موٽي آ غزل
”مان ٻڌائي نه سگهندو آهيان...!“
”پوءِ لکندو ڇو آهين..؟“
”شايد ان ڪري جو دل جي ڳالهه ڪنهن کي ٻڌائڻ جي سگهه مون ۾ ڪونهي!“
”پر مان توکان ڪهاڻي ٻڌڻ ٿي گهران...“
”وري سوچ مان شاعر نه ڪهاڻيڪار آهيان، پڇتائين نه ..!“
”مونکي به ڪهاڻيءَ سان دلچسپي آهي،غزل هڪڙو به ڏکيو لڳندو اٿم.“
”غلطيءَ پئي ڪرين.“
”نه تون ٻڌاءِ...!“
”مان ٻڌائڻ تي آيس ته تون ٻڌي نه سگهندينءِ...!“
”پوءِ ته ڏاڍو مزو ايندو...!“
”چڱو تيار ٿي...“ مون ڦل اسڪيپ پنن سان ڀريل فائيل آڏو رکندي چيو،
هوءَ ڇرڪي پئي هئي،تارا ڦونڊاريندي چيو هئائين.
”توکان هڪ عدد ڪهاڻي ٻڌڻ جي فرمائش ڪئي هيم ،ناول جي نه ..!“
”پڪ سمجهه هي ناول نه ڪهاڻي ئي آهي!!“
”وڏي ڪهاڻي جو به ڪو طريقو ٿيندو آ...!“
”ها...“ چيومانس ”پرگهڻن ڏينهن کان ڪو مونکي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي ٿيو، اڄ تون ئي ته ڦاٿي آهين...“
”مطلب..؟“
”سڀني جون ڪسرون تو مان ڪڍندس.“
”ٺيڪ آهي ٻيهر مان به نه چونديسانءِ“
”اڄ ته ٻڌندينءِ نه ..؟“
”ها ٻڌاءِ..!“
مان ڪهاڻي پڙهڻ لڳو هيس، هو ٻڌڻ لڳي هئي ڪنهن مهل چور نگاهن سان هن جو جائزو وٺڻ لڳو هئس.بوريت جو عڪس سندس چهري تي ظاهر ٿيندي نه ڏٺو هيم . آخري سٽ پڙهڻ کان پوءِ ڏٺم، هوءَ سڏڪي پئي هئي اکيون آليون ٿي ويون هيس. منهنجي گهورڻ کان پوءِ لڙڪ لڪائڻ لڳي هئي. چيو هيومانس :
”ڪهاڻيءَ پڙهڻ ۾ ايترو وقت ٿورئي ورتو اٿم جو روئي پئي آهين، ٻيهر کڻي نه ٻڌجانءِ...!“
”ڳالهه وقت جي ڪونهي مٺا، جذبن روئاريو آهي ايڏو درد...!!!“
”مان ڪؤڙو آهيان مس، مٺو سمجهڻ جي غلطي نه ڪر....“
”مس مان به نه آهيان.!“
”پوءِ ته صفا مزو نه ٿيو...“
”ڪيئن.!؟“
”مسز....واقعي به مٺيون ناهن ٿي سگهنديون...“
”مان اها به نه آهيان...“
”پوءِ تون ڇا آهين.؟“
”غزل....!“
”پر اهو ته توکي ڏکيو لڳندو آهي..!“
”ٻين کي ته سٺو ٿو لڳي نه ...“
”تون پنهنجي ڳالهه ڪر“
”مونکي ڪهاڻي وڻندي آهي ...“
”ڪهاڻيڪار نه ...!؟“
”نه اهي به گهڻا سٺا ناهن لڳندا...“
”سچ مان گهڻو سٺو آهيان ،تون کڻي ٿورو سٺو چئو...“
”ها ان تي سوچي سگهجي ٿو...“
”سوچڻ ۾ به ڪنجوس پائي...!“
”مان ڪنجوس به ناهيان...“
”ڪجهه به نه هج، پر چئو نه ...!“
”ڇا.!؟“
”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين...“
”نه! تون گهڻو مٺو آهين“
”مٺو منهنجو ماروٽ آهي سو به وڪيل...!“ وضاحت ڪئي هيم .
”جيڪڏهن خبر پيس ته مان ڪؤڙي مان مٺو ٿي ويو آهيان ته ڪندو ڪيس....پهريائين بُک تي ويٺو آهي، مونتي ٿورو رحم ڪريو...“
”پوءِ توهان هيئن ڪيو...“ صلاح ڏني هئائين .
”نالا مٽائي ڇڏيو، تون مٺو ٿي پئو... هو ڪؤڙو...!“
”مٺو پاڻ وڪيل آهي... تون مشورو نه ڏي....“
”ڳالهه وڪيل جي نه، سمجهه جي آهي...“
”مطلب تون ٿورو سٺو نه چوندينءِ..؟“
”نه ...تون گهڻو مٺو آهين...!“
”اهو تڏهن ٿئي ها جڏهن تون ڊاڪٽر هجين ها...“
”ڊاڪٽر..؟“
”ها ...! مونکي سيڪرين جي سئي هڻين ها ته، مان مٺو ٿي پوان ها ۽ مٺي کي زهر جي، ته هو ڪؤڙو ٿي پوي ها...!“
ٽهڪ نڪري ويو هيس. چيو هيو مانس:
”هاڻ ته چئو...!“
”ڇا...!؟“
”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين...“
”نه ...! تون گهڻو مٺو آهين...!“ هوءَ اٿي بيٺي هئي ...
”ڀل کَٽو به چئو پر ويهه ته سهي ...“
”اصل نه ...“
”مان قسم کڻڻ لاءِ تيار آهيان... ته توکي ٻي ڪهاڻي نه ٻڌائيندس...“
”افسوس مان چاهڻ باوجود اها ٻڌي به نه ٿي سگهان...“ هن اداس مرڪ سان چيو هو.
”وري ڪو پل مهربان ٿيو ته پاڻ ملنداسين، نه ته هر ڪو وڇڙڻ لاءِ ئي ته ملندو آهي...“
”ٺيڪ آهي..!“ چيومانس: ”تون ملين يا نه ملين پر، مان توسان ضرور ملندس...هيڏي ساري ڪهاڻي ڪنهن کي مفت ۾ ٿورئي ٻڌائبي آهي. مان توکان چانهه جو سڄو سارو ڪوپ پيئندس...مُنو هوندو ته به مزو نه ٿيندو“
”چانهه به ڪا پيئڻ جي شيءِ آهي..؟“
”واقعي ....تنهنجي هٿن جي ٺهيل چانهه، پِي ڪٿي سگهندس اها ڏسڻ لاءِ ئي هوندي ...“
”ايڏي خراب به ناهيان ٺاهيندي پر ....“
”پر ڇا..؟“
”مان توکي ڪا وي آءِ پي آئسڪريم کارائينديس...“
”ان عنايت جو سبب..؟“
”بابا جو ڪولڊ ڊرنڪ جو دڪان آهي پر بوتلن کان سواءِ ٻيو ڪجهه هليس ئي ڪو نه ... آئسڪريم مُدي خارج ٿيڻ جي بلڪل ويجهو آهن، سو سوچيم ضايع ٿيڻ کان بهتر آهي ته اوهان کي آڇيان...“
مونکان ٽهڪ نڪري ويو ، هوءَ هلي وئي هئي.
غزل سان اها پهرين ملاقات هئي پر خطن ۾ ايترو ويجهو اچي ويا هئاسين، جو ان سان پهريون ڀيرو ملي ڪا اوپرائپ محسوس ئي نه ٿي هئي، هوءَ اڪثر خطن ۾ لکندي هئي ...!
