تون منهنجي ساهه ۾ آهين ...!!!
ان نالي سان ايترو مشهور ٿي ويو هو جو سندس اصل نالو ماڻهن کان وسرڻ لڳو هو پر ڪالهه شادي ٿيڻ جي ڇهين ستين مهيني کان پوءِ شيزان هوٽل تي چانهه پيئندي عجيب انڪشاف ڪيو هئائين.
”يار...!“ چيائين: ”اڳتي مون کي ’صاحب‘ نه صابو سڏيندو ڪر...!“
ڏاڍو تعجب ٿيو هو، پڇيومانس:
”ڇو ڀلا صاحب...! صاحبه سٺي نه لڳي ڇا...!؟“
”نه اها سُريلي آهي...!“ وراڻيائين.
”پر مون کي هاڻي خبر پئي آهي ته مان صاحب نه سئو فيصد صابو آهيان...!“
مان کلي پيو هئس بلڪه ٽهڪ ڏيڻ لڳو هئس چڙندي چيو هئائين:
”ڏند نه ٽيڙ مان سنجيده آهيان...! اڄ کان وٺي پنهنجي نالي بدلائڻ واري تحريڪ شروع.... گهٽ ۾ گهٽ تون ان ۾ رُخنو نه وجهه ...!“
”مونکي ڪو اعتراض ڪونهي...!“چيومانس:”پر سبب ته ٻڌاءِ...! صاحب مان صابو ڪيئن ٿي وئين...؟“
”بيروزگاري ماري وڌو آهي يار...!“
”بيروزگار ته پهرين به هئين...!“
”ان مهل اڪيلو هيم...!“وراڻيائين:”هاڻ ٻه ٿي ويا آهيون... ممڪن آهي ڪجهه وقت کان پوءِ ٽي به ٿي وڃون پر شايد اسڪور اتي به نه رڪجي ۽ وڌندو رهي، ان ڪري صاحب مان صابو ته ٿيڻو آهي سو ڇو نه بسمِ الله هاڻ ئي ڪجي...!“
”امير گهراڻي جو آهين...!“ چيم: ”پوءِ به دانهون ٿو ڪرين...!“
”ڳالهه امير غريب جي ڪونهي...!“چيائين:”پر غيرت به ڪنهن شيءِ جو نالو آهي...! پهريان بابي تي اڪيلو بار هيم، پرواهه نه هئي هاڻ وري عشق جي شادي ڪري بابا جي خرچن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو اٿم...! في الحال ته مائي سڳوري فرمائشون ڪو نه ٿي ڪري پر شاديءَ کان اڳ جذبات ۾ اچي جيڪي هُن سان واعده ڪيا هيم، سي بغير چوڻ جي پورا ڪرڻا ٿا پون...! جنهن جي ڪري بابا منهنجي کيسي جي بجيٽ صفا گهٽائي ڇڏي آهي...! ان ڪري غيرت جو سوال آهي ته مان، صاحب نه، صابو سڏجان...!“
منهنجي مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي هئي هن جي ڳالهين مان ايترو ته مزو ٿي آيو جو چانهه پيئڻ ئي وسري وئي هئي... ڪجهه گهڙين جي خاموشيءَ کان پوءِ چانهه جي سرڪ ڀري انتهائي مخلصاڻي انداز ۾ صلاح ڏنائين:
”في الحال تون شادي نه ڪجانءِ...!“
”ڪيان ته...؟“ چانهه جو ڪوپ چپن آڏو آڻيندي چيم.
”لوَ مئريج نه ڪجانءِ...!“
”ڪيان ته...؟“
”طاهر مان طارو ٿي سڏبين...!“
چانهه جو ڍڪ نه ڀري سگهيو هيم، ڪوپ واپس ٽيبل تي رکي کلي پيس.
