باب يارهون
”ٻيلي ڏيو خبر صابوءَ جي، ڪيئن آھي؟“
هڪ همراه ٻئي کي چيو:
”ڏس ويچارا اصلي ماڻھو! ڏھٽي مرڻ جي ڏُک ۾ به سنگتي صابو ياد اٿس!“
جانو ڳالهاڻو:
”بس هن دنيا ۾ ڏھٽي جو داڻو پاڻي ئي ايترو هو. پر وڏي ڳالهه اها ڪونهي ته ڪو پرائي پٿر تي پنهنجا سور سنڀارجن، پر وڏي ڳالهه اها آھي ته ماڻھو پنهنجي غم ۾ ٻين جا ڏُک ياد رکي“
هڪ همراه ڳالهاڻو:
”چاچا ڇورن رونشو ڪري روڊ تي وڃي، امدادي ڇڪڙن کي روڪيو ۽ ڪٽا لاهڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس پهچي لٺيون وسايون. ٻيا ڀڄي ويا صابو ڦاسي پيو. لٺيون لڳڻ ڪري، مٿو ڦاٽي پيئس. روڊ جي ڪناري زخمي صابوءَ کي ڳوٺاڻا گهر کڻي آيا. سندس مٿي جي زخم مان وهندڙ رت ته بند ٿي ويو آھي، پر پوليس جي لٺبازي ۽ اڍنگي رؤيي، سندس بگڙيل ذھني حالت کي وڌيڪ ڊاوان ڊول ڪري وڌو آھي. اڳي وقت تي کاڌو کائيندو هو، ننڊ به ايندي هئس ، بس رڳو گُم سُم ۽ خاموش خاموش هوندو هو، پر هاڻ هن نه رڳو کاڌو کائڻ ڇڏي ڏنو آھي، ننڊ نيڻن کان رٺل اٿس پر ڪنهن اڻڄاتي خوف ۾ زور زور سان رڙيون به ڪرڻ لڳو آھي. اڪثر دانهون ڪري چوندو آھي: “گهوڙا پوليس!“
جانوءَ مٿي تي هٿ ڏيئي رڙ ڪري چيو:
”اڙي گهوڙا ويچاري درويش کي ماري وڌائون!“
ڪمپنيءَ وارن ڳوٺاڻن کان سندن سڀ زمينون خريد ڪري ورتيون هيون. ڪاري ڏڪار جي بک ۾ ڪمپنيءَ طرفان آڇيل رقم، مسڪين ماڻھن کي بنھہگهڻي محسوس ٿي هئي. ۽ انهن پنهنجون زمينون کپائي ڇڏيون هيون. پر زرعي مزاج جي هيراڪي ۽ ويهي کائڻ سبب سرمائي ڪاري ڪري نه سگهيا هئا. ڪاروباري ذھنيت کان اڻواقفيت سندن سرشت جو حصو هئي، جنهن ڪري روڪ رقم سنڀالڻ ۽ ان کي وڌائڻ ويجهائڻ سندن وس ۾ ڪون هو. ويتر آيل ڏڪارن سندن سموري مُوڙي ختم ڪري ڇڏي.
