باب اٺون
ٻه ٽي ڏينهن اڳ اميري اکريءَ مٿس پڙھائي ڪئي هئي، تڏھن به کيس ڪا سُڌ ٻُڌ ڪون هئي. پر هاڻ جڏھن اُٿيو هو ته کيس ڪجهه ڪجهه ياد اچي رهيو هو. هن کي اهو به ياد هو ته کيس دڪان تان اوڌر ڪون ملي هئي. تڙ تي جانو سان ڪچهري ڪئي هئائين. بختاور کي کڙو لڳو هو. ۽ هن پاڻ کي جانور محسوس ڪري سڀني جنجهٽن ۽ ذميوارين کان فرار ٿيڻ چاهيو هو.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان وزني سوچ ۽ ذميوارين کان آجو ۽ بي ميارو ٿي جيئڻ کيس مزيدار لڳو هو. شايد انسان کان جانور جي کول ۾ وڃڻ آسان آھي، پر جانور مان انسانيت ۾ اچڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، تڏھن ئي ته هر دؤر ۾ انسانن تي جانورن جو غلبو رهندو اچي! صابوءَ به نٿي چاهيو ته هو انساني زندگيءَ جا اهي بار کڻي، جيڪي کڻڻ سندس وس کان ٻاهر هئا.
صدوري بختاور کي چئي رهي هئي:
”چانھ جو ٻيو ڪوپ ڪون ملندئي. پڻھين کٽ تي پيو آھي، آئون ڪٿان وکر آڻيان؟ ٻچا بچن ……جا، جنهن سامان اڌار ڏنو آھي!“
صابو سهي ٻُڌي نه سگهيو ته صدوري ڪنهن جا ٻچا بچڻ جي دعا ڪئي هئي، جانو يا قادُو؟!
صدوريءَ جو گهڻو اڳ ڳالهايل جملو بُڙڇي بڻجي صابوءَ ڏانهن وريو هو:
”مُئو بيلڇڻو آھي، چئي ٿو چمي. . . !“
پر صابوءَ جهٽ پٽ پاڻ سنڀالي ورتو. رڳو ايترو سوچيائين:
”آئون جانورجي جُوڻ ۾ آھيان ۽ جانور گهڻو گهرو سوچي نه سگهندا آھن!“
صدوري چانھ کڻي آئي. صابوءَ سُرڪ سُرڪ چانھ پيئڻ لڳو. صدوري واپس بورچي خاني ڏانهن وڃڻ لڳي. وڏي وڇوٽيءَ بعد نه رڳو بورچي خاني جون رونقون بحال ٿي پيون هيون، پر صدوريءَ جي هلڻين ۾ به نئين حرارت موٽي آئي هئي!
صابو اٿي ڳوٺاڻي بس اسٽاپ ڏانهن وڃڻ لڳو. صدوريءَ وڏي پٽ کي وڏي واڪ چيو:
”پڻھين سان گڏيو وڃ، متان ڪيڏانهن نڪري نه وڃي!“
صابوءَ جي دل چيو، چوي:
”نه نه آئون ٺيڪ آھيان“
پر هن کي وري الاءِ ڪهڙي الوٽ آئي جو خاموش ئي رهيو. بس اسٽاپ تي ڪيئي ڳوٺاڻا موجود هئا. سڀني جون نگاهون صابوءَ تي اٽڪي پيون، ڄڻ هو ڪا ٻي مخلوق هو! ڪن پڇيو:
”صابو ڪيئن آھين؟“
هن هڪ ئي رٽيل جواب وري وري ڏنو:
”هاڻ ڪجهه ٺيڪ آھيان“
صابو ٿڌي ريٽ تي ويهي رهيو. سندس وڏو پٽ ڪجهه پرڀرو ڄار جي ٻيڙانگيءَ تي چڙھي پڻس کي اکورايو ويٺو هو. اسٽاپ تي موجود ماڻهو، هڪٻئي سان سڙٻاٽ ڪري رهيا هئا:
”صابوءَ جيڪل اڃان ٺڪاڻي ڪون آھي!“
”ڪجهه ٺامچي ۾ لڳي ٿو!“
”اميري اکريءَ جو پڙھائي ڪئي آھي؟”
”اڃان تائين گم سُم لڳو پيو آھي“
ماڻھن ڪجهه دير صابوءَ متعلق ڳالهين جا ڏڙا اُڇلائڻ کانپوءِ هن تان ڌيان هٽائي ڇڏيو. سندن ڳالهين جو موضوع، ڪوئلي سبب سندن امڪاني لڏپلاڻ ڏانهن سِرڪي آيو.
