ڳوٺ جا ڏينهن شهر جون راتيون
نبو سڄو ڪاوڙ وچان، باهه ۾ پيل لوهه جيان تپي ڳاڙهو ٿي ويو هو، پر سندس خشڪ نڙيءَ مان کهرو آواز نڪري رهيو هئس:
”هن منهنجي اعتماد کي ڳڀا ڳڀا ڪيو... ڪيڏو چاهيندو هيس مان هن کي...پر موٽ ۾ هن مون کي اهڙو زخم ڏنو جيڪو شايد زندگي ڀر نه ڇٽندو...ذليل ڪميڻي... واقعي تو ڪڏهن بلڪل سچ چيو هو ته دنيا جي هر عورت، عورت ٿي سگهي ٿي پر باوفا نه...!“
”نه نه...نبو هوءَ ڪاري نه هئي...!“ مون نبو جو هٿ زور سان پنهنجي هٿن ۾ دٻائيندي چيو:
”ته هوءَ ڇا هئي...!؟“طنزيه لهجي ۾ چيائين: ”شريف...وفادار...!“
”هوءَ ته هڪ اهڙو گل هئي، جنهن جو ڪم خوشبو ڏيڻ کانسوءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي چاهي پوءِ ڪو اُن کي سيني تي سجائي يا مٺ ۾ ئي مروڙي ڇڏي پر هو ڪنهن سان به شڪايت نه ڪندو آهي.“
”تون بڪين ٿو نواب...!“ نبو مون کي ڇڙٻ ڏيندي چيو: ”فوزيه منهنجي عزت هئي، پوءِ جيڪڏهن هوءَ ڏوهي نه هجي ها ته مان هن کي اهڙو ڪڌو الزام ڏيئي ماريان ها...!؟“
”دولت انسان کان سڀ ڪجهه ڪرائي وٺندي آهي نبو...!“
اکين سان اکيون ملائي چيو مانس، جنهن تي پهريون ڀيرو هٻڪندي چيائين:
”اها ڪهڙي بڪواس ٿو ڪرين...؟ تون سمجهين ٿو ته مان پنهنجي گهرواري فوزيه کي سندس دولت ڦٻائڻ لاءِ ماريو آهي...؟“
”ها يقينا...! “ وراڻيم
”ڇو ته تون دولت جو پوڄاري آهين...!“
”نواب...!!“ نبو هيبتناڪ نظرن سان مون کي ڏسندي چيو:
”مون کي تو مان قطعي اها اميد ڪو نه هئي ته ڪو تون منهنجي غيرت کي دولت جي تارازيءَ ۾ توريندين... تنهنجي جڳهه ته جيڪڏهن ٻيو ڪو هجي ها ته هن مهل....!!“ نبو پنهنجو جملو اڌ ۾ ڇڏي تيز تيز قدم کڻندو هوٽل کان ٻاهرهليو ويو هو.
نبو جو پورو نالو نبي بخش هو، اسان ٻئي پهرين کان وٺي يونيورسٽي تائين گڏجي پڙهيا هئاسين، نبو جو پيءُ اسان جي ڳوٺ جو ٺاهوڪو زميندار هو. کيس نبو کان سواءِ ٻي ڪا به اولاد ڪا نه هيس. شايد ان ڪري ئي نبي بخش عرف نبو کي هر سهولت ميسر هئي. ضرورت کان به ڪجهه وڌيڪ... سندس خيال وڏيرڪا هئس ۽ وڏا شوق به جام ڪندو هو. ان ڪري پيءُ جي جيئري ئي ڪافي زمين کائي کپائي ڇڏيائين، نبو پڙهائيءَ ۾ به ڪافي ذهين هو، مون کان به گهڻو اڳتي هو پر افسوس هو محنتي نه هو. هو اڪثر پنهنجو گهڻو ٽائيم ائين فضول گهمڻ ڦرڻ ۾ وڃائي ڇڏيندو هو. اسان اڃان يونيورسٽيءَ ۾ ئي هئاسين ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو، ان ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏي اچي پنهنجون زمينون سڀناليائين. پوءِ الائي جي ڇو ۽ ڪيئن اهڙو ڀوت سوار ٿيس ته ڳوٺ ۾ مون کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به زمين نه هجي، ان ئي پنهنجي سوچ هيٺ هن ڳوٺ جي مختلف هارين کي جن وٽ ڪجهه ايڪڙ زمين هئي، ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو هو، پر بابا کي اها زمين ڏيڻ لاءِ تنگ نه ڪيائين، شايد منهنجي ڪري.