۽ هاڻ جڏھن کين ڳوٺ خالي ڪرڻ جو حڪم مليو هو ته ڪن نوجوانن چيو:
”ڳوٺ نه ڇڏيو، زوري ته ڪير ڪون اٿاريندو؟“
ڪن وڏڙن چيو:
”ابا اَتاڪا نه ٿيو. ٿورو سوچيو:زمينون آڳاٽيون وڪڻي ڇڏيوسين. هاڻ ڪوئلي جو ڪم هلندو، مال به سيم ۾ چري ڪون سگهندو. مشينن جي ڌُوڌاٽ ۾ پکي به ڀڄي ويندا. پاڻ هتي رهي ڇا ڪنداسين؟!“
سڀئي خاموش ٿي پيا هئا. ڪنهن پڇيو:
”پوءِ ڪٿي هلنداسين؟“
”بس جنهن جي جيڏانهن قسمت هوندي“
”ايئن ته ڪڻو ڪڻو ٿي وينداسين، رشتا ناتا، ڀت برادريون، شناختون سُڃاڻپون، سڀ هليون وينديون“
هڪ نوجوان ڪجهه سوچيندي وراڻيو:
” ڏاڍن جي ڏنل ڏيس وٽن ۽ مجبورين ۾ ڪيل لڏپلاڻن ۾ ايئن ئي ٿيندو آھي. لاشن کي ڪفن ۽ ڄمندڙ ٻارن کي دايون ملي نه سگهنديون آهن!“
هڪ همراه وراڻيو:
”چون ٿا ته حڪومت لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻھن کي آباد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. دلبر ۽ ٻين ٿر جي ڏاهن کان تجويزون گهريون آھن“
هڪ همراه چيو:
”خدا جا بندا! ان آسري رهندا. حڪومت ۽ حڪومت جي ڏاهن، ڪڏھن ڪو سُر وارو ڪم ڪيو آھي؟! جو هاڻ پاڻ کي عزت آبرو سان آباد ڪندا ؟!“
هڪ پوڙھي چيس:
”آھين صفا سچو. ٻار پئي مئا ته وڏو وزير چئي رهيو هو: داين ڇڪي ماريا آھن. بيماري پکڙي ته چون: ماڻھو صفائي نٿا رکن، پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪندي تپ ٿو چڙھين!“
هڪ ٻي شخص چيو:
”ٻيلي حڪومت جي ڳالهه ڇڏيو. پنهنجون زمينون وڪيوسين، تپيدارن لک لک رپيہ ورتا، جهڙو سندن حصو هو!
حڪومت جي ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو؟ ٻيڙي ٻُڏي پيئي آھي!“
ڳوٺاڻن لڏيو هو ۽ اباڻن اجهن کي ڇڏيو هو. هر دل جوڳڻ جو ڪستو ٿي پيئي هئي، جنهن ۾ درد جي پنج ڪڻي پيئل هئي! هر اک جو ڇنو، لڙڪن جي مينهن ۾ ٽمي رهيو هو. سڀئي ڳوٺاڻا ڄڻ هڪئي مالها جا مڻڪا هئا، مالها ٽُٽي هئي ته هرڪو داڻُو داڻُو ٿي وکري پيو هو. جنهنجي جيڏانهن ڄاڻ سُڃاڻ ھُئي، جتي سهوليت هئي، ان اوڏانهن لڏيو هو.
هر ڏينهن ڪو نه ڪو ضرور لڏيندو هو. ڇڪڙو ڪنهن نه ڪنهن جي گهر اڳيان هارن هڻندو هو. سامان ڇت ۽ ڊالي تي سٿي، وڃڻ وارا پوئتيڇڏيل پيارن کان روئي موڪلائيندا هئا. پويان وڇڙي ويل اکيون، الوپ ٿيڻ تائين ڇڪڙي جي پويان ڀنڀوريون بڻجي اُڏرڻ چاهينديون هيون. وڃڻ وارا ڳوٺ جي منظرن کي اکين ۾ اوتي، پويان رهجي ويل وجود لاءِ، نيڻ نهار تائين حسرتن کي واٽن تي وِڇائي هليا ويندا هئا. ۽ پويان سوڳوار وستيءَ جون مڙھيون، مُٺلن کي مارينديون هيون!
هر اُجڙيل گهر جي درد-ڪهاڻي، ڪڏھن پوڙھن وڻن جي ٽارين تي ويٺل پکين جي ٻولين ۾ ٻُڌبي هئي! ڪڏھن اجهاميل چُلهن ڀرسان ويٺل ٻلين جي اکين مان جهاتي پائيندي هئي! ۽ ڪڏھن وري اکين مٿان هٿ جو ڇٽ ٺاهي، اُٿي ويل آديسين جا اجها ڏسي روئي پوندڙ جهُونڙن جي لُڙڪن مان وهي ايندي هئي!
