هي ڪتاب ناشاد رحم علي جو لکيل ٻيو ناول آهي. علي آڪاش لکي ٿو:
”هن ناول جي ٻولي تشبيهن ۽ استعارن جي تازگيءَ سان ٽمٽار تخليقي ٻولي آهي، جيڪا پڙهندڙ تي وڻندڙ تاثر قائم ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ ڪردار نگاري، مڪالمي، ماحول جي عڪاسي، احساسن ۽ لقائن جي جزئيات جو بيان ۽ ڪهاڻيءَ جي مرحليوار تعمير اهڙا عنصر آهن، جيڪي پڙهندڙ تي پنهنجي جڪڙ برقرار رکن ٿا. مجموعي طرح هيءُ ناول سچاين جي پاسداريءَ جو پيغام ڏئي ٿو ۽ اُهو سماجي سطح تي، بدعنوانيءَ، فردن وچ ۾ عدم سهڪار ۽ مفادن تي ڪُلي طرح ڀاڙيندڙ سماجي بين العمل جهڙن اوگڻن ڪارڻ ڀور جهور جي ور چڙهي ڪمزور ٿيندڙ سنڌ ۾ ڪن آدرشي ۽ مثالي ڪردارن کي تخليقڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙا ڪردار جيڪي اصولن ۽ قدرن سان سلهاڙجي جيئن ٿا.“
ناول
ري اسٽور ٿيل ماڻهپو
- 5.0/5.0
- 2644
- 912
- 4 سال اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ري اسٽور ٿيل ماڻهپو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ناشاد رحم علي جو لکيل ٻيو ناول آهي. علي آڪاش لکي ٿو:”هن ناول جي ٻولي تشبيهن ۽ استعارن جي تازگيءَ سان ٽمٽار تخليقي ٻولي آهي، جيڪا پڙهندڙ تي وڻندڙ تاثر قائم ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ ڪردار نگاري، مڪالمي، ماحول جي عڪاسي، احساسن ۽ لقائن جي جزئيات جو بيان ۽ ڪهاڻيءَ جي مرحليوار تعمير اهڙا عنصر آهن، جيڪي پڙهندڙ تي پنهنجي جڪڙ برقرار رکن ٿا. مجموعي طرح هيءُ ناول سچاين جي پاسداريءَ جو پيغام ڏئي ٿو ۽ اُهو سماجي سطح تي، بدعنوانيءَ، فردن وچ ۾ عدم سهڪار ۽ مفادن تي ڪُلي طرح ڀاڙيندڙ سماجي بين العمل جهڙن اوگڻن ڪارڻ ڀور جهور جي ور چڙهي ڪمزور ٿيندڙ سنڌ ۾ ڪن آدرشي ۽ مثالي ڪردارن کي تخليقڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙا ڪردار جيڪي اصولن ۽ قدرن سان سلهاڙجي جيئن ٿا.“
هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري ناشاد رحم عليءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ ناشاد رحم علي
- ڇپيو ويو 2017
- ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 05/Oct/2017
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 912 ڀيرا