رهجي ويل رنگ
”بيگم صاحبه...! هفتي ۾ صرف هڪ ڏينهن ته آرام ڪرڻ لاءِ ملندو آهي پر اهو به ٺيڪ طرح سان گذارڻ نه ٿي ڏين...!“
ان تي ٺهه پهه جواب ڏيندي چيائين:
”موڪل وارو ڏينهن صرف آرام ڪرڻ لاءِ نه هوندو آهي جناب...! پر ان ڏينهن گهر جي ضرورتن تي به توجهه ڏيندو ڪر...! سڄا سارا ڇهه ڏينهن ته آفيس ۾ ڪم ڪرڻ جو بهانو هوندو اٿئي... ان ڪري ٽوٽين وانگر گهر جي ڪمن کان نٽائيندو وتندو آهين، پر هفتي ۾ صرف هڪ ڏينهن ته گهر جي صفائي ۽ ان جي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ ٽانڪي کي به صاف ڪندو ڪر...! ڇو ته اهو تنهنجو ڪم آهي، منهنجو نه...!!“
اهو ٻڌي واڇون ٽڙي وينديون هيون، چوندو هيومانس:
”بيگم صاحبه...! اڄوڪو ڏينهن ڇڏيو باقي ايندڙ هفتي موڪل واري ڏينهن سڀ ڪم ڇڏائي ڏيندو سانءِ...!“
ته به هوءَ نه مڙندي هئي، ٻانهن کان ڇڪي ته ڪڏهن وري گلاس پاڻي جو مٿان هاري چوندي هئي:
”هر ڀيري تون ائين چوندو آهين پر اڄ نه ڇڏيندين سانءِ...!“
جنهن تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي، سوچيندو هيم ته جيڪر مان به ايڪشن ۾ اچي وڃان ته کيس خبر پئجي وڃي ته ميونسپل ڪلارڪ جي آرام ۾ خلل ڪيئن وجهبو آهي... پر وري ٻي لمحي خيال ايندو هو ته منهنجي ايڪشن ۾ اچڻ کان اڳ هن کي ري ايڪشن ٿي ويندو... ۽ پوءِ هوءَ هڪدم ڏوئي کڻي وٺندي... اها سوچ ايندي ئي ڏڪڻي وٺي ويندي هئي، ڇو ته ڏوئي جي ڌڪن جا احوال مون وارو يار ’بادل بيوس‘ مون سان اوري سڏڪي پوندو هو، جيڪو مون وانگر ميونسپل ۾ ڪلارڪ هو پر هاڻ شايد سندس گهر واريءَ جي سورن کيس شاعر به بڻائي ڇڏيو هو، پنهنجا درد ۽ دانهون شاعري ذريعي ڪڍي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندو هو. ان ڪري مان ايڪشن ۾ اچڻ بجاءِ هڪدم اٿي بيهي رهندو هئس، پوءِ جيڪو حڪم بيگم صاحبه ڪندي هئي ته هڪدم بغير ڪنهن پِٽڪي يا ڪِر ڪِر جي ڪنهن مشين جيان پورو ڪندو هئس.
اڄ به آچر هو، آفيس مان موڪل هئي ان ڪري مان ڪافي دير ستو رهيس، پر سج هاڻي ڪافي مٿي چڙهي آيو هو جنهن جي تيز تپش مون کي وڌيڪ سمهڻ نه ڏنو (ڇو ته اسان اونهاري جو گرمي کان بچڻ لاءِ رات جو گهر جي آڳر ’پڌر‘ تي سمهندا آهيون) ان ڪري مان اکيون مهٽي اٿيس، منهنجي گهر واري ان وقت ڪپڙا پئي ڌوتا، ان موقعي کي غنيمت سمجهي تڪڙ ۾ کٽ پُٺيءَ تي رکي ڪمري ۾ کڻي آيس ۽ فل اسپيڊ تي پکو هلائي بي فڪر ٿي سمهي رهيس، ڪافي دير کان گهر واريءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:
”سائين...! هاڻ اٿو به سهي، ڏسو نه پيا... يارنهن به ٿي ويا آهن...!“
مون اکيون کوليون سامهون ڀِت تي لڳل گهڙيال ۾ نظر وڌم، واقعي يارنهن ٿي ويا هئا، ان تي ڏاڍو حيران ٿيس ته موڪل واري ڏينهن هوءَ مون کي وڌ ۾ وڌ نائين ساڍي نائين تائين سمهڻ مشڪل سان ڏيندي آهي.پوءِ اڄ ڀلا ڪيئن مهرباني ڪئي اٿائين. جو يارهين تائين سمهڻ ڏنائين، ٻيو ته اڄ سندس لهجو به ماشاءَالله ڏاڍو پيارو هئس. مان ان ئي تعجب ۾ اٿي ورانڊي ۾ رکيل هڪ ڀڳل ڪرسيءَ تي ويهي رهيس ته هوءَ منهنجي لاءِ برش کڻي آئي. مون کانئس برش ورتو، پر هوءَ مسلسل مونکي سواليه نگاهن سان تڪڻ لڳي، جنهن تي چيو مانس: ”بيگم صاحبه...! ڪا ڳالهه آهي ته کڻي ٻڌايو... حڪم جو بندو برش کڻي پوءِ ئي ڪندو...!“
”نه...نه...ڪا خاص ڳالهه نه آهي...!“ وراڻيائين ”تون برش ڪري وٺ..!“ ائين چئي هوءَ کٽ سوري منهنجي ڀرسان ويهي رهي.
