ناول

ري اسٽور ٿيل ماڻھپو

هي ڪتاب ناشاد رحم علي جو لکيل ٻيو ناول آهي. علي آڪاش لکي ٿو:
”هن ناول جي ٻولي تشبيهن ۽ استعارن جي تازگيءَ سان ٽمٽار تخليقي ٻولي آهي، جيڪا پڙهندڙ تي وڻندڙ تاثر قائم ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ ڪردار نگاري، مڪالمي، ماحول جي عڪاسي، احساسن ۽ لقائن جي جزئيات جو بيان ۽ ڪهاڻيءَ جي مرحليوار تعمير اهڙا عنصر آهن، جيڪي پڙهندڙ تي پنهنجي جڪڙ برقرار رکن ٿا. مجموعي طرح هيءُ ناول سچاين جي پاسداريءَ جو پيغام ڏئي ٿو ۽ اُهو سماجي سطح تي، بدعنوانيءَ، فردن وچ ۾ عدم سهڪار ۽ مفادن تي ڪُلي طرح ڀاڙيندڙ سماجي بين العمل جهڙن اوگڻن ڪارڻ ڀور جهور جي ور چڙهي ڪمزور ٿيندڙ سنڌ ۾ ڪن آدرشي ۽ مثالي ڪردارن کي تخليقڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙا ڪردار جيڪي اصولن ۽ قدرن سان سلهاڙجي جيئن ٿا.“

Title Cover of book Restore Thyel Manehipo

باب پنجون

“ابا اتو. . . ابا اٽو. ابا ا…!!؟؟”
اهي آواز ڄڻ ماڪوڙا هئا، جن وات جي ٻِرن مان نڪري کيس ورايو هو. جن جي بيشمار چڪن ۾، هن جا حواس منتشر ٿي رهيا هئا. پنهنجي ٻارن جي بيجواب سوالن جا پٿر ڳڙڪائي، ڄڻ ته هُو مستانو فقير ٿي پيو هو، جنهن کي ٻارن تماشو بڻائي وڌو هو!
صابوءَ محسوس ڪيو ڄڻ هو گُلر هو، جنهن کي عذيت پسند ٻارڙا ڇيڙي رهيا هئا. اوچتو هن جي خيالن ۾ واچوڙو ٺھي پيو. هن ڀتر کڻي، بختاور کي واهي ڪڍيو. هوءَ دانهُون ڪري پوئتي ڀڳي. ٻيا ٻارڙا هيسجي حراسجي ڇڊا ٿي بيهي رهيا. بختاور جي لوڻي تي لڳل ڀتر جي زخم مان وهندڙ رت ڏسي، هو کلڻ لڳو. هن جي دل چاهيو، هُو ڪتو ٿي وڃي ۽ بختاور جي وهندڙ رت تي زبان ڦيري.
هن رت هاڻي واريءَ جي مُٺ ڀري، ڪجهه داڻا زبان تي رکي، ان جو ذائقو چکڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ڀانيو ڄڻ ڪو بکايل ڪتو، هن جي وجود ۾ پڇ لوڏي رهيو هو. سامهون صدوري ڪجهه چئي رهي هئي، جيڪو هُو منتشر حواسن سان سمجهي نه پئي سگهيو. الاءِ ڪيئن هڪ جملو، سندس سوچن جي اُلجهيل سُٽ ۾ اٽڪي پيو. ڪو چئي رهيو هو:
“گُرڙ پکي به بک ۾ پنهنجا ٻچا کائيندو آھي!”
صابوءَ گُرڙ پکيءَ تي سوچڻ چاهيو، ڪجهه به سوچي نه سگهيو. آسپاس اوڙي پاڙي وارن جو هُجوم گڏ ٿي پيو. هو ڇا چئي رهيا هئا؟ هن جي سمجهه ۾ ڪجهه ڪون پئي آيو. هن بس اهوئي پئي سمجهيو ته هو جانور هو ۽ ھاڻي هن کي جانور ٿي ئي رهڻو هو! هن زور زور سان کلڻ چاهيو ته وڏا وڏا ٽهڪ پاڻمرادو هن جي زبان واري پينگھ تي لُڏڻ لڳا. ماڻھن هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ۾ کيس ڇاڇا چيو هو؟ هن موٽ ۾ ڇاڇا وراڻيو هو؟ کيس ڪابه سُڌ ٻُڌ نه هئي. بس ٿورڙي دير لاءِ هن کي محسوس ٿيو ته هو ڪتو آھي ۽ کيس اڱڻ جي نم سان ٻڌو ويو آھي. هن زور زور سان ڀونڪڻ جي ڪوشش ڪئي. آسپاس گهيرو ڪري بيٺل ڳوٺاڻي هجوم مان ڪي ٻارڙا کلڻ به لڳا. هن به کلڻ چاهيو ۽ کليو ته بس کلندو ئي رهيو.