چاچي جمن کان هن سورهن ايڪڙ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ وس ڪيا، پر چاچي جمن هر ڀيري کيس کتو جواب ڏنو ، چاچو جمن اسان جي ڳوٺ جو خوشحال هاري هو، کيس صرف هڪ ڌيءَ هئي فوزيه، جنهن کي هو پاڻ کان وڌيڪ چاهيندو هو، پٽ هئس ئي نه، فوزيه کي مون ڀيڻ ڪري سڏيو، ڇو ته مون کي سڳي ڀيڻ ڪو نه هئي، جيڪڏهن هجي به ها ته شايد فوزيه کان وڌيڪ نه چاهيانس ها.
هڪ ڏينهن اهو ئي ٿيو جيڪو ٿيڻ نه کپي ها، نبو خبر ناهي ڪيئن فوزيه جو سڱ پنهنجي لاءِ چاچي جمن کان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، مون چاچي جمن کي ڪافي سمجهايو ته:
”چاچا سائين نبي بخش (نبو)مون سان ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين گڏ پڙهيو آهي، هو ڪڏهن به فوزيه کي خوشيون ڪو نه ڏيندو، ڇو ته هو عياش، رولو ۽ وڏيرڪي ذهن جو مالڪ آهي، بهتر آهي توهان پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪريو.“
پر منهنجي هڪ به نه ٻڌائين، چيائين:
”نبي بخش پيءُ جي وفات کان پوءِ ڪافي سڌري ويو آهي،آئون پنهنجي ڌيءَ کي خوش ڏسڻ چاهيان ٿو، ان لاءِ نبي بخش کان سواءِ ٻيو ڪو موزون رشتو آهي ئي ڪو نه...! “
مون فوزيه ڏانهن ڏٺو ته چيائين:” جيڪڏهن بابا مونکي درياهه ۾ گهڙي وڃڻ جو چئي ته به مان هن جي حڪم جي خوشي سان تعميل ڪنديس...!“ مون کي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي. ان فيصلي تي سوچيم وڃي نبو کي چوان ته فوزيه جي زندگي مان نڪري وڃي نه ته مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو...! پوءِ وري خيال آيو ته جيڪڏهن فوزيه ۽ سندس پيءُ ان فيصلي ته خوش آهن ته پوءِ مان ڪير ٿيندو آهيان وچ ۾ پوڻ وارو...؟جنهن کان پوءِ مان خاموشيءَ سان يونيورسٽي هليو آيس، پر اتي به مون کي آرام نه ٿي آيو، ڇو ته مون کي نبوءَ جي نيت ٺيڪ نه ٿي لڳي، ان ڪري فوزيه تي ڏاڍو ترس اچي رهيو هو پر آئون ڇا ٿي ڪري سگهيس.
ائين نبو ۽ فوزيه جي شادي جي تاريخ به اچي ويئي، شادي کان صرف ٻه ڏينهن اڳ نبي بخش مون وٽ آيو ڏاڍا ايلاز ڪيائين ته ڳوٺ هلي منهنجي شاديءَ ۾ شريڪ ٿي پر مون کي نه وڃڻو هو سو انڪار ڪيم ته چيائين:
”ٺيڪ آهي تون منهنجي ڪري نه هل پر چاچي جمن توکي ڏاڍو ياد پئي ڪيو. مون کي چيو هئائين ته ڪيئن به ڪري وٺي اچجائينس...!“
ته به انڪار ڪندين چيم:
”منهنجو هتي سيمسٽر پيو هلي.ان ڪري مان توهان کان ۽ چاچي کان معذرت ٿو گهران...!“
جنهن کان پوءِ مون کيس شادي جي تحفي ۾ هڪ خوبصورت گهڙي خريد ڪري ڏني هئي. ان کان علاوه ڪجهه جوڙا ڪپڙن جا فوزيه لاءِ به خريد ڪري ڪجهه ڏينهن پهرين ڳوٺ موڪلي ڇڏيان هيم.