”مان هڪ ڀيرو زندگي ۾ توسان ضرور ملنديس .“
ڏُک ٿيندو هو، سوچيندو هيم:
” هڪ ڀيرو ڇو..؟وري وري ملڻ گهرجي....“
پر ايئن لکي نه سگهندو هيومانس،شايد ان ڪري جو هوءَ صرف هڪ ڀيرو ملڻ جي ڳالهه ڪندي هئي ۽ اڄ اوچتو اچي وئي هئي. غزل کي سڃاڻڻ ۾ ڪا به غلطي نه ڪئي هيم. خوشيءَ جو ڪو ڪاٿو ئي نه هو، پر کيس پنهنجي سامهون ڏسي ٿوري پريشاني به ٿي هئي پر هن جي رويي ۾ ايڏي ته پنهنجائپ هئي جو محسوس پئي ٿيو ڄڻ مان مهمان هوءَ ميزبان هجي .ايندي ئي چيوهئائين: ”گهٻراءِ نه ... مان ڄاڻا ٿي ته ڪهاڻيڪار صرف ڪهاڻي تي حاوي هوندا آهن، ڪنهن کي جيارين ڪنهن کي مارين، اها ڪا ڳالهه ئي ڪونهي. باقي گهر ۾ گهڻي ڀاڱي ماني ملندي ئي ڪو نه اٿن... وقت تي مانيءَ به ڪنهن نصيب واري اديب کي ملندي آهي...!“
الائي جي ڇو واڇون وڌي ويون هيون. چيو هيومانس: ”تو غلط ناهي چيو، پر اڄ ڪنهن جي صدقي ماني به سٺي ملندي ۽ وقت تي پڻ ...! موجون ڪندس....“
”سوري جناب...! ماني نه کائينديس. جلدي واپس وڃڻي آهيان، اوهان هڪ عدد ڪهاڻي ٻڌائڻ جي مهرباني ڪجو ....!“
”آهستي ڳالهاءِ...“ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيم:
”ڪٿي امان نه ٻڌي وٺي، اڳ ۾ ئي دير سان اٿڻ سبب نيرن ئي نصيب ناهي ٿي....تون ڀل مانيءَ نه کائجان، تو وارو حصو به چٽ نه ڪيم ته ڪهاڻيڪار ئي نه آهيان...صرف امان سان انڪار نه ڪجانءِ... نه ته بک مرندس...!“
هوءَ کلي پئي هئي مان به مطمئن هيس ته اڄ گهڻن ڏينهن کان پوءِ واهه جو ماني کائبي .
امان ويچاريءَ نئين آيل مهمان لاءِ ڇا ڇا تيار نه ڪيو هو... توقع جي ابتڙ هن بس ئي نه ٿي ڪئي...ٽيڏي اک سان ڏسندو ئي رهيو هيومانس، هوءَ به سمجهي وئي هئي. مرڪندي چيوهئائين:
”توسان پڪائي ڪئي هيم ،آهيان مان به بُک تي...!“
”اڄ ڪبيون ٿالهيون صفا، پوءِ تون کٽين يا مان کٽيان...“
مان به جذبات ۾ اچي ويو هيس، رڙ ڪئي هيم:
” فيصلو امان ڪندي.
پهريان امان به اسان سان کائڻ ۾ گڏ هئي پر جج ٿيڻ کان پوءِ ماني کائڻ تان هٿ کڻي وئي هئي.ان بچت تي دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو هئس مقابلو اڃا به هلي ها، پر ڪا به ٿالهيءَ خالي نه بچي هئي اسان ٻئي فاتحانه انداز ۾ امان کي تڪڻ لڳا هئاسين.
”مقابلو ته ڏاڍو سخت ٿيو آهي...“ فيصلو ڏنو هئائين:
”پر تو ۾ کائڻ جي فضيلت ئي ڪونهي، غزل سليقيءَ سان کاڌو آهي، ان ڪري فاتح به اها آهي...“
”متان نه مڃين ...“
غزل فاتحانه انداز ۾ مونکي تڪڻ لڳي هئي. جيڪا ڳالهه مون کي اصل نه وڻي هئي، واڇون مهٽيندي اعتراض ڪيو هيم:
”ڳالهه فضيلت جي ڪونهي امان، نه ئي ان ۾ سليقيءَ کي شامل ڪريو توهان صرف اهو ٻڌايو ته گهڻو ڪنهن کاڌو...ڇو ته مقابلو صرف کائڻ جو هو...“
”پوءِ ڳالهه ڍورن جي به ڪونهي، تون ته انهن جون سڪون ٿي لاٿيون ماڻهپو به ڪا شيءِ ٿيندي آهي، ان ڪري فاتح غزل ئي آهي...!“
”امان زنده آباد...“
غزل خوشيءَ مان ڄڻ نعرو هنيون هو...مان چپ ٿي ويو هيس.
هونئن اڪثر پنهنجي تخليقن تي کلندي ٽهڪ ڏيندي ڏيندي سڏڪي پوندو آهيان، پر اڄ غزل به ايئن ڪيو هو ڏاڍي پياريءَ لڳي هئي ان وقت ڏينڀوءَ کان پڇي ورتو هيم:
” غزل ڇو روئي پئي هئي..؟“
”هيڏي ساري ماني کي تپ ڏنائين، پوءِ ڀلا داد ڏيڻ ۾ به ڪنجوس پائي ڪري ها ڇا...!؟“
ڏينڀوءَ جي بي سري جواب تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي ٿڦڙ وهائي ڪڍي هئي مانس. ڏوهه ڏينڀوءَ جو به نه هو هاڻ مان سياڻو ٿي ويو آهيان، پر اڳ جيڪو منهنجي ٿوري تعريف ڪندو هو مان ان کي چانهه پياريندو هئس، جيڪو مونکي گهڻو داد ڏيندو هو ان کي اوڌر تي به بوتل گهرائي پياريندو هئس. سو ڏينڀوءَ به اهو اندازو هنيو ته هن ماني کاڌي آهي ته کيس روئڻ ئي گهربو هو. ڇو جو ڪنهن به ليکڪ لاءِ ماني کارائڻ کان وڌيڪ قرباني ٿي نه ٿي سگهي، ۽ ان لاءِ روئڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو داد آهي ئي ڪو نه ..!
ڏينڀوءَ کي ٿڦڙ ڇا لڳي هئي همراهه صفا چڙي پيو هو، چئي:
”مان ميم صاحبه کي چڪ پائيندس...“
”فضيلت سک...!“
”اصل نه ...هن جي ڪري مونکي ٿڦڙ لڳي آهي، اصل نه ڇڏيندو مانس..!“
”ٻيهر ايندي ئي ڪو نه ..!“
”مان ويندومانس...!“
”ڪٿي..؟“
”گهر...!“
”گهر ڏٺو اٿئيس ڇا ...؟“رازداريءَ واري انداز ۾ پڇو هيومانس.
”باقي ڏينڀو ڇو ٿو سڏجان...سڄي شهر جا دورا ڪندو آهيان...!“
“ڪٿي اٿس...!؟“
”او....اُتي....!“
”نڀاڳا...! پڙهڻ بدران سڄو ڏينهن رلين پيو...!!“
ٻي ٿڦڙ به وهائي ڪڍي هئي مانس.
