باب ڇهون
”هيل به ڪارو ڏڪار ڪڙڪيو ته ڪيڏانهن وينداسين؟!”
گهڻوتڻو مال ته پوئين ڏڪارن ۾ کاڄي کپي ويو. نانا جانوءَ جي ڪڍيل آنڪاري ۽ بچيل چئن ڍُڪين ٻڪرين جي سهاري ڪيئن گذارو ٿيندو؟ڪنڊين تي چڙھڻ نانا ۾ به ناهي، ڏانٽيءَ سان ٽل سل ڪري پن لاهي پيو، پر ساه مان ٻُڏيو وڃي. ٻنيون ته ٻه آھن، پر نه وٺو ته جهڙي ڌُوڙ!
نانا به الاءِ ڪيترو وقت هوندو؟ منهنجو پٽڙو به اڃان روئي رٻ گهُري. منهنجو ڇا ٿيندو؟“
هن جي اکين مان آئيندي جي اُڳرن انديشن جا ڪنڊا، لڙڪن جو روپ ڌاري نڪري آيا. چنيءَ جي پلئه سان ڳوڙھا اُگهي، هن خاردار خيالن کانفرار ٿيڻ خاطر، من جي ڪرهي کي ويل وقت جي وڻن ۾ وڙڪائڻ چاهيو. هونئن به هن وٽ حال بيحال هو ۽ آئيندو اذيتناڪ انديشن جو آئينو!
ماضيءَ ۾ به هن لاءِ ڪجهه خاص ڪون هو. بس ماڻس سڀاڳيءَ جي هنج جون ڪي ڳهريل ڳالهيون هيون. پڻس سلطان جا اڇلايل ڪي شفقت جا ڏڙا هئا، جيڪي هن ننڍپڻ ۾ جهپيا هئا. ماڻس جي موت تي، هوءَ روئڻ باوجود روئي نه سگهي هئي! لڙڪ ڄڻ ڏڪار ۽ ڏُرت جي ماريل ٿرياڻيءَ جي ٿڃ ھئا، سُڪي ويا هئا. هن درد جو درياءُ اندر ۾ اوتي ڇڏيو هو. جنهن جي سُرڪ سُرڪ رت جي گُرڙي هئي، اهو رت ڪڏھن ڪڏھن ٽيپو ٽيپو ٿي، هن جي قلم مان نڪرڻ چاهيندو هو!
هن لاءِ اهي ڏينهن به ڊيڄاريندڙ خواب جيئن هئا، جڏھن پڻس سلطان سيٺ جو قرضي ٿي پيو هو. سيٺ کيس آخري مهلت ڏني هئي، ان بعد قرض نه ڀرڻ جي صورت ۾ سورٺ کي وڏيري لائق جي لُولي لنگڙي ڇوڪري سان لانئُون لهڻيون هيون، جتان سندس مليل مُلھ مان سيٺ جو قرض ڀرجڻو هو! انهن ڏينهن ۾ هن محسُوس ڪيو هو ته هوءَ ڍور هئي، جنهن کي اڳ پوءِ وڪامڻو هو. پر ڍور جي قيمت جي ڪٿ ۽ وڪڻڻ، نه وڪڻڻ جي مُکياري ته مالڪ وٽمحفوظ هوندي آھي، پر سورٺ جو معاملو مختلف هو. مقرر ڪيل تاريخ تي قرض نه چُڪائڻ جي صورت ۾، سمورا حق واسطا سيٺ وٽ محفوظ هئا. پنهنجو قرض وصول ڪرڻ لاءِ جيئن ۽ جتي وڪڻيس، هوءَ ڄڻ وڪري جو جانور هئي!
انهن ئي ڏينهن ۾، دلبر جي ريڊيو تي تازيواپسي ٿي هئي. هن به هڪ تحرير لکي اماڻي هئي، جنهنجي جملي جملي کي، دلبر ايئن جو ايئن، مڌر آواز جي مُرليءَ سان ڪلاداري واسينگ جيان جهيڻو جهيڻو جھُولايو هو!
