۽ ويڇا هاڻ طبقاتي سوچ جي سنگتي خود پرست انائن ۾ وچڙي پيا آهن!“
ڇوڪري هن کي پوئيين هفتي به منجهايو هو ۽ اڄ به منجهائي رهيو هو. لمحن لئه هن ۾ سينيئر ۽ دليل ۾ کُٽي پيل ڪمزور شخص واري انا جاڳي پيئي، پر وري کيس ياد آيو ته هن ته ڪڏھوڪو انا کي اڇلائڻ جو پاڻ سان واعدو ڪيو هو. ان ڪري هن ڇوڪري کي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ان وقت جنگين سبب بيواه عورتن…“
موڪل جي گهنٽي وڳي هئي. دلبر ”باقي ايندڙ ھفتي. . . ” چئي ڪلاس مان نڪري آيو هو.
پرنسيپال جي آفيس ڏانهن وڃڻ بدران دلبر شاگردن سان گڏ اسڪول کان ٻاهر نڪتو هو.
گهر ڏانهن ويندي، کيس چوڪ تي ماڻھن جو هجوم نظر آيو. هجوم مان گس ٺاهي اڳتي ڏٺو هئائين ته کيس حيرت جو جهٽڪو لڳو هو.
پيرسن شخص جي لاش مٿان هڪ عورت روئي رهي هئي. کيس پراڻا ڪپڙا ۽ ٽٽل چپل پاتل هئا.
هجوم مان ڪنهن چيو:
”پوڙھي جو موت، دل جي دوري سبب ٿيو آھي“
ٻي چيو:
”لڳي ٿو سالن کان بيمار هو“
لاش مٿي روئندڙ عورت جي جملي سڀني کي ڇرڪائي وڌو:
”اصل ۾ نانا ڳوٺ مان لڏڻ وقت ئي مري ويو هو. هتي ته بس سندس جسم حرڪت ڇڏي ڏني آھي!“
دلبر چتائي عورت جي اکين ۾ نهاريو. سندس اکين کان ڇنڀجڻ وسري ويو، دل جي ڌڙڪن وڌڻ لڳيس.
ٻه قدم اڳتي وڌي عورت جي سامهون وڃي بيٺو. عورت ڇرڪ ڀري ڏانهنس ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ جُھڪائي ڇڏيو. دلبر عورت سان مخاطب ٿي چيو:
”سورٺ پنهنجي رشتي کان قسمت هر ڀيري امتحان ورتو آھي، پر اڄ نصيبن جي کيل ۽ منهنجي آزمائش وچان آخري معرڪو ٿيندو!“
هجوم مان هڪ ڀڻڪو گهڻن ڪنن ٻُڌو:
”ڏسڻا وائسڻا ماڻھو ڳاڙھو ڪپڙو ٿا ڏسن ته ميت جو به حيا نٿا ڪن؟!
دلبر ماڻھن کي مخاطب ٿي چيو:
”ڪنهن بدگمانيءَ جي گند ۾ نه تِرڪو! سورٺ منهنجي رشتيدار آھي. فوت ٿيل همراه به منهنجو عزيز آھي“
هڪ نوجوان کلندو، ڀڻڪندو پري هليو ويو:
”هائو! تڏھن ئي ته سُکيا آھن!“
سهيند هڪ جواڻ جماڻ عورت کي دلبر سان گڏ گهر ايندي ڏٺو هو. جنهن کي ڪوئلي جي ڪم سبب ڳوٺ مان لڏڻو پيو هو. سندس نانو اسلام ڪوٽ جي هڪ چوڪ تي فوت ٿيو هو. جنهن جي ڪفن دفن دفن جا خرچ ۽ انتظام به دلبر ڪيا هئا.
دلبر سهيند کي ٻڌايو هو ته سورٺ ڏُکن جي ماريل غريب ڳوٺاڻي عورت هئي، جنهنجو هاڻ هن دنيا ۾ ڪو به ڪون هو! سهيند حسن سلوڪ واري سرشت ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي، سورٺ کي سڳي ڀيڻ جيتري ئي عزت ڏني هئي ۽ سندس غم گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي! کيس سٺا سٺا وڳا وٺي ڏنا هئا ۽ جديد سينگار پڻ ڪرايا هئا. جنهن ڪري سورٺ جي رنگ، روپ ۽ شخصيت ۾ زبردست نکار آيو هو.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان، سهيند ۽ سورٺ گڏجي نماز پڙھنديون هيون ۽ گهر جا ڪم ڪار ڪنديون هيون. پر ٻن ڳالهين سهيند کي پريشان ڪري وڌو هو. هڪ ته هوءَ ليڊيز دڪان تي ويندي هئي ته مايونکانئس پڇنديون هيون:
”سهيند! چون ٿا تنهنجي مڙس ڪا سُريت آڻي گهر ۾ ويهاري آھي، جيڪا توکان وڌيڪ سهڻي آھي؟“
۽ ٻيو اهو ته دلبر سهيند جي سامهون، سورٺ سان مخاطب ٿيڻ يا اک ملائڻ کان لنوائيندو هو.
الاءِ ڇو ڪجهه وقت کان سهيندجو عورتاڻو حس چُغلي هڻي رهيو هو ته سورٺ ۽ دلبر وارو معاملو ڪٿي نه ڪٿي گڙٻڙ جو شڪار هو!