ورهانڊڙيءَ ويل، جانُو گهر جي اڱڻ تي، نم جي ڇانءُ ۾، کپ جي واڻ سان واڻيل کٽ تي ليٽيل هو. هن ڏُور آسمان جي نظر ايندڙ ڇيڙن تي نظر وڌي، ڪوبه ڪڪر موجود نه هو. هيڪر ته سندس دل چاهيو ته وڏي آواز سان استاد محمد جمن واري انداز ۾ ملهاري جُهونگاري، پر موسم جي مناسبت نه ڏسي، ماٺ ٿي ويو. کن پل رکي هن ڪنائڻ جي ڪوشش ڪئي. گهر ۾ سورٺ سان ڪا عورت ڳالهائي رهي هئي.
سورٺ پڇيو:
”ڪاڪو صابُو ته ٽيون ڏينهن صبح جو ته تڙ وٽان چڱو ڀلو وڃي رهيو هو، آخر ٿيو ڇا؟“
صدوريءَ وراڻيو:
”ٻنهرن جو، جيئن ئي گهر آيو بتال ٿي پيو. بختاور کي کڙو هڻي مٿو ڦاڙي وڌائين. پاڙيوارا مڙي آيا. ڪنهن ويل ڀونڪي پيو، ڪنهن ويل کلي پيو. بس هلندي ڪل ٿِڙي ويئي. ادي ڙِي مُٺيس آئون. . . چار ڪچا ٻار، ٻي اڻھُوند آخر ڪيڏانهن وڃان؟“
”ڪاڪي جو علاج ڪرائي نه ادي؟“
”ادي وري به ساڳي ڳن، ساڳي ڪهاڙي! اسانجي گهر ۾ ٽن ڏينهن کان اٽو ڪونهي، تڏھن ته تو وٽ آيس ته من ڏٻي اٽي جي ملي پوي ۽ تون چوين ٿي علاج ڪرائي؟!”
سورٺ ڄڻ پنهنجي ڪيل ڳالهه تي پاڻ شرمنده ٿي پيئي. صدوريءَ ڳالهايو ڪاڪو خُدن ڪمپائونڊر وٺي آيو هو، جنهن هن کي سُيون هنيون ۽ ٽڪيون کارايون آھن. ڪالهه راتکان رُڳي ننڊ ٿي پيو آھي. ادي ڏکيو ته گهڻوئي لڳي ٿو، پر ڪوه ڪريون. رات ۽ ڪالهه رات ڪاڪي خُدن ھٿ ۾ سنگهر هڻي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو هوس، جيئن پروَس ماڙهو ڪيڏانهن نڪري نه وڃي!”
صدوريءَ جون ڳالهيون ڪنائيندڙ جانو، لٺ جي سهاري کٽ تان اٿي بيٺو. ماين جي ڀر ۾ اچي صدوريءَ جي مٿي تي هٿ رکيائين.
”آئون ڪنن سان ٿورو پوهروآھيان وريٻُڌائي صابُوءَ کي ڇا ٿيو آھي؟“
صدوريءَ سربستي ڳالهه ڪري ٻُڌائي هيس ته شوڪارو هڻي وراڻيائين:
”صابُو ٽيون ڏينهن مون وٽ تڙ تي ويٺو هو، مون تڏھن ئي لَکي ورتو هو. بس اڻھُوند بڇڙي بلا آھي. “
سورٺ صدوريءَ کي چيو:
”ادي صدوري اسان وٽ به اٽو گهٽ آھي، اڌ ڏٻي کڻي وڃ“
جانوءَچيو :
”نه امان سورٺ نه! بک ويرا آھي، ٻارن جي گَل، اڌ ڏٻيءَ مان ڇا ٿيندو؟! ٻه ڏٻيون ڀري ڏي، مون وري اڪ جو آنڪارو ڪَتي ٽيھ ڍيرا ٺاهي ڇڏيا آھن، سڀاڻي وڪڻي مڻ اٽو وٺي ايندس، باقي ڳُونڌڻ ته آھي ڪون، جو اڇو ڏند ڪريون. پاڻيءَ ۾ مرچ پُسائي گره کائي وٺبا. بس گُوندر گهٽجي ۽ لُڙ لهي ويندا، رڳو هينئون نه هاريو، ڪڻ ۽ ڏند جو وير سدائين سريکو ڪون هلندو؟!“
جانُوءَ جي ڳالهين ۾، تنگدلي، مايوسي، ڪلفت ۽ بيوڙائيءَ بدران درياءُ دلي هئي، ويساه هو، اميد ھئي، محبتون ۽ ميٺاڄ هئا، جن سورٺ جي دل وڏي ڪري وڌي. هن صدوريءَ کي ٻن بدران ٽي ڏٻيون اٽي جون ڀري ڏنيون.