شاديءَ کان تقريبا ڏيڍ مهيني بعد فوزيه جو خط مليو هو، پڙهي دل ڀرجي ويئي هئي. لکيو هئائين:
”پياري ادا کي سلام...!!!“
”ادا توهان ايڏا ڪاوڙيا آهيو جو شاديءَ تي به ڪو نه آيو، گهٽ ۾ گهٽ شاديءَ واري ڏينهن ته اچو ها... ۽ رخصتي مهل پيار مان پنهنجي سيني سان لڳائي دعا ڏيو ها....سهارو ڏيو ها....۽ موٽ ۾ مان ايترو روئان ها جو اوهان جي ناراضگين کي پنهنجن ڳوڙهن ۾ لوڙهي ڇڏيان ها، پر توهان ڪو نه آيو، ٻيو ڀاءُ به ڪونهي... بابا ته هو نئن ئي پوڙهو آهي، هو مون کي ڪهڙو سهارو ڏي ها، ان ڪري ادا آئون رخصتي مهل بلڪل ڪو نه رني هيس... ادا اوهان جي ڪاوڙ مَن هاڻي ڪجهه ڍري ٿي هجي... مون کي ته نبي بخش مان ڏاڍو ڀئو ٿيندو آهي، الائي جي ڇو هو اندر جو ڪارو ۽ شڪي قسم جو مرد پڻ محسوس ٿيندو آهي، حالانڪه ان جو رويو اڃان تائين مون سان ٺيڪ ٺاڪ آهي، پر پوءِ الائي جي ڇو مون کي ان کان خوف ٿو ٿئي...ان ڪري ادا توهان صرف هڪ ڀيرو ته اچو ته من ڪٿي ڪو دل کي سڪون ملي...!!“
”مان ضرور ايندس فوزيه...مان ضرور ايندس...!“ خط ختم ڪندي ئي مون بي اختيارچيو هو ۽ پوءِ ٻي ڏينهن تي ئي مان ڳوٺ ڏي روانو ٿي ويس، پر رستي ۾ هڪ اهڙي خبر ملي جو هوش ئي ڪجهه لمحن لاءِ خطا ٿي ويا هئا، پهريون ڀيرو مون کي ڌرتي ڌُٻندي محسوس ٿي هئي، پر پوءِ به پاڻ سنڀاليندو ٿڙندو ٿا ٻڙندو چاچي جمن جي گهر پهتو هئس جتي معصوم فوزيه جو لاش پيو هو، پر روئڻ وارو مٿس اڪيلو پيءُ هو ٻيو ڪو به نه...! ڇو ته وڏيري نبي بخش عرف نبو کيس ’ڪاري‘ جو لقب ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو هو... هڪ وڏيري جي گهرواري ٻيو ڪاري..؟ ان ڪري ڪير سندس لاش جي ويجهو ئي نه ٿي آيو... مان فوزيه جو لاش ڏسي هڪ لمحي لاءِ ته سُن ٿي ويس. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته هيءُ سڀ ڪجهه ڇا آهي، پر وري همت ڪري فوزيه جي کٽ تي پيل لاش ڏانهن وڌڻ لڳس. قدمن ۾ ساهه بلڪل نه هو. پاڻ کي ڪک کان وڌيڪ ڪمزور ٿي ڀانيم. مون ڪپڙو مٿي ڪري فوزيه جو چهرو ڏٺو، رڙ نڪري وئي هيم. ڪنڌ ذري گهٽ ڌڙ کان جدا هيس. شايد ڪنڌ ۾ ڪهاڙي هنئي هئائونس، پر سندس چهري تي مون کي هڪ تازي مرڪ ٿي محسوس ٿي. ان وقت خبر ناهي ڇو اهو محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ فوزيه مسڪرائي مون کي ڏوراپو ڏيندي هجي ته:
”ادا توهان اچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي...!“ مان ڪجهه گهڙيون سندس معصوم چهري کي تڪيندو رهيس، پوءِ مٿس ساڳئي طرح ڪپڙو ڏئي چيم:
”فوزيه مان توکان ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪاوڙجي ويو هيم پر تون ته هميشه لاءِ ناراض ٿي هلي وئينءَ...!“
اهو چوندي منهنجي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا هئا.
”نه رو پٽ نه رو...!“
چاچي جمن مون کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو:
” نه ته ڀوتار(نبو) توکي بي غيرت چوندو ته ڪاريءَ لاءِ پيو روئين...!؟“
ائين چئي چاچو جمن روئڻ ۽ سڏ ڪڻ ۾ ٻِٽجي ويو. جيڪڏهن ان مهل مان سهارو نه ڏيانس ها ته شايد پٽ تي ڪري پوي ها.