هڪ پوڙھي پڇيو:
”پنهنجي ڏھر ۾ ڪوئلي ڪمپنيءَ وارن ڪئمپ هنئي آھي. چون ٿا ته جلدي پاڻ کي هتان لڏڻو پوندو!؟“
هڪڙي نوجوان وراڻيو:
”نه نه ايئن ڪيئن اباڻا ڪک ڇڏينداسين؟ جيڪو لڏائڻ آيو مٿو جهرڻا هوندس!“
پوڙھي چيس:
”بابلا سرڪار ڏاڍي آھي، ان کي ڪُڄاڙو ڪبو؟“
هڪ ٻيو نوجوان ڳالهاڻو:
”احتجاج ڪبا، اخبارن ۾ گهوڙا گهوڙا ڪبي“
هڪ ٻي همراه چپ چوريا:
”ماندرِي انصاف ڪٿي آھي؟ ڪجهه ھمراهن ڪمپنيءَ خلاف ڌرڻو هنيو، ماڳهين ايف آءِ آر ڪٽاڻي. “
هڪ پڙھيل لکيل همراه چيو:
”هونئن حقي فرياد کڻي وڃ ته پوليس ايف آر ڪٽڻ کان لهرائي ٿي، جيئن مٿين وٽ ريڪارڊ ۾ ڏوهن جو گراف مٿي نه چڙھي. ۽ ڪورٽن جي چڪرن کان به جان ڇُٽي. پر ڪوئلي ڪمپني وارا مورڳو گهڻا پئسه ٿا ڏين يا مٿان دٻدٻو آھي، ايف آءِ آر ڪٽيندي دير ئي نٿا ڪن. تازو شاعر اظھر به پائيپ لائين ۾ خراب ٿيندڙ زمين جو معاوضو گهريو ته ٺڪ جيل ۾!“
نوجوان وراڻيو:
”ايف آءِ آرون ڪيتريون ڪٽيندا؟ پاڻ ڊڄي رلي اوڍينداسين ته پنهنجي جُوءِ جي وارثي ڪير ڪندو؟ پنهنجي زمين به پنهنجن پيرن هيٺيان کسڪي ويندي!“
هڪ جذباتي نوجوان چيو:
”اديب ۽ صحافي ويچارا جام گهوڙا گهوڙا ٿا ڪن!“
هڪ همراه اچي ٽھڪن ۾ ڇُٽو ، کلندي چيائين:
”بتال ٿيا آھيو ڇا؟ اديبن ۽ صحافين سان جيڪي شامون پيون ملهائجن، سندن وڏڙن جون ورسيءَ جون تقريبون پيون ٿين، تن جا خرچ به هاڻ ڪمپنين وارا پيا ڀرين. اهي ته هاڻ سندن شادين ۾ به شريڪ پيا ٿين. انهن مان اميد رکو ٿا ته اوهان لئه لکندا، صفا ڪي ڀورڙا آھيو؟! ڪجهه ڪندا ته اهي همراه اُلٽو اوهان کي ڏوهي ڪندا، چوندا ترقيءَ جا مخالف آھيو!“
چوطرف ڪچهريءَ کي حيرتن جي پيئڻ پيءُ ويئي هئي!
هڪ سنجيدهچهري واري همراه مختصر خاموشيءَ جي پاڻي ۾ کڙو اڇلايو:
”ڏسو ڪوئلي جو نڪرڻ، ھن زمين ۽ پاڻ سڀني جو ڀاڳ ۽ ترقي آھي. پاڻ ترقيءَ جا مخالف نه آھيون، پر پاڻ کي جيترو ٿي سگهي مقامي ماڻھن جي بهترين مفاد لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ڪوئلي سان لاڳاپيل نوڪرين ۾ مقامي ماڻھن جي جوڳي حصي پتي، لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻھن جي مناسب آبادڪاري، ۽ زمينن جي ٺيڪ ٺاڪ معاوضي لاءِ جاکوڙڻ گهرجي!“
هڪ همراه چيو:
”زمينن جا معاوضا مليا به سهي ته ڪٿي هلي رهنداسين. ٿر جي ڳوٺن ۾ غير مڪاندارن کي زمين وڪڻڻ جو رواج ڪونهين. سڀني ڳوٺاڻن کي هڪ مڪان ۾ زمين ملي به ڪون سگهندي؟ سڀئي وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي وينداسين!؟”
نوجوان چيو:
”حڪومت روزگار جو بندوبست ڪري، شھرن ۾ يا ڳوٺن ۾ خالي سرڪاريزمينن تي آباد ڪندي!“
همراه وراڻيو:
”ٻين ڳوٺن ۾ ھلياسين ته اهي به ٿيندا پاڻ جهڙا! سندن چراگاه ۽ ٻيا قدرتي وسيلا پنهنجي آباديءَ جي جهٽ جهلي ڪون سگهندا. باقي شھرن ۾ هلياسين ته چوپائي مال جي پالنا ۽ کيڙي پوکي ڪري ڪون سگهبي. بس جنهن وٽواپاري ھنر ۽ محنت مزدوريءَ جي سگھہ هوندي، اهو خوش هوندو. باقي چاچي جانُو، جعفر ۽ سالار جهڙا ماڻهو، جن سدائين ڳوٺاڻي زندگي گذاري، سي اُتي ڇا ڪندا ؟! اهو ته ايئن ٿيو ڄڻ مورن، تترن ۽ سهن کي شھرن ۾ ڇڏي اچجي!“
کن پل لاءِ خاموشي ڇانئجي ويئي.
