محافظ
هڪ ڀيري جڏهن هن نشي جي حالت ۾ بيگناهه خدابخش عرف خدن خان جي ڳچيءَ ۾ اچي هٿ وڌا هئائين ته خدن پهريان ته هن آفت کان پاڻ ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي، پر جڏهن هي همراهه نه مڙيو ته خدن به گهٽ نه ڪئي هيس ۽ ڪنهن ريسلر جيان کيس کڻي کڻي ٿي اڇلايائين ... ايڏو ماريو هئائينس جو همراهه رت سان ريٽو ٿي ويو هو اهو پهريون ڀيرو هو جو هو ماڻهن جي سامهون خدن خان جهڙي عام ماڻهو هٿان موچڙا کائي رهيو هو، جنهن تي ماڻهو دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش هئا، پر سندن چهرن تي خوف نمايان نظر اچي رهيو هو. کين اهو به خدشو هو ته سڀاڻي گهڻو ڪجهه ٿيندو...!!! ۽ واقعي ٿيو به...! جڏهن ان واقعي کان ڪجهه ڏينهن ئي پوءِ خدن (جيڪو هن وقت تائين ان واقعي سبب روپوش هو) ڌاڙو هڻندي هن جي ئي پوليس پارٽي هٿان مارجي ويو هو. سندس سڄي جسم تي تشدد جا واضح نشان هئا، بقول هنن جي ته اهي گولين جا گهاءَ هئس پر ماڻهن کي ان ڳالهه تي به تعجب نه پئي ٿيو، هو ته ان ڳالهه تي حيران هئا ته خدن جنهن کي ٻارهن ئي مهينا ٻوريون ڪلهي تي هونديون هيون، ان جي ڪلهي ۾ رائيفل ۽ گوليون ڪيئن آيون ۽ هو ڌاڙو هڻندي ڪيئن مئو..! ان کان علاوه هن خدن جي گهر تي ڪامياب ڇاپو هڻي بغير لائسنس جي ڪافي تعداد ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا هئا، جنهن ڪري سندس پيءُ کي به چالان ڪيو ويو هو. ان حيرت انگيز واقعي کان پوءِ سندس دهشت حقيقت جو روپ ڌاري وئي هئي. هاڻي سندس نالو وٺندي به ماڻهو ڳيتون ڏيڻ لڳندا هئا.
اڄ به خبر نه هئي ته ڪنهن جي قسمت ٽٽڻي ۽ ڦٽڻي هئي جو هو ٿڙندو
ٿاٻڙندو شهر جي هڪ مشهور هوٽل طرف وڌڻ لڳو، هوٽل ۾ويٺل سڀ ماڻهو وائڙا ٿي ويا هئا ڪجهه ته هيڏانهن هوڏانهن کسڪي ويا... ڪن کان چانهه پيئڻ وسري ويئي هئي... ۽ ڪن کان بوتلون اڌ ۾ رهجي ويون هيون... خود هوٽل جو مالڪ جيڪو سدائين ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي مزدورن تي ڏمرجي پوندو هو، کين خوب دڙڪا دهمان ڏيندو هو، بي انتها ٿلهو هجڻ جي ڪري سندس چهڙي ۾ڏاڍو رعب ۽ دٻدٻو هوندو هئس، لڳندو ته ائين هو جو هو ڪنهن کي مڪ هڻي وجهي ته اهو همراهه ڪجهه لمحا هوش ئي وڃائي ويهي، سو اڄ هن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ڪرسي تي ئي اهڙي طرح آهلجي پيو هو جو ڄڻ اگهور ننڊ ۾ هجي، بس گهونگهرن مٿان گهونگهرا ٿي هنيائين. هو هاڻ هوٽل جي دروازي وٽ پهچي چڪو هو آس پاس مڪمل خاموشي ڇانيل هئي، هر ڪو حد کان وڌيڪ پريشان ٿي ويو هو.