صدوري وڃڻ لڳي ته جانوءَ چيس:
”ڀانيان صابُوءَ کي پڇڻ هينئر ئي هلان، پر سجبه وڃي گوڏا کوڙيا، واپسيءَ ۾ انڌاري ٿي ويندي، ٻيو اوهانجو پاڙو به پراهون ۽ ٽيون وري وچان ڀٽ به وڏي. هاڻ صبح جو اچبو، ڏينهن شينهن آھي. “
صدوري هلي ويئي ته هُوبه ڍيري ڪتيندو گهران ٻاهر نڪتو. گهر جي گهٽيءَ مان لنگهندي کيس محسوس ٿيو ته صابُوءَ جي عيادت کي سڀاڻيءَ تي ڇڏي، هو ڪجهه غلط ڪري رهيو هو. جنهنجون هن سان ٻٽيھ دليون لڳنديون هيون ۽ جنهن تي سندس هزارين هُجتون هلنديون هيون. تنهن جي بيماريءَ جو ٻُڌي بروقت وٽس نه وڃڻ بنھ ڪميڻي ڪار لڳيئس. هن اکين مٿان هٿ جي ڇٽي ٺاهي، سج ڏانهن ڏسي سوچيو:
”اهڙا سج ڪيئي لٿا اُڀريا، پر دوستن جون ميارون چڙھيون، سي ڪون لٿيون. ناڻو هٿ ايندو پر ٽاڻو هٿ ڪون ايندو“
هن جا پير بيساخته صابُوءَ جي گهر ڏانهن وڌڻ لڳا. وچئين ڀٽ چڙھي هن مختصر ساهي پٽي، ۽ وري اڳتي وڌڻ لڳو. صابوءَ جي گهر جي گهٽيءَ مان لنگهندي، صابُو کيس سامهون اڱڻ تي بيٺل نم جي هيٺيان رکيل کٽولي تي ويٺل نظر آيو. هن کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته هاڻ صابُو گهٽ ۾ گهٽ رسن ۾ ٻڌل ڪون هو.
”صابُوڙا تو ته ماڳهين ڊيڄاڙيو هو“
جانوءَ جي جملي جو آواز ٻُڌي، صابُوءَ ٿڪل نيڻ کڻي جانو ڏانهن نهاريو.