مورن جو لفظ ڪن تي پيو ته هڪ همراه چيو:
”اڄ ته مون ڊاڀيءَ واري ڀٽ تي ڪنڊي هيٺان ٻه مور مئل ڏٺا“
”وري به پروڪي بيماري پيئي آھي“
”ابا ڪارو ڏڪار آھي، ڏڪارن ۾ جيت جڻا، پکي پکڻ، ماڻهو ۽ جناور سڀ بک مرندا آھن ۽ بکن ۾ ئي بيماري پکڙندي آھي!“
”اڳي ٿر ۾ ديويءَ جو وڻ ڪون هو، هاڻ جيڏانهن ڏس تيڏانهن ديوي. ديويءَ ۾ گهِم گهڻي آھي. جيڪا مڇرن کي وڌائي ويجهائي ٿي. اڳي ڍورن جي پُٺن تي ويهندڙ ڪُت هوندي هئي، پر هاڻ هرهند مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي. ان ڪري به بيماري وڌي آھي!“
هڪ پوڙھو ڳالهاڻو:
”ڇورا! هڪ ڳالهه ڏٺي اٿوَ؟ پاڻ وارا مڇر ڏينهن جو به پيا کائيندا آھن، جڏھن ته لاڙ ۽ ناري وارا مڇر رات جو ئي مار ڪندا آھن“
گهڻن چپن پوڙھي جي “ها” ۾ “ها” ملائي.
“امدادي ڪڻڪ به ڊيپو وارا کائيو وڃن. غريبن لاءِ ڪجهه ڪونهين!“
هڪ شاگرد نوجوان کان پُڇيو:
”ڀلا امداد لاءِ نادرا جي انگن اکرن کي سامهون ڇو نٿو رکيو وڃي. ڊيپو ڪيپر جو ريڪارڊ به ڪمپيوٽرائيز ڪجي. بلڪہ امداد جي ورهاست جو سمورو نظام ڪمپيوٽرائيز هجي ته جعلي نالن ۽ ڪارڊ نمبرن تي جيڪر امداد ڦٻائجي نه سگهجي!“
نوجوان وراڻيو:
”بابا خيال نيڪ آھي پر پاڻ وارن همراهن کي به خدا ڏسي. اين جي اوز وارا اڳواٽ ڳوٺن مان امداد جو آسرو ڏيئي سڃاڻپ ڪارڊ جون ڪاپيون کڻي ويا آھن، جيئن ريڪارڊ جي پورائي ڪري سگهن. ڊيپو ڪيپرن وري ٻين ڳوٺن جي ڪارڊ ڪاپين تي ڦوٽو اسٽيٽ وقت اٽڪل سان ائڊرسون بدلائي، لاڳاپيل عملدارن جو کيسو گرم ڪري ٻوريون وڌايون آھن. هرڪو ڀانئي قصو گڏوِچڙ ھجي، جيئن کائڻ جي گنجائش موجود رهي!”