ٻي ٿڦڙ ڪا اهڙي لڳي هئس جو همراهه هٿن مان پئي ويو:
”ڏينڀو يار پاڻ ۾ آهيون چڙ ته نه ...“
”ٿڦڙ هڻين ٿو وري ايلاز به ڪرين ٿو...!“
”ڀائرن سان اهي ليکا ٿورئي ڪبا آهن ...“
”نه...مان چڪ پائيندومانس...“
”مونکي پاءِ پر هن جي ويجهو به نه وڃجانءِ...!!“
”تو ان سان گڏ ماني کاڌي...۽ مان ان جي ويجهو به نه وڃان...؟“
ڏينڀو ضد ۾ اچي ويوهو. هوڏ کان لاهڻ لاءِ چيومانس:
”آئس ڪريم ٿو کارايائينءِ ، ان ڳالهه تان مڙي وڃ...“
”چڪ جو مزو پنهنجو آهي ...“
”مونکي پاءِ...“ ٻانهن ڏيندي چيومانس.
هن ٿورو سوچيو، ۽ پوءِ پنهنجا ڏند منهنجي ڳل ۾ کُپائي ڇڏيائين. منهنجي رڙين جو به هن تي ڪو اثر نه ٿيو.امان اچي ڏينڀوءَ کي مونکان جدا ڪيو. ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هيس امان سمجهي وئي هئي، ڏينڀوءَ کي گهليندي ٻاهر وٺي وڃڻ لڳي هئي، ڏينڀوءَ جو رڙيون هجن:
”ڇڏ امان ...ادا کان آئس ڪريم جا ته پيسا وٺان...!“
مون به سوچي ڇڏيو هو رڳو ڏينڀو هاڻ مون تائين پهچي ٻه ٽي ٿڦڙ وڌيڪ هڻي کيسي ۾ پيل خرچي به کسي وٺندومانس، پر هو مون ڏانهن نه آيو شايد امان ڏهن جو نوٽ ڌئي ٽاري چڏيو هئس.
ڏينڀو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي، ٽئين درجي ۾ پڙهندو آهي، اچيس ٻڪي جو کوڙو به ڪو نه...! ضدي وري اهڙو جو جنهن تي ڏمرجي، اهڙو چڪ پائيندو اٿس جو اهڙو اثر ڪنهن اصل ڏينڀوءَ جي چڪ ۾ به نه هوندو آهي .ان ڪري کيس ڏينڀو چوندا آهيون. غزل ان ملاقات کان پوءِ وري نه ملي هئي. خط لکڻ به گهٽائي ڇڏيا هئائين هن جي هڪ خط جي جواب ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٻه خط به لکي وٺندو هيومانس، شايد ان ڪري جو هوءَ مونکي ايترو سٺي لڳي هئي، جو ڄڻ منهنجو سڄو وجود ڏانهنس ڇڪجي ويو هو. نه ڄاڻ ڇو محسوس ڪندو هيم جو جيترو مان کيس چاهڻ لڳو آهيان، هوءَ ايتري ئي پري ٿي وئي آهي. سبب سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيو، سوچي سوچي ٿڪجي پيو هيس خيال ايندو هو، هن هڪ ڀيرو ملڻ ٿي چاهيو ملي وئي ۽ بس، پر مان ته ساڻس گهڙي گهڙي ملڻ لاءِ سوچيندو هيم پر شايد ان جو هن کي احساس ئي نه هيو ان ڪري ته خط به نه لکندي هئي، ان ڏينهن گهڻن ڏينهن کان پوءِ فون ڪري پڇيو هيومانس:
”ناراض آهين... ؟“
”ها...!“
”ڇو...؟“
”تون ايئن ڇو لکندو آهين... ؟“
”ڇا لکندو آهيان ...!“
”محبت ڪندڙن کي تڙپائيندو آهين! ڪردارن کي ملائين ڇو ڪو نه ٿو...!؟“
”منهنجي وس ۾ هجي ته مان سڀني کي ملائي ڇڏيان ...“
”معنى ته تون صرف روئارڻ ئي سکيو آهين ...!“
”شايد ها...“
”ڇو...!؟“
”تون ۽ مان به ته الڳ آهيون...!“
”ڇا تون مونسان محبت ٿو ڪرين...؟“
”ان ۾ ٿورو به شڪ نه ڪجانءِ...“
”ڪيتري...!؟“
”اندازو لڳائڻ وارا محبت جي توهين ڪندا آهن غزل...!“
هوءَ چپ ٿي وئي هئي ، پڇو هيومانس:
”تنهنجو منهنجي باري ۾ ڇا خيال آهي...؟“
”ڪهڙي سلسلي ۾ ...؟“
”ڇا ڪو مونسان محبت ڪري سگهندو...؟“
”تون ايڏو خراب ٿورئي آهين....!“
”سٺو به ته نه آهيان نه ...!“
”نه... تون گهڻو مٺو آهين ....“
”ڇا توکي به مونسان ...“
”اڳتي نه وڌجانءِ...“منهنجو جملو ڪٽي ڇڏيو هئائين.
”ڇو...؟“
”تو ڪنهن کي ملايو آهي، جو تون ڪنهن کي ماڻي سگهندين...!“
”اهو وقت ئي ٻڌائيندو ...“
”اهو ئي ته مسئلو آهي توسان...“
”چڱو ڇڏ مسئلن کي، اهي حل ناهن ٿيندا، ٻڌاءِ ايترو عرصو ياد ڇو نه ڪيئي؟“
”مان توکي وسارڻ ٿي گهران مٺا...!“
”ڪيترا ڀيرا توکي ٻڌايان ته مان مٺو نه ڪؤڙو آهيان...“
”اهو زبان تي ئي نه ٿو اچي...“
”پوءِ کٽو چئو، مٺي کان بچاءِ...“
”تون منهنجي دل مان ڇو نه ٿو نڪرين!؟“
”تون ڪڍين ڇو ٿي...؟“
”بس ايئن ئي...“
”مان واقعي ئي ايڏو خراب آهيان...!“
”نه تون گهڻو مٺو آهين...“
”توکي ٿوري سٺي چوڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي...!؟“
”ساڙ ٿو ٿيئي...! پر تون گهڻي مٺي تي ڇو ٿو چڙين؟“
”ڇو نه چڙان گهڻي مٺي شيءِ ڪنهن کي وڻندي آهي؟“
”تون ڪا شيءِ نه ... منهنجي پسند جو ليکڪ آهين...!“
”واهه جو پسند جي ليکڪ جو قدر ٿي ڪرين...“
”ڇو نه...! توکي ڪهڙي خبر ته ماڻهو مونسان ڳالهائڻ لاءِ آتا آهن پر ڪنهن سان ناهيان ڳالهائيندي سواءِ تنهنجي...“
”ڪهڙا ماڻهو..؟“
”رشتن وارا...“
”پوءِ مان رشتن وارو نه ٿيندس...!“
”ڇو...؟“
”تون جو نه ڳالهائيندينءِ...“
”پوءِ شڪايت به نه ڪر نه..!“
”ڪيئن نه ڪيان... تون اڃان تائين آئسڪريم به ته ناهي کارائي ...!“
”مدي خارج به کائيندين..!!؟“
”تنهنجي هٿ ۾ آيل ڪنهن مدي خارج شيءِ جو به مدو وڌي ويندو ...“
”ڊائيلاگ نه هڻ...!“
”آئسڪريم کاراءِ...“
”پوءِ شام اچ نه...!“
”مار کارائيندينءِ ڇا...؟“
”نه... آئسڪريم کارائينديسانءِ...“
”تون اچ... سچ ڏاڍي سڪ لڳي آهي...“
”مان توسان هڪ ڀيرو ملي هيس، ٻيهر تو وٽ شايد ئي اچي سگهان...“
”پر مان پولڪا نه ڇڏيندومانءِ ...“
”پوءِ شام اچ نه...!“
”ڏينڀو موڪليندوسانءِ...“
”ڏينڀو...!؟؟“
هوءَ پريشان ٿي وئي هئي....