گهڻو اڳ دلبر طرفان سندس تحريرون رد ٿيڻ بعد هُن به پاڻ کي رد ٿيل وجود ڀانيو هو. عام طور ناڪامي ۽ ذلت جو احساس جستجو جو جذبو ماري ڇڏيندو آھي، پر هن وٽ اهو احساس انا ۽ ضد جو مثبت ردعمل ٿي پيو هو. جنهن کيس قلمي طور ساڳي سلسلي جي معيار ۽ مزاج جي بلندين تي پهچايو هو ۽ هن کي پنهنجي ڪامراني ۽ سرفرازيءَ جي سُڳنڌ محسوس ٿي هئي. خوشي۽ ڪاميابيءَ جي ڪڪرن تي ليٽندئي، کيس اهو به وسري ويو هو ته سندس پيٽ ۾ بک جا ڪُوئا ڪُڏي رهيا هئا. ۽ سُرور جي سائي وڻ ۾، ور هڻي ويٺل اهو وسيهر به هن کان وسريل هو ته هن جي زندگي سيٺ جي قرض ۽ مقروض پيءُ جي پهچ سان مشروط هئي!
ٻئي هفتي هوءَ وري آسمان تي اُڏرڻ لڳي هئي، جڏھن دلبر پوئيين هفتي نشر ٿيل سندس تحرير جو جواب ڏنو هو:
” ڀٽن جي ڀر ۾ رهندڙ نازبوءُ جهڙا خوشبودار ۽ ماکيءَ جهڙا مٺا ماڻھو-اداس نازبوءُ !
شال تنهنجين اداسين جا ڪارا ڪڪر، هٺيليون هوائون ڏُور اُڏاري وڃن!
ڊگهي عرصي کانپوءِ پهتل تنهنجو سڀوٽ ڪنجري جهڙو خوبصورت خطڙو، اسان تائين پهتو. لفظن جا ٽانڪيل ٽؤنر، خيالن جي سندر سڳن ۽ انمول احساسن سان اُڻيل جذبن جون جرڪندڙ ٽڪون، ڏاڍيون سهڻيون لڳيون. اسان ايئن جو ايئن سونهن جي اها سداملوڪ سوکڙي، هوائن جي حوالي ڪري، سوچيندڙ سماعتن جي پار آڙيءَ جيان اُڏاري ڇڏي. اميد ته اسان جي ڪا ڪوتاهي، اوهان نازڪ ماڻھن کي گهڻي ناگوار نه گذري هوندي!
نازبوءُ! احساس ۽ تصور جي انوکي آميزش تي مشتمل، تنهنجو ٻھڳڻي ٻاٽيبڙ جهڙو کينچلو خطڙو، جيئن ئي هٿن ۾ آيو، منهنجي من-اڱڻ تي گهڻو اڳ وارو زمانو، ڪنهن ٻالاڀولي ٻارڙي جيان کيڏڻ لڳو. ويل وقت جي ان چلهر راند ۾، خيالن جا ڍارا هڻندي، ساروڻين جون ڪيئي ساريون مرنديون ۽ رچنديون رهيون. گهڻو اڳ تنهنجون لکيل تحريرون، مون طرفان رد ڪرڻ واريون تنهنجون ميارون به سورهن آنا سچيون. پر جي ڦُڙي نه سهبي ته وسون ڪيئن چربيون! گرمين کان ڀڄبو ته انب ڪيئن پچندا!؟۽ جي جبل نه جهاڳبا، ته پنهونءَ جا پيرا ملي ڪون سگهندا. بس ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه سهبو به آھي، ته وڃائبو به آھي. سوڀون سر گهُرنديون آھن. ڪاميابين لاءِ جستجو جي جوت جلائي رکڻي پوندي آھي. ناڪامين ۽ شڪستن کان گهٻرائي، منزلن جا عشق اڌ ۾ ڇڏبا ناهن!
