ناول

ري اسٽور ٿيل ماڻهپو

هي ڪتاب ناشاد رحم علي جو لکيل ٻيو ناول آهي. علي آڪاش لکي ٿو:
”هن ناول جي ٻولي تشبيهن ۽ استعارن جي تازگيءَ سان ٽمٽار تخليقي ٻولي آهي، جيڪا پڙهندڙ تي وڻندڙ تاثر قائم ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ ڪردار نگاري، مڪالمي، ماحول جي عڪاسي، احساسن ۽ لقائن جي جزئيات جو بيان ۽ ڪهاڻيءَ جي مرحليوار تعمير اهڙا عنصر آهن، جيڪي پڙهندڙ تي پنهنجي جڪڙ برقرار رکن ٿا. مجموعي طرح هيءُ ناول سچاين جي پاسداريءَ جو پيغام ڏئي ٿو ۽ اُهو سماجي سطح تي، بدعنوانيءَ، فردن وچ ۾ عدم سهڪار ۽ مفادن تي ڪُلي طرح ڀاڙيندڙ سماجي بين العمل جهڙن اوگڻن ڪارڻ ڀور جهور جي ور چڙهي ڪمزور ٿيندڙ سنڌ ۾ ڪن آدرشي ۽ مثالي ڪردارن کي تخليقڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙا ڪردار جيڪي اصولن ۽ قدرن سان سلهاڙجي جيئن ٿا.“
Title Cover of book ري اسٽور ٿيل ماڻهپو

باب ڏهون

“مونکي ڪراچيءَ واري آفيس سنڀالڻي آھي، ان ڪري صبح سويل هتان هليو ويندس. توکي پريم چند جي انڊر ۾ ڪم ڪرڻو آھي. اڳي اين جي اوز جو سٺو تجربو اٿس. “
”حاضر سائين!“
”ٺيڪ آھي، دل و جان سان سماجي خدمت کي لڳي وڃو. ٿري ڏڪار وڏو انساني الميو ٿي سامهون آيو آھي، آھستي آھستي عالمي برادريءَ جو ڌيان ڇڪجي رهيو آھي! حڪومتي توڙي اين جي اوز ۾ تمام گهڻي امداد اچي رهي آھي. پنهنجي اين جي او جي ساک ٺھڻ ۽ ڊونرس وٽ ڀروسي جوڳو بنجڻ جو دارومدار ان ڳالههہ تي آھي ته اوهان امدادي ورهاست ۽ مستحقن جي حالت کي ڪيترو سليقي سان ڪيمرا ۾ قيد ڪريو ٿا! ڪاغذن کي ڪيترو ابهام کان آجو ۽ صاف سٿري آڊٽ جوڳو رکو ٿا ۽ وڏي ڳالههہ تهآيل ”وڏن” کي مطئمن ڪرڻ جو فن ڪيترو ڄاڻو ٿا؟! وڌيڪ مون پريم چند کي سمجهائي ڇڏيو آھي. “
دلبر يوسف کان موڪلائي وڃڻ لڳو ته يوسف چيس:
”منهنجو ڀيڻيو ملوڪ جو دوست آھي. نئون نئون ٿر آيس ته ملوڪ جو ئي مهمان ٿيو هئس. ملوڪ جي چوڻ تي ئي مون توکي اهم ذميواري ڏني آھي، ورنه تو وٽ اين جي او جو ڪو تجربو نه آھي“
”ٿينڪس باس“
”۽ ها- تنهنجي باري ۾ مقامي اين جي اوز جي دوستن کان سٺو فيڊ بيڪ ناهي مليو، پر توهان ته هيستائين مونکي ٺيڪ پيا لڳو. انشاءُ الاه توهان ترقي ڪندا“
”مهربانيون سر“
دلبر پيشيوراڻي ڪم ڪار کي لڳي ويو هو، پر پريم چند جو مُنهن اڪثر سُڄيل هوندو هو. جيڪو هن جي ڪم ۾ نه رڳو اجايو رنڊڪ وجهندو هو، پر اڪثر مک وانگر غلطين جو گند ڳوليندو رهندو هو، جيئن دلبر کي تنگ ڪري پنهنجي برتريءَ جي احساس ۾، خسيس انا جي تسڪين ڪري سگهي! ڪڏھن ڪڏھن دلبر کي دُودڪي چڙھندي هئي، پر هرهر دماغ ياد ڏياريندو هئس:
”خبردار! موجوده وقت ۾ ترقيءَ لاءِ خودداريءَ جو گلو گُھٽڻو پوندو آھي“
دلبر ايئن ئي ڪيو. هن پنهنجي وجود کي وساري ڇڏيو. ڄڻ روبوٽ هو، پريم چند جي حڪمن جي اکيون ٻُوٽي بجا آوري ڪري رهيو هو!