”ها ...! منهنجو ننڍڙو ڀاءُ آهي...“
”چڱو... مان پوءِ فون رکان...!“
”ايڏو جلدي...!“
”دل ته نه ٿي چوي پر... وڌيڪ ڳالهائي به نه ٿي سگهان...!“
”ڇو...!؟“
”ٻڌايانءِ ...!“
”ها...“
”تنهنجو منهنجو به افسانو آهي...!“
”واقعي...؟“
”ها پر... ان جي پڄاڻي کان پوءِ هڪ نئين شروعات ٿيندي... مان سمجهان ٿي ته ان کي سمجهڻ جي سگهه تو ۾ آهي...!“
”پوءِ چئو نه ...!“
”ڇا...؟“
”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
”نه... تون گهڻو مٺو آهين ...“ هن فون رکي ڇڏي هئي.
شام جو ڏينڀوءَ کي چيو هيم،
”غزل ڏانهن وڃ ... هوءَ توکي آئسڪريم ڏيندي...“
”ڪهڙي غزل...!؟“
”او...اُها....!“
”ميم صاحبه...!!؟“
”ها ...“
”چڪ پائيندومانس...“
ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي، ٿڦڙ وهائي ڪڍي هئي مانس.
”هاڻي ته مور نه ڇڏيانس...!“
”ڇا ڪندين...!؟“
”هن جي ڪري ٽي ٿڦڙون لڳيون آهن، چار چڪ پائيندومانس...!“
”تون ڪڏهن سڌرندين...؟“ ڪَن کي مروٽو ڏيندين چيومانس.
رڙ نڪري وئي هيس، چيو هئائين:
” توبهه... ننڍو ڀاءُ ٿجي ئي ڪو نه... وڏي کي ڳالهه وڻي ته واهه واهه...نه ته رڳو چماٽون ۽ ڪن پيا مروٽجن...“
”ڪنهن چيئي ننڍو ٿي...؟“
”ان جو ته ڏک آهي، نه ته ٺونشا نه هڻانٰءِ ها...!؟“
”ادب سان ڳالهاءِ ڏينڀوءَ...!“
”مان ، امان کي چڪ پائيندس...“
”ان کي ڇو...!؟“
”روز پڇندو آهيانس، توکان ننڍو ڇو ٿيس ناهي ٻڌائيندي... اڄ چڪ پائيندومانس...!“ ايئن چئي ڏينڀو ٻاهر نڪري ويو.
ڪجهه ئي گهڙين کان پوءِ، امان کيس گهليندي مون وٽ وٺي آئي هئي، سندس حالت ڏسي سمجهي ويو هيم ته امان به ڪٽڪو ڪڍيو اٿس. مونکي ساڻس همدردي پيدا ٿي وئي هئي، امان چيو:
”سنڀال هن کي ... تنهنجي مائٽيءَ جون ڳالهيون ٿيون هلن... هي وري مونکي چڪ ٿو پائي...!“
امان هلي وئي هئي، مونکي پنهنجي رشتيءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، انتهائي پيار مان ڏينڀوءَ کان پڇيم:
”ٻاهر ڪير آهن...؟“
”ڪراڙو ۽ ڪراڙي...!“ رخو جواب مليو.
”هڪڙو ڪم ڪندين...!؟“ التجائي انداز ۾ چيو هيومانس:
”ميم ڏانهن نه ويندم، موڪليندين ته چار چڪ پائيندومانس...!“
”نه ...! اوڏانهن نه وڃ ، مهمانن کي چڪ پاءِ...“
”نه با ...! هاڻ امان چماٽون هنيون آهن پوءِ ته چپل سان ماريندين...“
”آئسڪريم وارو سڄو پيڪيٽ وٺي ڏيندومانءِ....!“
آئسڪريم جو نالو ٻڏي، ڏينڀوءَ اٿي بيٺو ۽ چپن تي زبان ڦيرائي ٻاهر نڪري ويو، جهٽ پل مس گذري جو ڏينڀو رحم جوڳيءَ حالت ۾ منهنجي آڏو بيٺو هو، امان جو هٿ اڃا ڪن ۾ هيس، هن ڀيري ٺاهوڪي مار ملي هيس. امان ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هئي، مونکي چيائين:
” توکان ننڍو ڀاءُ نه ٿو سنڀالجي... زال ڪيئن سنڀاليندي...!؟“
”زالون زور آهن امان... مان شادي نه ڪندس...!“
”نه ڪر...! پر هن کي جهل مهمانن کي به چڪ ٿو پائي، ذري گهٽ نفيس صاحب جو ڪن ڪٽي وڌو اٿائين...“
”پوءِ اڃان نه ٿا اٿن ڇا...؟“
”اڇا ....!!! هاڻ سمجهه ۾ آيو ته ڏينڀوءَ کي تو مڇرايو آهي، ويچاري مفت ۾ موچڙا کاڌا آهن.اصل ۾ سڄي شيطان گيري تنهنجي ئي آهي...“
ڏينڀوءَ ڏانهن ڏٺم:
منهن سڄايون بيٺو هو، پنهنجائپ مان چيومانس:
” ڏينڀو تو وڏي قرباني ڏني آهي پر... ان اڃان پنهنجو رنگ نه ڏيکاريو آهي، تون نفيس صاحب جي ٻي ڪن تي به حملو ڪر، پوءِ جيئن چوندين تيئن ڪندس سياري لاءِ سوئيٽر به وٺي ڏيندوسانءِ...!“
”مهمانن سان ايئن ڪبو آهي...!؟“امان کي ڳالهه نه وڻي هئي.
”مونکي شادي ناهي ڪرڻي امان...! انهن کي چئو هليا وڃن...“
”خبر اٿئي نفيس صاحب ڪير آهي...؟“
”ڇوڪريءَ جو پيءُ هوندو...!“
”ها...پر اها ڇوڪريءَ خبر اٿئي ڪير آهي...؟“
”ڪير به هجي ....ان سان منهنجو ڇا...؟“
”نفيس صاحب نفيسه جو والد آهي...!“
”نفيسه...!!!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو...
”ها ...اها ئي تو واري شاعره...!“ امان ايئن چئي هلي وئي هئي...