جانو جڏھن به ڳوٺ ۾ ڇڪڙي جو هارن ٻُڌندو هو ته چوندو هو:
”اڄ وري ڏائڻ آئي آھي، ڪو نه ڪو گهر خالي ڪندي!“
گهر خالي ٿيندا رهيا، ڳوٺ ويران ٿيندو رهيو. حڪومت طرفان ڳوٺاڻن جي آباد ڪاريءَ جا منصوبا عمل ۾ اچڻ بنا رڳو ڪاغذن ۽ ڪاميٽين ۾ رُلندا رهيا. جنهن ڳوٺ ۾ پرسال تائين بس اچڻ کان اڳ اسٽاف تي ماڻھن جو هجوم هوندو هو. رهاڻ جو رس ۽ قرب-ڪڻين جو چس هوندو هو. مصري تڙن جهڙيون مٺيون ڳالهون روحن جا ٿڪ لاهينديون هيون. لڪڙ تار ۽ واءُ-سواءُ جو واس، خبرچار جي ٻاڙ پوري ڪندو هو! ڪانڀون ڪڍي ويٺل وڏڙن جا مشاهدن مان ماڻيل نصيحت آميز نڪتا، نوجوانن جي رهنمائي ڪندا هئا. سگهڙپڻي جي سرهاڻ ذھنن کي گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي، هاڻ اهو اسٽاپ ويران ٿي ويو هو. اتي بس وارن به بيهڻ ڇڏي ڏنو هو.
هوڏانهن وري هو وٿاڻ، جتي سڪار جي سالن ۾، رايُون رنڀنديون هيون. پتل جي لوٽين ۾ ڏُھائي ڪندڙ چوڙيلين جي ڪنجري ڪاون سان، سانوڻ جو سج اکيون ڀڃندو هو، اتي هاڻ واري اڏامي رهي هئي! ۽ هوڏانهن وري ڳوٺ جا هُو کوهہ جتي پاڻياريون ٻيلهڙا ڀرينديون هيون، گوسِي ڪوس جهلي هوڪارا ڪندا هئا، اواڙن تي مورن جا ٽھُوڪڙا، وٺي جي واڌائي ڏيندا هئا، اتي هاڻ ويرانيءَ جو واسو هو.
هِتي هُتي ڪمپنين جي گاڏين ۽ مشينن جو گوڙ گهمسان، روز بروز وڌي رهيو هو. تترن ۽ سهن سيم کي ڇڏيو هو. مور به آسپاس مان اڏامي ويا هئا. بس ڪڏھن ڪڏھن ڪُراڙو جانُو وڃائجي ويل واٽن تي ويهي، ٻه ٽي ڪوسا لڙڪ هاري گهر هليو ويندو هو. هڪ شام هُو جيئن ئي گهر پهتو هو ته سورٺ کيس ڇرڪائيندڙ خبر ٻُڌائي هئي.
”نانا چون ٿا ته صدوريءَ قادو دڪانواري سان نڪاح ڪري ڇڏيو“
”هان. . . سچائين؟ ڄاڻين؟“
”ٻه ٽي مهينا اڳ صدوري، سندس ڀاءُ ۽ قادوءَ وارا هتان لڏيا هئا“
”هائو هائو! مون به ڀاڪر وجهي روئي کانئن موڪلايو هو“
”اهي بئراج علائقي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي رهيا. چون ٿا ته قادوءَ پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي. سندس جواڻ ڌيءَ اتي جي ڪنهن ٻروچ سان ڀڄي ويئي!“
”مار! اهڙو ڪم هتي ٿئي ها ته قادو جيئرو نڪ کڻي هلي ڪون سگهي ها. تڏھن ئي ته چوندا آھن ڳوٺ ڍَڪَ هوندا آھن!“
”قادوءَ وري صدوريءَ سان نڪاح ڪري ڇڏيو“
”خُدن مڙس ماڻھو آھي، اهو ڪم ڪرڻ ڪيئن ڏنئين“
”خُدن هتي ئي ٿر ۾ پنهنجي ناناڻن جي ڳوٺ ۾ رهي پيو آھي، باقي عزيز قادو سان مليل هو“
