باب نائون
”اميرو ڪارو نانگ آھي، نانگ! شال نه ڪنهن سان کيڌ پوي. قاسُوڙي ويچاري کي ويرمُٺ هڻي ڪنڌ مان جهوري وڌائين. ڊاڪٽر چون گڙدن ٽوڙ بخار آھي، پر ڏنل هئي اميري جي جهڙپ!جينُوءَ سان وير وڌائين ته جنڙا راتُودي کٽ سُوڌي کڻي ويئس اميري وٽ!“
”هان ماسي! چون ٿا اميريڀانيءَ کي ڇڪي هئي، انڪار ڪيائين تڏھن ئي اميري جن بڇيو هو، جنهن نانگ ٿي ڀانيءَ جي مڙس کي کاڌو هو؟“
”ائي امان هائو. مُئي جو پرتي مُنهن هجي شال!“
هڪ جواڻ عورت کي رڦڻي ٿي پيئي هئي، جنهن جي ٻني اميري جي ٻنيءَ جي پاسي ۾ ھئي! پر هن اندر جو خوف لڪائڻ خاطر موضوع بدلائيندي پڇيو:
”هان. . . ادي چون ٿا ته ڪوئلي وارا زمين مان ڪوئلو ڪڍن ٿا، ان ڪري پاڻ کي هتان لڏڻو پوندو؟!“
هائوڙي امان! اها ڳالهه ڇوڪرن صبح جو ڪئي پيئي. “
”لڏي ڪيڏانهن وينداسين؟!“
”چون ٿا شهر ۾ گهر ٺاهي ڏيندا“
هڪ ڪُراڙيءَ کي ڳڻتي ورائيويئي
”آئون بيمار ڌيءَ سان گڏ شھر ويئي هُيس ته باڪس جهڙين کُڏين ۾ پنج ڏينهن پيٽا ئي نه اچي“
ٻارڙا ۽ ننڍي عمر واريون عورتون کلي پيون هيون. هڪ ڇوڪريءَ کيٽو ڪندي چيو:
”اهي ته چار ڏينهن هئا، ڪٽي ويئيين، پر هاڻ سڄي حياتي اُتي ڪٽڻي پوندي. “
وري ڪي ٽھڪ هوائن ۾ اڏاڻا هئا. هڪ اڌڙوٽ عمر عورت، سڀني جو ڌيان پريانايندڙ سورٺ ڏانهن ڇڪائيندي چيو هو:
” ماٺ ڪريو سورٺ کان پُڇون. پڙھيل آهي، ريڊيو به سُڻي ٿي“
سورٺ آئي هئي ته هڪ جهونڙيءَ کانئس پڇيو:
”سورٺ ڌيءَ ڀلا ڏي خبر؟ چون ٿا ته ڪوئلو نڪري ٿو، ان ڪري پاڻ کي هتان لڏڻو پوندو؟“
”چاچي! نه رڳو لڏڻو پوندو پر ڀونگا ڀيڻيون، گس پنڌ، ٻنيون ٻارا، وڻ وٿاڻ، ڀٽون پاساڙا، تڙ اواڙا، ڇانگُون ڇيڪارا ۽ سنڱ سياپا به ڇڏڻاپوندا ! مطلب ته رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي ۽ سارن پچارن تائينگهڻو ڪجهه هتي رهجي ويندو!”