هڪ همراه ڪچهريءَ ۾ ڳالههہ جو وري نئون گولو اڇليو:
”ٻيلي چون ٿا ته سڀاڻي ننگر ۾امداد ورهائبي. گاڏيون ڀر واري روڊ تان لنگهنديون. سڀئي گڏجي هلجو ته هلي روڊ ڪناري بيهُون، من ڪا ٿيلهي امداد جي ملي پوي! ماندرِي! ٻچا بک ٿا مرن“
هڪ پوڙھي چيو:
” ڪنهنجي ڦِٽي آھي جو بيعزتي ڪرائيندو. روز ٻُڌون پيا ته ڦلاڻي هند ڦلاڻو امداد وٺندي ڪُٽاڻو. ورديءَ وارن ڪُڪڙ ٺاهيو. ٻيلي ڀلي بُک ڀرم جي شال مَ وڃي شان!“
وڏي ڏاڙھيءَ واري همراه پوڙھي جي سر جهلي:
”نه ڙي ٻيلي نه! ماڳهين پيريءَ ۾ چوٽي چَپڙائيون. ست پيڙھيون اولاد تي پيو مهڻو وسي. چون ڏاڏھين امداد پِنندي موچڙا کاڌا هئا!“
نوجوان ڳالهاڻو:
”چاچا پيڙھين تائين پچارون تڏھن آھن، جڏھن اباڻن ڳوٺن ۾ آھيون. ڪوئلي وارن لڏايا ته ڪا سڃاڻپ، ڪا شناخت ڪون رهندي. ڪير ڪٿان جو هو؟ ڪيڏانهن ويو؟ سڀ ڪجهه جهڻ مکڻ ٿي ويندو! رشتا ناتا، واسطا ۽ رابطا، پاڻيءَ ۾ ڇُڙي پيل ڳنڍ جيان ڪڻو ڪڻو ٿي وکري ويندا!؟“
بس ويجهو ايندي ئي انجڻ جي شور ۾ ڳوٺاڻي ڪچهريءَ کي به بس سان گڏ بريڪ لڳوهو. بس مان ڪي مسافر لٿا هئا، ته ڪي وري چڙھيا هئا. بس شهر ڏانهن رواني ٿي هئي ته هرڪو پنهنجن گهرن ڏانهن روانو ٿيو هو.
صابو به اٿي گهر ڏانهن روانو ٿيو. سندس پُٽ به سندس ڪڍ هلڻ لڳو.
ٿوري دير اڳ بس اسٽاپ تي جڏھن ڳوٺاڻا ڳالهين جا لغڙ اُڏائي رهيا هئا، ته صابو ڀِت بڻيو ويٺو هو. لفظن ۽ جملن کي هن ايئن پاڻ ۾ پيوند نه پئي ڪيو، جيئن اڳي ڪندو هو. ان ڪري انهن جو ردعمل به هن تي اتاڇرو اُتاڇرو ٿيو هو. ڪنهن ڪنهن جملي سندس ذھن تي چوٽ ھنئي ٿي ته هن جهٽ پٽ غير سنجيدگيءَ جي چادر تاڻي حساس سوچ کان پاڻ ڇڏائي ورتو ٿي. اصل ۾ سوچ ۽ ويچارن ئي هن کي ايبنارمل بڻايو هو. سوچ ويچار ئي هئا، جيڪي غمن کي دعوت ڏيندا هئا. بار بار نه کڄي سگهندڙ ذميوارين کي ٻکيندا هئا. پر هاڻ جڏھن کان صابو بي ميارو ٿيو هو، تڏھن کان هن بيساخته ۽ غير ملاوٽي زندگيءَ جو ٿورڙو ئي سهي، مزو چکيو هو. هن نٿي چاهيو، ته ڀورائيءَ جي ڀاڪر مان نڪري، وري ڏاهين وارا ڏک، ڏاکڙا ۽ ڏنگ سهجن!
هن جڏھن نئين نئين شادي ڪئي هئي ته صبح سويل صدوريءَ جي چهري جي تازگي، سندس سمورا آرس ڀڃي وجهندي هئي. صدوريءَ جي اکين جي چمڪ به ڪيتري نه زندگيءَ سان ڀرپور هوندي هئي. هرهر سندس مرڪن جا وڄ-وراڪا، صابُوءَ جي اندر جو آسمان روشن روشن رکندا هئا. ۽ وري وري سندس ٽهڪن جي بارات سان صابوءَ جي زندگيءَ ۾ رونق لڳي پيئي هوندي هئي! پر جڏھن کان غربت جو گُهگھ پکي، سندن گهر تي ويٺو هو، تڏھن کان سندن جيون جي ٻُڪ مان سمورو احساساتي، جذباتي ۽ جمالياتي حسن به هارجي ويو هو!