”پٽ تو واري يار ڀوتار نبي بخش قهر ڪري ڇڏيو آهي، رات اوچتو ئي اوچتو فوزيه کي ڪاري جو الزام ڏيئي قتل ڪري ڇڏيائين...!“
اوچتو بابا جو آواز ٻڌم جيڪو شايد ڪفن دفن جو بندوبست ڪري آيو هو.ان مهل منهنجي اکين ۾ ڳوڙهن بجاءِ رت ڀرجي آيو هو ان ڪري چهري مان وحشت ٿي اڀري، اها شايد بابا به محسوس ڪري ورتي هئي، جنهن مون کي سنڀالي ورتو، نه ته نبي بخش ۽ مون مان شايد ڪو هڪ هجي ها.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مان واپس يونيورسٽي هليو آيس، پر آرام نه ٿي آيو، فوزيه کي ياد ڪري روئي پوندو هئس، ماني بنهه نه وڻندي هئي، بک مهل چانهه ۽ بسڪيٽ ڪم آڻيندو هئس. دل ۾ پڪو پهه ڪيو هيم ته وقت اچڻ تي نبو کان فوزيه جي رت جي ڦُڙي ڦُڙي جو حساب وٺندس...وقت گذرندو رهيو.آئون آهستي آهستي نارمل ٿيندو ويس. ان واقعي کان پوءِ ڳوٺ وڃڻ لاءِ دل ئي ڪو نه چوندي هئي...ان ڪري يونيورسٽيءَ ۾ رهي پيو هئس.اڄ جڏهن ٺيڪ ان واقعي کان سال پوءِ نبو تي نظر پئي هئي ته زخم وري اڀري آيا هئا، آئون کيس ٻانهن کان وٺي هوٽل تي آندو، پهريان رسمي حال احوال پئي ڪياسين پر جڏهن مون فوزيه جي ڳالهه ڪڍي ته همراهه آپي کان ٻاهر نڪتو پئي ويو، مون کي سندس گفتگو مان معلوم ٿي ويو هو ته فوزيه بلڪل بي قصور هئي. اصل مسئلو سورنهن ايڪڙ زمين ڦٻائڻ جو هو، جيڪا هاڻ نبوءَ جي ملڪيت هئي، ڇو ته شادي وقت چاچي پنهنجي سموري ملڪيت فوزيه جي نالي ڪري ڇڏي هئي ۽ نبو فوزيه سان شادي فقط ئي فقط زمين لاءِ ڪئي هئي.
نبو جي اٿڻ کان پوءِ مون دل ئي دل ۾ چيو:
”نبو تون حقيقت کان ڪيترو ڀڄندين...؟“
وقت جي وهڪري مون کي يونيورسٽيءَ مان ايم بي اي جي ڊگري ڏيئي ڪراچي جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل جو مئنيجر ڪري ڇڏيو هو.
”هيلو مسٽر نواب...!“
”هاءِ مس بابرا...!“ مون سامهون مرڪندڙ ڇوڪريءَ کي جواب ڏنو.
”دراصل اسين هتي (ڪراچي ۾) هني مونَ ملهائڻ آيا آهيون..!!“چيائين:
”ان لاءِ هفتي جي لاءِ روم کپي اهو به....!“
”ايٽي ايٽ...!“مون سندس جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
”او...هو...ڏاڍا عقلمند آهيو...!؟“مرڪندي چيائين:
”ان ۾عقلمنديءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي...؟“چيم
”توهان اڳئين سال به...’هني مون‘ ملهائڻ لاءِ هتي ئي ته آيا هئوَ...؟“
موٽ ۾ بابرا هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين:
”ها مسٽر نواب...!اوهان ياد داشت جا ڏاڍا پڪا آهيو... هيءَ دنيا آهي ئي کائڻ، پيئڻ ۽ عيش ڪرڻ جي... پر هاڻ هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ... هن ڀيري منهنجو مڙس ڪجهه شڪي قسم جو ماڻهو آهي... وڏي مشڪل سان ڦاسايو اٿمانس... ان ڪري ان جي آڏو ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪجانءِ... ته جيئن وقت کان اڳ ئي ڪا گڙ ٻڙ پيدا نه ٿي وڃي...!“
”نه نه... مس بابرا...! اوهان ڪو به فڪر نه ڪريو، هونئن به اسان کي توهان جهڙن گراهڪن جو ڏاڍو قدر آهي...!“
ائين چئي مون هڪ ملازم کي ’ايٽي ايٽ‘ ڪمري جون چاٻيون ڏيندي چيو:
”توهان پهريان ڪمري جي صفائي ڪيو بعد ۾ محترمه جو سامان کڻي مٿي پهچايو...!“
بابرا هاڻ سامهون پيل صوفي تي ويهي رهي هئي.
