سنڌو سڪندو
”صاحب... چانهه...!“
ڪجهه گهڙين کان پوءِ بيرو چانهه مون آڏو رکي اڳتي وڌي ويو.چانهه جي سرڪ ڀريندي هوٽل جي مک دروازي ڏانهن ڏٺم هڪ نوجوان اخبار هاڪر اخبار جون مکيه خبرون زور سان پڙهندي هوٽل اندر داخل ٿيو.
”وزير اعظم سرڪاري طور تي ڪالاباغ ڊيم اڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو...!“ هاڪر اهي هوڪرا ڪوڪرا ڪندو هوٽل مان نڪري ويو صرف هڪ اخبار کپي هيس!مان چانهه جو ڪوپ خالي ڪري چڪوهئس جو هڪ ٻيو هاڪر رڙيون ڪندو هوٽل اندر آيو.
”قبي ڀرسان قبائلي جهيڙو تفصيل اڄوڪي هن اخبار ۾ پڙهو ...!“
ان سان گڏ هو جهيڙي بابت ڪجهه هٿ ٺوڪيا جملا به چوڻ لڳو. ٿوري ئي وقت ۾سندس ڪافي اخبارون کپي ويون ماڻهن جي ڳالهين جو موضوع هڪدم تبديل ٿي ويو سڀ جهيڙي بابت ڳالهائڻ لڳا هر ڪنهن جهيڙي بابت ڪنهن خانداني نجمومي جيان اڳڪٿيون ٿي ڪيون اڻ پڙهيل، پڙهيل کي وات پٽيون ٻڌي رهيا هئا. ڪجهه اڻ پڙهيلن ته ڪمال ڪري ڇڏيو اخبار خريد ڪري پڙهيلن کي منٿون ڪرڻ لڳا ته وارو ڪريو سائين پڙهي ٻڌايو ته قبائلي جهيڙو ڪٿي پهتو هڪ همراهه مون کي به پاسو ڏنو کائنس اخبار وٺي جهيڙي بدران ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي کي وڌيڪ اهميت ڏيندي هن بابت خبرون پڙهڻ لڳس ته ڪرڪندي چيائين:
”ڪالاباغ ڊيم وري ڪهڙي بلا آهي ادا ...!“
”ڪالاباع ڊيم اصل ۾ ڪارو نانگ آهي وراڻيم.“
”جيڪو سنڌو مٿان اڏي رهيا آهن جنهن جي ٺهڻ سان اسانجي فصلن کي پاڻي ملڻ ته ٺهيو پر پاڻ پاڻي پيئڻ لاءِ به سڪنداسين..!“
”اڙي بابا...! هي وري ڪهڙا وائي حال احوال ٿو ڪرين ..!مونکي صرف اهو ٻڌايو ته جهيڙي واري زمين ڪهڙي ڌر کي ملندي ۽ان تي ڪير آباد ٿيندو...؟“
”چاچا...!“ چيم: ”جيڪڏهن ڊيم ٺهي ويوته پوءِ شايد الله ئي ان زمين کي آباد ڪري باقي اها ڪنهن به ڌر جي وس ڳالهه نه رهندي، ان ڪري اوهان پهريان ڪالاباغ ڊيم خلاف احتجاج ڪري ان کي ٺهڻ نه ڏيو پوءِ ڪنهن ڌر جي زمين آباد ڪرڻ جي ڳالهه ڪريو...!“
”وڏو ڪو بد دماغ آهين...!“ سٽ ڏئي اخبار کسيندي چيائين:
”رڳو ڪالاباغ ...ڪالاباغ ڪيون ويٺو آهين، ڄٽ اهوئي ڄٽ...!“
ائين چئي هو اٿي هليو ويو مان وري اخبار پڙهڻ لڳس
”معاف ڪجو جناب...!“
ڪجهه دير کا پوءِ ڪنهن اخبار کي ڇڪيندي چيو ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺم تقريبن پنجويهه سالن جو هڪ نوجوان بيٺو هو.
