جنهن چيو
”شمائله...!“
”هون...!“
”مون ڏانهن ڏس...!“
”ڇو ڏسان...؟“
”تون ڏس ته سهي...!“
هوءَ تڪڻ لڳي هئي. مان سندس نظرن جو تاب نه سهي سگهيو هيس ۽ منهنجو ڪنڌ جھڪي ويو هو.
”منهن مٿي ڪر موڳا...!!“
”ڇو...؟“
”تون ڪنڌ مٿي ته ڪر...!“ منهنجو نقل ڪيو هئائين کلي پيو هيم.
”مون توکي کلڻ لاءِ نه، منهن مٿي ڪرڻ لاءِ چيو هو...!“
مان ڪنڌ مٿي ڪري کيس ڏسڻ لڳو هئس، هن نظرون جھڪائي ڇڏيون هيون.
”شمائله...!“
”جيءُ...!“
”پاڻ ڪيترو هڪٻئي کان نظرون لڪائينداسين...!“
هوءَ ڪجھه نه ڪڇي هئي.
”تون ڪوبه جواب ڪونه ڏنو...!“ کيس تنگ ڪندي چيو هيم.
”ڪن سوالن جو ڪو به جواب نه هوندو آهي...!“ آهستي چيو هئائين.
”سمجهان ٿو پر مون کي جواب کپي...!“
”تون بيو قوف آهين...!“
ٽهڪ نڪري ويو هو.
”چڱو مان هلان ٿي پر...!“
”پر... کي ڇڏيس....!“ چيو هيم
”مان تو کان بغير اڌورو آهيان...!“
”ته پوءِ هميشه اڻپورو رهندين...!“
”ايئن ته نه چئو...!“
”چوڻو ٿو پوي...!“
”مان تو کي هميشه لاءِ پنهنجو ڪرڻ ٿو گهران...!“
”ايڏي وڏي ڳالهه ايڏو جلدي چئي وئين...!“
”مان جلد باز آهيان شمائله...!!“
”ان تو واري جلد بازيءَ ته ماريو آهي ...!“
”ڇا مطلب...؟“
”گهر وارن کي پنهنجي خبر پئجي ويئي آهي...!“ منهن سڄائيندي چيو هئائين.
”پوءِ ڇاهيس!!!؟“
”منهنجي جلدي شادي ڪرائڻ ٿا چاهين...!“
”ايئن نه ٿو ٿي سگهي...!“
”ڪجهه ڏينهن ۾ ائين ٿي ويندو...!“
”مان مري ويندس...!“
”مون تو کي روڪيو آهي ڇا...؟“
”يعني تون به راضي آهين...!“
”ظاهر آهي...!“
”پر ڇا تون مون کي وساري سگهندينءَ...؟“
”مون تو کي ياد ئي ڪڏهن ڪيو آهي...!“
”اندرنه ساڙ شمالي...!“
”شمالي.....!“ٽهڪ نڪري ويو هئس کلندي چيو هئاهين وري چئو.
”شمالي مون کي يقين آهي تون مون سان محبت ڪرين ٿي...!“
”بيشڪ....!“وراڻيو هئائين.
”پر هاڻ منهنجي رشتي جون ڳالهيون پيون هلن. ان ڪري ٻيهر ملڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ...!“ هوءَسنجيده ٿي ويئي هئي ۽ مان رنجيده ٿي ويو هئس.