محترمه اداس نازبوءِ! حوصلا شڪن حالتن جي هوندي به قلمڪاريءَ سان تنهنجي محبت، توکي اڄ سون سريکي ليکڪه ٺاهي ڇڏيو آھي، ڇا اهو ڪافي ناهي!؟ڇا اهو به ڪافي ناهي ته تنهنجو قلم باه مان گذري سچو سون بڻيو آھي؟! ڇا اهو به ڪافي ناهي ته سرهن لفظن جي سوداگريءَ ۾ تو هزارين تمنائن جا هيرا موتي هارائڻ باوجود، ڏات جي ڏيھہ ۾ تخليق جا تاج محل اڏيا آھن!؟ڇا اهو ڪافي ناهي ته نصيبن جي نگريءَ ۾، سالن پڄاڻا هي علمي ادبي رهاڻ وري شروع ٿي آھي ۽ تنهنجا خط به وري نئين سر انگوريا آھن. لفظ لفظ گلاب، جملو جملو سُرهاڻ! ڇا ته معصوم نغمگي ۽ شيرين جذبن جي دلبري آھي. ڇا ته خيالن جي خوشبوءُ آھي. بس رڳو زمانو بدليو آھي. جن آڱرين لکيا آھن، انهن جي ڪوملتا ۽ نفاست ۾ ذرو به فرق نه آيو آھي. جن اکين انهن کي وري وري پڙھيو آھي، انهن جي لڙڪن جو رنگ به ساڳيو هوندو. ۽ جن چپن انهن خطن کي وري وري ڏٺو آھي، انهن چپن تي وري وري تري آيل ڪي اظھار، ڪي سنيها، بس قيمتي قلمي لباسن ۾ ملبُوس ٿي پيا آھن!
محترمه اداس نازبوءُ! اسانجو هي حقير فقير علمي ادبي پروگرام، توکي پنهنجي وجود جي نئين سر دريافت جيان محسوس ٿيو، اسان لاءِ ته اهوئي اعزاز ڪافي آھي. تنهنجي نوڙت ۽ معصوميت تي مشتمل لفظن، اسانجو اندر به ايئن ئي اڌ ڪيو آھي، جيئن هن پروگرام جي کوٽ، تنهنجو اندر اڌ ڪندي هئي. تون رشتن ۾ اشتراڪيت کي پسند ناهين ڪندي-توکي اهي شيون به ناهن وڻنديون، جيڪي رڳو نالي جون تنهنجون هجن. تنهنجي اها مالڪانه پسند سوچ توکي مبارڪ هجي. پر ڪڏھن انهن شين تي به سوچجان، جن جا مالڪاڻا حق کڻي ڪنهن وٽ به هجن، پر هونديون ڪنهن ٻئي جون آھن. چيٽ جي چٽي چانڊاڻ ۾ چنڊ سان کينچل ڪري ويندڙ بادل به ته ڪنهنجو نه ڪنهنجو ته هوندو آھي!
محترمه اداس نازبوءُ! وقت سان گڏ تنهنجي تخليقي هنر به واه جي ترقي ڪئي آھي، پر رومال ۾ ويڙھيل ميارن سچ ته جهوري وڌو. تون پذيرائيءَ جي پنج ڪڻيءَ لاءِ جهول ڇو ٿي جهلين؟تنهنجا انمول لفظ ۽ خوبصورت خيال ئي تنهنجي اهليت جو سرٽيفڪيٽ آھن.