ڏينڀوءَ ڏانهن ڏٺم، هو نفيس صاحب جي ٻي ڪن تي حملي ڪرڻ لاءِ تيار بيٺو هو، ڪن کان پڪڙي چماٽ وهائي ڪڍي هئي مانس:
”اڙي چنڊا...! تون نفيسه جي پيءُ ، نفيس صاحب کي چڪ پاتو آهي، بزرگن جو به خيال نه اٿئي...!“
ڏينڀو ان ڳالهه لاءِ بلڪل تيار نه هو ... بخيل ٿيندي انتهائي ڪاوڙ ۾ چيائين:
”مان هاڻ ڪنهن کي نه ڇڏيندس... سڀني کي چڪ پائيندس... سڀ ننڍو سمجهي مارين ٿا.“
ڏينڀوءَ جا تارا خراب هئا، صورتحال سمجهندي جلدي ۾ ٻاهر نڪري دروازو بند ڪري ڇڏيو هيم، ڏينڀوءَ جون رڙيون هجن:
”مان ڪنهن کي نه ڇڏيندس، سڀني کي چڪ پائيندس ...!“
ٻاهر اچي ڏاڍي ادب ۽ احترام سان مهمانن سان مليو هيس، ڏينڀوءَ نڀاڳي ڪو نفيس صاحب کي اهڙو ته اثرائتو چڪ پاتو هو جو هو اڃا تائين ڪن کي مهٽي رهيو هو رسمي تعارف ۽ حال احوال کان پوءِ نفيس صاحب چيو هو:
”تون ڏاڍو سلجهيل ڇوڪرو آهين اميد ته اسان جو مانُ رکندين...!“
مان چپ ٿي ويو هئس، نفيس صاحب وري چيو هو:
”تنهنجي خاموشيءَ کي ها سمجهون...؟“
”نه چاچا...!“
”پليز پُٽ انڪار نه ڪجانءِ... توڙي جو پاڻ غريب آهيون، پر نفيسه کي پٽن وانگي پاليو آهي، تون جيئن چوندين تيئن ڪنداسين..!“
”اها ڳالهه ڪونهين چاچا...!“
”پوءِ...!؟“
”نفيسه نصيب واري کي ملندي ۽ مان بدنصيب آهيان...!“
”غربت تي طنز ناهي ڪبو پُٽ...!!“
”ٻيهر ايئن نه چئجو چاچا... منهنجي جذبن جو امتحان نه وٺو، سچ ٿو چوان مان نفيسه لائق ناهيان...! هوءَ تمام سٺي ۽ گهڻي سٺي آهي توڙي جو مون نفيسه جي تصوير به ڪونهي ڏٺي، پر پوءِ به مان سمجهان ٿو ته مان ان آڏو بيڪار شخص آهيان ان ڪري ان سان شادي ڪرڻ ته ٺهيو پر ان جو سوچي به نه ٿو سگهان.“
”پر ڇو...؟“
”هن جو قدر قيمت منهنجي وت کان گهڻو وڌيڪ آهي... اوهان کيس اتي ئي پرڻايو جتي هُوءَ چاهي ٿي...“
”اهي تمام وڏا ماڻهو آهن...!“
”ڪيترا به وڏا هجن پر نفيسه جي هڪ غزل کان سندن قد وڌي نه ٿو سگهي ...“
” ڳالهه اها به ڪونهي پٽ...!“
”ٻي ڳالهه به سمجهان ٿو... توهان انهن سان ڳالهايو... ٻيو سڀ ڪجهه مون تي ڇڏيو...“
”ايڏي وڏي مهرباني... !!؟“
”نفيسه جي هر هڪ سٽ مون تي ان مهرباني کان گهڻو وڌيڪ مهربان آهي...!“
”تون ڏاڍو ڀلو آهين...“
”نه چاچا... مان ڪؤڙو آهيان...“
نفيس صاحب وارا هليا ويا هئا.
نفيسه نئين ٽهيءَ جي اهڙي پُختي شاعره هئي جو ان تي سينيئر ٽهي به رشڪ ڪندي هئي.گيت هجي يا غزل، وائي هجي يا نظم... جيڪي لفظ سندس شاعري ۾ اچي ويا سي ڄڻ امر ٿي ويا.
هن ڪڏهن به پنهنجي تصوير ڪنهن مئگزين ۾ نه ڇپرائي هئي نه ئي ڪو ساڻس ملي سگهيو هو، پر پوءِ به سڀني کي اندازو هيو ته جنهن شخصيت جي شاعري ايتري خوبصورت هجي ته يقينن پاڻ ان کان به وڌيڪ سٺي ۽ سلڇڻيءَ هوندي. ڪجهه عرصو اڳ شايد غلطي وچان ڪنهن رسالي ۾ ائڊريس ڇپجي وئي هيس ته سندس ڏس پتي تي خطن جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو هو مان به سندس مداحن مان هڪ هيس، دل ته ڏاڍو چيو ته کيس خط لکي وٺان پر ايتري همت نه هئي سوچيندو هيم هوءَ الائي جي ڇا سوچي، جيڪڏهن غلط سمجهي ويٺي ته شايد منهنجي زندگي گهٽجي وڃي. پر الائي ڇو جذبن آڏو جهڪي پيو هيس خط لکي ورتو هيومانس ڏاڍي سٺي موٽ ڏيندي لکيو هئائين:
”خطن کان تنگ ٿي پئي آهيان، توهان جڏهن چاهيو فون ڪري وٺجو خبر ناهي ماڻهن کي خطن ۾ عجيب قسم جا ڊائيلاگ لکڻ ۾ ڇا ٿو ملي ائڊريس ڇپجڻ کان پوءِ ڏچي ۾ اچي وئي آهيان ڀئو ٿو ٿئي ڪٿي ذهني ٽارچر ۾ لکڻ به وساري نه ويهان...!“
الائي جي ڇو مان چاهيندي به فون نه ڪري سگهيو هيومانس... صرف هڪ ڀيرو الائي جي ڪيئن ڪجهه گهڙيون فون تي ڳالهايو هيم. هوءَ ڪافي مايوس پئي لڳي کيس شڪايت هئي ته:
”ڇوڪريءَ هجڻ سبب کيس خواهه مخواهه مختلف بهانن، خطن ۽ فون تي ذهني اذيت ڏني پئي وڃي...“
آخر ۾ ڏاڍي نرمي سان چيو هئائين:
”توهان لکندا رهجو“
ان کان پوءِ وري ساڻس ڪو رابطو نه ڪري سگهيو هيس ڪافي وقت کان پوءِ هڪ ٻيو خط لکيو هيو مانس، جواب نه مليو هو، فون ڪئي هئي مانس چڙيل آواز آيو هو:
” نفيسه گهر ڪونهين پندرنهن ڏينهن کان پوءِ ايندي...!“
محسوس ڪيو هيم ته ڳالهائڻ واري خود نفيسه هئي ڏاڍو ڏک ٿيو هو پر ڪاوڙ نه آئي هئي، ٻي ڏينهن تي منهنجي ٻي خط جو جواب به اچي ويو هو. ان ڪري اڄ تائين سانڻس ٻيهر ڳالهائي نه سگهيو آهيان ۽ نه ئي هن ڪا مهرباني ڪئي هئي، ايتري خبر پئي هئي ته فون ڪٽائي گهر مٽائي ڇڏيو هئائين، نئين رهائش جي ڪنهن کي خبر نه هئي. شايد انهي سبب هوءَ وري لکڻ ڏانهن موٽي نه آئي هئي مان کيس شوق سان پڙهندو هئس هوءَ مونکي ڏاڍي خوشنصيب محسوس ٿيندي هئي جو هن مداحن جي رابطي کان تنگ ٿي گهر مٽائي، فون ڪٽائي ڇڏيو هو. جڏهن تي مونڏي اڄ تائين ڪنهن خط نه لکيو هو، توڙي جو مان به پنهنجي پر ۾ لکندو هيس. پر لکڻي ايڏي ڀلي هوندي هئي جو جو اڄ تائين ڪو مداح ٺاهي نه سگهيو هئس، پوءِ ڀلا خط ڪير لکي ! ان ئي سبب ڪڏهن ڪڏهن احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي ويندو هئس. پر ان ڏينهن کان وٺي احساس برتري ۾ هئس جڏهن کان غزل خط لکڻ لڳي هئي نفيسه کي وسارڻ لڳو هئس اهو ڏکيو ڪم غزل جي خطن کان پوءِ سولو ٿيندو ٿي ويو، هونئن مان نفيسه کي دل ئي دل ۾ ڀانئيندو هئس خبر به هئي ته هن جي خوابن ۾ مان نه ٻيو ڪو شامل ٿي چڪو آهي پوءِ به دل اهو مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندي هئي پر مونکي ان جو به اندازو هو ته مان نفيسه جي نظر ۾ ڇا آهيان...!