”اڙي تو کي گهڻا ڀيرا سمجهايو اٿم ته منهنجي سامهون نه ايندو ڪر...!“ اوچتو هن جو گرجدار آواز گونجيو، هو انتهائي حقارت ۾ هوٽل جي دروازي جي ڀرسان ’تندور‘ تي ماني پچائيندڙ هوٽل جي هڪ مزدور سان مخاطب هو، ”پوءِ به تون نه پيو مڙين...؟ لڳي ٿو ته توکي منهنجي حيثيت جي ڪابه خبر ڪونهي...!!“
”رحم سرڪار رحم ...!“ هوٽل مزدور ڏڪندي وراڻيس سندس لفظن ۾ التجا نمايان هئي.
”سرڪار جا پٽ...!!!“ هو وري ڳالهائڻ لڳو:
”تون ڏاڍو ذليل آهين جيڪڏهن ٻيهر توکي هتي ڪٿي ڏٺم ته مون کان بُرو حشر ٻيو ڪو به نه ڪندئي...!“
ائين چئي هو وڦلجندو اڳتي وڌي ويو ته ڪنهن ماڻهو مزدور کي طنزيه لهجي ۾ چيو:
”اڙي رحيم تون وري ڪڏهن کان ذليل ٿيو آهين...؟“
”بس ادا...!“ رحيم ٿڌو ساهه ڀريندي چيو:”غربت ئي سڀ کان وڏي ذلالپ آهي ...!“
”اڙي توکي هو بيگناهه هيڏو سارو ڳالهائي ويو ته به سائين سائين پئي ڪيئيس...!“ هڪ ٻئي تماشائي چِٿر ڪندي چيس:
”ها ڀائو...!“ رحيم وراڻيو: ”هو حڪومت سڳــوري طرفان اسان جو محافظ مقرر ٿيل آهي، هن هڪ کي پادر هنياسين ته بنا ڪنهن شڪ جي اسان جي آڪهه ڪُٽبي...!“
سندس لفظن ۾ بيوسي نمايان هئي
”اڙي ڇڏ هاڻي گهڻي ڳالهائڻ کي...!“ هوٽل مالڪ رڙ ڪري رحيم کي چيو شايد ننڊ مان هاڻ سجاڳ ٿيو هو.
”خبر ناهي ڇو توسان صاحب جي لڳي ئي نه ٿي، پر ٻيلي مان پنهنجي هوٽل کي ڦٽائڻ يا وڃائڻ جو خطرو نه ٿو کڻي سگهان.ان ڪري مهرباني ڪري تون سڀاڻي ئي پنهنجو ٻئي هنڌ بلو ڪر، مان توکي وڌيڪ نه ٿو رکي سگهان...!“
”حاضر جناب...!“ رحيم تندور مان ماني ڪڍندي چيو:
”مون کي سڀاڻي اوهان هتي نه ڏسندئو...!“
رات ڪافي گذري چڪي هئي، رحيم پنهنجو ڪم ڇڏائي گهر طرف وڌڻ لڳو هو، سندس ذهن ۾ هزارين خدشا پريشانيون گهر ڪري چڪيون هيون. هو سوچي رهيو هو ته سڀاڻي وري هو ڪنهن ڪم لاءِ ڪنهن کي ايلاز منٿون ميڙ ڪندو، ڪير کيس مزدور رکندو به الائي نه سڀ کان وڌيڪ پريشان ته هو ان ڳالهه تي هو ته سندس نوجوان ڀيڻ جي شادي ڪيئن ٿيندي، ڏاج ڪٿان ايندو، وري خيال آيس ڪالهه ئي امڙ پنهنجا زيور کپائي اديءَ لاءِ ڏاج خريد ڪيو آهي، بس ٻيو جيڪو ڪجهه کُٽو، ابو کٽون واڻي پوري ڪندو، الله مالڪ آهي، ڏکيو سکيو وقت گذري ويندو. رحيم ائين سوچيندو پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏيندو جيئن پنهنجي گهر ويجهو پهتو ته کائنس ڇرڪ نڪري ويو هو... رڙ نڙي ۾ اٽڪجي پئي هئس، سندس گهر جو دروازو ٻن هٿياربند نقاب پوشن جي قبضي ۾ هو. هن اهو سڀ ڪجهه ڏسي سمجهڻ ۾ ٿوري به دير نه ڪئي ۽ ڊوڙندو سهڪندو ٿاڻي تي پهتو، اتفاق سان ان مهل هُن جي ڊيوٽي هئي جيڪو آفيس اندر اهڙي طرح ويٺو هو جو ڄڻ اها ڪا سندس ذاتي اوطاق هئي جنهن کي ڏسي رحيم ڇرڪي ويو پر پوءِ تيزي سان ڳالهائڻ لڳي ٿو.