”هاڻ ته شادي ضرور ڪندس...!“
”ڇو...؟“
”مفت ۾ ’تارو‘ ٿي پوندس ڪو درياءَ سمنڊ ٻوڙي لوڙهي نه سگهندو..!“
”درياءُ بادشاهه اهو ڪم ڪري نه ڪري...! پر مائي توکي ٻوڙي ئي ٻوڙي ...!“
”سبب...؟“
”بيروزگار...! گهر وارن تي بار...!“
”مڃيم ته بيروزگار آهيان...! توکان ڇهه ڀيرا وڌيڪ سُڃو آهيان پر ڪنگلو نه آهيان... توکان وڌيڪ پيسا منهجي کيسي ۾آهن...!“
”صفا واحيات آهين...؟“ وراڻيائين:”شادي شده کي چئليج ٿو ڪرين...! شرم ڪر کيسا خالي ڏسي مَڳي نه ڪبي آهي، اڄ بابا ويهه رپيا ڏنا هئا نه چاهڻ باوجود پندرنهن روپيا پنهنجي محبت تي قربان ڪرڻا پيا...! باقي پنج روپيا پنهنجي چانهه لاءِ بچائي رکيا اٿم...! پر مان سمجهان ٿو ته شاديءَ کان پوءِ تون هڪ چانهه جا پيسا به بچائي نه سگهندين...! ۽ مون کي پنهنجي حصي جي چانهه مان توکي اڌ ڏيڻو پوندو..! مان اها قرباني ضرور ڏيندس، تون فڪر نه ڪر طاهر...!“
”واقعي...!“کلندي چيومانس: ”اها وڏي قرباني آهي صابو...!“
”صابو...!“ همراهه کان خوشيءَ مان رڙ نڪري وئي:
”لڳي ٿو ته منهنجي نالي بدلائڻ واري تحريڪ رنگ لائيندي نظر پئي اچي...!ان خوشيءَ ۾ اڄوڪو بل مان ادا ڪندس...!“
”پر تو وٽ ته ڪل پنج روپيا آهن...!“
”بيشڪ مون وٽ پنهنجا صرف پنج روپيا آهن...!“چيائين: ”پر گهر واريءَ کي پندرنهن روپيا ڏيڻ کان پوءِ ڪنهن ڏکئي وقت ۾ ڪم اچڻ لاءِ پنج روپيا پرس مان ڪڍي ورتا هيامانس...!“
”چڱو ڇڏ انهن ڳالهين کي...!“ ڳالهه جو رُخ بدلائيندي چيم:
”تنهنجو ريشمان بابت ڇا خيال آهي...!؟“
”شاديءَ کان اڳ هر ڇوڪريءَ بابت سٺا خيال ۽ نيڪ جذبا هئا...!“ وراڻيائين: ”هاڻ ڪجهه نه ٿو چئي سگهان منهنجا ڀاءُ...!“
”مذاق ڇڏ...!“چيم: ”مان سنجيده آهيان...!“
”هوءَ سٺي ڇوڪري آهي...!“
”مان خراب آهيان...؟“
”نه تون به خراب نه آهين...!“ وراڻيائين:
”پر هوءَ توکان گهڻي سٺي آهي...!“
”اهو تنهنجو خيال آهي...!“ چيم.
”باقي هُن جي نظر ۾ مان هيرو آهيان...!“
”غلط فهميءَ جو شڪار نه ٿي...! اهو انڊين فلمن جو منهن ڪارو آهي..!“ اندر سڙي ويو هو، سندس ان جملي تي اهڙي ڪاوڙ آئي جو سوچيم: ’مُڪ هڻي ميڄالو ڪڍي وجهانس...!‘ پر ايئن نه ٿي ڪري سگهيس. هٿ ۾ سيخون نه آڱريون هيون.
”هوءَ فلمون ڏسندي ڪونهي معتبر...!“ برداشت کان ڪم وٺندي چيم.
”پوءِ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي...!“
”اسان هڪ ٻئي کي چاهيون ٿا...!“
”مان ڄاڻان ٿو...!“
”پوءِ به ڪجهه نه ٿو ڄاڻي...!“
”توهان شادي ڪرڻ ٿا چاهيو نه ...؟“ پڇيائين.