”ٻه منٽ اخبار پڙهڻ لاءِ ڏيندئو...؟“
مون کيس ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ڇو ته اخبار مون کان پهريان ئي وٺي چڪو هو. مان سمجهي ويو هئس بلڪه افسوس ٿي رهيو هو ته هي نوجوان به مفت خور آهي پر وري خيال آيو ته شايد هن همراهه کي ڪالاباغ ڊيم جي نقصانن جو پورو پورو علم هوندو! اخبار پڙهڻ کان پوءِ آئون سندس سان ان باري ۾ گفتگو ڪندس ۽ کانئس راءِ به وٺندس پر مون کي ان وقت سخت مايوسي ٿي جڏهن نوجوان اخبار جي فرنٽ پيج جيڪو اڌ کان وڌيڪ ڪالاباغ ڊيم جي نقصانن خطرن انديشن ۽ خبرن تي مشتمل هو ان تي توجه ڏيڻ بجاءِ، ٻي ڪا خبر ڳولهڻ لڳو .
”او...هو...اها خبر ته ڳولهيان پيو...!“
خوشي وچان اخبار کي ابتو چنبو هڻندي چيائين ۽ پوءِ منهنجي سامهون رکيل ڪرسي تي ويهي رهيو هو.
”ڪهڙي خبر پيو پڙهين...!“ خفا ٿيندي کانئس پڇيم.
”اهائي جهيڙي واري...!ڇو توهان نه پڙهي آهي ڇا...!؟“حيرت مان پڇيائين ”ڪيڏا نه زبردست بيان آهن ميرن پيرن وڏيرن جا...!“
”ان کان اهم خبرون مٿي لڳل آهن...!“ چيم
”ڇا انهن جي ڪابه اهميت ڪونهي...؟“
”مٿي سڀ بڪواس آهي...!“ هڪ لمحي لاءِ نظرون اخبار مان ڪڍي وري نظرون اخبار ۾ کپائيندي چيائين:
”اخبار وارا به وڏا نالائق آهن جو اهڙيون خبرون هيٺ ننڍين سرخين ۾ هلائين ٿا ۽ ڪالاباغ ڊيم جهڙي پاروٿي مسئلي کي هر ڀرو مٿي موڪيلن...! اڙي بابا ڪالاباغ ڊيم ٺهي يا نه ٺهي اسان جي گهران ڇا ويندو جو اسان وچ ۾ پئون... پاڻ کي ته هن ئي علائقي ۾ رهڻو آهي نه...! ميرن پيرن وڏيرن سان گڏ...!“
”اهي به تڏهن امير رهندا..!“ چيم:
”جڏهن پاڻي هوندو فصل ٿيندو اَنَ لهندا... بهاري ٿيندي... ساوڪ هوندي... خوشي هوندي...!“
موٽ ۾همراهه ڪوبه جواب ڪونه ڏنو خاموش رهيوسوچيم يقينن منهنجي آخري جملن ڪجهه اثر همراهه مٿان ڇڏيو هوندو پر مان غلط هيس هن منهنجا جملا ٻڌا ئي نه هئا يا اهميت نه ڏني هئائين جهيڙي بابت مڪمل خبرون پڙهڻ کان پوءِ ڪجهه اداڪارائن جا بيان به چاهه مان پڙهي اخبارکي اندارن کوليائين ايڊيٽوريل جي پاسي ۾ هڪ ٻئي هيٺان ڪالاباغ ڊيم بابت ٻه ڪالم ڇپيل هئا ۽انهن جي پاسي ۾ لاڙڪاڻي جي ڊائري ۾ ان قبائلي جهيڙي بابت مٿاڇري نگاهه وڌي وئي هئي جيڪا ڳالهه به همراهه کي ڏاڍي وڻي خوشي مان کڳيون ڏيندي شايد پنهنجو پاڻ کي ئي چيائين:
”وات ڳاڙها ڇورا...! ڪالاباغ ڊيم جهيڙي ڪِروڌي موضوع تي وڏا وڏا ڪالم لکي عوام کي بيوقف بڻائي پاڻ کي وڏا ڏاها ۽ دانشور ٿا سمجهن ٿا...اڙي توهان کي لکڻو آهي ته سنڌ جي حقيقي مسئلن تي لکو جيئن هن لاڙڪاڻي وارو ڀائو لکيو آهي .. شال ٻچا جيئنس ...!“
ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي هڪ مفت خور ٻيو وري دانشوراڻي انداز ۾ دهمان پيو ڪري سوچيم اخبار ڦري وٺانس، مان ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيس پرافسوس ائين به نه ڪري سگهيس هن ڊائري پڙهي پوري ڪئي ۽ پوءِ اخبار مون حوالي ڪندي مهرباني چئي هليو ويو مون الله جو شڪرادا ڪريو جنهن هن عجيب آفت مان سهڻي نموني جان ڇڏائي هئي مون اخبار ۾ڪالاباغ ڊيم بابت ڏنل سمورو مواد پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي آڏو رکيل خالي پنن تي ڪجهه لکڻ وارو ئي هيس جو مون کان ٿوري ئي پري رکيل ڪرسي تي (اهو هاڪر جيڪوڪجهه گهڙيون پهريان جهيڙي واريون سرخيون زورسان پڙهي رهيو هو ) ويهي رهيو اخبار هڪ به نه هيس شايد سڀ کپائي آيوهو ۽ هاڻ پيسا پئي سنڀاليائين ان کي ويٺي ٿوري ئي دير نه گذري هئي جو هڪ ٻيو هاڪر جيڪو ڪالاباغ ڊيم بابت ماڻهن کي آگاهي ڏيئي رهيو هو ڪافي اخبارون اڃان به هٿ ۾ هيس ڇو يار...! پهرين هاڪر پيسا ڳڻيندي پڇيس:
”اڃان به اخبارون بچائي آيو آهين ڇا...؟“
”ها يار...!“
”پنجويهه کن...!“
”ڪل گهڻيون کنيون هئي...!“
”پنجاهه ڪاپيون...!“
”پوءِ اهي به هن مهل تائين نه هلائي سگهيو آهين ...؟“ (حيرت مان)
”نه يار ...! (بيوسي مان) رڙيون ته وڏيون ڪيون هيم، اهو سوچي ته ڪالاباغ ڊيم جي ڪري اخبارون اڄ جلدي ختم ٿي وينديون ... پر..! “
”تون ڄٽ آهين...!“ پهرين هاڪر جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيس.
”ڄٽ نه آهيان ...!“ ٻي وضاحت ڪئي.
”انٽر پاس آهيان... !“
”تو کي دماغ آهي ...!“ پهرئين چيس:
”پر عقل الله ڏئي...! تون اخبارون هيڏي ڪر اڌ ڪلاڪ ۾ٿو کپائي ڏيانءِ ۽ ها باقي ٻيهر مون مان اهڙي قسم جي اميد نه رکجانءِ...!“
ائين چئي هن ڳڻيل پيسا پنهنجي کيسي ۾ وڌا ۽ پوءِ کائنس اخبارون وٺي وڏي واڪي چوڻ لڳو:
”اچي وئي...سائين اڄوڪي تازي ۽ ڌماڪي واري اخبار...! قبائلي جهيڙو نئون رخ اختيار ڪري ويو...ٻئي ڌريون جديد هٿيارن سان مورچا بند ٿي ويون... پوليس ناڪام... وڏي جهيڙي جو امڪان.... اچي وٺو... وڌيڪ تفصيل هن تباهي واري اخبار ۾ پڙهو...!“