”ڇپر...! ڏس آخر اسان ڪيستائين بي اولاد رهنداسين...!“
برش ڪرڻ کان فارغ ٿيندي ئي گهر واريءَ جو آواز ٻڌم
”هاڻ اسان جي شادي کي شايد ست سال به ٿي ويا آهن...!“
(منهنجو نالو ڇپر آهي. ڪيڏو نه عجيب نالو آهي، شايد عجيب سان گڏ ڪجهه غريب به...! منهنجي ڄمڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ بابا سان خبر ناهي ڪٿي ۽ ڪيئن هڪ دٻدٻي زميندار ’ڇپر ‘ نالي سان مليو هو. جنهن جي هشمت، دهشت ۽ تقريبن ٺونٺ جيترا شهپر ڏسي بابا دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو هو ته جيڪڏهن مون کي ڇوڪرو ڄائو ته سندس نالو ’ڇپر‘ ئي رکندس. جيئن ماڻهو کائنس لنوائين...! ماشاءَ الله ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجي پيدائش ٿي. ۽ منهنجو نالو ڇپر ئي رکيو ويو. جڏهن وڏو ٿيس ته ان سڄي معاملي جي خبر پئجي وئي ۽ پنهنجي نالي تي پڻ ڏاڍي ڪاوڙ آئي. پر هاڻي ڇا ٿو ٿي سگهي... تنهن هوندي به مون دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ان زميندار جيان مان وڏا شهپر هرگز نه رکرائيندس، پر سدائين ڪلين شيوَ هوندس. جنهن تي بابا ڏاڍو ڏمريو هو، پر تنهن هوندي به اڄ تائين پنهنجي فيصلي تي قائم آهيان...!) ”جيسيتائين الله راضي ٿئي پياري...! پنهنجي گهرواريءَ کي جواب ڏنو هيم.
”پر الله راضي ڪڏهن ٿيندو...!“ پڇيائين..!
”الله جي پرچڻ ۾ دير ناهي چري.!“وراڻيم ”بس تون ٿورو صبر ڪر.“
”آخر ڪيستائين صبر ڪريون...؟“ تنگ ٿيندي چيائين:
”الله اسان تي مهر ڇو نه ٿو ڪري...؟“
”شايد ان ڪري جو الله تعالى اسان کي نيڪ ۽ صالح اولاد عطا ڪرڻ ٿو چاهي...!“ چيم ” تون هرو ڀرو تڪڙ نه ڪر... جو ڪٿي الله سائين اسان کي تيز ۽ تڪڙو اولاد نه ڏئي وجهي ته پوءِ ويٺا پڇتايون...!“
”پر هاڻ مان وڌيڪ انتظار نه ٿي ڪري سگهان...!“ فيصله ڪن لهجي ۾ چيائين:
”سڀاڻي اسان ڪنهن پِير وٽ هلنداسين ۽ ان کان اولاد پننداسين..!