هڪ پوڙھيءَ پڇيو:
”ڌيئم! آئون سمجهيس ڪون؟!“
”ماسي مطلب ته تون محرم تي رڙھي پنهنجي والد جي قبر تي مٽي وجهڻ ويندي آھين. هتان لڏڻ بعد شايد ايئن ڪري نه سگهين!؟
يا وري ايئن سمجهه ته توکي ڇيلا پالڻ جو شوق آھي، پر شهري ماحول ۾ تون ڇيلن پالڻ جا خرچ ڀري نه سگهندئين! يا وري ايئن سمجهه ته جيڪڏھن تون ڀاڳياڻي آھين، کير ولوڙڻ ۽ گهڻي لسي مکڻ تي هريل آھين، ته اهو شُغل به اتي پورو ٿيڻ ڪجهه ڏکيو آھي!“
هڪ اڌڙوٽ عمر عورت ڀڻڪي:
”گهوڙا مُٺيس! هينئر ته ڏڪار آھي، مال به کُسرٽجي ويو آھي پر ٻه ٻڪريون سُئائون آھن. انهن مان اڇو ڏند ڪريو ويٺا آھيون. آئون ته جيسين مانيءَ مٿان لسي نه پيئان تيسين، سوڌراڻ ئي نٿو ٿئي“
هڪ ٻي مائيءَ چيو:
”ادي ڙي! آئون ته صبح سويل اٿي، وٿاڻ ۾ بيٺل مال نه ڏسان، تيسين ڪجهه وڻئي ڪون. ڏڪار ۾ وٿاڻ خالي پيا آھن، پوءِ بهاٿندي انهن کي ڏسي، گهراڙ ٻڪريون ڏھي، پوءِ اچي گهر جي ڪم ڪار کي لڳان!“
هڪ جهونڙي چيو:
”آئون سامهلي پاڙي پرڻايل ڌيءَ جي گهران جيسين رات وارو ڦيرو نه ڪڍان، تيسين ننڊ ئي نه اچي!“
سورٺ چيو:
”اهوئي ته آئون به چوان پيئي ته شوق، شغل ۽ عادتن تائين گهڻو ڪجهه هتي رهجي ويندو!“
ڪراڙيءَ چيو:
”گهوڙا مُٺيس! آئون ته مري وينديس“
هڪ ڇوڪريءَ چيس:
”ڏاڏي مرندئين ڪون، باقي سورن جي ٿيندئين!“
وري ڪي ٽھڪ هوائن ۾ اڏاڻا هئا.
سورٺ سنجيده ٿيندي چيو:
”گهڻو ڪري هر ٿري ٻھراڙيءَ جي عورت جي روح ۾ مارئيءَ جو واسو آھي. کيس بنگلن ۾ به ڪيترا طعام ۽ آرائشون مهيا ڪري ڏجن پر پوءِ به هوءَ خوش ۽ مطئمن رهي ڪونه سگهندي!“
ڪراڙيءَ پڇيس:
” ڌيئم! پڙھيل آھين، ڀلا ٻُڌائي ڪا امدادي ٻي ملي ٿي؟!“
سورٺ وراڻيو:
”چون ٿا مٺي، سلام ڪوٽ ۽ ٻين شھرن ۾ روز ڪيئي ٽرڪون امداد ورهائجي رهي آھي. ٿُڪ بُجي ۽ ڌَڪ ٺيلهي جا ڏاڍا ماڻھو ڪپڙا بدلائي، ڏھاڙي ڏھ ڏھ ڀيرا امداد وٺي رهيا آھن، جڏھن ته ٻھراڙين ۾ جتي روزگار به گهٽ آھي ۽ ڏُڪار جا اثر به سوايا آھن، اتي امداد به نٿي پهچي. ڪي ماڻهو عزت نفس مجروح ٿيڻ جي خوف کان ڏنڊن ۽ ٺيلهن ۾ امداد وٺڻ کان ماڳهين بک مرڻ کي ترجيح ڏيئي رهيا آھن!“
هڪ ٻي مائي ڳالهاڻي:
”ڀر واري ڳوٺ ۾ ڪالهه تيرهين گاڏي ورهاڻي آھي، سڀاڻي چوڏھين اچڻي آھي. امداد جام پيئي ورهائجي“
سورٺ چيو:
”ان ڳوٺ جو هڪ همراه اين جي او ۾ آھي، پنهنجي اداري جي سڀ امداد پنهنجي ڳوٺ ۾ لهرائيندو آھي“
مائيءَ چيو:
” ڳوٺ جي جهرڪي ڳوٺ ڏانهن اڏامندي آھي، پر اهو ته صفا ناحق آھي، جو رڳو ڳوٺ ۽ برادريءَ کي نوازجي“
سورٺ چيو:
”ماسي ناحق ته آھي پر حق رسائي ڪير ڪري؟ حڪومت ۾ انڌ ڌنڌ لڳي پيئي آھي. پاڻ واري مائٽ تپيدار پنهنجو گهر امداد سان ڀري ڇڏيو آھي، پر ڀرسان سندس پاڙيسري وهنيل کي هڪ بسڪيٽن جي پُڙي به نه ملي آھي، ڪٿي آھي انصاف؟!“