مون ڏٺو هو ڪجهه اخبارون هوٽل ۾ئي کپائي ساڳي قسم جون رڙيون ڪندو اڳتي نڪري ويو... ويٺل هاڪر کيس حيراني مان ڏسندو رهيو... الائجي ڇو مون کي يقين ٿي ويو ته اهو هاڪر اڌ ڪلاڪ کان به اڳ ۾اخبارن جو صفايو ڪري ايندو... مان حيران هئس ... پريشان هئس ته ... هي اسان جا ماڻهو... اُف خدايا... هي اسان کي ڇا ٿي ويو آهي ... اسان ڪهڙي مستقبل ڏانهن وڃي رهيا آهيون... اسان جو آئيندو ڇا ٿيندو..! مڃيم ته اهي جهيڙا به توجهه گهرن ٿا... پر انهن جي ڪري اسان ٿوري وقت لاءِ به ڪالاباغ ڊيم جهڙي زندگي ۽ موت واري مسئلي کي هڪ پاسي نه ٿا رکي سگهون اگر ڊيم ٺهي ويو ته پوءِ يقينن اسان جو مستقبل ڊهي پوندو.... پوءِ هي جهيڙا ڪرڻ ڪرائڻ وارا... توڙي ڊيم کان لاتعلق رهڻ وارا... پاڻ به بک مرندا... اُڃ مرندا... پر ٿيندو ڇا ڪجهه به ته نه... پوءِ به اسان ....! مون کي ڪجهه به سمجهه ۾نه ٿي آيو... پنهنجو ئي سوچون گهٽي رهيو هيون مان سچ پچ ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو هئس... حواسن کي قابو ۾ رکندي بيري کي ٻي چانهه آڻڻ جو چيم:
”ٻي چانهه به آڻيان سائين...؟“
ڪجهه تعجب ۾ پڇيائين بيري جو ڪو به قصور ڪونه هو، اڪثر ته مان چانهه پيئندو ئي ڪونه هئس، ان ڪري اڄ ٻي چانهه جو ٻڌي بيري کي يقينن حيرت ٿي هئي. وراڻيم:
”ها پر جلدي...!“
بيري جي وڃڻ کان پوءِ مون هڪ اڇي پني تي ڪجهه لکي لفافي ۾ رکي ڇڏيو. بيري چانهه آندي... مان پيئڻ لڳس.
”اڙي ڪوپ ته خالي آهي ...!“
مون پنهنجي دوست جو آواز ٻڌو جيڪو هاڻ منهنجي سامهون خالي پيل ڪرسي تي ويهي رهيو هو.
”پوءِ گهڙي گهڙي ان کي ڇا لاءِ پيو چپن تي آڻين...!!؟“
دوست جو آواز ٻڌي ڪوپ تي هڪ نظر وڌم واقعي خالي هو.
”يار ...!“ وراڻيم
”اصل ۾ ڪوپ خالي نه ... پر منهنجي دل خالي ٿي وئي آهي...! “
”هي پڙهه... ڏسان ته سهي تون وري ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن ...!“
ائين چئي هن منهنجو لفافو کڻي ورتو..! مون سندس ڏنل لفافو کولي ورتو. هڪ اڇي پني تي صرف هڪ جملو لکيل هو. مون ڏانهس ڏٺو. هو به مون کي طنزيه مرڪ سان گهوري رهيو هو. شايد هن به منهنجو لکيل جملو به پڙهي ورتو هو. اصل ۾اسان ٻئي ٻن مختلف اخبارن سان لاڳاپيل ٻه گهرا دوست هئاسين ان لاءِ ڪالاباغ ڊيم تي پنهنجي پنهنجي اخبار ۾ پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي تاثرن ۽ راين جي روشني ۾ هڪ ڪالم... ’سنڌو وهندو ڊيم نه ٺهندو...!‘ جي عنوان سان لکڻو هو پر اسان ٻئي خبر ناهي ڇو...! اتفاق سان فقط هڪ جملي کان اڳتي نه وڌي سگهيا هئاسين ته...!
”شايد سنڌو سڪندو ڊيم به ٺهندو...!!!“
***