”ڇا ٿي بڪين...!“ ڪاوڙ ۾ کيس چيم:
”ڇا پِيرن وٽ اولاد پيو آهي...؟“
”پِير وڏي پهچ وارا آهن پيارا...!“ وراڻيائين...”من انهن جي صدقي الله سائين اسان تي راضي ٿئي...!“
” هرو ڀرو احمقاڻيون ڳالهيون نه ڪر...!“ چيم
”جيڪڏهن الله پاڪ اسان جي نصيب ۾ اولاد لکيو هوندو ته پاڻ ضرور اولاد وارا ٿينداسون... جيڪڏهن نه ته پوءِ اهي پِير فقير ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن...!“
” تنهنجو مٿو خراب ٿي ويو آهي...!“ چيائين
”تون پيرن فقيرن کي نه ٿو مڃين، شايد خدا ان ڪري اسان کان ناراض ٿي ويو آهي، جو اسان کي اولاد نه پيو ٿئي...!“
”مان پيرن فقيرن جو انڪاري نه آهيان...!“ وراڻيم
”پر اهي پير فقير اولاد ڏيڻ لاءِ نه ايندا آهن... هو ته ماڻهن کي سنوارڻ سڌارڻ توڙي حق جي تلقين ڪرڻ لاءِ ايندا آهن... پر بدقسمتيءَ سان اڄوڪا پِير ته رهندو ئي اٻوجهه ماڻهن جا لاهه ئي ڪڍيو ڇڏين ته پوءِ ... الله سائين انهن جي ڪيئن ٻڌندو...؟“
”آخر...آخر... تون پِيرن جي پُهچ جو انڪاري ڇو ٿو ٿئين...؟ “ڪاوڙ ۾ چيائين: ” هزارين لکين ماڻهو سندن زيارتن، مزارن ۽ مقبرن تي حاضري ڀرين ٿا ته پوءِ ڇا اهي سڀ بيوقوف ۽ چريا آهن...؟“
”اها انهن کي خبر...! “ اطمينان سان چيم: ” باقي منهنجي ڪنهن پير فقير سان نه لڳي... بس ’حاڪم شاهه پَٽ‘ واري سان ڪجهه دل آهي... ان ڪري سندس ميلي تي ڪڏهن ڪڏهن حاضري ڀري ايندو آهيان...!“
”تون انتهائي گستاخ آهين...!“ انتهائي ڪاوڙ ۾ چيائين:
”تون پِيرن جو پِٽيل آهين...! مونکي هاڻ يقين ٿي ويو آهي ته تنهنجي ڪري ئي اسان کي اولاد نه پيو ٿئي...!“
ايئن چئي هوءَ روئي پئي هئي پر مون تي ان جو ڪو به اثر نه پيو .
”مان پيرن جو پٽيل ئي سهي...!“ کيس چيم:
”پر تون پِيرن جي پوڄاري آهين ته پوءِ هو توتي ته رحم ڪري ۽ مونکي نظر انداز ڪري... توکي الله سائين کان اولاد ڇو نه ٿا وٺي ڏين...؟
پر هوءَ روئندي رهي، مونکي ڪو به جواب نه ڏنائين.
”چڱو هاڻ ڇڏ روئڻ کي...!“ ڪجهه گهڙين کان پوءِ کيس چيم:
”مونکي ماني آڻي ڏي ڏاڍي بُک لڳي آهي...!“
”ماني نه ملندئي...!“ ڳوڙها اگهندي وراڻيائين، اهو ٻڌي مان ڇرڪي ويم، پڇيم:
”ڇو نه ملندي...؟“
”جيستائين تون مونسان ڪنهن پيِر تي هلڻ جو واعدو نه ٿو ڪرين تيستائين ماني جي هڪ گرهه ڪاڻ به سِڪائيندي سانءِ... ته جيئن خبر پوئي ته پِيرن سان ڪيئن ڦٽائبو آهي...!“
مونکي پنهنجي گهرواريءَ جي ضد جي چڱي ريت خبر هئي ته هوءَ پنهنجي ڳالهه مڃائي پوءِ ئي ڇڏيندي آهي.ان ڪري سندس سان بحث ڪرڻ بلڪل فضول هو.
”ٺيڪ آهي...! “ چيم: ”ايندڙ هفتي پاڻ ڀٽائيءَ تي هلنداسين...!“
”ڀٽائيءَ تي نه...!“ وراڻيائين
”ڇو...؟ ان ڪري جو هو سنڌي آهي...!“
”اسان وري ڪهڙا مهاجر آهيون...؟“ وراڻيائين
” اڄ ڪلهه اسان پنهنجي ذات يا قوم وارن کي گهٽ سمجهندا آهيون، ان ڪري ممڪن آهي اسان جي نظر ۾ اسان جي قوم جا پير فقير به گهٽ هجن...!“
”نه...نه اها ڳالهه هرگز نه آهي...!“ وراڻيائين ”پر اسان ڀٽائيءَ تي نه هلنداسين...!“
”ته پوءِ قلندر تي مان به نه وٺي هلندوسانءِ...! “
”نه اوڏانهن به نه هلنداسين...!“
”ته پوءِ ڀلا هاڻي ڪهڙو پير تاڙيو اٿئي...!؟“ خفا ٿيندي کائنس پڇيم. ”پاڻ ڪرامتي شاهه تي هلنداسين...!“ چيائين: ” ڏاڍي پُهچ وارو پِير آهي...!“ ”ڪرامتي شاهه...!!! اهو وري ڪهڙو پِير آهي...!؟“ تعجب مان پڇيم.