سهيند هڪ ڀيري دلبر کان دٻيل لفظن ۾ پڇيو به هوته :
”ڇا تون هتي اچڻ کان اڳ، سورٺ کي سڃاڻندو هئين؟“
ته دلبر وات چٻي ڪوڙ ھنيو هو:
” نه …ن بلڪل نه“
تڏھن سهيند کي محسوس ٿيو هو ته گهڻي وقت کان پريڪٽس ڇڏڻ سبب، هُو هاڻ ڪوڙ ڳالهائيندي ٿِڙي رهيو هو! لمحن لئه کيس خيال آيو هو ته هوءَ سورٺ جي گڏ رهڻ تي اعتراض ڪري. پر وري هن ڪجهه سوچي :”مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ“ ڪئي هئي.
اها ڦڳڻ جي اداس شام هئي. سهيند ٻار وٺي، ليڊيز دڪانن تي، خريداريءَ لاءِ ويل هئي. دلبر ريزڪي دڪان تان چڪر لڳائي جلد موٽيو هو. دروازو کڙڪايو هئائين ته سورٺ کوليو هو. گهر ۾ سهيند کي نه ڏسي، دلبر سورٺ سان گڏ هلندو، سندس ڪمري ۾ بيڊ تي ساڻس گڏ اچي ويٺو هو.
ڳپل پل خاموشيءَ جا گذري ويا. اهڙي خاموشي جنهن ۾ زبانن کان ڳالهائڻ وسريو وڃي. سيڪنڊن ۾ ڪروڙين ڪٿائون لڪيو وڃن. ۽ اکين جي اڃ ٿر جي واري ٿي پوي!
نيٺ دلبر سورٺ جي اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو:
”سورٺ! سڪندي سال ٿي ويا آھن. دل چوي ٿي، توکان ڌار گذاريل سوڳوار شامن ۾ مليل درد، وري ايئن قلم سان ڦُلوريون، جيئن ريڊيو وارن ڏينهن ۾ ڦلوريندا هئاسين! توکي حاصل نه ڪري، مون زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه وڃائي ڇڏيو. تِر جي گُٿل سئو چوٽون کائيندي آھي، پر مون ته هزارين زخم کاڌا آھن. وري ملي به آھين ته اھڙي موڙ تي، جو گڏ ھُوندي به ڌار آھيون. سامهون هوندي به ڳالهائي نٿا سگهون! هن کان ته نانگن جا مٿا چپلڻ وارا ڏينهن به سٺا هئا!”
سورٺ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
دلبر سندس هٿ کي پنهنجي هٿن ۾ جهلي چپن تائين آندو. سورٺ ڪجهه چوڻ چاهيو، پر چئي نه سگهي. ماٺ جو لمحو ڄڻ زهر جو ڍُڪ هو، جيڪو سورٺ ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس وات مان الاءِ ڪيئن صرف هڪ لفظ نڪتو:
”ادي سُھيند!!“
تڏھن دلبر کي ياد آيو ته هن کان ٻاهرئين در جو ڪُنڊو ڏيڻ وسري ويو هو. هن جهٽ پٽ ڪمري جي در ڏانهن نهاريو. سامهون سهيند بيٺي هئي.
دلبر ۽ سورٺ مجرمن جيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. سهيند سندن ڀر ۾ اچي پڇيو:
”ڪهڙي ضرورت هئي، ڪوڙ ڪرڻ جي ۽ چورن جيان ملڻ جي!؟“
دلبر ۽ سورٺ جي چپن کان چُرڻ وسري ويو. حالت اهڙي جو، سندن ڪنڌ تي ڪاتي رکجي ته هُوند هڪ ڦُڙو به رت نه نڪري!
سُهيند دلبر کي ڌنڌُوڙيندي پڇيو:
”جواب ڏي، وات ۾ منڱ اٿئي ڇا؟ ڪهڙي ضرورت هئي؟!“
دلبر جتي هو، اتي ئي بت بڻيل رهيو.
سهيند پنهنجي ساءِ چيو:
”مونکي هيءَ خبر هجي ها ته جيڪر. . . . . . . !!“
ان ئي لمحي سورٺ اٿي، هٿ ٻڌندي چيو:
”ادي سُهيند، آئون تنهنجي ڏوھارڻ آھيان. معافي گهرڻ جي لائق نه آھيان پر ٿي سگهي ته تنهنجي گهر جو داڻُو پاڻي معاف ڪجان. آئون هلان ٿي“
سورٺ ٻاهر وڃڻ لڳي. ان ئي لمحي سُھيند کيس روڪيندي، چيو:
”هي گهر رڳو منهنجو نه پر تنهنجو به آھي!“
سورٺ ۽ دلبر حيرت مان سهيند ڏانهن ڏٺو، جيڪا هاڻ دلبر سان مخاطب ٿي چئي رهي هئي:
”مئا! مس مس گناهن مان آجو ٿيو هئين، وري ميڙڻ شروع ٿي وئين! ڪهڙي ضرورت هئي، لڪي لڪي گناه ڪرڻ جي؟ مولوي وٺي نڪاح ڪري وٺ. اسلامي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پيئي آھي. “
سورٺ ۽ دلبر جي اکين کان حيرت ۾ ڇنڀجڻ وسري ويو.
سهيند چئي رهي هئي:
”مرد هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ زالون رکي سگهي ٿو. ھونئن به مظلوم ۽ لاوارث عورتن کي اجهو ۽ سهاڳ ڏيڻ وڏو ثواب آھي!“
سهيند دلبر کي ٻانهن مان جهلي، اُٿاريندي چيو:
”مُئا! جلدي نڪاح جو بندوبست ڪر. سهيند منهنجي ڀيڻ آھي ۽ ڀيڻن کي ڀلا هڪ گهر ۾ رهندي ڪهڙي تڪليف ٿيندي!؟“
گهر کان ٻاهر ويندي، دلبر سوچيو:
” بي سهاره عورت جو سهارو بڻجي، آئون ثواب کٽي رهيو آھيان يا سُهيند؟!!“