”سائين وارو ڪريو منهنجي گهر ڌاڙو لڳي رهيو آهي...!“
”تنهنجو گهر ڪٿي آهي...؟“
”موسى محلي ۾...!“
”ڦورو ڪيترا آهن...؟“
”گهڻا ناهن سائين صرف ٻن پاڇن تي نظر اٿم...!“
”توکي ڪيئن خبر پئي ته اُهي ڌاڙيل آهن...!“
”سائين آڌيءَ رات جو هٿيارن سان پرائي گهر ۾ ٻيو ڪير ٿو گِهڙي سگهي....؟“
”پوءِ تو کي ڌاڙيلن ڀلا ڇو ڇڏيو...؟“
”سائين مان گهر ۾ نه هئس شهر کان اچي رهيو هئس جو ڪجهه پري کان ئي نظر پئجي ويئي...!“
”اڙي تو هن مهل تائين شهر ۾ ڇاپئي ڪيو...!“
”سائين مان هن مهل تائين شهر ۾ ڌوڙ پئي پاتو...!!!“ رحيم آپي کان ٻاهر نڪرندي چيو:”توهان پنهنجو ڪم ڪيو، ڪٿي ڌاڙيل نڪري نه وڃن...!“
”مون کي پهريان ئي شڪ هيو ته تون ڏِنگو ماڻهو آهين، هاڻ ته يقين ٿيڻ لڳو آهي. تنهنجي انداز مان لڳي رهيو آهي ته تون ڪو ڊرامو ڪري رهيو آهين ۽ غلط اطلاع ڏئي ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿو...!“
”سائين ڪهڙو شريف ماڻهو ان قسم جو ڊرامو ڪندو ...؟ مان مجبور آهيان ....منهنجي مدد ڪريو...!“
”تون ڪير آهين، اها ته بعد ۾ خبر پوندي ان ڪري في الحال تو کي هتي ئي ويهڻو پوندو مان وڃي جاچ لهي ٿو اچان، جيڪڏهن ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ مان ...!“ ايئن چئي هن جمعدار کي گاڏي ۾ تيل وجهرائي اچڻ جو چيو ۽ پاڻ ڪپڙا بدلائڻ لاءِ ٻي ڪمري ۾ هليو ويو..!!