”مون ته اڄ تائين سندس نالو به نه ٻڏو آهي...!“
”تون صحيح پيو چوين...! “ وراڻيائين
”گهڻا ماڻهو سندس نالي کان اڻواقف آهن...ڇو ته ڪرامتي پِير جي خبر هاڻي پئي آهي ته هو ڪيڏي نه پُهچ رکي ٿو...!“
” پر توکي ان جي پُهچ جي خبر ڪيئن پئي...؟“
” پاڙي واري مائي بچلان سندس حاضري ڀري آئي آهي...!“ چيائين
”هاڻ ته ان جي باس به پوري ٿي آهي...! ڄاڻ اولاد واري ٿي وئي... ان ڪري ڪجهه ڏينهن ۾ توکي به... هڪ عدد ڇيلي سان سندس مزار تي حاضري ڀرڻي پوندي...!“
” پر اهو ڪرامتي پِير آهي ڪٿي ۽ ڪيئن ظاهر ٿيو ...؟“
”ان بابت ماسي بچلان سندس درگاهه تي ويٺل ڪنهن فقير کان پڇيو هو، جنهن ٻڌايس امان اهو پير هتان جو نه اصل ايران يا عراق جو آهي... جڏهن سندس وفات جو وقت ويجهو آيو ته هي اُڏري هتي پهتو...ڇو ته هي سنڌ جي مٺڙن ماڻهن جي ملندڙ موٽ کان چڱي ريت واقف هو ...۽ پوءِ هتي ئي سندس ساهه پرواز ڪري نڪري ويس... سندس جسم مبارڪ ازخود هتي دفن ٿي ويس، پر ان بابت هتي جي ڪنهن به ماڻهو کي خبر ڪا نه پئي... پر ڪجهه عرصي بعد هڪ لائق فقير (جيڪو هاڻي ڪرامتي پير جو گادي نشين آهي) سندس قبر مبارڪ ڳولي لڌي ۽ اهڙي طرح جتي پهريان صفا ويراني ئي ويراني هئي، اڄ اُتي ڪرامتي شاهه جي ڪرامتن جي ڪري ميلو ئي ميلو آهي...!“
منهنجي گهر واري ڏاڍي ادب و احترام سان اهو سڀ ڪجهه چئي وئي.
”ٺيڪ آهي...!“ جان ڇڏائڻ لاءِ چيم:
”پاڻ ايندڙ هفتي ڪرامتي پِير جي مزار تي هلنداسين...! مونکي هاڻي ماني کارائي ڏاڍي بُک لڳي آهي...!“
”ها...ها کوڙ ماني، اجهو ٿي گرم گرم ماني تيار ڪري ڏيانءِ...!“
ايئن چئي هوءَ بورچي خاني ۾ هلي وئي. ۽ مان واپس پنهنجي ڪمري ڏانهن اچي الماڙي مان هڪ فريم ۾ بند ٿيل تصوير کڻي غور سان ان کي ڏسڻ لڳس.آءُ اڪثر موڪل واري ڏينهن اها يادگار تصوير ڏسندو آهيان جنهن ۾ مان ۽ منهنجا گهرا دوست جمن ۽ شمن بيٺل آهيون، اسان ٽنهي جون ٻانهون هڪٻئي جي ڪلهن تي رکيل آهن ۽ اسان ٽئي ان تصوير ۾ ويهن ٻاويهن سالن جا ڳڀرو نوجوان آهيون... ڇو ته اها تصوير اڄ کان تقريبن ويهه سال اڳ جي هئي. جڏهن اسان ٽئي ڪاليج ۾ گڏ پڙهندا هئاسين، جمن ڏاڍو کلڻو ملڻو ۽ پيارو نوجوان هو اڪثر اسان کي چوندو هو ته:
”يارا توهان مونکي جمن ڪري نه سڏيو پر ...’ڊبل شاهه ‘ چئو، ڇو ته مان نه صرف جمعي تي ڄائو هيم پر اهو ڏينهن حج جهڙو ڀلارو ڏينهن به هو، يعني هڪ ئي وقت ٻه ڀلارا موقعا، ان ڪري مان بنا ڪنهن شڪ جي ’ڊبل شاهه‘ آهيان. جنهن تي هڪ ڀيرو هن کي چيو هيم:
”يار جمعي تي پيدا ٿيڻ وارا شاهه نه ٿي ويندا آهن اجايو ماڻهو نفرت ڪندئي...!“
”پپو شاهه به ته ... شاهه ناهي...!!“ وراڻيو هئائين ”ان جو پيءُ پريل پنجابي هو جيڪو مئل توڙي ذبح ٿيل جانورن جون کلون کپائيندو هو پر پپو پنجابي جمعي تي پيدا ٿيڻ سبب اڄڪلهه شاهه ٿو سڏائي... کوڙ سارا مريد به ٺاهي ورتا اٿائين... حرامخور تازو شادي به شاهن مان ڪئي آهي... پر ڀانيان ٿو ته اهي به ان جهڙا ئي شاهه هوندا، پوءِ جيڪڏهن پنجابي جمعي تي پيدا ٿيڻ جي ڪري شاهه سڏائن ٿا ته پوءِ اسان وري ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي... بس توهان مونکي ’ڊبل شاهه‘ سڏيو، جمن نه ...!“
جڏهن ته شمن مولائي قسم جو ماڻهو هو، اڪثر خاموش رهندو هو، بس ضرورت مهل ئي ڪجهه ڳالهائي وٺندو هو. سندس ماءُ پيءُ مري ويا هيس چاچن ۽ سؤٽن سان هن جي بنهه نه لڳندي هئي بس سڄو ڏينهن اسان سان گڏ هوندو هو، البته رات جي راڪاس کان بچڻ لاءِ هو پنهنجن چاچن جي گهر پناهه وٺندو هو.