محترمه! جيئن تنهنجي دل سليٽ تي گهڻو اڳ نشر ٿيل اسانجا پروگرام اڄ به پيچي اکرن ۾ لکيل آھن. ايئن ڀلا اسين اوهان پارن پيارن ٻُڌندڙن کي ڪيئن ٿا وساري سگهون؟!ڪيئن ٿا وساري سگهون انهن چاهتن کي جيڪي، اسانجي رولاڪ آواز سان پيچ پائي، سماعتن جي صحرا ۾ اُڃارين هرڻين جيان ڀٽڪيون آھن. ايڪويهين صديءَ جي آڳنڌ تي پهتل هن دنيا ۾، ڪانگن جي ڪان ڪان ۽ ھڏڪين جي هلچل تي ڀلي ڪير اعتبار ڪري، نه ڪري، پر دل تي لکيل دستاويز ڪوڙا ناهن هوندا. روح جا ريلا ۽ دل جون چُغليون ته سچيون هونديون آھن. ڀلي ته ڪي زمانا گذري وڃن، ڪي نالا وسري وڃن، ۽ ڪي ساٿ وڇڙي وڃن، پر ڪن بينام رشتن ۽ وڍجي پيل واسطن کي وسارڻ لاءِ ته زمانا گهربل هوندا آھن!“
دلبر، آواز جي مخصُوص اُتار-چڙھاؤ، مُترنم تلفظ ۽ انداز بيان جي بازگشت کي، اداس ڪري وجهندڙ بانسريءَ جي سُريلي سگنيچر ٽيون سان، ايئن هم آهنگ ڪري لفظ لفظ اُچاريو جو سڄي تحرير دل ۾ سينگاري رکڻ جهڙن موتين جي مالها ٿي پيئي. ايتري وڻندڙ نغمگي جو ماڻھُو گُم سُم ٿي وجود جي وراڪن ۾ ئي وڃائجيو وڃي. ايترو مٺو مٺو درد، جيڪو ڳوڙھو اکين کان ٻاهر آڻڻ بنا به رُئاڙيو وجهي! جذبن کي جنجهوڙيندڙ صداڪاريءَ جي اها سُرهاڻ، جيڪا محسُوسات جي نڪ تي نقاب ويڙھي به سُنگهي سگهجي! بس خيالن جي اهڙي انوکي کينچل، جيڪا دل ۾ ڪتڪائي ڪري درد جاڳائڻ باوجود وڻندڙ وڻندڙ لڳي!
دلبر سان سورٺ کي هميشہ انوکي اُنسيت رهي هئي. جسماني دُوريءَ باوجود، دلبر سندس سوچن تي سدائين ڇانئيل رهيو هو. پوريل اکين ۾ به پرپُٺ جي پرينءَ جو پرتوو پوندو هئس، ته ننڊ جي نکيٽي ٿي پوندي هئي ۽ جاڳ ويراڳ جي واٽن تي، هوءَ دلبر جي خيالي تصور جي ترائيءَ مان، جيئن جيئن پاڻي پيئندي هئي، تيئن تيئن تن جي تؤنس وڌندي هُيس! پر پوئيين هفتي سندس تحرير کانپوءِ ساڻس مخاطب ٿي ڏنل جواب نشر ٿيڻ بعد سندس ڪيفيت جي ڪميت گهوڙي انهن رستن تي گهُنڊ ھڻي گُهمڻ لڳي هئي، جن رستن جي ڌُوڙ اڳ ڪنهن به ڪون اُڏائي هئي!
ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڀاءُ پنهنجو کٽارو فون کيس ڏنو هو. جنهن جا بٽڻ گسي ڦِٽي ويا هئا. نمبر به اندازي تي لڳائبوهو. کيس دلبر سان ڳالهائڻ جي خواهش خوشبودار بڻائي وڌو هو. هن گٺل ڦٽل موبائيل ڏانهن حسرت سان ڏٺو هئائين. دلبر واتان پروگرامن ۾ اڪثر ٻُڌايل ڊيوٽي روم جو نمبر کيس برزبان ياد هو، پر جڏھن پيٽ ۾ ڪجهه نه هجي ته پوءِ سم ۾ بيلنس ڪٿان ايندو؟! هن ٻن پُراڻين سمن کي چيڪ ڪيو. هڪ بند ٿي چڪي هئي، جڏھن ته ٻيءَ ۾ هڪ رپيو موجود هو. هن لون کڻڻ لاءِ رڪيوسٽ موڪليو. ٻي لمحي ٻن هٿن جي آڱرين جيترو بيلنس پهچي آيو. هن جهٽ پٽ ڊيوٽي روم جو نمبر ملايو، ان اميد سان ته من دلبر سان ڳالهه ٻولهه ٿئي. پر ٽيليفون تي موجود ڊيوٽي آفيسر، عورت سان مخاطب ٿيڻ ڪري مورڳو نمونيبازيون ڪرڻ لڳو. سورٺ التجا ڪيس:
”ادا منهنجي دلبر صاحب سان ڳالهه ڪرايو“
”منهنجي ڪابه ڀيڻ ناهي، آئون تنهنجو ادا ڪيئن ٿيئس؟“
”ادا چرچا نه ڪر، مون وٽ بيلنس ناهي!“
”بيلنس مون وٽ آھي، توهان پنهنجو نمبر لکايو، آئون پاڻھي توسان ڳالهائيندس. “
”پر مونکي ته دلبر صاحب سان ڳالهائڻو آھي“
”ايترا سنگدل نه ٿيو پيارا، آئون به انسان آھيان“
”ڌُوڙ جو انسان، تون ته گڏھ آھين!“
هن ڏند ڪرٽي، ڪاوڙ مان فون بند ڪري ڇڏيو ۽ سوچيو:
”هي پڙھيل لکيل هوندي به جاهل ماڻھُو، هنن کي انسانيت ۽ اخلاق ڪير سيکاريندو؟!”