ڀرسان بيٺل صدوري ڀڻڪي:
”ڪالهه کان يڪو سُتل هو، هينئر اٿيو آھي، ته ڪجهه بود ۾ آھي. “
جانو صابوءَ جي ڀرسان کٽ تي ويهي رهيو. پڇيائين:
”ڪيئن آھين، صابو؟“
”هاڻ ڪجهه ڪجهه ٺيڪ آھيان“
جانوءَ چيس:
”ٽيون ڏينهن، مون وٽان روانو ٿئين، تڏھن به ٺيڪ ڪون ٿي لڳين“
”هائو تڏھن برابر ديماغ تي بار هو“
”مون ڳالهايو پئي پر تنهنجو من ٺامچي ۾ ڪون ٿي لڳو“
”ڪاڪا تو ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي هئي، هاڻ ٻڌائي!“
”ڇڏ ٻيلي! چڱو ڀلو ٿي پوءِ ٻُڌائيندس. “
صدوري وچان ڳالهاڻي:
”اڳاڻُو آيس ته چئي وڃان ٿو ڳوٺ گهمڻ!ڪاڪاجانُو سٺو ٿيو تون آئين، ڳالهيون ڪري وندرائينس!“
جانوءَ پُڇيس:
”ڀلا ٻُڌائي مون ڳالهه ڪٿي ڇڏي هئي، جيڪڏھن صحيح ٻڌائي وئين ته مڃينداسين، تون برابر ٺيڪ آھين، پوءِ توکي ڳالهه اتائين ٻُڌائيندس، جتي ڇڏي هئم!“
صابو سوچ ۾ پئجي ويو. ڪالهه کان ننڊ جي ڊگهي ٽُٻيءَ مان اٿڻ بعد سندس حواسن تان گهڻو تڻو بار گهٽجي چڪو هو. پر اڃان ڪنهن ڪنهن ويل جڏھن سندس سوچ، پنهنجو پاڻ، گهر وارن ۽ آڻڻ چاڙھڻ ڏانهن ورڻ لڳي ٿي ته سندس ذهن ۾ زلزلي جا هلڪا لوڏا شروع ٿي ويا ٿي. جن کان بچڻ لاءِ ئي هن گهران نڪري ڪٿي وندر ورونهن ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ھاڻ جانو آيو هو ته پنهنجن خيالن کي جانوءَ جي ڳالهين ۾ اٽڪائي رکڻ چاهيو ٿي!
ڪالهوڪي ذھني طوفان سندس ياداشت جي وڻ کي ايترو ته ڌنڌُوڙيو هو، جو ٽيون ڏينهن جانوءَ واري ٻُڌايل ڳالهه به هن کي ياد ڪرڻ لئه ذھن تي تمام گهڻو زور ڏيڻو پئجي رهيو هو.
صابو ڳالهاڻو ”چوڪين وارن اٺ جهيڪڻ جو اشارو ڪيو“
جانو مينهن ڪڻين ۾ مهڪي پوندڙ مريڙي جيان ٽڙي پيو، پڇيائين:
” ڪير ٿو چئي ته صابوءَ جي ڪل ٿڙي هئي!؟هن کي ته ٽيون ڏينهن منهنجي ٻُڌايل ڳالهين جي اِچي-پِچي ياد آھي!“
جانوءَ کنگهي گلو صاف ڪيو ۽ اتان ئي ڳالهه وري شروع ڪيائين، جتي ڇڏي هئائين.
”ٻيلي! رڻ جي ڊگهي سفر ۾، اٺ جي سواري ڪري، ڀاڳڀري به ٿڪجي پيئي هئي. رڻ پار مس ڪيوسين ته سامهون سرحدي چوڪين وارن اٺ جهيڪڻ جو اشارو ڪيو. مون اٺ جي رفتار ڍري ڪري کانئن ڪجهه اڳتي گُذرندي، انداز ڪجهه اهڙو ڪيو جو ڀانيائون ته اٺ جهيڪي ٿو، سو بيڌيانا ۽ ڍِرا ٿي بيھ رهيا. مون ڀڻڪي ۾ ڀاڳڀريءَ کي پاڻ سنڀالڻ جي تاڪيد ڪري، جيئن ئي ڍاٽي اٺ کي اَڙي هڻي مُھار کنئيم ته ڀٽارو جهڙو آسمان مان تارو کڙيو. پوئين همراهن واهراڙو به ڪيو پر آئون کين ٿر جي ڀٽن مان گهُتون ۽ گهوئيون ڏيئي، ناري جي پَٽن تي وڃي پهتس. هڪ دوست اسان کي سندس گهر ڀرسان رهڻ لاءِ ديوين جي گهاٽي جُهڳٽي ۾ کٽ رکي ڏني. ڀاڳڀري ٿڪل هئي، سو لولو کائي لسي پيءُ جيئن ئي ليٽي ته ٻئي ڏينهن اُٿي! باقي مون لاءِ اهو پنڌ جهڙو سانَ لاءِ ٻگائي، سو اک ڀيڙي ڪري جو اُٿس ته جهڙو گهوڙو، ڪيڏانهن ويا ٿڪ، ڪيڏانهن ويا لڪ؟! ان زماني جا کاڌا نج ۽ صحتمند هوندا هئا. هڏ به محنت تي هريل هوندا هئا. منهنجا ته اڳي به رڻ سان ڏورڻا ڏنل هئا، پر ڀلاڀلي ته ڀاڳڀريءَ ڪري ڇڏي!