جڏهن اسان انٽر ڪري بي. اي ۾ داخلا ورتي سين ته ان وقت حالتن ڦيرو کاڌو ۽ وقت، جنهن جي آڏو جيڪا شيءَ آئي ان کي لوڙهي ڇڏيندو آهي، پنهنجن کان پري ڪري ڇڏيندو آهي ان وقت مان به وقت جي تيز لهرن جي ور چڙهي ويو هيم ۽ هن مونکي پنهنجي شهر (جتي مون هلڻ سکيو کلڻ سکيو) توڙي جمن، شمن کان تمام گهڻو پري حيدرآباد جي هڪ ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. شروعات ۾ اسان هڪ ٻي ڏي ڏاڍا خط لکندا هئاسين پر آهستي آهستي اهو سلسلو جهڪو ٿيندو ٺپ ٿي ويو ۽ ان ۾ اسان ٽنهي جون ڪوتاهيون هيون پر سڀ کان گهڻيون شايد منهنجون...!!
حيدر آباد ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ تقريبن پنجن سالن بعد مونکي ميونسپل ۾ ڪلارڪي ملي وئي هئي ۽ ان کان تقريبن ٿوري ئي وقت کان پوءِ مون زرينه سان شادي ڪئي هئي، جيڪا پنج درجا پاس هئي ۽ پِيرن فقيرن تي حد کان وڌيڪ ويساهه رکندڙ هئي، پر مان ان جي ابتڙ هيم. ان ڪري اڪثر مونکي چوندي هئي تنهنجو حشر خراب ٿيندو.
جمن جي مسڪرائيندڙ تصوير ڏسي مان ڳوڙها روڪي نه سگهندو آهيان، ڇو ته هو هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي.کيس ايڏو ته بيدردي سان قتل ڪيو ويو جو پوليس پنهنجي بدنامي جي ڪري سندس لاش به ظاهر نه ڪيو. ڇو ته چوڻ وارا چون ٿا ته کيس مڇريل پوليس وارن منهن ۾ ايتريون ته گوليون هنيون هيس جو هو پنهنجي شناخت ۽ پوليس انسانيت وڃائي ويٺي هئي، شايد ان ڪري سندس لاش کي يا ته ساڙيو ويو هو يا وري سنڌ جي ڪنهن اهڙي ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو هو، جتان سندس وار به واپس نه ٿئي. مونکي ته پهريان ڏاڍي عبرت ٿي هئي هن جي ڌاڙيل ٿيڻ تي... پر جڏهن اصل معاملي جي خبر پئي ته سوچيو هيم جيڪڏهن جمن جي جڳهه تي مان هجان ها ته به يقينن ڌاڙيل ئي ٿيان ها، اصل ۾ جمن گهر ۾ کاٽ هڻندڙ هڪ چور کي ماري وڌو هو، ان ڏوهه ۾ کيس ڏهه سال سزا لڳي هئي، پر هو اڃان جيل ۾ ئي هو ته مارجي ويل چور جي ساٿين ۽ مائٽن سندس پيءُ کي سرِعام بيعزتو ڪري بيدردي سان ماري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ هو جيل مان فرار ٿي ڌاڙيل بڻجي ويو هو. جڏهن ته شمن به اوچتو اوچتو ئي ڪيڏاهن گُم ٿي ويو هو. بي انتها ڪوشش جي باوجود به اڄ تائين کيس ڳولي نه سگهيو آهيان.