هوءَ سوچ ۾ پئجي ويئي:
”دلبر به ايئن ئي هوندو ته ڪهڙي خبر!؟ مٺيءَ واري ڊاڪٽر جهڙو؟! ريڊيو واري ڊيوٽي آفيسر جهڙو!؟نه نه. . …!؟ عورت کي مرد جو پاڻي ڪَڇڻُو هجي ته اڪيلائيءَ ۾ ساڻس هُجتي گفتگو ڪري ڏسي!“
هن جي چپن تي مرڪ تري آئي. وري پاڻ کي ڄڻ دلاسو ڏنائين:
”نه نه…دلبر ايئن ڪون هوندو. جنهن دل مان ههڙا سهڻا لفظ نڪرن ٿا، اها ايتري ڪاري ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟! جيڪي چپ روز سندر لفظن سان رانديون ڪن ٿا، تن مان اڍنگا جملا ڪيئن نڪرندا؟! ۽ جن سوچن جي سُرهاڻ، سماعتن جون سڄيون ساريون واٽون واسي ڇڏيندي آھي، تن سوچن جي سلن ۾ ڪميڻن ڪاريهرن لاءِ گنجائش گهٽ ھجڻ گهرجي!“
هن ڄڻ پاڻ کي آٿت ڏني
ٻي هفتي هن دلبر جو پروگرام شروع ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ، ڊيوٽي روم جو نمبر ملايو، انهي دعا سانته ”شال ساڳيو منحوس ڊيوٽي آفيسر فون نه کڻي!“
ٽيليفون جي رنگ وڄي وڄي بند ٿي ويئي. هن وري نمبر ملايو. هن ڀيري ٽي رنگ تي سامهون پوئيين هفتي واري ساڳي همراه فون کنيو ”هيلو“
سورٺ جي دل جي ڪنارن سان، مايوسيءَ جي ڇولي ٽڪرائي موٽي ويئي. پر ٻي لمحي هن کي ڊيوٽي آفيسر جي ”هيلو“ جي پس منظر ۾ دلبر جو ڄاتل سُڃاتل آواز آواز ٻُڌڻ ۾ آيو.
هن ڊيوٽي آفيسر کي چيو ”دلبر سان ڳالهه ڪرايو“
”اڌ ڪلاڪ بعد ڪال ڪجو“
هن ڀيري سورٺ جي صبر جو گهڙو ٽُٽي پيو“ڪميڻا دلبر تنهنجي ڀر ۾ موجود آھي، سندس موبائيل بند آھي، تڏھن هي نمبر ملايو اٿم. ڀڙوت ڇڏ، آئون دلبر جي مائٽياڻي آھيان. فون دلبر کي ڏي!“
”ج …جي…ها اجهو دلبر سان ڳالهايو“
دلبر جو آواز آيو: ”هيلو“
”دلبر اداس نازبُوءُ ڳالهايان پيئي. مون وٽ بيلنس ناهي. جلد نمبر نوٽ ڪريو، متان ڪال ڪٽجي وڃي!“
”جي محترمه نوٽ ڪرايو“
“0345……”
ڪال ڪٽاڻي ته سورٺ هٿ مليندي رهجي ويئي.