پريم چند کي جڏھن پڪ ٿي پيئي ته دلبر هاڻ پنهنجي پُراڻي کَل لاهي چڪو آھي ته هن کيس همراز بڻائڻ شروع ڪيو:
ٿرين کي صاف سُٿرو بنائڻ لاءِ 50 لک رپيہ آيا آھن. مٿيان به ڪي صفا چريا آھن. ماڻھو بک ٿا مرن، هنن کي صفائي ياد آئي آھي!
پر مون سيٺ سان ڳالهائي ڇڏيو آھي، سستو سامان جنهن ۾ بالٽيون، صابڻ ، ٽُٿ پيسٽ ۽ توليا وغيره شامل آھن، ٻن ٽن ڳوٺن ۾ ورهائينداسين، جيئن مٿان ڪو اچي ته کين اهي وزٽ ڪرايون. باقي ڀٽن ۾ روڊ نه هجڻ جو بهانو گهڙي وٺبو. “
”جي بهتر سائين“
“شناختي ڪارڊن جون ڪاپيون ڳوٺاڻن کي دلاسو ڏيئي، اڳواٽ کڻي وٺو. باقي ڪاغذي ڪاروائيءَ جو تون ڀَڙ لڳو پيو آھين. آئون پاڻ ئي سيٺ کان بل تي صحيحون ڪرائي وٺندس، ٺپي سميت!“
دلبر ايئن ئي ڪيو هو. هن کي به جڏھن حصو پتي ملڻ شروع ٿيو ته دماغ ڀُڻڪيو:
”ڏس اڳ ۾ منهنجي مڃين ها ته هينئر ڪروڙن سان رانديون ڪون ڪرين ها!“
دلبر ڪروڙن سان رانديون ته ڪون ڪيون پر لکن جي لوڏ ضرور ڪئي. هن مٺيءَ ۾ بنگلوخريد ڪيو. ڳوٺان گهر وارن کي مٺيءَ شفٽ ڪيو. ڪار خريد ڪري ڀاڻيجو ڊرائيور رکيو، جيڪو روز ٻارن کي مهانگن پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڇڏڻ ۽ کڻڻ ويندو هو.
دلبر جي اٿي ويٺي ان ڪلاس سان ٿيڻ لڳي هئي، جيڪو ٿر جي سول سوسائٽيءَ جو دعويدار هو. ٿري ماڻھن جي مسئلن جي حل لاءِ سرڪاري توڻي غير سرڪاري سيمينارن، ورڪ شاپن، گڏجاڻين ۽ ٻين تقريبن ۾ پڻ اهو طبقو اڳتي اڳتي هو، جنهن ۾ هاڻ دلبر جو اضافو پڻ ٿيو هو!
پريم چند کي سماجي خدمت جي مڃتا ۾ وڏو سرڪاري ايوارڊ مليو هو. جنهن کان پوءِ هن پنهنجي نئين اين جي او قائم ڪئي هئي ۽ پريم چند جي جاءِ وري دلبر والاري هئي.