ڪيترن ئي ڏينهن کان صابوءَ صدوريءَ جي ٽهڪن جو آواز ڪون ٻُڌو هو. الاءِ ڪيترا ڏينهن لنگهيا هئا، مخمور مرڪون سندس لبن تان لڏي ويون هيون. الاءِ ڪيتري وقت کان سندس اکين مان به، اها چمڪ موڪلائي ويئي هئي، جيڪا ڀرپور زندگيءَ جي چغلي هڻندي آھي. غربت جو گُرڙ پکي، زندگيءَ جي آکيري مان خوشين جي ڳيرن جا سڀ ٻچا ڳڙڪائي ويو هو! تڏھن ئي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان، صدوري اُجهاميل اُجهاميل هئي. هن جي وارن ڪنگيءَ کان ڪناره ڪشي ڪئي هئي. سندس اکين، ڪجل کان مُنهن موڙيو هو. سندس ٻانُهن ۾ پُراڻين چوڙين جي ڇڻڪن، مفلسيءَ جا نوحا الاپيا هئا! ڦاٽل ڪپڙن جي ٽانڪن، طبقاتي وڇوٽين کي ڀُونڊا ڏنا هئا.
صدوريءَ جي رونقن کان رهجيويل زندگي، هڪ طرف سرڪاري بدانتظامين ۽ سرمائيداري نظام جي اڻبرابرين جي ڪنڊن ۾ وچڙيل هئي ته ٻئي طرف بي اعتبار سُڪارن وٽ گروي رکيل هئي، جيڪي سالن کان فطرت طرفان ٿر مان ڏيس وٽو ڏنل هئا!
ٿر جي تهذيبيزندگيءَ جي مُرجهايل رنگن ۾، هونئن ته هر پاسو ڏڪار جي ٽانڊن تي ٽھڪي بيرنگ بڻيو هو، پر ويجها رشتا به بيمزه بڻيا هئا. خلوص جي خوشبوءِ تي مشتمل محبتن جون مالهائون، اڻھوند جي آڱرين سبب تنگدليءَ جي تڙن ۾ اونڌي-مُنهن ڪِريون هيون!
گهر ويندڙ صابوءَ جا قدم پنهنجي گهر جي گهٽيءَ تي پهچي خود بخود بيهجي ويا هئا.
اندران صدوريءَ جي ٽهڪن جون شرنايون وڄي رهيون هيون. گهڻن ڏينهن بعد صدوريءَ جي ٽهڪن جون مرليون صابوءَ جي ستل جذبن کي جنجهوڙڻ لڳيون. سندس وجود جي واٽن تي احساسن جا ڪيئي سُتل ڪاريهرڦُڻ کڻي اڀا ٿيڻ لڳا هئا. هن چاهيو، صدوري ايئن ئي کلندي رهي ۽ ھُو اتي ئي بيٺي بيٺي سماعتن جي چپٽين سان صدوريءَ جي ٽھڪن جا پوپٽ پڪڙيندو رهي!
ٽھڪڙن جي لهرن تي لُڏندي، وجودي وجد جي پُرپيچ پيچرن مٿي، لمحن لئه منجهس وري نئين سر جيئڻ جي تمنا جاڳي پيئي.
عين ان وقت صدوريءَ چونئري مان ٻاهر نڪتي. کيس نئون ڳاڙھو جوڙو پاتل هو. اکين ۾ ڪجل ۽ ھٿن ۾ نيون چوڙيون پاتل هيون. ٽچ اسڪرين بڻجي پيل، صدوريءَ جي نئين روپ، صابوءَ کي حيرتن جو مُجسمو ٺاهي ڇڏيو. هن جي سوچ ۾، ڪيئي ڀٽون چُھٽڻ لڳا. ڇا قادو دڪاندار ئيصدوريءَ جي ٽھڪن جو سبب بڻيو هو؟ ڇا سونهري چوڙيون ۽ نئون وڳو صابوءَ جي نظر جو فريب هو؟ وارن جي بڪل کان اکين جي ڪجل تائين، صدوريءَ جي سينگار پويان آخر ڪير بيٺل هو؟!
سندس وجود اذيتناڪ سوالن جي اُگهاڙين تلوارن هيٺيان اچي ويو. چونئري مان مبهم مرداڻي آواز جو ڀُڻڪو، صابوءَ جي ڪنن جا تاڪ کڙڪائڻ لاءِ ڪافي هو. سندس ذھن جي سائي نم مٿان قادوءَ جو نالو ٽي دفعا کنوڻ بڻجي ڪريو.
”قادو…قادو…قادو!“
پر ھن سمورن مونجهارن کي ٽھڪن جي آواز ۾ تحليل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ئي ويل گهڻي وقت کان محنت مزدوريءَ لاءِ ڪراچي ويل صدوريءَ جو ڀاءُ عزيز چونئري کان ٻاهر نڪري آيو. هن صابوءَ کي هٿ ڏيئي خيرعافيت پڇي. صدوريءَ صابوءَ سان گڏ ايندڙ موڀي پٽ کي چيو:
”عزيز تولاءِ به ڪپڙا آندا آھن. ماني کائي وٺ، پوءِ پائج“