پوءِ به ڪنهن خوشفهميءَ ۾ مبتلا هئس، جو غزل ملي هئي، نفيسه کي وساري ڇڏيوهيم. اڄ اوچتو اها ياد اچي وِئي هئي۽ مان ڏاڍو خوش هئس جو هن جي ڪنهن ڪم اچي رهيو هئس نفيسه جي شاديءَ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، جو اوچتو غزل اچي نڪتي هئي بي ترتيب ڌڙڪندڙ دل ڄڻ وري ترتيب سان ڌڙڪڻ شروع ڪيو هو. پر پهرين ملاقات جيان هوءَ شوخ نه، پريشان هئي آئسڪريم جو پيڪيٽ ڏيندي چيو هئائين:
”تون ڪو نه آئين... مان ئي هلي آيس...“
”مهرباني...“ چيومانس: ”پر ڏاڍي دير ڪيئي...“
”آئي ته آهيان...!“
”ها... واقعي تو ته هڪ ڀيرو ملڻ لاءِ چيو هو ...“
”اڄ توسان ملڻ نه توکي ڏسڻ آئي آهيان... هڪ عدد فوٽو به ڏجانءِ...“
”رنگين ته سٺا ڪونهن ...!“
”ڇو...؟“
”اڄ ڪلهه اهڙيون ڪئميرائون اچي ويون آهن، جو جهڙا چهرا تهڙا فوٽو...!
بليڪ اينڊ وائيٽ ڪئميرا جي ڳالهه ئي ٻي هئي. “
هن مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر مرڪي نه سگهي هئي چيو هئائين:
”بليڪ اينڊ وائيٽ ئي ڏجانءِ ڀلا...!“
”هڪڙو نه ...اهي کوڙ ڏيندوسانءِ...“
اوچتو ڏينڀو اچي ويو، ميم صاحب کي ڏسندي بلٽ ڦرڻ لڳا هئس، صورتحال کي سمجڻ ۾ گهڻي دير نه لڳائي هيم، ڏينڀوءَ کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر وٺي آيو هيس آئسڪريم ڏيندي چيو هيو مانس:
”هي وٺ ۽ کسڪ...!“
”نه...! مان ميم صاحبه کي چار چڪ پائيندس ...!“
”ڏاهو ٿي ...!“
”نه... هن جي ڪري ڏاڍي مار ملي آهي، مان کيس چڪ پائيندس ...!“
”وري ٿڦر هڻندوسانءِ...“
”پوءِ ڀلا چڪ پائڻ ڏيندين...!!!؟“ معصوميت سان پڇيائين
سندس آواز ۽ انداز تي دل ئي دل ۾ کلي پيو هيم:
”اڙي صفا ڪو ضدي ٿي پيو آهين...!“
”ڪجهه به سمجهه، پر ٿڦڙ هڻ هٿ ڪڍ مان ميم صاحبه کي چڪ پائيندس...!“
توائي وٺي وئي هئي، ٺاهوڪي ٿڦڙ هڻڻ وارو هيومانس جو غزل جو آواز ٻڌم: ”ڇڏينس..!“
”حڪم ملندي ئي هٿ ڪڍيا هيم...!“
”ڏينڀو مونکي چڪ پائيندين...!؟“ غزل پڇيس.
ڏينڀو ڄڻ گونگو ٿي ويو هو. وري چيائينس:
”اچ پاءِ نه ...!“
ڏينڀو وري به چپ رهيو.
غزل گوڏن ڀر جهڪي، ٻئي هٿ ڪلهن تي رکندي چيو هئس:
”ڏينڀو پاءِ نه چڪ...!“
”ميه... ميم .... صاحبه... م... مون...“
”م... م... م... نه ڪر، تون چڪ پاءِ ...!“ غزل ڪلهن تي زور ڏنس.
”مون ادا سان ڀوڳ ٿي ڪيا...!“ ڏينڀوءَ ڄڻ وضاحت ڪئي هئي .
”وڏن سان ڀوڳ ناهن ڪبا تون چڪ پاءِ...!“
”تون ماريندينءَ...!!“
”اصل نه، تون چڪ پاءِ ...!“
”نه ... تون پاءِ...!“ ڏينڀوءَ چيس
”مان پايانءِ ...!؟“
”ها...!“
”ڇو...!!؟“
”اڄ تائين صرف امان پپي ڏني آهي، تون چڪ پاءِ ...!“
غزل جي اکين ۾ بي انتها پيار لهي آيو هو. ڏينڀوءَ جي ٻنهي ڳلن تي وڏي مٺي ڏني هئائين، ڏينڀوءَ کي ايترو خوش ڏٺو هيم جو ايترو ڪڏهن آئسڪريم وٺي ڏيڻ تي به خوش نه ٿيو هو چُميءَ کان پوءِ ٻئي هٿ پنهنجي ڳٽن تي ڏئي امان ڏانهن ڊوڙندو ويو هو.
”ڏاڍو شرارتي آهي ...!“ واپس ڪمري ۾ اچي ويهندي چيو هئائين:
”ننڍي هوندي تون به اهڙو هئين...!؟“
”ها... پر اهڙي قسمت ڪٿي هئي...؟“ مان معنى خيز مرڪ مرڪي پيو هيم، هوءَ به کلي پئي هئي.
”ٻڌو اٿم نفيسه شادي پئي ڪري...!“ڪجهه گهڙين کان پوءِ ڳالهايو هئائين.
”تون نفيسه کي سڃاڻين ...؟“
”ها... ويجهي سهيلي آهي...!“
”پهريان ڇو نه ٻڌايو هيئي...؟“
”نياپا ڏئين ها ڇا ...!؟“
”نه...! ان لاءِ دعائون ڏيانءِ ها...!“
”توکي به سڃاڻيندي آهي...؟“
”ٿورڙو...!“
”ڪيئن...؟“
”خط لکيو هيومانس...“
”فون تي ڳالهائيندو آهينس...؟“
”نه...!!“
”ڇو...؟“
”هوءَ وڏي هستي آهي...“
”سچ ٿو چوين...!“
”نفيسه جي باري ۾ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندس...!“
”پر مان سمجهان ٿي، تون منهنجي ساهيڙيءَ تي طنز ٿو ڪرين...!“
”ٻيهر ساڳيا لفظ نه چئجانءِ... مان هن جي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڪندو آهيان.“
”هوءَ به توکي ياد ڪندي آهي...!“
”سچ...!!؟“
”ها...سچ...!“
”ان جو سبب...؟“
”تنهنجون لکڻيون وڻنديون اٿس...!“
”ڪيئن آهي هوءَ ...؟“
”ايڏي سٺي ته ڪونهي...!!“
”پوءِ به توکان ڀلي هوندي...!!“
”ڇا مونکان وڌيڪ تون ان کي پسند ڪندو آهين...؟“
”هن جو ڦوٽو به نه ڏٺو اٿم چري، پوءِ به محسوس ٿيندو آهي، هوءَ جيڪڏهن سامهون آئي ته مان ڏينڀوءَ وانگي نه... پر حقيقي گونگو ٿي ويندس، جڏهن ته توسان ڪچهري ڪندي ايئن لڳندو آهي، ڄڻ دنيا جو گهڻي ۾ گهڻو ڳالهائيندڙ شخص مان ئي هجان...!“
”ڪنهن کي ايترو ٿورئي چاهبو آهي، جو ماڻهو ان سان ڳالهائي به نه سگهي..!“
”توسان جو ڳالهائيندو آهيان...!“
”مونکي ڇڏ نفيسه جي ڳالهه ڪر ...!“
”ان جي شادي ٿيڻ واري آهي...!“
”ڪنهن سان ...!؟“
”توکي خبر ڪونهي ...!؟“
”نه ...تون ٻڌاءِ...!“
”هوندو ڪو خوش نصيب ...!“
”نفيسه جي شادي کان پوءِ تون جيء سگهندين ...؟“
” تون جو آهين...!“
”مان ڪجهه به نه آهيان...!“
”ڀل نه هج پر ... تنهنجي اچڻ کان پوءِ مان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي هونئن به مان نفيسه جو احترام ڪندو هئس، ان کان وڌيڪ ان جو احترام هاڻي به ڪندو آهيان، باقي مان ان جي لائق پاڻ کي ڪڏهن به نه سمجهيو هو، نه ئي هاڻ ڪڏهن اها غلطي ڪندس...!“