ايندڙ آچر تي اسان سفر جون سڀ اذيتون ڀوڳي نيٺ ’ڪرامتي شاهه ‘ جي مزار تي پهتاسين. مزار ڪافي وڏي هئي ۽ سندس پڌر به تمام ڪشادو هو، جتي ڪافي ماڻهو موجود هئا پڌر جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ملنگ ويٺو هو، جيڪو زيارتين کي پنهنجو ديدار ڪرائڻ سان گڏ کين دعائون ڏئي رهيو هو کوڙ سارا پانڌيئڙا هن سان ملڻ لاءِ آتا هئا ۽ قطار ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ٿي ڪيائون ملنگ هر زيارتيءَ کي... ڪنهن کي ڪلهي تي... ڪنهن کي پٺاڙن تي... ۽ ڪنهن کي ڀاڪر پائي...ڪنهن کي ڇاتيءَ تي... ڪنهن کي مٿي تي هٿڙو گهمائي سندن حق ۾ خدا کي التجا ڪري رهيو هو. مونکي حيرت ان ڳالهه تي ٿي رهي هئي ته ان ماڻهن جي ميڙ ۾ عورتون به جام هيون پر اهو فقير (ملنگ) سندن سان به اهڙي طريقي سان ملي رهيو هو، جيئن ڪنهن مرد سان ٿي مليو... يعني ڪنهنجي ڪلهي تي هٿ... ڪنهن جي پٺاڙن تي ته ڪنهن کي وري ڇاتي تي هٿ...! مان ته ان وقت آپي کان ٻاهر نڪري ويس جڏهن هڪ نوجوان عورت مستي ۽ عقيدت ۾ اچي ملنگ کي چنبڙي وئي... موٽ ۾ ملنگ به کيس مايوس نه ڪيو ۽ ڪجهه لمحن کان پوءِ پاڻ کان پري ڪندي چيائينس: ”الله آباد ڪندئي بابا... الله آباد ڪندئي...!“
اهو سڀ ڪجهه پنهنجين اکين سان ڏسي سوچيم بس هاڻ هتان ئي واپس ڪوچ ڪجي، پر ايتري ۾ گهر واريءَ جو آواز ٻڌم:
”ڀانيان ٿي ته اهو ملنگ (ڪرامتي پِير) جو گادي نشين آهي اهو به ڪافي پهچ رکي ٿو، اچ ته پهريان ان کان دعا پِنون...!“
ايئن چئي هوءَ منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ملنگ سان ملڻ وارين عورتن جي قطار ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳي، جڏهن ته مان هڪ پاسو وٺي بيهي رهيس، منهنجون نظرون ان ملنگ جي ٻَچي ۾ کُتل هيون جنهن تي مونکي ڏاڍي بُڇان پئي آئي، سوچيو هيم:
”جيڪڏهن هن فقير دعا ڏيڻ بهاني منهنجي گهر واريءَ سان ٿورو به بي ادبي سان مليو ته اتي ئي اُڦٽ ڪندو مانس...! ذليل ڪٿان جو...!“
هاڻ منهنجي گهر واريءَ جو نمبر هو..! جنهن تي به مونکي تمام گهڻي ڪاوڙ اچي رهي هئي ته وڏو شوق هيس ’ڪرامتي پِير جي حاضري ڀرڻ جو‘ رڳو گهر پهچون...! چڱيءَ طرح خبر وٺندومانس... مان سڄو ڦونڊارجي ويو هئس، اکيون آپي کان ٻاهر نڪري آيون هيون، ڪاوڙ ۾ سڄو تپي لال ٿي ويو هئس، مان پنهنجي اکين کي بغير ڪنهن حرڪت ڏيڻ جي ملنگ ۽ پنهنجي گهر واريءَ ۾ کُپائي ڇڏيون هيون. ٺيڪ ان مهل ملنگ جون نظرون مون تي پيون ۽ مان محسوس ڪيو ته اهو ملنگ پنڊ پهڻ ٿي ويو آهي يا ٿيڻ وارو آهي...!
هاڻ هن جون نظرون مون ۾ کُتل هيون ان مهل الائي جو ڇو مونکي پنهنجي ڪلين شيوَ ٿيڻ تي ڏُک ٿيو، نه ته مڇن کي تاءُ ڏيان ها...!
”سائين مان پري کان ڪهي آئي آهيان، دعا ڏيو ته من جي مراد پوري ٿئي...!“
ملنگ کي ايئن ششدر ڏسي منهنجي گهر واري کيس زور سان چيو: ”امان...! الله سائين مرڻ گهڙيءَ تائين ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاريندئي...!“
موٽ ۾ ملنگ سندس مٿي تي هٿ رکندي چيو:
”شال سدائين سُکي هجين مولا ڪندو تنهنجي من جي هر مراد پوري ٿيندي...!“
ايئن چئي ملنگ خاموش ٿي ويو پر سندس نظرون بدستور مون ۾ کُتل هئس. شايد منهنجو داٻو ۽ ڪاوڙ ڏسي تمام گهڻو هيسجي ويو هو. ڇو ته، سندس چهري تي خوف جون لڪيرون نمايان نظر اچي رهيون هيون .