ڪي ٿورا ڏينهن ئي بي اونا مس گذريا ته ڀاڳڀريءَ هڪ ڏينهن منهنجا ڪن کنيا:
” تو واري ميزبان يار جي نيت ۾ خلل آھي، هل ته هتان نڪري هلون“
پر مون ڪون مڃيو. چيم”توکي اجايو وهم آھي، همراه اھڙو ڪونهين“
هوءَ ماٺ ٿي ويئي هئي.
هفتي بعد هڪ رات ستل هئس ته اوچتو ڌُڪي لڳڻ جي آواز جاڳائي وڌم. اٿي جو ڏسان ته مون وارو ميزبان سنگتي ڍيري ٿيو ڪريو پيو آھي ۽ سندس مٿي مان رت وهي رهيو آھي. سندس مٿان ڀاڳ ڀري بيٺل هئي ۽ سندس هٿ ۾ مون واري ڪهاڙي هئي. ڏند ڪرٽيندي چيائين:
”ڪهاڙي کڻي تو سُتل کي مارڻ آيو هو، پر مون جهٽ پٽ اٿي کيس ڪهاڙي واهي ڪڍي. هٿن مان ڪهاڙي ڇڏائي ويئس، اهو ڳونڇڙي ٿيو پيو آھي!“
ان اوچتي واقعي مونکي ماڳهين وائڙو ڪري ڇڏيو. اٺ ميزباب همراه جي گهر ٻڌل هو. سندس لوڙهو ٽپي چورن جيان اهو کولي گهٽيءَ مان نڪتس ته پويان مائيءَ هڪل ڪئي:
”چور. . . چور!“
مون تڪڙو تڪڙو ڀاڳڀريءَ اڳيان وڃي اٺ جهيڪيو. هوءَ صورتحال کي سمجهي ويئي. پاکڙا ٻيا اتي رهيا، اپلاڻي تي ئي چڙھي ويٺي. مون لانگ وارِي، تيسين سڄو ڳوٺ اٿي پيو. پر مُھار کڻندي ئي ڀٽاري ايئن ڇال ڏنو جهڙو سهي ڀڙڪو کاڌو. رات سُهائي هئي، جهڙو ڌونئرو ڏينهن! بس پوئتي مُڙي ڪون ڏٺوسين. سج اُڀرڻ کان اڳ ڀٽن ڀيڙا اچي ٿياسين. بس پوءِ توڪل تُرهي اچي ڳوٺ ڀيڙا ٿياسين.
ڀاڳڀري واقعي ڀاڳن واري هئي. اٺ وڪڻي ڍڳي ورتي سين. ان مان 32 ڍڳين جو ولر ٿي ويو. آئون ڀٽارين جو ولر واريندوهئس ته جهڙي ڪونجين جي قطار! ڀٽارين جو مونسان آسابند اهڙو جو جتي وانجهيل لٺ رکندو هئس، اتان وک به پاسي نه ٿينديون هيون.
هڪ ڀيري بئراج ۾ هڪ ڏنگي مڙس جي زمين جي ڀيل ڪرائي ويٺس، ته ڪمدار ۽ سندس ڇاڙتا گهوڙن تي چڙھي ڦيري آيا. مون ڀٽارين کي آڪراڙو جو ڪيو ته مونکي چوڦير ورائي ويون. هڪ گهوڙيسوار اڳتي اچي مونکي لٺ ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون رانڀاٽ جو ڪيو ته هاراهڙيون ڍڳيون، ايئن بتال ٿي پيون، ڄڻ تازيون وياميون هيون، آئون سندن ڦر هئس ۽ گهوڙن وارا همراه خونخوار جانور، جيڪي مونکي نقصان پهچائي رهيا هئا. پوءِ ته ڀٽارين سنڱ ڀرائي گهوڙن تي چڙھيل همراهن کي به ڪيرائي وڌو. ڪي ڦٽاڻا، ڪي گهوڙا ڪاهي ڀڳا. بس دز ٿي ويئي. مون بهنالون ڪري سندن اڳ ورتي جلدي واڙي تي پهچي گابا کوليا ۽ ولر جي اڳ جهلي لٺ ڪلهي تي رکي روانو ٿيئس، جيسين زميندار ۽ ڪمدار ٻي ملھ لاءِ تيار ٿين، تيسين سندن تَر ڇڏي وڃان!