”دلبر نمبر نوٽ ڪري ورتو، الاءِ نه!؟“
هوءَ غيريقنيءَ جي ڏينڀُوئن ۾ ڏنگجڻ لڳي.
”مون ته آخري انگ به ڪون ٻُڌايو هو. هاڻ ته مون وٽ بيلنس به ناهي، جو وري ڪال ڪريان. نه ئي ويجهڙ ۾ بيلنس وجهائڻ جو آسرو!؟“
اذيتناڪ ماٺ جو مختصر وقفو
هوءَ نااميديءَ جي اوڙاه ۾ اٽڪي پيئي! عين ان وقت هن جي کٽاره موبائيل جي گهنٽي وڄڻ لڳي. گڏوگڏ سندس دل جي ڌڙڪن به تيز ٿي پيئي. هن تڙتڪڙ ۾ ڪال رسيو وارو بٽڻ دٻائي ڇڏيو.
”هيلو ڪير؟“
”دلبر اداس نازبُوءُ پيئي ڳالهايان“
”چڱو ٿيو توهان ئي آھيو. توهانجي ڪال ڪٽاڻي ته آخري انگ نوٽ ٿيڻ کان رهجي ويو. آخري انگ ڌُڪي تي ملايم، پهرين “هڪ”، اهو نمبر بند آيو، وري “ٻه” اهو ڪنهن مرد کنيو، وري “ٽي”، اهو رينج کان ٻاهر هو ۽ ھاڻ “چار” ڀاڳن وارو نڪتو، جو توسان ملائي ڇڏيائين. “
”دلبر! آئون توهانجي مداح آھيان. مونکي تنهنجو پروگرام، تنهنجي ڪمپيئرنگ جو انداز ۽ تنهنجون لکڻيون ڏاڍيون وڻنديون آھن! مون تنهنجي واتان نڪرندڙ لفظنکي ڳيرن جيان اڪثر دل ۾ آکيرا اڏيندي ڏٺو آھي!“
”ان ۾ منهنجن لفظن جو ڪمال گهٽ پر توهانجي ذوق ۽ شوق جو معجزو وڌيڪ آھي، جو سندءِ محسُوسات جو پارس پٿر، منهنجن لفظن کي سچو سون بنايو ڇڏي، جيڪي سندءِ دل جي اُجري آئيني ۾ سهڻا ۽ من موهڻا ٿي پون ٿا!“
“دلبر آئون توهانجي ٿورائتي آھيان جو توهان هاڻ منهنجون تحريرون شامل ڪريو ٿا“
“ڪو ٿورو ناهي، توهان محنت ۽ مطالعي سان پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ ۾ زبردست نکار آندو آھي جو آئون پاڻ به حيران آھيان. “
”مهرباني دلبر“
”مهرباني ته توهان جي جو منهنجي حوالي سان رسالي ۾ خط لکي، وري واپسيءَ جو مطالبو ڪيئي، اداس نازبوءُ! سچ پڇين ته تنهنجي ڪري ئي ته مختصر وڇوٽي بعد ريڊيو تي وري موٽي آيو آھيان!“
هُوءَ بيساخته چئي ويٺي هئي“دلبر منهنجو نالو سورٺ آھي!“
”چڱو ڀلا هاڻ توکي سورٺ سڏبو“
”مهرباني دلبر“
”پروگرام جو وقت ڪنڌ تي چڙھي آيو، هتان موڪلايون ٿا، باقي ڳالهيون اُتي ڪنداسين. او ڪي بائي“
دلبر سان غيرمتوقع طور ٿيل ملاقات جي لاريءَ مان لهڻ بعد هن جي ڪيفيت ان ڪولهي ٻارڙي جهڙي ٿي پيئي هئي، جنهن کي ڪارونجهر جي پٿرن ۾ وسريل اميراڻو ٿيلهو هٿ اچي ويندو آھي!