پريم چند پراڻن يارن کي وساريو ڪون! ٿر ڇڏڻ ۽ بلي بلي ٿيڻ باوجود پريمچند، دلبر سان رابطو ڪون ٽوڙيو. ڪڏھن ڪڏھن هيلو هاءِ ڪري ٿر جا حال احوال وٺي وٺندو هو. هڪ ڏينهن ڪال ڪري پڇيائين:
”دلبر تون علم ادب سان وابسته رهيو آھين. آئون چاهيان ٿو ته مونکي ٿر جو عبدالستار ايڌي سڏيو وڃي، ڀلا اهو ممڪن آھي؟!“
”پنهنجي سنگت ۾ هينئر ڪجهه به ناممڪن نه رهيو آھي. پنهنجي صحافي يار صالح کي شوق جاڳيو ته سندس مرحوم والد جانڻ کي جديد ٿر جو ابو قرار ڏيارجي. سو هن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان نالي چڙھيا عالم، اديب ۽ صحافي گهرائي، کين پنهنجي والد جي نيڪ ڪمن جي لسٽ لکي ڏني. ڪو دستاويزي ثبوت ته کپيو ڪون ٿي. بس جيئن ڪنهن زماني ۾پاڻ ”وڏن” جا ميٽر گهمائيندا هئاسين، ايئن صالح به ڪيو. “
پريم چند ٽھڪ ڏئي چيو:
”اڃان به گهٽ ڪون ٿا ڪريون؟!“
دلبر به کلي پيو. چيائين:
”بس صالح پاڻ کان هڪ ڳالهه ۾ اڳتي نڪري ويو. هن دسترخوان تي پاڻ وانگر ٿري ۽ غير ٿري کاڌا تهڊگهي قطار ۾ سجايا ويتر مهمانن کي ٿر جون ثقافتي شيون سوکڙي ڪري ڏنيون. پوءِ ته اسٽيج تي انهن ڄاتل سڃاتل شخصيتن، صالح جي مرحوم والد جا اهڙا ڳُڻ ڳايا جو خود آئون به حيران رهجي ويئس. مار ههڙا ماڻھُو هيستائين ڪٿي لڪيل هئا؟“
پريم چند پڇيو:
”صالح جو والد ڇا ڪندو هو؟“
دلبر وراڻيو:
”اخباري نمائندو هو. ٿرين جا مسئلا اعليٰ ايوانن ۾ پهچائيندو هو“
”پوءِ ته آفيسر ۽ سياستدانن کان مراعتون وٺي صالح لاءِ گهڻو ڪجهه ڇڏي ويو هوندو؟!“
”هائو هائو! صالح اڳي ئي ڀريءَ تي ويٺل آھي. اجايو اڃان لالچ نٿو ڇڏي. مختارڪار کان چار گاڏيون امداد ڪڍائي ڳوٺ کڻي ويو. هفتو اڳ وري مونکي چئي ته تنهنجي تنظيم جي سامان جون ٻه گاڏيون ڏي!“
”پوءِ ڇا ڪيئي“
”بس مُنهن تي ڌُوڙ وڌم“
”سٺو ڪيئي، ڪُتي سان رهائي سُٺي! پر مونکي صلاح ڏي ڇا ڪجي؟“
”چيم نه سنگت کي تيار ڪر، توسان شام ملهائين. نالي چڙهيل عالمن ۽ اديبن کانپاڻ تي مقالا لکرائي. سنگت نيٺ ڪڏھن ڪم ايندي؟“
”اهو ته سڀ ڪجهه ٿي ويندو پر صالح واري ڳالههہ ٻڌي سوچيان ٿو، پهريان بابا لاءِ ڪجهه ڪجي. هن اسٽامپ وينڊريءَ سان غريبن جي مسئلن کي وس وارن تائين پهچايو هو. “
”ڀلا موجوده سياسي بااثرن سان هجت اٿئي؟“
”ها تمام گهڻي! غير اقتداري ڏينهن ۾ منهنجا مٿن ٿورا آھن. پر بابا وارو ڪم، قلمڪارن جو آھي“