ڪجهه دير کان پوءِ مان پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ ’ڪرامتي شاهه‘ جي مقبري جي پيرانديءَ کان بيٺو هئس، اسان سان گڏ ٻيا به کوڙ سارا ماڻهو عقيدت ۽ احترام سان دعائون گهري رهيا هئا ۽ هر عقيدت مند آهستي آهستي ’ڪرامتي شاهه‘ جي مقبري جي چوڌاري ڦرندو ٿي رهيو... زيارتين ۾ گهڻو انگ عورتن جو هو. البته مرد به ججهي تعداد ۾ هئا... مان به هوريان هوريان مقبري جي چوڌاري ڦرندو رهيس، هاڻ مان ’ڪرامتي شاهه‘ جي قبر جي سيراندي کان بيٺو هئس ۽ دعا لاءِ هٿ مٿي هئا ته اوچتو مون سڄي دنيا گردش ۾ محسوس ڪئي ۽ دعا پِنندو ئي رهجي ويس. واڇون وڌي ويون ۽ مٿو ڦيراٽيون کائڻ لڳو... ’ڪرامتي شاهه‘ جي سيراندي کان سنگِ مَرمَر جي پٿر تي لکيل هو ’جمن عرف ڊبل شاهه‘ ڪرامتي ولد...!
مان وڌيڪ نه پڙهي سگهيس شايد مون ۾ وڌيڪ پڙهڻ جي همٿ بنهه نه رهي هئي، ان ڪري پنهنجي ساءِ ڀڻڪيم ته:
”ڪٿي هي پاڻ وارو يار جمن ته نه آهي...!“
ٺيڪ ان لمحي ڪنهن منهنجي وات تي هٿ رکيو، مون ڏٺو هو اهو ئي ملنگ هو جنهن کان ٻاهر زيارتي دعائون پِني رهيا هئا...! هو مون کي منهنجي ٻانهن کان ڇڪيندي ماڻهن کان ڌڪا ڏيندو هڪ طرف گهليندو ٿي ويو.
مون ان وقت گهر واريءَ ڏي نظرون ڊوڙايون هو اکيون ٻوٽي هٿ ٻڌي ڏاڍي احترام سان ’ڪرامتي پير‘ جي سيراندي کان بيٺي هئي،کيس ڪا خبر ڪو نه هئي ته ڇا ٿي رهيو آهي...!
”تون ڇپر آهين نه...!؟“
ملنگ مونکي هڪ ننڍڙي پر صاف ڪمري ۾ هڪ کٽ تي ويهڻ جو اشارو ڪندي پڇيو اهو ٻڌي منهنجون اکيون حيرت ۾ ڦاٽي پيون ڏاڍو تعجب ٿيو ته اهو ملنگ وري مونکي ڪيئن سڃاڻي...!؟ پر ٻي لمحي مونکي گهر واريءَ جو اهو جملو ياد آيو ته ’اهو ملنگ وڏي پهچ وارو آهي‘ اهو جملو ياد ايندي ئي مون کي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو ته مون اجايو کيس گُهوري ڪاوڙ ۾ ڏٺو هو... ۽ کيس اُڦٽ ڪرڻ جو سوچيو هيم، هاڻ مونکي پنهنجي غلطيءَ جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو هو.
”تو ڪو جواب ڪو نه ڏنو...!؟“
ملنگ مون کي خاموش ڏسي وري چيو...
”جي...جي..! مان ڇپر ئي آهيان...پراوهان مون کي ڪيئن سڃاڻو..!؟“ هٻڪندي کيس چيم:
”مون کي غور سان ڏس ڇَپر...! ملنگ چيو:
”تون به مون کي سڃاڻي وٺندين...!“
اهو ٻڌي مان سڄو ڇِرڪي ويم رت جسم ۾ ڦُل اسپيڊ سان ڊوڙڻ لڳو دل کي تيز ڌڙڪڻ کان روڪڻ لاءِ ڏاڍيون بريڪون هيم پر هر ڀيري ناڪام رهيس اوچتو رت هڪدم برف جيان ڄمي ويو ۽ دل ڪجهه لمحن لاءِ بلڪل پٿر جيان بي جانَ ۽ سخت ٿي وئي...!
”شمن تون...!؟“ مون وڏي رڙ ڪئي
”ها پيارا مان شمن ئي آهيان...!“ ملنگ جواب ڏنو.