انهن ئي ڏينهن ۾ ٽيليفون تي، دلبر سان هن جون ڊگهيون رهاڻيون رچڻ لڳيون هيون. هوءَ ڄڻ لوهي وجود هئي، جنهن کي دلبر جون چقمقي ڳالهيون پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيون هيون. هن ڪڏھن به دلبر کي پنهنجي غربت متعلق ڪون ٻُڌايو، ڇوته هوءَ انهن عورتن مان ڪون هئي، جيڪي اٺئي پهر پنهنجو پٽڻُو پِٽينديون آھن ۽ پرائي پٿر تي به پنهنجا سُور آلاپي وجهنديون آھن. هن ته بس دلبر جي ڱڱاٽيل ڳالهين ۾ پاڻ کي خوشبُوءُ جيان تحليل ٿيندي محسُوس ڪيو هو. ھُوءَ ته ڄڻ دلبر جي لفظن ۾، پاڻ کي اتي ڪٿي وساري آئي هئي، جتي عقل جا پکي به پهچي نٿي سگهيا! جتي کيس ڪنهن ڏند ڪٿائي پريءَ جا پک به ميڙي نه پئي سگهيا!
اُها به هڪ رات هئي. چانڊوڪيءَ جو پيلو وڳو پاتل حسين بخملي رات!
ھُوءَ دلبر سان ملڻ لاءِ ڳوٺ جي ڀرسان وڏي ڀٽ تي وڃي رهي هئي، جتي دلبر اچڻ جو انجام ڪيو هو. هوءَ بس ڳالهين ڳالهين۾ ”ها” ڪري ويٺي هئي. شايد ڀورائيءَ جي ڀِت تان تِرڪي پيئي هئي. هڪ ڌارئين مرد سان اڪيلي ويرانيءَ ۾ ملڻ باوجود ست سيل سلامت رکڻ جي اجائي خوش فهمي رکي رهي هئي. دلبر چيو هئس:
”بس رڳو هڪٻئي کي ڀرپور نگاهن سان ڏسنداسين. واعدو ٿو ڪريان ته تو طرفان مقرر ڪيل حدون ڪون اورانگيندس!“
هوءَ بس هڪ مرد جي ان ڌُوتاليئي درياءُ جهڙي واعدي تي، ترڻ وڃي رهي هئي، پر ان خودفريب ڪچي گهڙي جهڙي آس آڌار ته جوڀن جي پروَس پاڻيءَ ۾ پلئو پُسائڻ بنا ئي موٽي ايندي!
هن ڀٽ جي چوٽي چڙھي آسپاس نهاريو، ڪوبه موجود نه هو. دير تائين انتظار جي ٿوهر کي ڀاڪر ۾ ڀري ويهڻ باوجود جڏھن دلبر ڪون پهتو هو ته محروميءَ جي واريءَ جون مُٺيون ڀري هوءَ واپس وڃڻ لڳي ھئي. پر جلدي ڀرسان گذرندڙ روڊ تي اويلي موٽر سائيڪل جون بتيون ڏسي، هوءَ بيهي رهي هئي. موٽر سائيڪل روڊ تان لٿو ۽ ھڪ کٻڙ ڀرسان ان جون بتيون وساڻيون هيون ۽ انجڻ جو آواز بند ٿي ويو. ڪجهه دير بعد هڪ قداور شخص جو ڌنڌلو وجود، سورٺ کي پاڻ ڏانهن ايندي محسوس ٿيو هو. هوءَ روح جي لامن تائين لُڏڻ لڳي هئي. هڪ اوپري شخص سان ويرانين ۾ ملڻ آئي هئي. هن جي اناڙي جوڀن ۽ اڻجهل پيار کيس ڪنهن ڄار ۾ ته نه ڦاسايو هو؟! اهوئي سوچي، هُوءَ وجود جي سمورن ورن وڪڙن سميت ڪنبي ويئي هئي!