”وڏي ڄاڻ اٿئي...!“ (مان خوش ٿي ويو هئس)
”صاحب مان صابو... اجايو ٿورئي ٿيو آهيان...! علم ته اڳ ئي هو، هاڻ عملي تجربن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي...!“
”پوءِ تون ان سلسلي ۾ منهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهين ٿو...!؟“
”پهرين ڳالهه ته ريشمان توسان شادي ڪرڻ جي غلطي نه ٿي ڪري سگهي...!“
”ٻي ڳالهه ...!؟“ منهنجو بلڊ پريشر هاءِ ٿيڻ لڳو هو..!
”جيڪڏهن هوءَ اهڙي غلطي ڪري به ته تون ايئن نه ڪجانءِ...!“
”ڇو...؟“ بيزاريءَ مان پڇيومانس:
”ڏس...!“ سنجيده ٿي ويو هو:”محبت ڪرڻ ۽ محبت ماڻڻ ٻه الڳ الڳ شيون آهن... اهو ضروري ڪونهي ته محبت ڪجي ته ماڻجي به... تون بيروزگار آهين... محبت جهڙي مقدس رشتي کي سنڀالڻ جي سگهه هن وقت تو ۾ ڪونهي... ان ڪري پهريان نوڪريءَ ڏانهن توجه ڏي...!“
”نوڪريءَ ملڻ جو آسرو ڪونهي...!“
”ان ڪري ئي ته چوان ٿو جلد بازي نه ڪر...!“
”تون جو ريِس ڏياري آهي...!“
”تو ۾ ۽ مون ۾ فرق آهي طاهر...!“چيائين:”منهنجو پيءُ بينڪ مئنيجر آهي، نوڪري نه ملي ته به بابا جي بدولت بينڪ مان بغير وياج جي قرض کڻي ڪو ڪاروبار ڪري سگهندس...! پر پوءِ به مان هن وقت صاحب مان ’صابو‘ بڻجي ويو آهيان...!تون اڃان منهنجي ڪهڙي بگڙيل حالت ڏسڻ چاهين ٿو...!؟“
مان خاموش ٿي ويوهئس، ڪجهه ڪڇي نه سگهيو هيم. ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين:
”مان توکي احساسِ ڪمتري ۾ مبتلا ڪرڻ نه ٿو چاهيان پر ڇا شاديءَ کان پوءِ ريشمان جي هڪ ننڍڙي خواهش کي به پورو نه ڪري سگهڻ کان پوءِ جِي سگهندين...!؟ شايدڪڏهن به نه ...! ان ڪري محبت جي ماناري سان في الحال شاديءَ واري ڇيڙ ڇاڙ نه ڪر، نه ته...!!!
مان وري به خاموش رهيو هئس، چاهڻ باوجود ڪجهه ڪُڇي نه سگهيو هيم.
”دير ٿي وئي آهي هلڻ گهرجي...!“ هو اٿي بيٺو هو.
”صابو...!“ اٿندي چيم :”تو وارين ڳالهين ماري وڌو آهي...!“
”اڄ مرندين...!“اڳتي وڌندي چيائين: ”سڀاڻي جيئندين...!“
ڪائونٽر تي بل ادا ڪرڻ کان پوءِ اسان ٻئي ٻاهر نڪري وياهئاسين، گهر پهچندي محبت ماڻڻ ۽ شادي ڪرڻ تي سنجيدگي سان سوچڻ لڳو هئس، صابو جون ڳالهيون ڪافي نه ته به، گهڻي حد تائين درست ٿي لڳيون...! توڙي جو دل نه ٿي مڃيو پر دماغ فيصلو ڏئي ڇڏيو هو ته محبت ماڻڻ ۽ ڪرڻ ٻه الڳ الڳ شيون آهن، پنهنجي وس ۾ هن وقت صرف محبت ڪرڻ آهي، ان کي ماڻي سگهڻ جي سگهه پنهنجي وس ۾ ڪونهي...! ٻي ڏينهن خبر نه آهي ڇو... ريشمان ڏانهن ڇڪجي ويو هئس.
”ڇو آيو آهين...؟“ پڇيائين.