ڪُراڙيءَ چيو:
”بس امان جنهن کي وارو ملي ٿو، اهو پنهنجي پُوري ڪري ٿو. منهنجي ناناڻي ڳوٺ ۾ ويچاري متاري جي انڱ تي سڄو ڪپڙو به ڪون هو. ان جو پٽ، چون ٿا شهر ۾ اخبار جو نمائندو ٿيو آھي. گاڏيءَ مان پير ڪون ٿو ڪڍي. چون ٿا اهو به مختيارڪار کان چار گاڏيون امداد کڻائي آيو. ٻه گاڏيون ڳوٺ ۾ ورهائي، ٻه گاڏيون گهر رکي ويو. “
سورٺ چيو:
” لڳي ٿو ڏڪار، ڪامورن، صحافين، اين جي اوز وارن، ۽ وڏيرن پٽيلن لاءِ سڻڀو گرھ ٿي پيو آھي. “
”ڌيئم! صفا سچي آھين، پنهنجي به ڳوٺ جي وڏيري سرڪاري ڪڻڪ جو ڊيپو کنيو آھي. پنهنجي مال کي به ڪڻڪ پيو چاري، اها ڏاڏھنس جي ٿوروئي آھي، پاڻ غريبن جي نالن تي کنئيل هوندي. “
”ٻيو نه ته!؟“
هڪ ڪراڙيءَ پڇيو هو:
”سورٺ! نانهين جانو، اڃان جڙد مڙد لڳو پيو آھي، ٻڪرين جي ٽھل ٽڪور به ڪري ۽ آنڪارو به ڪڍي وڪڻي ٿو. اوهان جي گهر ته هيلوڪي ڏُڪار ۾ هروڀرو لانگهو ڪون آيو هوندو؟“
سورٺ وراڻيو:
”هائو ڏاڏِي! رب جو شُڪر آھي“
هن سوچي سمجهي اها ڳالهه لڪائي ڇڏي ته ڪڏھن ڪڏھن سندس گهر ڀاتين کي پڻ بُکيو سمهڻو پوندو هو.
هڪ ٻي عورت ڳالهاڻي:
”اديون ماٺ ڀلي آھي! هيلوڪي ڏُڪار ته منجهائي ماريو آھي. بيماري ڇڏي ڪون ٿي. سرڪاري اسپتال ۾ علاج ڪونهين. ٻين اسپتالن ۾ وڃ ته ماڳهين ڊاڪڊرن جو ٻاڪو نٿو ڀرجي. مال مري پيو، ٻار مرن پيا“
ڪراڙي ڳالهاڻي:
”هائو امان!رڳو خدن جي پاڙي ۾ ٻه ٻارڙيون گذريون آھن“
ٻارن جي ڳالهه نڪتي ته سورٺ کي پنهنجو چئن سالن جو پٽڙو سڄڻ ياد آيو، جنهنکي هوءَ راند ڪرائڻ لاءِ جانُوءَ وٽ ڇڏي آئي هئي، جنهن کي رات کان هلڪو زڪام لڳلهو.
هوءَ ماين کان موڪلائي گهر رواني ٿي. گهر پهچي سورٺ کي محسوس ٿيو ته سڄڻ جي طبيعت ۾ ڪجهه وڌيڪ گڙٻڙ ھئي. هن جي سهڪي جو آواز ڪجهه وڌيڪ ڳرو ھو ۽ هُو ڪجهه کائڻ بنا ئي ننڊ پئجي ويو هو. سورٺ پريشان ٿي جانوءَ کي چيو هو:
”نانا! سڄڻ ٺيڪ ڪون ٿو لڳي“
”ها امان! اڄ مونکي به موج ۾ ڪون ٿو لڳي. گهر ۾ روڪڙو پئسو به ڪونهين، نه ته هينئر ئي مٺيءَ وٺي هلونس. هينئر سواري به ڪون ملندي. خُدن واري لانگ گاڏي وٺندي 2000 روپيہ ڀاڙو. همراه به بي لحاظو اهڙو جو ذرو به اوڌر ڪون ڪندو. آخر ڇا ڪريون“
سورٺ لوڻي تي هٿ ڦيريندي وراڻيو هو:
”بس رب وڏو آھي، صبح تائين ڏسون ٿا. “
جانوءَ پنهنجي کٽ ڏانهن ويندي چيو:
”صبح ٿئي، پوءِ ڏينهن شينهن آھي. جمعي واپاري کي مموڙي ٻڪري اوڻي پوڻي ڏنيسين ته به ڏھاڪو هزار کن ملي پوندا“
سڄڻ سان گڏ ستل سورٺ، پنهنجي پٽ جي مٿي تي هٿ رکيو، جيڪو ٿورو ٿورو ڪوسو لڳي رهيو هو. ھن کي انيڪ وسوسن ورائي وڌو.