”بس سڀئي وقت جي واءُ ۾ ڪک پن ٿي وکري ويا“
”تاجوءَ کي سندس سالو وٺڻ آيو آھي. ان ئي قادوءَ واريون خبرون ٻڌايون. “
”هاڻ تاجوءَ وارا به لڏين پيا ڇا؟“
نه رڳو قادو پر سندس سڄو پاڙو. سڀني گڏجي نئين ڪوٽ ڀرسان ٻني ورتي آھي. سندن مال اڳي ئي اتي آھي، پاڻ سڀاڻي لڏيندا“
”بس اڪيلو گهر پاڻ ئي رهيا آھيون، جيڪي هن گوڙ گهمسان ۾ ويٺا آھيون. ڇا ڪجي ڀَوا ڪونهي ڪيڏانهن هلون. ماڻھن جا عزيز قريب هئا، پنهنجو ڪير به ڪونهي“
جانو سوچ ۾ پئجي ويو. سورٺ چنيءَ جي پلئو سان ڳوڙھا اُگهي ورتا. مختصر ماٺ بعد جانوءَ پڇيو:
”ڀلا صابوءَ جي ڪا خبرچار؟“
سورٺ پهريان ته ڪجهه لڪائڻ چاهيو، پر نيٺ وراڻيائين:
”چون ٿا صدوريءَ جي نڪاح کان مهينو اڳ صابو واه ۾ ڪري پيو“
صابوءَ وڏي اوڇنگار ڏني. سڏڪن ۾ وچڙيل آواز ۾ چيائين:
”ويچاري منهنجي درويش يار کي واه ۾ ڪرايو ويو هوندو!؟“
سورٺ کيس مس مس ماٺ ڪرايو ته چيائين:
”رن صدوري عدت ته پوري ڪري ها پر خير…جتي سڃاڻپ نه هوندي آھي، پڇاڻُو نه هوندو آھي، ۽ جوابداري نه هوندي آھي، اتي ئي ڪارا ڪرتوت ٿيندا آھن ۽ اکيون ٻُوٽجي وينديون آھن!“
سورٺ خاموش ويٺي رهي. جانوءَ لڪڻ جي سهاري اٿندي چيو:
”آئون تاجوءَ وارن کان موڪلائي اچان، متان صبح جو ڍڪيءَ ۾ ئي ڏائڻ اچي، هارن هڻي. پر منهنجي ماني اڄ متان گهڙيئين. صابوءَ جي موت جو ٻُڌو اٿم، گره ڪٿي ٿو ڳڙڪي!!”
جانُو ڳوٺ ۾ رهجي ويل سورٺ کانسواءِ ٻيو فرد هو. اسر ويل ولوڙن جي آواز سان اکيون اُپٽيندڙ جانوءَ کي هاڻ سڄي رات مشينن جون هينگون، سمهڻ نه ڏينديون هيون. جنهن ماڳ جي هوائن جي هڳائن ۾، هن سڄي عمر سُرها ساه کنيا هئا، اتي جي آلوده هوا، هاڻ هن لئه ساه مُنجهڻ جو سبب ٿي پيئي هئي. هن سيم جا اهي وڻ به وڍجندي ڏٺا، جن جي ڇانءُ ۾ ويهي، هن ڪڏھن بورينڊا وڄايا هئا. هن انهن پکين جي آکيرن جا ڪک به ٽڙيل پکڙيل ڏٺا، جن آکيرن ۾ ويٺل پکين جي سندس سماعتن سان دوستي هوندي هئي.
ڪڏھن اسر ويل ولوڙن جي آواز ۽ چنگن جي چُڻ ڀُڻ سان اک کولي نکٽ نهاريندڙ جانُوءَ لاءِ ھاڻ ھرپاسي مصنوعي روشنين جا چمڪا ۽ ڪَن پچائي وجهندڙ شور جا شُوشاٽ ھئا. جن چڙھاين تي چڙھي، ڪڏھن هن هن کٽر ڀٽارين کي به ونگ وجهي ميڙيو هو ۽ جن ڀٽن تي سندس ٽھاڙ گهوڙيون ۽ وڇيرا يڪ ساهي سِراڙي ۾ چڙھندا هئا، انهن ڀٽن کي هاڻ ڪرينون ۽ بلڊوزر ڳيهي رهيا هئا، جن کي جانو“آجُوج ماجُوج” سڏيندو هو!