”چانهه پيئڻ...!“
”چانهه توکي ريسٽورينٽ ۾ ملندي، هتي نه...!“
”مان تنهنجي هٿن جي چانهه پيئندس...!“
”چانهه ڪنهن جي هٿن جي ناهي هوندي جناب...!“ چيائين:
”اها ته کير ۽ کنڊ پتي مان ٺهندي آهي...!“
”چانهه نه پيار ته نه پيار...!“چيم:”هرو ڀرو ايڏو رعب ته نه ڪر نه...!“
”رعب ڇو نه ڪيان...؟“وراڻيائين:
”آخر ايم. اي فرسٽ ڪلاس ۾ جو پاس ڪئي اٿم...!“
”سچ...!؟“
”مون ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو آهي توسان...؟“
”پوءِ به چانهه نه پياريندينءَ ڪنجوس...؟“
”مون هيڏو سارو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، تون ڪو به گفٽ نه ڪرائيندينءَ...!؟“
اوچتو گفٽ جو ذڪر ايندي ٻُڏي ويو هيم، چيومانس:
”ٺيڪ آهي تون چانهه تيار ڪر مان گفٽ وٺي اِجهو آيس...!“
”موٽندي ته سهي نه...!؟“ مرڪندي چيائين.
مان به کِلي پيو هيم. بازار مان سندس لاءِ گهڙي خريد ڪندي اوچتو خيال آيو:
’مار...!ريشمان ته ٽي ڀيرا انٽر ۾ فيل ٿي هئي...! سو بي. اي کي باءِ پاس ڪري ايم. اي ڪيئن ڪري ورتائين...!؟‘
يقينن هن مونکي بيوقوف بڻايو هو ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي، پنهنجي اٻوجهائپ تي... ڪا قيمتي گهڙي خريدڻ بجاءِ پنجويهن روپين واري گهڙي خريد ڪري سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو هئس.
”منهنجي هيڏي ساري محنت جي بدلي ۾ تو هيءَ گهڙي آڻي ڏني آهي ڪنجوس مَکي چوس...!“
”تحفي جي ڪا به قيمت ڪونهي ٿيندي...!“ سندس سامهون ويهندي چيم: ”پر جيڪو انٽر، نه ڪري سگهي ان لاءِ اهو گفٽ به مهانگو آ...!“
ٽهڪ نڪري ويو هيس، چيائين:
”هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ آئي اٿئي... ته مان انٽر بار بار فيل آهيان...!“
”ايڏو بيوقوف به نه سمجهه...!“چيومانس: ”مون تنهنجي دل رکڻ پئي چاهي...!“
”واهه جو دل رکي اٿئي...!؟“ گهڙي مون آڏو رکندي چيائين:”هي هاڻي ئي خراب ٿي پئي آهي، ٺاهي وٺينس ته مان چانهه کڻي ٿي اچان...!“
مان گهڙي ڏسڻ بجاءِ ريشمان بابت سوچڻ لڳس، اڄ هوءَ ڏاڍي سٺي ٿي لڳي ايڏي سٺي جو واقعي ايترو سٺو مان به نه هئس...!
چانهه جو هڪ ڪوپ مون آڏو رکي ٻي مان پاڻ سُرڪيون ڀرڻ لڳي هئي، مان چانهه پيئڻ بجاءِ کيس تڪڻ لڳس...!
”مون کي ڇا ٿو ڏسين...؟ چانهه پيءُ نه...!“
”ڪيئن پيئان...!؟“
”جيئن مان پئي پيئان...!“
”مان ڦڪي چانهه ناهيان پيئندو...!“
”توکي ڪنهن چيو چانهه ڦڪي آهي...؟“
”چانهه ئي چيو...!“
”مذاق ڇڏ چانهه ٺري رهي آهي...!“
”ٺرڻ ڏئيس...! مان ڦڪي چانهه نه پيئندس...!“
”تون سمجهين ڇو نه ٿو...!؟؟“ڪجهه نه سمجهندي چيائين: ”ته چانهه ڦڪي نه مِٺي آهي...! پنهنجي هٿن سان ان ۾ کنڊ وڌي اٿم...!“
”پوءِ به ڦِڪي آهي...! سُرڪ ڀري مِٺي ڪري ڏي...!“
ڪومائجي وئي هئي شايد شرمائجي وئي هئي.