”قلمڪارن کي ورسي تقريب ۾ گُهرائي سرڳواسيءَ کي مسڪين جهان خان جو هم رقاب قرار ڏيارينداسين، هونئن به سنڌي دانشوريءَ جي خبط ۾ مبتلا همراه اڄڪلهه اقليتن ، عورتن ۽ مرحومن تي وڌيڪ مهربان آھن. خللي ڏات ڌڻين جو مُنهن بند ڪرڻ لاءِ سرڳواسيءَ جي نالي سان کين ايوارڊ به ڏينداسين. پر آئون چاهيان ٿو ته ان پروگرام ۾ بااثر سياستدان به هجن، جن کان گڍي ڀٽ جو نالو سرڳواسيءَ جي نالي سان منسوب ڪرائجي!“
”واه جي صلاح آھي. هونئن به بابا گڍيءَ جي تعميراتي ڪم جو ٺيڪيدار به رهيو هو“
”پوءِ ته گڍي ڀٽ تي اوهانجي والد صاحب جي نالي جي تختي سجڻ سندس حق آھي!“
”بس اوهان جهڙن دوستن جا ساٿ رهيا ته اهو ڏينهن به پري نه آھي!“
نيٺ اهو ڏينهن به آيو هو. پريم چند جي والد جي ورسي تقريب ۾ عالمن ۽ اديبن ماڻھنکي سمجهايو هو ته :
”پريم چند جي والد، ان دؤر ۾ غريبن جي خدمت ڪئي، جڏھن مسڪين ماڻھو پوليس واري سان ملڻ کان به ڪيٻائيندا هئا. پريم چند جو والد نه رڳو کين درخواستون لکي ڏيندو هو، پر ساڻن گڏ وڃي ڪامورن سان اٽڪي به سندن مسئلا حل ڪرائيندو هو. “
ان ڳالهه تي پنڊال ۾ جام تاڙيون وڳيون. ان کان به سرس تاڙيون تڏھن وڳيون، جڏھن هڪ نوجوان شاعر، جنهن کي پريم چند اين جي جي نوڪريءَ سان لڳايو هو، تنهن تقرير ڪندي انڪشاف ڪيو:
”سرڳواسي نه رڳو عظيم سماجي خدمتگار هو پر پاڻ ٿر جي تاريخ جو عالم، شاه سائينءَ جو پارکُو ۽ تمام وڏو سگهڙ پڻ هو. هن ڪيترائي ناياب بيت، دوها ۽ لوڪ ادب جا وڃايل ورق گڏ ڪيا. نه رڳو ايترو پر پاڻ ھڪ سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ماڻھن جي خدمت پڻ ڪئي ۽ وڏيرن پٽيلن کي للڪاريو“
پنڊال تڏھن به تاڙين سان گُونجي اُٿيو، جڏھن بااثر سياسي شخصيت اسٽيج تي اچي اعلان ڪيو ته
“سرڳواسي طرفان ٿري عوام لئه ڪيل خدمت جي اعتراف ۾ گڍي ڀٽ جو نالو سندس نالي سان منسوب ڪجي ٿو!“
****



دلبر نه رڳو دنياداري سکيو هو، پر هن پنهنجي دل کي به موبائل سم وانگر ڪڍي هڪ پاسي رکي ڇڏيو هو. ڏڪار هن لاءِ قدرتي سوکڙي بڻيو هو. هن پنهنجي اين جي او طرفان ٿرين جي مدد جي نالي ۾، نه رڳو پنهنجو گهر ڀريو هو، پر رشتيدارن ۽ سنگتين ساٿين کي به خوب نوازيو هو. البته رشتن ۽ سنگت ساٿ جي حوالي سان وٽس، اڳوڻيون اوليتون ۽ ترجيحون نه رهيون هيون. هن جي رشتيدارن ۾ غريب ۽ پسمانده فرد مائنس ٿي پيا هئا، جڏھن ته دوستن ۾ وري مختلف شعبن جي بااثر ماڻھن جي کيپ موجود هئي، جن جي اڪثريت ماضي ۾ هن جي بدترين مخالفن تي مشتمل هئي!