ٻي لمحي اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو، هونئن به شمن پهرين وارو نه رهيو هو جيڪو مونسان گڏ ڪاليج ۾ پڙهندو هيو، وڌيل ڏاڙهي ۽ ڇُڙواڳ شهپرن جي ڪري شايد مان کيس نه سڃاڻي سگهيو هئس پر هن شايد مون کي پهرين نظر ۾ ئي سڃاڻي ورتو هو.
ڪافي دير اسان هڪ ٻئي کي چنبڙيا رهياسين پوءِ پڇيومانس:
”هي سڀ ڇا چڪر آهي...؟ “
”اهو هڪ راز آهي جاني...!“
”مان ان راز کي گهڻي حد تائين سمجهي ويو آهيان...!“چيم:
”پر وري به تون ٻڌاءِ اهو ڪهڙو چڪر آهي...؟ ’ڊبل شاهه ڪرامتي‘ وارو؟“
”جڏهن پنهنجو جگري يار جمن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو...!“
شمن ٻڌائڻ لڳو: ”اتفاق سان ان مقابلي ۾ مان به هڪ سپاهي جي حيثيت سان شامل هئس، پر مون کي اها خبر بلڪل نه هئي ته اسان جو مقابلو جمن جي ٽولي سان آهي، ڇو ته اسان اوچتو هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي ويا هئاسين. جڏهن ميدان صاف ٿي ويو ۽ فتح اسان جي ٿي ته صاحب هڪ لاش طرف مون کي اشارو ڪندي چيو:
”هي حرام خور جمن جو لاش اٿئي...!“
شايد صاحب کيس چڱي ريت سڃاڻيندو هو، مون لاش طرف ڏٺو ذري گهٽ بيهوش ٿي ويو هئس سندس چهرو ته ڇا پر سندس مٿي جو وار به صحيح سلامت نه هئس کيس تمام گهڻيون گوليون هنيون ويون هيون. پهريان ته مون کي يقين نه ٿي آيو ته هي جمن ٿي سگهي ٿو پر پوءِ سندس سڄي ٻانهن تي پيدائشي نشان ڏسي سمجهي ويو هئس ته هي واقعي ئي جمن آهي. پوءِ انسپيڪٽر صاحب حڪم ڏيندي مون کي چيو، تون هڪ ٻن سپاهين کي ساڻ ڪري هن جو لاش سنڌوءَ جي اهڙي ڪنڊ ۾ اڇلاءِ جو اهو ڪنهن کي به هٿ نه اچي، پر يار ڇپر... توکي ته خبر آهي ته مان جمن کي ڏاڍو ڀائيندو هئس ان ڪري پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي جمن جو لاش کڻي وجهه وٺي فرار ٿي ويم. پوءِ ان مقابلي واري هنڌ کان ڪوهين ڏور هتي رڻ پٽ ۾ دفنائي ڇڏيو هيم ان ڪم ۾ جيڪا تڪليف مون کي پهتي سا مان بيان ڪري نه ٿو سگهان پوءِ سندس قبر تي ڪاٺ واري تختيءَ تي سڃاڻپ لاءِ لکرائي ڇڏيو هيم ’جمن عرف ڊبل شاهه‘ مان اڪثر سندس قبر تي ايندو هئس ته اسان جا پِير پرست ماڻهو ان کي پهچ وارو پِير سمجهي سندس قبر تي دعائون پيا گهرندا هئا. جنهن سبب مون هڪ ڏينهن هڪ فقير وارو روپ ڌاري هُلايو ته اهو ڏاڍو پهچ وارو پِير آهي لکين سندس ڪرامتون آهن. هو اصل هتان جو به نه آهي سندس تعلق ايران يا عراق سان آهي... موٽ ۾ ماڻهو منهنجي ڳالهين ۾ اچي ويا ۽ پوءِ جتي ڪالهه ويراني هئي اڄ اتي ميلي جو ڏيک آهي...! سوين ماڻهو روز ايندا ويندا آهن، مان به ڪافي وقت اڳ پوليس جي نوڪري ڇڏي چڪو آهيان، هتان ايترو ڪجهه ملي وڃي ٿو جنهن مان، آئون نه صرف جمن جي قبر پڪي ڪرائي سندس نالي جي سنگ مرمر جي تختي هڻايم، بلڪه پنهنجي شهر ۾ هڪ عاليشان گهر به ٺهرايو اٿم.“
اهو ٻڌي مان ڪجهه گهڙيون شمن کي تڪيندو رهيس ۽ پوءِ تيزيءَ سان اٿي جمن جي قبر جي چوڌاري پکڙيل زيارتين ۾ پنهنجي گهر واريءَ کي ڳولهڻ لڳس...!!!
***