مون ڏانهنس ڏانهن ڪوپ وڌائي ڇڏيو هو، هُوءَ ڪوپ وٺڻ بجاءِ ان کي تڪڻ لڳي چيومانس:
”تون يقين ڪر مان ڦِڪي چانهه ڪڏهن به نه پيئندس...!“
هُن ڏڪندڙ هٿ سان ڪوپ ورتو هو، سرڪ ڀري، پڇيو هئائين:
”ڪڏهن کان ايترو ڇيڳرو ٿيو آهين...!؟“
”مون جهڙي ڇيڳرائپ ڀاڳ وندن کي نصيب ٿيندي آهي ريشمان...!“
”ڳالهائڻ جو انداز ۽ ادا اداڪارن واري اٿئي...! توکي ته اداڪار ٿيڻ کپندو هو...!“
”بيشڪ اداڪار ئي ٿيئڻو هو...!“ وراڻيم: ”پر پاڻ نه ٿيس...!“
”ڇو...؟“
”تون فلمون جو ناهين ڏسندي...!“
”چڱو چڱو...! وڌيڪ ڊائلاگ هڻڻ جي ضرورت ڪونهي...!“چيائين: ”تو پاڻ بابت ڇا سوچيو آهي...؟“
”سوچڻ وارا ڪجهه ناهن ڪري سگهندا...!“
”مان توڏانهن واجهايان ٿي طاهر...!“
”مان توکي چاهيان ٿو ريشمان...!“
ساڳئي انداز ۾ ريشمان جي نقل ڪئي هيم،کلي پئي هئي .
”ڪڏهن ايندين...!؟“ڪجهه گهڙين جي خاموشيءَ کان پوءِ چيو هئائين. سُر سمجهي ويو هئم، چيومانس:
”ان بابت نه سوچ ريشمان...!“
”ڇو...؟“
”مان توکان بغير اڌورو رهندس...! پر اها اڌورائپ طاهر مان طاهرو ٿيڻ کان ڀلي آهي...!“
”ڇا مطلب...!؟“
اکيون اڳتي نڪري آيون هيس، صابو واري ڳالهه ٻڌائي مانس، ٽهڪ نڪري ويو هيس، ڪافي دير تائين کلندي رهي. پوءِ نارمل ٿي پڇيائين:
”ڇا توکي مون تي اعتماد ڪونهي...!؟“
”توتي آهي پاڻ تي ڪونهي... ڇو ته مان پاڻ بي رنگ آهيان ته ٻي جي زندگي ۾ وري ڪهڙا رنگ ڀريندس...! مان تنهنجي خوابن کي پنهنجي هٿن سان چيڀاٽي محبت جهڙي مقدس رشتي جي توهين ڪڏهن به نه ڪندس...! ڇو ته محبت مقدس هوندي آهي ۽ ان کي سنڀالي سگهڻ جي سگهه هن وقت مون ۾ ڪونهي...!“
”اهو تنهنجو آخري فيصلو آهي...!؟“
”اهو فيصلو نه ...!“چيم: ”منهنجي خواهش ۽ تمنا آهي ته تون جتي به هجين جرڪندي رهين، مرڪندي رهين، ڪڏهن به مايوسيءَ ۾ مبتلا نه ٿين...!“
”توهان مرد ڪيڏا نه خود غرض هوندا آهيو...!“وراڻيائين:
”توهان وٽ ٻين جي جذبن جو ڪو به قدر ڪونهي...! جيڪو پاڻ کي سمجهه ۾ ايندو اٿوَ اهو ئي ڪندا آهيو...!“
”مون کي تنهنجي جذبن جو چڱي طرح احساس آهي ريشمان...! پر پاڻ کي هن وقت حالتن جون هٿڪڙيون لڳل آهن...!“
هوءَ ڪجهه ڪڇي نه سگهي هئي، شايد منجهي پئي هئي، چهري تي انڊلٺي رنگ اڀرڻ ۽ لهڻ لاڳ هيس، سندس هٿ پڪڙي چيوهيم:
”ريشمان...! توکي حاصل ڪيم ته به محبت سمجهي حاصل ڪندس...! ۽ جي دنيا جي دز ۾ وڃائي ڇڏيم ته به فقط محبت سمجهي وڃائي ڇڏيندس...! بيوفا ڪڏهن به نه سمجهجانءِ ۽ نه چئجانءِ...!“
”ايئن نه چئو...!“ پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو هئائين:
”مون کي تون هتان وٺي هل...! زندگي جي آخري ساهه تائين تنهنجو ساٿ ڏينديس... اهو منهنجو واعدو رهيو...!“
”گهران نڪرڻ کي محبت نه سمجهه ريشمان...!“ وراڻيم:
”سڀ گهر وارا توسان بي انتها محبت ڪن ٿا پوءِ ايئن گهران نڪري سڀني جون محبتون ٽوڙي مروڙي فقط هڪڙي محبت ماڻڻ جي غلطي ڪڏهن به نه ڪجانءِ... منهجي نصيب ۾ جيڪڏهن تون آهين ته سڀني جون محبتون سلامت رهنديون... باقي جيڪڏهن تون منهنجي نصيب ۾ ناهين ته پوءِ مان قسمت جي ان ڪهاڻيءَ کي موڙي نه ٿو سگهان...! ڇو ته هي ڪا فلم ڪونهي، نه ئي مان اهو فلمي هيرو آهيان، جيڪو گولين ۽ بمن مان بچي محبوبه ماڻيندو آهي...! ڪجهه به ٿي پوي مرندو ڪونهي...! جڏهن ته مان پاڻ ئي روز مرندو روز جيئندو آهيان...!“
”تون آخر ايڏو مايوس ڇو ٿي ويو آهين...؟ حوصلو ڪر...!“چيائين: ”خانه بدوشن کي ڏس کين پنهنجو مستقل ڪو گهر ئي ڪونهي...! پوءِ به بي گهر هجڻ کي زندگي سمجهي جيئن پيا...! ۽ تون صرف نوڪريءَ کي ئي زندگي سمجهي ويٺو آهين...؟“
شايد هوءِ سچ چئي وئي هئي، مان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو. پڇيائين:
”ٻي چانهه ٺاهي اچان...؟“
”نه...!“ مان اٿي بيٺو هئس.
”وڃين پيو...!؟“ هوءَ به اُٿي بيٺي هئي.
”ها...!“
”وري ڪڏهن ايندين...؟“
”شايد ڪڏهن به نه ...!“
”ناراض ٿي ويو آهين...!؟“
”نه بي انتها خوش آهيان...!“
”چٿر ٿو ڪرين...!؟“
”تنهنجو قسم ان جو سوچي به نه ٿو سگهان...!“
”پوءِ ٻڌاءِ نه ڪڏهن ايندين...؟“
”تنهنجي لائق ٿيس ته ضرور ايندس، نه ته وساري ڇڏجانءِ...!“
”مون کي تنهنجو انتظار رهندو...! مان پاڻ کان توکي جدا ڪڏهن به نه ڪري سگهنديس...!“
”تون منهنجي ساهه ۾ آهين...!“ مان هلڻ لڳو هئس.
”طاهر...!“روڪي ورتو هئائين، هٿ پڪڙي آهستي بلڪل آهستي چيائين:
”مون کي توسان محبت آهي...!“ سندس هٿ کي زور ڏيندي وراڻيو هيم: ”تون ۽ مان هڪ آهيون، ان ڪري ساڳيو جملو نه ورجائيندس...!“
منهن تي معصوم مرڪ تري آئي هيس، ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هئائين. مان ٻاهر نڪري آيو هئس.