”سڄڻ کي ڪجهه ٿيو ته آئون ڪيڏانهن وينديس؟! نانا جانو به الاءِ ڪيترا ڏينهن حياتي هوندو؟“
هوءَ بيجواب سوالن جي ٽياس تي ٽنگجي پيئي. کٽ تان اٿي دلي مان پاڻيءَ جو گلاس پيءُ وري اچي سڄڻ ڀيڙي ليٽي. سوچن جي ڇوليءَ سندس ذھن جي ٻيڙيءَ کي، ماضيءَ جي ساحل ڏانهن ڌڪي ڇڏيو.
”سندس والد سلطان سيٺ جو قرض مقرر تاريخ تي ڀري ڪون سگهيو هو ته سيٺ، سورٺ جو سنڱ وڏيري لائق جي لولي لنگڙي پٽ کي ڏيئي پنهنجو قرض وصول ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون هيون. تڏھن سورٺ پاڻ کي وڪري جو ڍور محسوس ڪندي، زندگيءَ اڳيان ڪوبه احتاج ڪرڻ مناسب ڪون سمجهيو هو. هن ته اها ايڏي وڏي خبر دلبر کي ٻُڌائڻ به ضروري نه سمجهي هئي. بس هن لوڪ کان لڪي ڀٽ جي ڀاڪر ۾ دلبر سان ڪيل ٽئين ملاقات ۾ رڳو اهو چيو هو:
”دلبر منهنجي شادي ٿيڻ واري آھي. مون توسان جيون گهارڻ جا سپنا سجايا آھن. آئون گهر ڇڏڻ لئه تيار آھيان، مونکي کڻي هل“
”مٺي آئون اڳي ئي شادي شُده آھيان، آئون اڄڪلھ هرپاسي کان وسندڙ تيرن کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھيان. ايئن ڪيم ته منهنجا مخالف ان کي پيچيده اشو ٺاهي، مون لاءِ مسئلا پيدا ڪندا. آئون ڪٿي به ڪنڌ کڻڻ جهڙو ڪون رهندس!“.
دلبر جي جواب هن کي مايوس ڪيو هو. هوءَ محرومين جي اڻکُٽ بليڪ هول ۾ ھلي ويئي هئي. موڪلائڻ مهل هن دلبر کي چيوهو:
”پاڻ شايد هاڻ هيئن ملي ڪون سگهنداسين. شاديءَ کانپوءِ آئون پرائي ملڪيت ٿي وينديس!“
دلبر وراڻيو هو:
”مون هيستائين جي ملاقاتن ۾ تو طرفان مقرر ڪيل حدن کي ڪراس نه ڪيو آھي. گڏ ويٺا آھيون، پوءِ به وچان تڪلف جي تلوار رکي پيئي آھي. اڌورين چمين جي حسرتن جي تربتن تي، مون ڪي به ڪُتبا نه لکيا آھن. مون ته بس ٿڌي ريٽ تي، چانڊوڪين ۾ تنهنجي اکين سان اکيون ٻکي، ديدار جا انوکا ڪش ھنيا آھن. مون لاءِ ته تنهنجي حُسن جو اهوئي انعام ڪافي آھي. “
”مهرباني“
”پر اڄ پنهنجي وچانليٽيل ”فاصلن” جا لغڙ ڪاٽا ڪرڻ لاءِ دل هُرکُر ڪري رهي آھي، هڪ بيساخته چمي باربار چپن تي چُرپر ڪري پيئي! ڇا تون منهنجي اها پهرين ۽ آخري هُجت پوري ڪندئين!“
”نه …جيڪي چپ هميش لئه منهنجا ٿي نٿا سگهن، انهن جون هجتون مون تي هلي نٿيون سگهن!“
”چڱو، محبت پاڪ ۽ لاحاصل ھجڻ جو به پنهنجو حُسن آھي. مونکي فخر آھي ته مون سندم انساني خواهشن جو گلو گُھٽي به، محبت کي لُڙ ٿيڻ کان بچايو آھي. پر ياد رکجان زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڪنهن ٻي مان اهڙي اميد متان رکين!“
”منهنجي زندگيءَ جي وارثي ڪري نٿو سگهين، پوءِ پنهنجون صلاحون به پاڻ وٽ رکي ڇڏ!“
هوءَ اٿي هلي آئي هئي. ٻئي ڏينهن هن دلبر جي پروگرام ۾ زليخان کي ساٿي ڪمپيئر طور ڪمپيئرنگ ڪندي ٻُڌو هو. هوءَ دلبر سان بنھہ بيحجاب ڳالهائيندي، کلندي ۽ کيٽا ڪندي رهي هئي، سندس ٽهڪن جا ٽانڊا هن جي هانءُ تي هارجندا رهياهئا. زلي ۽ دلبر جي ڳالهين جو هر لفظ سندس محبت جي شيش مهل لاءِ هٿوڙو هو! هن سندس ريشمي سماعتن سان پهريون ڀيرو رقيب جذبن جا ڪاوا چُنڊي روح کي رتو رت بڻائي وڌو هو!