جڏھن کان هن دماغ جي صلاحن تي هلي، دل کي جبري موڪل تي موڪليو هو، تڏھن کان سندس پنجئي آڱريون گيھہ ۾ ٻُڏيون هيون. دل جي ضرورت کيس عملي طور صرف تڏھن محسوس ٿيندي هئي، جڏھن اولاد يا صفا ويجهن رشتيدارن جو معاملو اڳيان ايندو هو. ڳالهين جي حد تائين، ڪنهن عورت کي جملن سان جهٽڻ ويل، کيس دل کان لفظ اُڌارا آڻڻا پوندا هئا. ھن کي اسٽيجن وغيره تي ڳالهائڻ ويل به دل سان ڳالهائڻو پوندو هو! اهوئي سبب آھي جو هن تقريرن، بيانن، شعرن، ليڪچرن، ليکن ۽ ڳالهين سان هڪ دانشور واري سڃاڻپ ٺاهي ورتي هئي. جنهن کي ٿر جي سول سوسائٽيءَ ۾ عزت جي نگاه سان ڏٺو ويو ٿي.
ٿر جا مسئلا ۽ انهن جي حل متعلق فورمن، سيمينارن، ڪميٽين ۽ باڊين تائين، مطلب ته هرهند دلبر موجود هوندو هو! ڪي دوست ته کيس ٿر جو انا هزاري به چوندا هئا. ٻاهريان آيل مهمان کيس ٿر تي اٿارٽي سمجهندا هئا. ڪجهه ڏينهن کان دلبر جي دماغ کيس املھہ صلاح ڏني هئي. هن پينٽ شرٽ ۽ ڪاٽن ڪپڙا پائڻ ڇڏي ڏنا. پهرين ته هن چاهيو ته ڏاڙھي ڇڏائي، اڇي ٽوپي پائي، ۽ ھٿ ۾ تسبيح رکي، پر هن ڏٺو ته ڪن آڙيڪاپن ان شيپ تان به عام ماڻھن جو اعتماد کڻائي ڇڏيو هو. ان ڪري هن سادا ڳوٺاڻي نموني جا اڇا ڪپڙا، پيرن ۾ چپل ۽ ڪلهن تي پراڻو مفلر رکڻ شروع ڪيو. ڪافي ڏينهن کان کاڌل مال جي چرٻي گهٽائڻ لئه اڪثر پنڌ ھلڻ لڳو. ڀروسي جوڳن يارن کان پاڻ کي فقير سڏايائين. هاڻ جڏھن به ٿري عوام متعلق هن جي ڪيل سونهري خدمتن جو ذڪر ٿيندو هو ته سندس سادگي ۽ فقير منش طبيعت تي به روشني وڌل اوس هوندي هئي! ان قسم جي ذڪر تي ڪٿان به ڪنهن خاص حيرت جو اظهار ڪون ٿيو، سواءِ ان جي ته اين جي او ۾ سندس ماتحت رهندڙ عورتون سندس فقيريءَ جو ٻُڌي لمحن لئه ڇرڪيون هيون، جن کي هن ماضيءَ ۾ مختلف وقتن تي باس واري ڪرسيءَ جا گُر هلائي، جنسي طور حراسان ڪيو هو!