رحيم کي هاڻي پنهنجو پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي آئي،کيس هن جي افعالن جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي پر پوءِ به هو ڀيڻ جو ڏاج بچائڻ جي آس کنيون ٿاڻي تي پهتو هو، پر هاڻ پاڻ کي فريادي نه پر ڪو ڏوهي محسوس ٿي ڪيائين رحيم کي هاڻي اهو به ياد اچي رهيو هو ته هو پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ کان اڳ ڌاڙا هڻندو هو . هاڻ به ڪڏهن ڪڏهن اها ڊبل ڍيوٽي ڪري وٺندو آهي، ان ڪري کيس يقين ٿي ويو هو ته مان غلط جڳهه تي اچي پهتو آهيان. هُن ويندي ويندي رحيم جي نگراني لاءِ هڪ سپاهي ڇڏيو، جنهن کيس شهنشاهي حڪم ڏيندي چيو:
”اڙي جيستائين صاحب جاءِ واردات تان موٽي اچي تيستائين خاموش ٿي ويهي رهه... نه ته کل لاهي ڇڏيندوسانءِ ...!“
تقريبن اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هو واپس پنهنجي آفيس ۾ پهتو، سندس اکيون ڳاڙهيون هيون، منهن تي وحشت هيس ، اچڻ سان ڪرسيءَ تي ويهندي رحيم کي چيائين:
”واقعي تنهنجي گهر ڌاڙو لڳو آهي... پر ڌاڙيل منهنجي پهچڻ کان پهرين فرار ٿي ويا آهن...!“
”سائين اهي ملائڪ نه آهن جو اُڏري وڃن اهي هتي ڪٿي ئي موجود هوندا، اوهان ناڪا بنديءَ ڪرائي وٺو...! “
” نه ....اُهي ڌاڙيل ايئن آساني سان هٿ نه ايندا... !“
”ڇو نه ايندا....؟“
”بس ڪم ڪجهه ڏکيو آهي ...!“
”ڌاڙيل کي پڪڙڻ ڏکيو آهي سائين...!“
”ها....!“
”ڀلا تون انهن مان ڪنهن کي سڃاڻين ...؟“
”نه...!“
”ڪنهن سان دشمني...!!!“
”نه...!“
”ڪنهن تي شڪ..!؟“
”نه...!“
”پوءِ تنهنجي گهر ڌاڙو ڪيئن لڳو...؟“
”مان نه ٿو ڄاڻان...!“
”تون ڄاڻين ٿو رحيمون..! پر جيستائين مان ڪنهن نتيجي تي پهچان تيستائين خاموش رهجان، ٻِڙڪ به ٻاهر نه ڪڍجانءِ نه ته توتي پهريان ئي گهڻا ڪيس آهن، رهندو هي به ڪيس تو مٿان مڙهي اهڙو اندر ڪندوسانءِ جو سڄي عمر جيل ۾ گذري ويندئي ...!“
”ڇا...!؟؟“
”ها...! مان صحيح پيو چوانءِ خاموش رهڻ ۾ ئي تنهنجي ڀلائي آهي، مان ڪوشش ڪندس ڌاڙيلن تائين پهچڻ جي، نه ته به توکي ٻيو ڏاج مان خريد ڪري ڏيندس. فقط اها ڳالهه توتائين محدود رهي ...!“
اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ رحيم بغير ڪنهن جواب ڏيڻ جي گهر طرف هلڻ لڳي ٿوسندس ذهن في الحال سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. بس هو بي جان بت جيان لڳي رهيو هو گهر پهچندي ئي هن جو سڄو ذهن گردش ۾ اچي وڃي ٿو ، دل اندر زلزلو مچي ويو هيس، اکيون پنهنجي نوجوان ڀيڻ ۾ کپي وڃنس ٿيون، جيڪا گوڏن ۾ منهن ڏئي روئي رهي هئي، هو ڪافي وقت بيوس بڻيو رهيو جو اوچتو سندس ماءُ جا سڏڪا لفظن جو روپ اختيار ڪري سندس سيني ۾ ڪنهن خنجر جيان کپندا ويا.
”پُٽ...! اسان جو سڀ ڪجهه وڃائجي ويو ...ڌاڙيلن ته صرف سامان لٽيو ڦريو ....پر انهن ظالمن پوليس وارن ...ته ...تنهنجي ڀيڻ ....!!!“
سندس ماءُ جا لفظ وري سڏڪن ۾ تبديل ٿي ويا ۽ هو مسلسل روئيندي رهي، ڪجهه لمحن کان پوءِ رحيم هڪ وڏي رڙ ڪري اونده ۾ غائب ٿي ويو هو . سندس رڙ ۾ اُڀ کي ڦاڙڻ جبل کي ڏارڻ جي طاقت سمايل هئي. پر هن جي رڙ هن بي حس سماج کي ڪجهه نه ڪري سگهي، صرف راڪاس جهڙي رات سندس رڙ تي ٿورو رُني ...۽ پوءِ ان کي هضم ڪري ڇڏيائين ...!!!
***