سورٺ کي ايئن محسوس ٿيو هو، ڄڻ دنيا ختم ٿي پيئي هئي. هن جي زندگيءَ مان دلبر جي روپ ۾ آيل خوشيءَ جي عارضي ۽ آخري ڪرن به هلي ويئي هئي. هن کي لڳو هو، هن دنيا جي ڪابه چڱي شيءُ غريبن جي مقدر کان رُٺل هئي ۽ ان تي فقط زُليءَ جهڙن مخصوص بااثر هستينجو حق هو! جيون ۾ مليل محرومين کيس جڳ جهان کان بدظن بڻائي وڌو. دلبر کي مياري ميسيج موڪلڻ بعد هن موبائل مان سم ڪڍي اُڇلي ڇڏي. بچيل سڀ نمبر ڊليٽ ڪري موبائيل ڀاڻس کي ڏيئي ڇڏيو. ريڊيو مان سيل ڪڍي، ريڊيو چونئري جي ڀت تي رکي ڇڏيو.
هوءَ لائق جي لولي لنگڙي ڇوڪري سان پنهنجي وڪامڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي هئي. تڏھن ئي سندس ماءُ طرفان پيار پرڻو ڪرڻ تان رُسي سڀ سنڱ ختم ڪندڙ سندس ناني جانُوءَ هن کي لائق وٽ وڪامڻ کان بچائي ورتو هو. ھن سندس ناٺي سلطان سان نه رڳو ٺاھ ڪري کيس معاف ڪيو هو بلڪہ سيٺ جو قرض به ڀري ڏنو هو.
چئن مهينن بعد جانوءَ برادري طريقي سان سورٺ جو سنڱ پاڻ وٽ پُٽيلو ڪيل ڇوڪري شيرل لاءِ گهُريو هو، سلطان انڪار ڪري نه سگهيو هو. ۽ ايئن سورٺ شيرل سانلانئون لڌيون هيون. لانئون لهڻ جي رسم ويل جڏھن عورتن طرفان سنوڻ ساٽ ٿي رهيا هئا. تڏھن هڪ ڪوئو، گهوٽ ڪنوار اڳيان ڪُڏي بد شُگوني ڪري رهيو هو. شيرل پير جي جتيءَ سان ڪوئي کي ماري وڌو هو. ڪوئو مارڻ بعد هن گدگد ٿي موڙ پوئتي هٽايا هئا. نه رڳو داد طلب نگاهن سان آسپاس موجود عورتن ڏانهن ڏٺو هو، بلڪہ گوڏي سان سورٺ کي لوڏو ڏيئي اهو احساس به ڏياريو هو ته ڪيئن نه هن وڏو ڪارناموڪيو هو. ان پهرين هلڪڙائيءَ سورٺ جي دل ۾ شيرل لاءِ نفرت جو ٻج ڇٽي ڇڏيو هو.
کيس شدت سان دلبر ياد آيو هو، جنهن راتين ۽ جهنگ جي اڪيلائين باوجود، نه رڳو سورٺ طرفان مقرر ڪيل حدن سان ڪڏھن هٿ کونئس ڪئي هئي، پر هُن ته خطرناڪ ڪارو نانگ مارڻ وقت به مُڙي سورٺ ڏانهن ڪون نهاريو هو!
شيرل جي هلڪڙائي ويل سورٺ جي دل شدت سان دلبر کي ياد ڪيو هو. هن دل ئي دل ۾ سوچيو:
”هي چوڙين وارا نازڪڙا ٽَرُو ڇورا به پاڻ کي مُڙس ماڻھُو ٿا سمجهن پر حقيقي مرد ته دلبر هو! بس منهنجي قسمت ايئن هئي، نه ته شيرُو تون منهنجي موچڙي جهڙو به ناهين!!“
هوءَ نکڙي ته شيرل سان گڏ هلي ويئي هئي، پر شيرل هن جي تصوراتي مرد جي جاءِ والاري نه سگهيو هو. ويتر سندس هلڪڙائين سورٺ جي دل ۾ ھن لاءِ نفرت ڪٺو ڪري ڇڏي هئي. پر هڪ ٿري عورت جيان هن ٻاڦ ٻاهر ڪڍڻ کي مهڻو مڃيو هو. تڏھن ئي ته سندس وجود بند بازيگر نيهائين ٿي پيو هو!