اوپري شخص سندس ڀرسان اچي چيو:
” سورٺ موٽريي جو ٽائر پنڪچر نه ٿئي ها ته توکي انتظار جي اڪ جو کارو کير ايترو پيئڻو نه پوي ها!“
هوءَ ٻُوھ جي ٻُوڙي ۾ ھراسجي لڪيل تتريءَ جيان دلبر کي ڏانهن ڏسڻ لڳي هئي. کيس دلبر سندس ڪمپيئرنگ جيان وڻندڙ لڳو هو، پر سورٺ جي خيالي خاڪي کان ٿورڙو ٿورڙو مختلف هو. دلبر کيس ڳراٽي پائي، ٿڌي واريءَ تي ويهاريو هو ته هوءَ ڄڻ لٽڪيل لام تي پچي پيل ڳاڙھي پيرُون جيان ڇڻي پيئي ھئي. دلبر جي بدن جي هڳاءُ ۾ کيس پنهنجو وجود وسرندي محسوس ٿيو هو. دلبر چيس:
”سورٺ تون تنهنجن لفظن کان به وڌيڪ سهڻي آھين”
ته ڄڻ هوءَ دلبر جي واتان نڪتل ان هڪڙي لفظ تان سئو جنم قربان ڪرڻ لئه تيار ٿي پيئي هئي! هن جي دل چاهيو هو ته هُوءَ دلبر کي ڀاڪر جي ڍاڪُونءَ ۾ ڍڪي، لوڪ کان لڪائي ڇڏي، پر هوءَ چاهڻ باوجود ڪجهه به ڪري ڪون سگهي هئي. دلبر چيو هئس:
”سورٺ! سندم چپن جا چاڳلا پوپٽ، تنهنجين گلابي ڳلن جو واس وٺڻ لئه آتا آھن، پر تو ته مون کي ان واعدي جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏيو آھي، جنهن ۾ تو مونکي حدون اورانگهڻ جي منع ڪئي هئي! تنهنجن ذوالفن کي هوائن سان همقدم ٿي رقص ڪندي ڏسان پيو، پر ڇا ڪريان؟! آڱرين کي اها اجازت ناهي ته انهن سان گڏ رانديون رئن!“
لمحن لئه سورٺ کي محسوس ٿيو هو ته هن دلبر کان اهو واعدو وٺي ٻن جوانين سان وڏو ظلم ڪيو هو! هن جي دل ۾ ان چور احساس پڻ جهاتي پاتي هئي:
”دلبر پنهنجو واعدو ٽوڙي ته مونکي ڪو اعتراض ڪونهين!“
پر دلبر پنهنجو واعدو ڪون ٽوڙيو هو. واريءَ جي وڇاڻي تي، دلبر جي ڳڱاٽيل ڳالهين ۾ کيس ننڊ اچڻ لڳي هئي، پر اوڀر جي آسمان تي پري کان پرگهٽ ٿيندڙ پره جي پس منظر ۾، لوڌي تارو اُڀري آيو هو۽ ڏُور اولهه ۾ ڪتين ڪر موڙيا هئا! ته هوءَ به واپس وري هئي. دلبر به موبائل جي بتي ٻاري ڪجهه قدم ساڻس گڏ هليو هو. پر اوچتو اڳيان نانگ ڦُڻ کڻي ڦوڪ ڏني هئي. دلبر جهٽ پٽ پهرين هڪ پير مان ۽ پوءِ ٻي پير مان سينڊل لاهي واسينگ کي وڄايا هئا!ٻئي ڌڪ نانگ کي ڦُڻ ۾ لڳا ، جنهنڪريجلدي موت جي مُنهن ۾ ھليو ويو هو. دلبر سورٺ کي سندس گهر ويجهو ڇڏي واپس وريو هو، پر نانگ مارڻ متعلق هن ڪجهه به ڪون ڳالهايو! بس هن سورٺ کان موڪلائڻ محل رڳو اهو چيو هوته ”سورٺ! نانگن جا مٿا ڪيسين لتاڙينداسين! ھاڻ ته گڏجي جيون گهارڻ متعلق سگهوئي سوچڻو پوندو.