دلبر پنهنجي ماتحت کي چئي رهيو هو:
”چار ڇڪڙا سامان جا ڀرائي ننگر وڃ. صرف ننگرپارڪر ئي رهيل آھي، جتي اسانجي تنظيم طرفان امداد نه پهتي آھي. پر خيال رکجان تصويرن ۾ وڌيڪ ڏُٻرا ۽ هيڻي حال وارا ماڻھُو نظر اچڻ گهرجن. تنظيم وارو بينر به پويان نمايان هجي. ۽ ها مولوءَ کي چئجان ته اخبار ۾ خبر لڳي ته ڪٽنگ رکي. “
”سائين مولو ڪالهه کان فون پيو ڪري. چوي ٿو ته ٻه گاڏيون مون لاءِ ؟“
”ان چچڙ مان لڳي ويا آھيون. خير تون ٿوري تي راضي ڪجانس. “
”بهتر سر“
”آئون سول اسپتال وڃان ٿو. وري اچي اخبار وارن ٻارن جي موت جو اشو اٿاريو آھي، خير ڪم فائدي وارو آھي! اڄ منسٽر سول اسپتال وزٽ ڪندو. آئون ايم پي اي سان گڏ منسٽر صاحب جي ساڄي کاٻي هوندس. “
”بهتر سر“
جيڪڏھن سويل واندو ٿيئس ته اوهان کي ننگرپارڪر کان اورتي جوائن ڪري وٺندس. پر هڪ ڳالهه جو خيال رکجان. ماڻھن کي بک ڇتا ڪري ڇڏيا آھن. متان ڇڪڙن تي چڙھي، امداد کنڀي کڻي نه وڃن، ان ڪري تنهنجي گاڏي ڇڪڙن سان گڏ ھجڻ ضروري آھي. اهڙي صورتحال ۾ مونکي يا ويجهي پوليس کي ڪال ڪري وٺجان. اسلام ڪوٽ ۽ ننگر جا ايس ايڇ اوز منهنجي چُچڪاري تي ٺھيل آھن. آئون کين چوان ٿو“
ماتحت کي هدايتون ڏيڻ بعد دلبر جلدي جلدي تيار ٿي ايم پي اي جي بنگلي تي پهتو هو. ڏيڊ ڪلاڪ بعد هو منسٽر ۽ ايم پي اي سان گڏ سول اسپتال ۾ موجود هو.
منسٽر هڪ روئندڙ عورت جي مٿي تي هٿ رکي ڪيمرا ڏانهن ڏسي رهيو هو، جنهنجو ٻارڙو ڪجهه دير اڳ فوت ٿيو هو. سندس سڏُڪن ۾ ورهن جا درد ليٽي رهيا هئا. عورت جي ڀرسان هڪ ڪُراڙو روئي چئي رهيو هو:
”سائين کيسي وارا پئسه، اسٽور جي دوائن، هوٽلن جي خرچن ۽ ڀاڙن ۾ پورا ٿي ويا. صبح جو ڊاڪٽرن چيو هاڻ حيدرآباد کڻي وڃو. غريب ماڻھو پئسه ھٿ ڪرڻ لاءِ ھٿ پير هنياسين، تيسين ننڍڙو خدا کي پيارو ٿي ويو. “
دلبر چتائي عورت ڏانهن ڏٺو. کيس پنهنجين اکين تي اعتبار ڪون آيو. هوءَ سورٺ ھئي. اهائي سورٺ، جنهن لاءِ ھن ڪڏھن لُنڊين جا مٿا لتاڙيا هئا. راتين جون ننڊون ڦِٽايون هيون ۽ سندس تحريرن جو انتظار ڪندي، لفظن جي لالي پاپ سان پنهنجو پاڻ کي وندرايو هو. اهائي سورٺ جنهن جي ويساه جو ڪچو گهڙو، هن نفس جي ڪوڏڙ ڪنواٽ جي پٺن تي به سلامت رکيو هو، اهائي سورٺ ساڳي هئي پر دلبر ساڳيو نه هو. سندس دل ساڳي نه هئي. بس هڪ مشيني ماڻھو منسٽر سان گڏ ڪيمرا جي فليش لاءِ سِڪي رهيو هو!
سورٺ جي ڀرپور جوڀن جي اُس ۾، برف جهڙا اصول به پگهرجڻ کان بچائڻ واري شخص کي، اڄ ڪيئن نه دولت جي دنيا بدلائي ڇڏيو هو. حالتن جي حرامپائين کيس ڪيئن نه پٿر جو ماڻھو ٺاهي ڇڏيو هو!سورٺ اکين جي پلئو سان ڳوڙھا اُگهي ورتا. اوچتو سندس نگاه دلبر تي اٽڪي پيئي. سندس نيڻن مان هڪ تاثر جهاتي پائي پوئتي هٽي ويو. دلبر جي اکين آڏو موجود ڪاري چشمي جي شيشي سورٺ جي نگاهن جا گس روڪيا هئا، پر هُن اياڻيءَ کي اها خبر ڪون هئي ته ڪڏھن ڪڏھن ڪي جيئرا جاڳندا ماڻھو به شيشو ٿي پوندا آھن!!