وقت گذري چڪو هو نوڪريءَ نه ملڻ سبب ’صابو‘ بئنڪ مان قرض کڻي هڪ عاليشان جنرل اسٽور کوليو هو. جنهن جو نالو رکيو هئائين، ’صابو ليڊيز اينڊ جنرل اسٽور‘ مان ان ئي جنرل اسٽور تي سيلز مين ٿي ويو هيم، پر تنها ٿي ويو هئس، بلڪل اڪيلو ٿي ويو هئس...! پر هاڻ ان کي ئي زندگي سمجهي قبوليو هيم. ڪاروبار جي ٽين سال صابو کي پيءُ جي ڪوٽا تي بئنڪ ۾ نوڪري ملي وئي هئي، جنهن جي ڪري منهنجي به ترقي ٿي ۽ مان سيلز مين بجاءِ ’صابو ليڊيز ۽ جنرل اسٽور‘ جو مئنيجر ٿي ويو هيم، پنهنجي خالي ڪيل سيٽ کي ڀرڻ لاءِ عورت توڙي مرد مان ڪنهن به هڪ موزون اميدوار کي ڀرتي ڪرڻ واري اشتهار ڇپرائڻ جي ٻي ڏينهن ريشمان منهنجي گهر آئي هئي، ڀروسو نه پئي آيو پر يقينن اها ريشمان ئي هئي...! پڇيائين:
”مون کي سيلز گرل لاءِ مناسب سمجهين ٿو...!؟“
مان وائڙو ٿي ويو هئس. پاڻ سنڀاليندي چيومانس:
”مذاق ڇڏ ريشمان...! ٻڌاءِ ڪيئن آئي آهين...!؟“
”مذاق نه پئي ڪريان...!“ چيائين:
”مان واقعي سيلز گرل ٿيڻ چاهيان ٿي...!“
”پر ڇو...؟“ پڇيم.
”پيٽ پالڻ لاءِ ڪو ته ذريعو ڳولڻو پوندو آهي نه...!؟“
”مون ته ٻڌو هيو تنهنجي ڪنهن شاهوڪار سان شادي ٿي وئي آهي...!“
”ها...! صحيح ٻڌو هيئي پر هاڻ ان طلاق به ڏئي ڇڏي آهي...!“
”ڇا...!؟“ مون کان هلڪي رڙ نڪري وئي هئي .
”ها هاڻ طلاقيل آهيان طاهر...!“
”پر ان ايئن ڇو ڪيو...!؟“
”ڪامورا ايئن ئي ڪندا آهن...!“ طنزيه لهجي ۾ چيائين:
”مون مان دل ڀرجي وئي هيس ٻِي ساڻ محبت جو ڊرامو رچائي شادي ڪري ڇڏيائين...!“
مان سندس لاءِ چانهه ٺاهي آيو هئس.
”ڇا تون مون کي سيلز گرل لائق سمجهين ٿو...؟“
چانهه جي سُرڪ ڀري پڇيائين.
”مون کي هن وقت سيلز گرل کان وڌيڪ مئنيجر جي ضرورت آهي...!“ وراڻيم: ”مان توکي پنهنجي گهر ۽ دل جي مئنيجرياڻي ڪندس...!“
”ڇا توکي احساس آهي ته تون ڇا ٿو چوين...!؟ ۽ مان ڇا آهيان...؟“
”ها...!“ وراڻيم: ”مون کي چڱي طرح احساس آهي ته تون منهنجي ساهه ۾ آهين، تو کي سانڍڻ ٿو چاهيان...!“
”تون غلطي ٿو ڪرين...!“
”نه، زندگي جي سڀ کان وڏي خوشي ٿو ماڻيان...!“
”زندگي جي سڀ کان وڏي خوشي سڀ ڪنهن کي نه ملندي آهي، تو کي به نه ملندي ...!“
”نه مان ايڏو به بدنصيب نه آهيان توکي پنهنجو ڪري اها خوشي حاصل ڪندس ...!“
”نه ڪڏهن به نه...!“ ڪنڌ هيٺ ڪري چيائين: ”تون ۽ مان نه ٿا ملي سگهون...!“ خاموش ٿي وئِي هئي، ٻه لڙڪ ڪري پيا هيس...! جن کي ٽشو سان اگهي چيوهئائين:
”اڄ مان توسان وڇڙڻ لاءِ ملي آهيان...!“
”ڪاش تون ايئن نه ڪرين ها...!!“