مان بابرا کي چڱي ريت سڃاڻان، هوءَ ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ پيسي واري نوجوانن جون دليون پنهنجي ادائن ۽ مرڪن ذريعي کسيندي آهي ۽ اهڙن نوجوانن سان اڪثر هوءَ گڏ اسان جي هوٽل تي ئي هڪ ٻه راتيون رهڻ ايندي آهي ۽ سندس کيسا خالي ڪرڻ کان پوءِ کين الودع چئي اڏامي ويندي آهي، اگر ڪو ٺاهوڪو نوجوان هٿ آيس ته ان سان شادي ڪري خوب عيش ڪندي آهي، پر جڏهن سندس گهوٽ کي اصل معاملي جي خبر پوندي آهي يا سندس هلت چلت تي’شڪ‘ پوندي اٿس ته هو ان مهل اڌ کان وڌيڪ ملڪيت وڃائي ويهندو آهي...ٺيڪ ان وقت بابرا ان کان موڪلائڻ بغير رفو چڪر ٿي وري نئين ’شڪار‘ لاءِ ڄار وڇائيندي آهي. اهو ئي سندس ڌنڌو آهي. هن ڀيري به لڳي پيو ڪو ٺاهوڪو ’نوجوان‘ ڦاسايو هئائين، ڇا ڪاڻ ته اڄ هوءَ بيحد خوش نظر پئي آئي.
آئون وري ٻين گراهڪن ۽ ڪمن ڪارن ۾ مصروف ٿي ويس. پوءِ خبر ناهي ڪهڙي مهل سندس ور آيو، ۽ هو ’ايٽي ايٽ‘ ڪمري ۾ منتقل ٿي ويا هئا، تقريبا رات جو نائين وڳي بابرا مون وٽ آئي ۽ چيائين:
”منهنجي مڙس جي طبعيت ڪجهه خراب آهي، ان جو خيال رکجو مان ڪنهن پارٽيءَ ۾ پئي وڃان، ممڪن آ دير ٿي وڃين...!“ ائين چئي هوءَ هلي ويئي.
ان رات تمام گهڻي برسات ٿي پئي، ان ڪري مان گهر نه وڃي سگهيس ۽ ’ايٽي ايٽ‘ ڪمري جي ڀرواري خالي پيل ڪمري ۾ هليو ويس. تقريبا رات جو ساڍي ٻارهين وڳي اوچتو بابرا منهنجي ڪمري ۾ آئي ۽ چيائين:
”معاف ڪجو اوهان کي ڊسٽرب ڪيم...! دراصل آئون پارٽيءِ مان هاڻي پئي اچان، ڪمري جو دروازو کليل ڏسي اوهان وٽ آئي آهيان، هن وقت چانهه پيئڻ تي ڏاڍو موڊ آهي. پليز اوهان ٻن چانهين جو بندوبست ڪريو...!“
مان ان وقت ڪتاب پڙهي رهيو هئس، ڪتاب بند ڪندي کيس چيم:
”اوهان هلو پنهنجي ڪمري ۾ آئون اجهو چانهه تيار ڪري کڻي آيس...!“
”مهرباني...!“ ائين چئي بابرا هلي ويئي. آئون ٿوري دير بعد ٻه چانهيون تيار ڪري ’ايٽي ايٽ‘ ڪمري جي ڀرسان پهتس ته مون کي ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيو، آواز ٻڌي مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو، ڇو ته مون آواز سڃاڻڻ ۾ ٿورو به غلطي کان ڪم نه ورتو هو، اهو آواز نبوءَ جو هو .