هن وري دلبر ڏانهن رحم طلب نظرن سان ڏٺو هو. دلبر کي اهو سوچي بيچيني محسوس ٿي هئي ته
“متان سورٺ ساڻس سڃاڻپ ظاهر نه ڪري وجهي“
اهوئي سوچي هن منسٽر پويان ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. منسٽر 5 هزار جو نوٽ سورٺ ڏانهن وڌائيندي ڪيمرائن ڏانهن ڏٺو پر سورٺ جي جملي کيس شرمندو ڪري وڌو.
”پُٽ جي لاش مٿان هٿ ٽنگي اُجرو ضمير ميرو نه ڪنديس سائين!“
منسٽر ڀر واري بيڊ تي داخل ٻارڙيءَ جي ماءُ کي 500 جو نوٽ ڏيئي، ڦوٽو ڪڍرائي هليو ويو پر سورٺ جو ڳالهايل جملو، مٺيءَ کان ننگر ويندڙ دلبر جي مرده ضمير کي بار بار جنجهوڙيندو رهيو:
” پٽ جي لاش مٿان هٿ ٽنگي، اُجري ضمير کي ميرو نه ڪنديس سائين!“
مٺيءَ ۽ اسلام ڪوٽ وچان ئي دلبر ماتحت جي ڪال وصول ڪئي.
”سر ڇڪڙن کي ڳوٺاڻا گهيري بيٺا آھن. چون ٿا بک ٿا مرون امداد اڳتي ڪيڏانهن کڻي ٿا وڃو!؟“
دلبر لوڪيشن پڇي وراڻيو:
”کين ڳالهين ۾ ٿورڙو انگيج رک. آئون پوليس کي ڪال ڪري موڪليان ٿو. ۽ پاڻ به جلد پهچڻ وارو آھيان“



هاءِ ليڪس گاڏيءَ کي ڊرائيور بريڪ هنيو. دلبر سيٽ کولي هيٺ لٿو ته سامهون ڳوٺاڻا ڇڪڙن کي گهيري بيٺا هئا. هڪ ڇڪڙي تان سامان جا ڪي ڪٽا به ڪريا پيا هئا، جن کي ماڻھو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
ان ئي لمحي پوليس موبائيل مان لٿل پوليس وارن ڳوٺاڻن تي لاٺي چارج شروع ڪيو. سڀئي ماڻھو ٽڙ پکڙ ٿي ويا. هڪ موٽيل عمر شخص جنهن جي مٿي مان رت لارون ڪري وهي رهيو هو، هڪ ڪٽي مٿان جُھڪيل هو ۽ چئي رهيو هو:
”ھي ڪٽو ڪون ڏيندس، منهنجا ٻچا بک مري ويندا. خدا جي واسطي ڇڏيو“
هڪ ڪاري رنگ جي سپاهيءَ کيس ڌڪو ڏيندي چيو:
”ڇڙڪ مڙس لڳو پيو آهين، مزدوري نٿو ڪرين؟“
سپاهيءَ جي ڌِڪي سان روڊ جي ڪناري ڪري پيل شخص کي دلبر سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو ڪو ٻيو نه پر اهوئي ساڳي صابو هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ کيس تاش جي پتن سان وندرائيندو هو. هِتان هُتان جون ڳالهيون ٻُڌائي ريجهائيندو هو. اڄ به ڪاڪو صابو سندسلاءِ تفريح جو سامان هو، پر پاڻ قابل رحم حالت ۾ تماشو بڻجي!
هڪ سپاهيءَ جيڪو سٺو شاعر به هو، پنهنجي معلومات جي نمائش ڪندي، چيو:
”ڀر واري ڳوٺ جو همراه آھي، تازو چريو ٿيو آھي“
سڀئي گاڏيون اڳتي روانيون ٿي ويون. هڪ زخمي ڪرڙانٺ شخص روڊ جي ڪناري ڪنجهي ۽ چنگهي رهيو هو ، ٻوهن ۽ کپن جا پاڇا ننڍا ٿي رهيا هئا.