اوپرائپ ۽ اجنبيت جي ملول ماحول ۾، جانو ڄڻ ڪنهن ٻي سياري جي مخلوق هو. جن گسن تي کيس هرڪو “ڪاڪا جانو” چئي مخاطب ٿيندو هو، انهن پَٽن تي هاڻ هُو پينٽ شرٽ ۽ ڪارن چشمن وارا مشيني ماڻھُو ڏسي رهيو هو، جيڪي سامهون ايندي به سندس سلام جو جواب نه ڏيندا هئا. جن دڙن تي هن کان ڪڏھن تماڪ جو ڪوٿريو ۽ سلفي وسري ويندا هئا ته ٻئي ڏينهن ڪو نه ڪو ڌنار پهنوار کيس موٽائي آڻي ڏيندو هو. جن ڏھرن مان ھن مهينن کان وڃايل اٺن جا پيرا کڻي، وڙولون وجهي وڳن جا وڳ واپس آندا هئا، اتي هاڻ سندس ڇيلڙو ڇڄيو ٿي ته واپس نه ٿي وريو! ٽوال ڪريوٿي ته زمين ڳڙڪائي ٿي ويئي يا آسمان جهٽي ٿي ويو! ڳوٺ جي باسين سان گڏ شايد امن، ايمانداري ۽ محبتن به لڏيو هو!
هڪ ڏينهن سورٺ کيس چيو:
”نانا هاڻ پُراڻن پڊن جو حال ڏسي دل روئي ٿي. هونئن به هاڻ هتي ڪجهه به پنهنجو ڪونهين. اڪيلو ويڙھو، سٺا نٿا لڳون!“
” ڌيءَ هلون پر آخر ڪٿي؟! ڪير آھي پنهنجو؟!“
”بس ڪنهننه ڪنهن شهر ۾ هلي رهون“
”پر ڌيئم! منهنجو ته شھرن ۾ ساه منجهندو آھي. باقي عمر جا ڏينهن ڪيئن ڪٽبا؟“
”ته ڪنهن ٻي ڳوٺ ۾ هلي رهون“
”اتي وري ڪهڙيون کير جون نديون پيون وهن. ۽ ڪير آھي پنهنجو جيڪو ڍِلايون ڍَڪيندو؟! ويتر ڳوٺاڻي ماحول ۾ وڌيڪ لوڪ جي نظرن ۾ پنهنجي هيڻي حال کي تماشو بڻائينداسين. روز انيڪ سوال ڏگيندا: بيواه ڏھٽيءَ جو بار ڇو ڪون لاٿئي؟ تنهنجي ناٺيءَ کي ڇا ٿيو هو؟“ انهنکي ڪير ويهي سمجهائيندو؟!“
سورٺ وراڻيو:
”تڏھن ئي ته چوان ٿي نه ته ڪنهن شهر هلون، جتي ڪو به سڃاڻُو نه هجي. بس ديس چوري، پرديس بِکيا!!“
”ڌيئم جيڪا تنهنجي مرضي. آخري ڇيلڙي به سڀاڻي کپايون ٿا، ڀاڙو ٿي پوندو“
سورٺ خاموش رهي. جانو ڳالهاڻو:
”ڌيئم منهنجو به هاڻ آخري وقت آھي، ڪڏھن کان توکي چيو اٿم ته ”حق” ڪر، پر تنهنجي ناڪار کي به نوڪوٽ آڏا آھن! مون کانپوءِ تنهنجو ڪير آھي!؟“
سورٺ خاموش رهي. سندس اکين ۾ دلبر جي ٻن مختلف تصويرن جون ڏياٽيون ٻري اجهامي ويون. هڪ اها تصوير جنهن ۾ ھُن نانگ ماري به پوئتي لوڻو نه ڦيريو هو ۽ وڃڻ وقت چيو هو:
”سورٺ! نانگن جا مٿا ڪيسين لتاڙينداسين؟ هاڻ ته گڏجي جيون گهارڻ متعلق سگهوئي سوچڻو پوندو!“
۽ ٻي اها تصوير هئي، جنهن ۾ هوسول اسپتال مٺيءَ ۾ منسٽر آڏو لڪي رهيو هو. دلبر جي ان روپ، سورٺ کي سندس پُٽ جي موت جيترو ئي رئاريو هو. هن جو دنيا جي هر مرد تان اعتبار هليو ويو هو. تڏھن ئي هن ٻي شاديءَ کان انڪار ڪيو هو. ۽ جانوءَ ڏھٽيءَ جي مرضيءَ موجب هلڻ ڪري، سورٺ کي ٻي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪون ڪيو، ۽ ايئن رشتيدارن جي اک جو ڪٽر بڻجي پيو هو، جن کانئس سورٺ جو رشتو نه ملڻ ڪري سڀئي لڳ لاڳاپا ٽوڙيا هئا ۽ هو پنهنجي ڳوٺ ۾ به اجنبي ۽ اڪيلو هو.