”تنهنجي پنهنجي به حيثيت آهي...!“
”نفيسه آڏو ڪجهه به نه آهيان ...!“
”هوءَ پاڻ توکي چاهي ٿي...!“
”پوءِ چئو نه ...!“
”ڇا...؟“
”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
”نه...!“ ڪنڌ جهڪي ويو هئس ”تون گهڻو مٺو آهين پر...“
”پر ڇا ...؟“
”تنهنجي دل ۾ نفيسه لاءِ ڪا به جڳهه ڪونهي...!؟“
”هن سان فون تي ڳالهائڻ ۾ ۽ ان جي ٻي خط ملڻ کان پوءِ محسوس ٿيو هو ته منهنجي اهميت ئي ڪهڙي آهي ۽ جن جي ڪا به اهميت نه هوندي آهي اهي چنڊ تائين پهچي ناهن سگهندا صرف ڏسي سگهڻ جي سگهه باقي هوندي اٿن. مون وٽ به نفيسه لاءِ خلوص کان سواءِ ڪجهه به ناهي زندگي ۾ جيڪڏهن سندس ڪنهن ڪم اچي ويس ته اهو به مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه هوندو...!“
”پوءِ تو ان جي رشتي کان انڪار ڇو ڪيو ...؟“
”توکي وري ان جي خبر ڪيئن پئي...؟“
”هوءَ مونکان ڪا ڳالهه ڪونهي رکندي...!“
”ڇا چيو هئائين توکي...؟“
”ڪجهه به نه ...!“
”ڪجهه به نه ...!؟“
”بس هوءَ سڏڪي پئي هئي...!“
”ڇو...؟“
” الائي جي ڇو، پر تون انڪار ڇو ڪيو هو...؟“
”توکي ٻڌائي چڪو آهيان .“
”پر هوءَ توکي ڏاڍو چاهي ٿي...!“
”پوءِ چئو نه ...!“
”ڇا...!؟“
”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
هوءَ چپ ٿي وئي هئي،
چيومانس: ”ڳالهاءِ...“
”نفيسه ڏاڍو پڇتائي ٿي...! “
”ڇا تي ...؟“
”توسان اختيار ڪيل رويي تي...!“
”نه هن ايڏو خراب به نه ڪيو آهي...!“
”ڇا تون کيس معاف نه ڪندين...؟“
”هڪ شرط تي ...!“
”ٻڌاءِ...؟“
”چئو نه ...!“
”ڇا ...؟“
”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
”نه...! تون گهڻو مٺو آهين ...!“
”تون ايئن ڪڏهن به نه چوندينءِ...؟“
”چونديسانءِ...!“
”ڪڏهن...؟“
”جڏهن تون نفيسه جي ڳالهه ٻڌندين...!“
”روز پڙهندو آهيانس...!“
”ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ گهڻو فرق آهي...!“
”مان کيس ٻڌي نه سگهندس...!“
”خبر آهي...!“
”پوءِ...!“
”مان ئي هن جي دل جي ڳالهه توکي ٻڌائينديس...!“
”ٻڌاءِ...!“
”نفيسه کي اجائي خطن ۽ ٽِيليفونن تنگ ڪري ڇڏيو هو توڙي جو تو ان کي صرف ٻه خط لکيا هئا ۽ شايد هڪ ٻه ڀيرو فون ڪئي هئي پر تنهنجي نالي سان روز الائي جي ڪيترا خط ۽ ڪيئي ٽيليفونز اينديون هيون. تنهنجي نالي سان عجيب قسم جا ڊائيلاگ ٻڌي هوءَ تنهنجي سلسلي ۾ غلط فهميءَ جو شڪار ٿي وئي هئي. شايد ان ڪري نفيسه جيڪا تنهنجي پهريان تمام گهڻي عزت ڪندي هئي پر پوءِ تنهنجو نالو ٻڌڻ شرط چڙي پوندي هئي...!“
”مونکي منهنجي نالي سان خط ۽ فون ڪرڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي.!“
”نفيسه خود به پريشان آهي، هوءَ توکي ته سمجهي وئي آهي پر تنهنجي نالي استعمال ڪرڻ وارن کي سمجهي ناهي سگهي ته هنن ايئن ڇو ڪيو ...؟“
”تون ئي ٻڌاءِ... ؟“ غزل جي خاموش ٿيندي ئي ڳالهايو هيم:
”ساڙ سڙيا ماڻهو گهڻا آهن مٺا، هو ڄاڻيندا هئا ته تنهنجي پنهنجي به ادبي سڃاڻپ آهي ، ڪٿي نفيسه تنهنجي ويجهو نه اچي وڃي ...!
ان ڪري انهن توهان جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ لاءِ اهو رستو اختيار ڪيو کين پڪ هئي ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ان سان نفيسه اوهان کي ويجهو نه ٿيندي ...!“
”جيڪڏهن ڳالهه واقعي اها آهي ته پوءِ نفيسه جو ڪو ڏوهه ئي ڪونهي.“
”هوءَ به سمجهي وئي آهي ته قصور وار تون به نه آهين...!“
”پوءِ چئو نه ...!“
”ڇا...؟“
”تون ٿورو سٺولڳندو آهين...!“
”نه تون گهڻو مٺو آهين...!“
”مان مٺو نه آهيان مٺو ته اهو آهي ...!!“
”ڪير...؟“
”جنهن کي نفيسه ٿي چاهي...!“
”اهو ته تون آهين...!“
”مون توسان ڪڏهن مذاق ڪئي آهي غزل...!“
”مان به سچ ٿي چوان ...!“
”مون توکي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته مان هن آڏو ڪجهه به نه آهيان ...!“
”اهو تنهنجو مسئلو آهي...!“
”باقي هن ته توڏي پنهنجا گهر وارا به موڪليا هئا کين اهو نه ٻڌايو هئائين ته تون ئي ان جي پسند آهين ...!“
”اهو به سٺو ٿيو غزل...! سچ مان نفيسه کي نفيسه نه رکي سگهان ها ...!“
”ٺيڪ آهي پر ڇا تون ان جي هڪ ڳالهه مڃيندين...؟“
”هڪ نه هزار چئو...!“
”تون هن جو لکيل ٻيو خط ڦاڙي ڦٽي ڪري ڇڏ ...!“
”اصل نه ..! اهو مونکي منهنجي حيثيت ياد ڏياريندو رهندو...!!“
”اهو خط اجائي بڪواس کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ...!“
”ڇا تون ان جي مواد بابت ڄاڻين ٿي...؟“
”چيم نه مٺا ...نفيسه مونکان ڪجهه به ناهي لڪائيندي ...!“
”پوءِ تون منهنجي ويجهو ڇو آئينءِ ...؟؟“
”تو کي خبر آهي ته مان ڪجهه به نه آهيان ...!“
”نه تون ڏاڍو مٺو آهين...!“
”ايئن نه چئو نفيسه ماريندئي...!“
”مان به ماريانس...!“
”ايڏي حجت...!“
”باقي دل جي ويجهو ڇو آهي ...؟“
”پوءِ مان توکان پري ڀڄندس...!“
”خبر آهي...!“
”ڇا مطلب ...!؟“
”تون سچ پچ ڀڄي ويندين...!“
”ڪيترو به ڀڄان ساهه تو وٽ اچي پٽيندس...!“