جڏھن اسان وٽ ڍڳين جو ڌڻ هوندو هو، تڏھن گابن کي اڌ کير ڇڏيندا هئاسين، پوءِ به ڀاڳڀري ٻه ٽي ماٽيون ولوڙيندي هئي. سڄي ڳوٺ جون مايون اسان وٽان اڇ وٺڻ اينديون هيون. مجال آھي جو ڀاڳڀري ڪنهن کي ڇڙٻ ڏي يا مُنهن ۾ گهُنڊ وجهي. عورتون اهي هيون. مونکي ڪڏھن به کيس سندس واعدا ياد ڏيارڻا ڪون پيا!
اسان کي ٻه پٽ ڄايا پر ننڍي هوندي گذاري ويا. سڀاڳي پيٽ گهروڙي ڌيءَ هئي، جڏھن سڀاڳيءَ ڀڄي سلطان سان شادي ڪئي، تڏھن ڀاڳڀريءَ مونکي چيو هو:
”پنهنجي ڪڙم قبيلي جي عزت ڪون سُڃاتئين. مئي سمجهي وساري ڇڏ. باقي منهنجي ڌيءَ آھي، جيئري واپس ڪون ايندي، پڪ سان ڪنهن کي سينڌ تي هٿ رکي واعدو ڏيئي چُڪي آھي“
هوءَ جيسين جيئري هئي، سڀاڳيءَ جي ڳالهه ڪنين ٻُڌڻ پسند ڪون ڪيائين. ذائفائن جا اُصول اهي آھن. “
جانو ڊگهي ڳالهه جي ڳنڍ کولي، ٿڌو شوڪارو ڀري، صابوءَ جي مُنهن ۾ چتائي ڏٺو. کيس محسوس ٿيو ته صابُو بظاهر ته سندس ڳالهه ٻُڌي رهيو هو پر هن جي خيالن ۾ ڪا هلر هلي رهي هئي.
ڳالهه جي نشي مان نڪرڻ بعد هن کي واپس وڃڻ ۾ دير ٿي وڃڻ جو احساس ٿيو. اٿندي چيائين:
”صابو هاڻ هلان ٿو، رات پئجي ويئي آھي، هوندي حياتي ته سڀاڻي يا پَرئينءَ توکي ڏسڻ وري ايندس“
صابو خاموش ويٺو رهيو. صدوريءَچيو :
”ڪاڪا جانُو رات ته چانڊوڪي آھي پر پوءِ به بلائن جو خيال ڪجان“
”بس امان جيڪو نصيبن ۾ لکيو هوندو“
جانُو لٺ جي سهاري واپس پنهنجي گهر وڃڻ لڳو.
صابُوءَ ھڪ نهار اڱڻ تي ويٺل بختاور جي نراڙ تي وڌي، جتي زخم جو نشان موجود هو. هن جي من ۾ پڇتاءُ جي چڻنگ دُکي، وري اجهامي ويئي. پر هن سگهو ڌيان هٽائڻ لئه صدوريءَ تي نظر وڌي، جنهن جي چئوڦير ٻارڙا ويٺا هئا. ھُوءَ کين مانيون ورهائي ڏيئي رهي هئي. پر ٻارڙا وڌيڪ هُڙڇُڙ ڪري رهيا هئا. هن کين ڇڙٻيندي چيو:
”جانُوءَ جي گهران اٽو پِني کڻي آئي آھيان. سڀني لاءِ هڪ هڪ ماني آھي، وڌيڪ نه! سُڀاڻي ڪيڏانهن ويندا ؟“
صدوريءَ جو پويون جملو“سُڀاڻي ڪيڏانهن ويندا؟!!” ھٿوڙو بڻجي صابُوءَ جي سوچن سان ٽڪرايو. هن جي ذھن ۾ وري اُٿل پُٿل ٿيڻ لڳي. پر هن ڀيري صابُوءَ سمورن خيالن جي نڙيءَ تي نُنهن ڏيئي ڇڏيو. هن صرف ايترو سوچيو ته جانور سوچي نه سگهندا آھن، هُو به جانور هو، سمورين ذميوارين ۽ جهنجٽن کان آجو!
هن وڏو ٽھڪ ڏنو. سندس سمورا غم ڄڻ ته ٽھڪ سان گڏ ئي مورن جيئن اُڏاڻا هئا. پر ساڳيو ٽهڪ سندس ٻارن لاءِ حيرت انگيز، جڏھن ته صدوريءَ لاءِ اذيت جو سائرن ٿي پيو هو!