پنهنجي ڳوٺ مان هميش لئه هليو وڃڻ کان اڳ جانوءَ انهن جاين تي وري وري نظرون وڇايون هيون، جن جاين تي سندس خيال موجب کٽين-مٺينساروڻين جا حوالا هاريل هئا. انهن پٽن تان، جتان هن پنهنجن پيارن ڳوٺاڻن کان موڪلائيندي رُنو هو، اتي اڄ ڪو به کيس الوداعي ڀاڪر ۾ ڀرڻ وارو موجود ڪون هو. ڪو ڄاڻو سڃاڻُو ته ٺھيو، پر مورڳو پراڻو ڳوٺ به سڃاڻڻ جهڙو نه رهيو هو. آسپاس ڪمپنين ۾ ڪم ڪرڻ وارا روبوٽ موجود هئا، جن سان گڏ ڀلي صديون گذري وڃن، پوءِ به وچان ويڇا ليٽيل رهندا آھن- مٿن ڪابه هُجت هلي نه سگهندي آھي!
سامان جي هڙ، لڪڻ تي هلندڙ جانوءَ جي ڪلهنتي ڏسي، سورٺ سوچيو:
”ڪاش هن شخص کي زندگيءَ ۾ مليل درد، هن ھڙ ۾ ھجن ها ته جيڪر آئون کانئس هڙ کڻي وٺان ها!“
جن پٽن تي سورٺ جي ٻالڪپڻ جا چاڳ ۽ چهچٽا وکريا هئا. جن پٽن تي هن هڪجيڏين سان گڏ چلهر راند ڪئي هئي ۽ بي زبان گُڏيون پرڻايون هيون، اتان اڄ هميش لاءِ وڃي رهي رهي. ڪيئي نياڻيون اباڻا ڳوٺ ڇڏينديون آھن، پر وري اچڻ جي آس ته هوندي آھي. کين موڪلائڻ مهل سهيليون ساٽ ڪنديون آھن. بابل جو گهر ڇڏڻ وقت ڪو ڳيت به ڳائبو آھي. مٿي تي چني ڍڪائڻ وارا هٿ به هوندا آھن ۽ ويندڙ وجود، ڪنهن سهاري کي به سونپيل هوندو آھي!
پر اڄ جڏھن سورٺ وڃي رهي هئي ته نه سندس هٿن تي مهندي هئي ۽ نه کيسڪو پويان نهاريندڙ ھو ۽ نه ئي ڪو سگهاگر سهارو هو، جنهن سان گڏ وڃي رهي هئي!
هن ننڌڻڪي نياڻيءَ پويان رهجي ويل اباڻي ماڳ کي نگاهن سان کيڪاريو ۽ اڳتي رواني ٿي ته جانوءَ چيس:
”ڌيئم! ايئن سمجهہ ته آئون اڄ ٻاٻاڻن ڪکن مان نڪري مري ويو آھيان. مئل پوڙهو ماڻھو توسان گڏ آھي، ان جو ڪو آسرو نه ڪجان!“
جانوءَ جي سڏڪي جي آواز سان گڏ سندس ڪي لڙڪ به اکين مان وهي نڪتا، جن کي اڃاريءَ واريءَ، ڊيل جيان جهٽي پيءُ ڇڏيو!!