هوءَ لمحي لاءِ مونڏي ڏسي پوءِ ڄڻ ڀُري پئي هئي، جهري پئي هئي، ڳوڙهن ۾ سفر ڪندي چيائين:
”مان ئي نفيسه آهيان مٺا ...!!“ ۽ پوءِ سندس سِسڪيون ۽ سڏڪا وڄ ۽ گجگوڙ بڻجي منهنجي ڪنن ۾ وڄڻ لڳا. پنهنجي وجود اندر هائيڊروجن بم ڦاٽندي محسوس ٿيو هو مان ڄڻ ذرا ذرا ٿي ويو هئس. پنهنجي وجود جا ذرا ميڙيندي الاءِ جي ڪيئن ڳالهايو هيم:
”نه...! تون غزل آهين...!! صرف منهنجي غزل...!“
”تون يقين ڪر مٺا مان ئي نفيسه آهيان توکي ڏاڍو ڀائيندي هئس، پر پوءِ خبر ناهي ڪيئن... ڪنهن غلط فهمي ۾ اچي توکي خط ۾ ڇا ڇا لکي ويٺيس پر جڏهن خبر پئي ته تون صرف مٺوآهين، ته ان وقت شايد مان گهڻو اڳتي نڪري وئي هيس... سمجهي ڇڏيو هيم تون نفيسه سان ڪڏهن به نه ملندين ان ڪري غزل بڻجي تو وٽ آئي هيس... ۽ پنهنجي غلطي جو ازالو ڪرڻ ٿي گهريم پر ان ۾ ڪاميابي ناهيان ماڻي سگهي... توکي وڃائڻ کان پوءِ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وت آهر، وس ڪيم ... پر مٺا ماڻهو نصيب وارن کي ملندا آهن منهنجو نصيب ئي ٽٽل ڦٽل آهي... توکي چيو هيم نه پنهنجو به ڪو افسانو آهي ۽ افسانن ۾ تو ڪنهن کي ناهي ملايو، ته پوءِ تون ۽ مان ڪيئن ملون ها...!؟ شايد، ان ڪري هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي تي مون کي ڪا به حيرت ناهي ٿي پر ڏُک جو حق پاڻ وٽ محفوظ رکان ٿي... ڏس نه هي پنهنجو حقيقي افسانو به ٻين افسانن جيان هلندي کلندي ڪيئن نه اوچتو ڪنهن موڙ تي اچي ٽڙي پکڙي جدايون ڏئي ويو... فرق صرف ايترو آهي جو تو وارن لکيل افسانن جي اختتام تي پڙهندڙ سوچڻ لڳندا آهن ته ايئن ڇو ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو؟ جڏهن ته پنهنجي هن افساني تي تجسس جو شڪار تون ۽ مان ٿيا آهيون...! شايد هن افساني جو جادو تنهنجي ۽ منهنجي زندگي تي آخر تائين اثر انداز ٿيندو رهي ۽ شايد تون ۽ مان ٻئي ڀوڳيندا رهون ، ان ڪري جو افسوس مان غزل نه نفيسه آهيان ...!!!“
ڏٺم هوءَ وري سڏڪڻ لڳي هئي، چيوهيومانس:
”روءِ نه غزل ...!“
”مان نفيسه آهيان، مونکي نفيسه چئو...!“ سڏڪا تيز ٿي ويا هيس ...
”اصل نه...! تون صرف منهنجي غزل آهين...!“
”ضرف هڪ ڀيرو چئو، صرف هڪ ڀيرو ...!!“ ٽشُوءَ سان ڳوڙها اگهڻ لڳي هئي پڇيو هيومانس:
” ڇا...؟“
”نفيسه...!“
”نه چوندس ...!!“
”توکي چوڻو پوندو...!“
”وڙهه نه... چوانءِ ٿو...!“
”تون نفيسه آهين صرف نفيسه ...!“
”مهرباني مٺا، سچ دل کي ڏاڍو سڪون مليو آهي...!“
”پوءِ چئو نه ...؟“
”ڇا...؟“
”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين...!“
”نه تون گهڻو مٺو ۽ ٿورو روئڻو آهين ...!“
مان کلندي پنهنجا لڙي آيل لڙڪ اگهي ڇڏيا هئا ۽ چيوهيومانس:
”هاڻ ته چئو نه...!“
”ڇا...؟“
”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
”چيم نه تون گهڻو مٺو آهين...!!“
”هوءَ اٿي بيٺي هئي، مان کيس تڪڻ لڳو هيس چيوهئائين:
”معاف ڪجانءِ مٺا نفيسه به توکي ڏکايو ته غزل به...! ٻنهن تنهنجي اکين جو پاڻي اکين ۾ رهڻ نه ڏنو ...!“
”مونکي ڪهڙي خبر غزل...!“ چيوهيومانس:
”ته منهنجون لکڻيون منهنجي ذاتي زندگي کي به پاڻ جيان نه سمجهڻ واري پڄاڻي ڏينديون، نه ته يقينن مان ڪڏهن به نه لکان ها ...!“
”هاڻ لکندو رهجانءِ...!“
”۽ تون ..؟؟“
”مان به ڪوشش ڪنديس...!!“
”تون ويهه ته سهي...!“
”منهنجي شادي جون تياريون پيون هلن ...!“
”مون غزل کي ڏاڍو چاهيو آهي ...!“
”اها ان لائق نه آهي...!“
”ايئن نه چئو...“
”تون هميشه ياد رهندين مٺا...!“
”پوءِ چئو نه ...!“
”ڇا...؟“
”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
”نه... تون گهڻو مٺو آهين ...!“
”آخر ۾ به ايئن نه چوندينءِ...!؟“
”ڇو چوان...!؟ مان توکي پنهنجو نه ڪري سگهيس، تو غزل کي چاهيو... اها به تنهنجي نه ٿي سگهي ته پوءِ ايئن ڇو چوان...؟“
”پوءِ ڇاهيس تون چئو نه ...!!“
هن ڪو به جواب نه ڏنو وڃڻ لڳي هئي مان ڄڻ رڙيون ڪرڻ لڳو هئس.
”چئو نه ... چئو نه ...آخر ۾ ته چوندي وڃ ... صرف هڪ ڀيرو غزل ...!!“
هوءَ ويندي ويندي دروازي وٽ بيهجي وئي هئي، وري چيومانس :
”صرف هڪ ڀيرو چئو ...!!“
اتي ئي بيٺي بيٺي منهن مون ڏانهن ڪري چيائين:
”ڇا...؟“
”تون ٿورو سُٺو لڳندو آهين...!“
” نه ...!“ هوءَ مرڪڻ لڳي هئي.
”تون گهڻو مٺو آهين ...!“
پر آخري جملو ادا ڪندي، ڪنهن ٻار جيان سڏڪندي تيز تيز وکون کڻندي هلي ويئي هئي.
”رو نه ...! ميم صاحبه کي روڪ... سٺو تون نه ... سٺي ميم صاحبه آهي ادا...! مان کيس چڪ پائيندس...!!!“
ڏٺم ڏينڀو دروازي جي اوٽ ورتيون بيٺو سڏڪي رهيو هو، پنهنجا لڙڪ اگهڻ وري به وسري ويا هئا وڌي وڃي ڏينڀوءَ جي اکين مان سندس جيان معصوم لڙي آيل لڙڪن تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا هيم.
غزل جي وڃڻ کان پوءِ ڪجهه به ناهيان لکي سگهيو ڪافي ڀيرا ڪوشش به ڪئي اٿم پر هن سٽن کان اڳتي نه وڌي سگهيو آهيان.
”توکي شڪايت هئي نه مان ڪردارن کي ناهيان ملائيندو، کين تڙپائي تڙپائي جدايون ڏئي ماري ڇڏيندو آهيان، پر اڄ مان پاڻ مري رهيو آهيان، افسانه لکڻ به ڇڏي ڏنا اٿم...!!“
”تون موٽي آ غزل...! “
***