”مون کي ان جو احساس آهي طاهر...!“وراڻيو هئائين:”تو ڪڏهن چيو هو نه ’تون منهنجي ساهه ۾ آهين‘ اڄ پاڻ کي تنهنجي ساهه ۾ ڳولهڻ ٿي چاهيم، ڏسڻ ٿي چاهيم سو ڏسي ورتم...!“
ڪجهه لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ وري ڳالهائڻ لڳي هئي:
”هي ڪامورا، شاهوڪار، سرمائيدار وڏا وحشي اٿئي...! هنن جي هڪٻئي جي عورتن ۾ به بُکئي بَگهڙ واريون اکيون هونديون آهن...! موقعو ملندي ئي انهن جو شڪار ڪري وٺندا آهن...! ماس پٽڻ کان پوءِ کين کوکلو يا پراڻو رانديڪو سمجهي انهن کي ڦِٽي ڪري ڇڏيندا آهن...! مان به ڪنهن ڪاموري جي نظر ۾ هيس طلاق ملندي ئي هن شاديءَ جو پيغام محبت جي ليبل سان سينگاري موڪليو آهي پر اصل ۾ هو مون سان نئين راندڪي جيان کيڏندو پوءِ جڏهن دل ڀرجڻ لڳندس ته مون کي پراڻو رانديڪو سمجهي ڦِٽي ڪري ڇڏيندو...! مان به کيس ڪنهن رانديڪيءَ کان وڌيڪ اهميت ڪڏهن به نه ڏينديسانس. پنهنجي ويجهڙائي ۾ شاديءَ ٿيڻ واري آهي طاهر...!“
هوءَ ڳالهائيندي رهي:
”مان هاڻي گهڻو پري نڪري وئي آهيان...! ايترو پري جو ڄڻ ڪو اصلي رانديڪو بڻجي وئي آهيان. ان ڪري رانديڪن ۾ ئي رهڻ ۽ انهن سان ئي کيڏڻ چاهيان ٿي...! تو ئي چيو هو طاهر ته ’جيڪڏهن توکي حاصل ڪيم ته به محبت سمجهي حاصل ڪندس جيڪڏهن وڃايم ته به محبت سمجهي وڃائيندس‘ سو اڄ مان به توکي محبت سمجهي وڃائي رهي آهيان...!
الاءِ جي ڇو جيڪي محبت ڪندا آهن، سي ماڻي ناهن سگهندا...! ۽ جيڪي ماڻيندا سي محبت ڪري ناهن سگهندا...!“
”ٻي چانهه ٺاهي اچان...!؟“
هُن جي خاموش ٿيندي ئي ڳالهايو هيم.
”نه...!“ هوءَ اٿي بيٺي هئي.
”وڃين پئي...؟“ مان به اٿي بيٺو هئس.
”ها...!“
”وري ڪڏهن ايندينءِ...؟“
”شايد ڪڏهن به نه ...!“
”وساري ڇڏيندينءِ...؟“
”نه...!“ وراڻيائين:
”تون منهنجي ساهه ۾ آهين...!!!“
هوءَ وڃڻ لڳي هئي.
”ريشمان...!“ کيس روڪي ورتو هيم:
”مون کي توسان محبت آهي...!“ سندس هٿ پڪڙي آهستي چيو هيم.
”تون ۽ مان هڪ آهيون...!“ وراڻيو هئائين”ان ڪري ساڳيو جملو نه ورجائينديس...!“ سندس چهري تي معصوم مرڪ تري آئي هئي مان به کلي پيو هيم.
هوءَ هميشه لاءِ منهنجي زندگي مان نڪري وئي هئي ۽ مان ڪامورن، شاهوڪارن، سرمائيدارن ۽ سيٺين تي سوچيندو رهجي ويو هئس. جيڪي پنهنجي خوشحاليءَ بدولت اسان جي مقدس محبتن سان رانديڪن جيان راند ڪري خوش ٿيندا آهن ۽ پاڻ ايترا ته بي وس ٿي پوندا آهيون جو اهو ئي جملو پنهنجي دل کي دوکو ڏيڻ لاءِ وس ۾ هوندو آهي ته:
’ تون منهنجي ساهه ۾ آهين...!!!‘
***