ٻه سال اڳ شيرل کي بلا کاڌو هو. ويجهي سرڪاري اسپتال ۾ زهر جون سُيون موجود ڪون هيون. کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ۽ هن رستي ۾ ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو.
سورٺ ٿري رسمن موجب لوڪا چاريءَ پار ڪڍي رُني هئي. هن چوڙيون به لاٿيون هيون ۽ وڌواهن جهڙا ڪپڙا به پاتا هئا، پر حقيقت اها هئي ته هوءَ ور جي وڇوڙي جو گهرو گهاوُ محسوس ڪري نه سگهي هئي. بس هن کي سُھاڳ وڃايل عورت جي مهڻي ضرور ماريو هو“!
سڄڻ جي ڀرسان ليٽيل سورٺ پاسو ورائيو ته سندس ڌيان سڄڻ جي ساھ جي گُهگهي آواز ڏانهن کڄي ويو. هن پريشان ٿي سندس مٿي تي هٿ رکيو، جيڪو ڪجهه وڌيڪ گرم لڳي رهيو هو. هوءَ اٿي جانوءَ جي کٽ جي ڀرسان وڃي بيٺي. جانو اڳ ئي جاڳي رهيو هو.
”نانا سڄڻ جو بخار وڌي رهيو آھي. ساھ ۾ پڻ سوڙھ اٿس“
جانوءَ اٿندي چيو:
”خدا خير ڪري، اڃان اڌ رات به ڪون ٿي آھي. ڀٽون به ڪون لڙيو آھي! صبح تائين الاءِ ڇا ٿئي؟ پر آئون لائٽر ٻاري جمعي واپاريءَ وٽ وڃان ٿو. مموڙي ٻڪري وڪڻي خدن واري گاڏي وٺي ٿو اچان. هينئر ئي هلون ٿا مٺيءَ!“
سورٺ واپس وڃي ليٽي هئي. هن سوچيو:
”آئون به ڪيڏي نه بدنصيب آھيان. پرڻجي آيس ٻي سال مڙس مئو. نانا جو ڏيڍ سئو ٻڪرين جو ڊَٽ هوندو هو، سو به کُٽي ويو. نانا جي اکين جو ٺار، مموڙي ٻڪري به اڄ وڪجي پيئي، جنهن کي ايندڙ پِڙيءَ تي جمعو واپاري ڪاهي ويندو. منهنجي ٻچڙي جو به الاءِ ڇا ٿيندو؟!“
هن جو ذھن پٿر وسڻ وارو پراسرار جزيرو ٿي پيو. غم سان سڙٻاٽ ڪندي، الاءِ ڪيترو وقت گذريو هئس. هن گهٽيءَ تي گاڏي بيهڻ جو آواز ٻڌو. ڪجهه دير بعد جانوءَ اچي چيس:
”امان سورٺ! ماڻھُو مِرون ٿي پيا آھن. جمعون ڇهن هزارن کان مٿي رپيو به نه چڙھي. ڏٺئين مجبوري آھي، پاڻھين اڌ رقميءَ ۾ ٻڪري ڏيندا. امان نيٺ ڇا ڪريان پيٽ تي پٿر رکي به ڏھن هزارن جي ٻڪري ڇهن هزارن ۾ ڏيڻي پيئي!”
سورٺ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. جانوءَ دلداري ڏنس:
”بس سڄڻ حياتي هجي، ٻڪري ويئي ته قربان ٿي! تون سڄڻ کي گاڏيءَ تائين کڻي اچ“
لانگ گاڏيءَ جي سيٽ تي سڄڻ کي هنج ۾ جهلي، سورٺ اکيون بند ڪري ڇڏيون. سڄڻ جي ساھ جي ڇڪتاڻ جو آواز، گاڏيءَ جي انجڻ جي آواز ۾ وڃائجي رهيو هو. ۽ سورٺ جي دل جي هر ڌڙڪن بي اختيار چئي رهي هئي:
”شال سڄڻ جي زندگيءَ جو خير هجي!“