”پياريءَ بابرا...! تون هيترو ٽائيم ڪيڏانهن هلي وئين هئينءَ...! ائين اڪيلو گهمڻ ڦرڻ توکي سونهين ڪونه ٿو...! ماڻهو ڇا سمجهندا ان ڪري ڪجهه احتياط ڪندي ڪر...!“
”ڊرالنگ...!“
هن ڀيري بابرا جو دلڪش آواز ٻڌم: ”اجايو وهمي نه ٿي، هي ماڊرن دور آهي، پارٽيون، محفلون اٽينڊ ڪرڻيون پون ٿيون، ماڻهن سان اٿڻو ويهڻو پوي ٿو. جيڪڏهن هاڻ ئي تون اعتزاض ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ته پوءِ شايد پاڻ وڌيڪ...!“
” نه نه چري...! اهي ڪهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين...!؟“
نبوءَ سندس جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو:
”تو جهڙي نيڪ گهر واري ته قسمت وارن کي ملندي آهي ...!“
اهو ٻڌي مون کي بي انتها ڪاوڙ آئي سوچيم:
”نبو ڳوٺ ۾ ته ڏاڍو غيرتي آهي، ڏينهن جو به بنگلي تي ڏهه ڏهه چوڪيدار بيٺا اٿس، پوءِ به معصوم فوزيه کي ’ڪاري‘ ڪري ماريائين، پر هتي شهر ۾ سندس پياري گهرواريءَ رات جو به آزادي سان ٻارهين هڪ تائين محفلون پئي ملهائي، ڪيڏانهن ويئي هن جي غيرت...!؟؟“
”ٻڌ...!“ بابرا جو آواز آيو
”ڇوڪري ڪيئن هئي...؟“
”ڪهڙي ڇوڪري...؟“ نبو تعجب مان پڇيس:
”جيڪا تو وٽ يارهين وڳي آئي هئي...؟“
”پر ان جي تو کي ڪيئن خبر پئي...؟“
”موڪليو ئي مان هيومانس...!“
”ڏاڍي شرارتي آهين...!“
”هاڻ ان ڇوڪريءَ مان مالڪ توکي ’ڪارو‘ ڪري ماريندا...!“
”ڇا...!“
نبوءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو.
”ڏس...!ڊڄي وئين نه...!“ بابرا چيس:
”پر هيءَ ڪراچي آهي...هتي اهو سڀ ڪجهه فيشن (جائز)آهي...!“
”ڏاڍي بي شرم آهين...!“
”ڏس...! جهڙي طرح مان تنهنجي گهر واري آهيان اهڙيءَ طرح اها ڇوڪري به ڪنهن جي گهرواري آهي...!“
بابرا معنى خيز انداز ۾ چوڻ لڳس...
”پر پوءِ به هن تي ’ڪاريءَ‘ جو الزام نه لڳندو... اهو آهي ڪراچي ۽ ڳوٺن جي ماحول ۾ فرق...! توکي به هاڻي شهري ٿيڻو پوندو... سمجهين ٿو نه منهنجي ڳالهه جاني...!“
”ڇڏ ان فضول ڳالهين کي چري ...!“ نبوءَ جو آواز آيو...
”منهنجي خوشي توسان آهي. تون خوش ته مان خوش...!“
اهو سڀ ڪجهه ٻڌي آئون وڌيڪ بيهي نه سگهيس ۽ ’ايٽي ايٽ‘ ڪمري ۾ داخل ٿي ويس، جنهن جو دروازو پهريان ئي کليل هو.
”او... نواب...تون...!!!“ نبوءَ حيرت مان چيو.
”جي ها... مان...!“چانهه ٽيبل تي رکندي چيم.
”هت وري ڪيئن...؟“
”تنهنجي ڳولا هئي...!“ چيم
”پر مون کان اڳ ۾ توکي بابرا ڳولي ورتو آهي... هاڻ مون کي تنهنجي گهرج ناهي، بابرا ئي توکي چڱي ريت سنواريندي...!“
نبو منهنجو جملو قطعي نه سمجهي سگهيو هو، ان ڪري حيرت مان پڇيائين:
”تون وري بابرا کي ڪيئن سڃاڻين...!؟“
”شريف... وفادار... ۽ عزتدار هجڻ جي ڪري...!“ ائين چئي ٻنهي کي غور سان ڏٺم ۽ پوءِ تيز تيز قدمن سان ڪمري مان نڪري ويس. هو ٻئي مرڪي رهيا هئا، شايد هڪ ٻئي جي مرڪ کي نه ٿي سمجهيائون، ڇو ته ٻنهي جي مرڪڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هو...!!!
***