”مان تو کي نه وساري سگهندس...!“
”مجبوري آهي، دل مان ڪڍي ڇڏ اهو ئي بهتر رهندو...!“
”اهو ته ناممڪن آهي شمالي، پر ڇا تون مون کي اهو ٻڌائيندي ته تنهنجي رشتي جون ڳالهيون ڪنهن سان پيون هلن...!“
”اهو ٻڌائڻ ضروري آهي...؟“
”ها...!“
”ڇو...؟“
”مان ان کي ڏسي وٺندس...!!“
هڪ ڀيرو ٻيهر ٽهڪ نڪري ويو هئس. وري به کلندي چيو هئائين:
” تون ايئن نه ٿو ڪري سگهين...!“
”ڇو تون مون کي بزدل سمجهيو آهي ڇا...؟ مان ته صرف رات جو گهر ويندي رولو ڪتن کان لنوائيندو آهيان ۽ بس...!!“
وري ٽيون ٽهڪ نڪري ويو هئس مسڪرائيندي چيو هئائين:
”مون کي خبر آهي..! پر تون منهنجي خوشين خاطر ائين نه ٿو ڪري سگهين.“
”ٺيڪ آهي شمالي ائين نه ڪندس پر ٻڌاءِ ته سهي هو ڪير آهي...؟“
”گهر وارا، پنهنجي ئي برادريءَ جي ڪنهن سٺي ڇوڪري جي ڳولا ۾ آهن، پر اڃا تائين ڪو ...رشتو سمجھه ۾ ڪونه آيو اٿن...!“
”پر پوءِ به ڪو نه ڪو ته نظرن ۾ هوندن...!؟“
”ها هڪ ڇوڪرو نظر ۾ اٿن...!“
”اهو ئي ته مان به پڇان پيو...!“
”صرف تون پنهنجا گهر وارا موڪل...!“
”ڇا ...!؟“ هڪ زودار ڌماڪو ٿيو هو، جنهن جي شدت ايتري هئي جو جيستائين منهنجا حواس بحال ٿين، تيستائين شمالي منهنجي نظرن کان گم ٿي ويئي هئي.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ اسان جي شادي ٿي ويئي هئي، زندگي جا اهي پل ۽لمحا ڏاڍو وڻندڙ هئا. چنڊ کي پنهنجي هٿن ۾ محسوس ڪيو هيم، ان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ٻي ڪهڙي خوشي جي ڳالهه هئي. مان بي اي پاس بيروزگار هئس، محنت مزدوري ڪري شام جو جڏهن گهر پهچندو هئس ته هميشه شمالي کي پنهنجو منتظر ڏسندو هئس، سندس هڪ مرڪ منهنجي سڄي ڏينهن جو ٿڪ لاهي ڇڏيندي هئي مان ايترو ڪمائيندو هئس جو گهر جوگاڏو مڙئي پيو گهلبو هو. ڪڏهن ڪڏهن غريب هجڻ جو احساس مايوس ڪندو هو ته شمالي سهارو ڏيندي مايوسيءِ جي ڪن مان ڪڍي وٺندي هئي. هڪ ڀيري مون کي گهڻو پريشان ڏسي چيو هئائين:
”غربت ته پنهنجي وڏي خوشي آهي چريا. ڏس پاڻ ان حال تي ڪيڏو نه خوش آهيون، جڏهن ته امير ماڻهن کي هڪ لمحو به حقيقي خوشيءِ جو نه ملندو آهي. هو ته ننڊ به پيسن تي خريد ڪندا آهن...!“
شمالي جي واتان اهي لفظ ٻڌي مطمئن ٿي ويو هئس، شاديءَ کان پوءِ جڏهن شماليءِ نئين مهمان اچڻ جي خوشخبري ٻڌائي هئي ته ڏاڍو خوش ٿيو هئس، زندگي کي هڪ نئون رخ ملي ويو هو. پنهنجي اولاد جي باري ۾ مون ۽ شمالي وڏا وڏا خواب ڏٺا هئا، کوڙ ساريون خوشيون ۽ تمنائون لڪائي رکيون هيون سي.ان شام جو جيئن ئي گهر پهتو هئس ته امان پريشانيءَ مان چيو:
”پٽ شمائله کي ڏاڍي تڪليف آهي... وارو ڪر ڪنهن نرس يا ڊاڪٽر کي وٺي اچ...!!“
مان پريشان ٿي اسپتال ڏي ڊوڙ پاتي هئي. اسپتال ۾ هڪ نرس کي روڪي پنهنجو مسئلو ٻڌائي مدد جو چيو هو مانس جنهن وراڻيو هو:
” هي ڊليوريءَ ڪيس آهي. اوهان اسپتال انچارج سان رابطو ڪيو...!“
مان تڪڙو اسپتال انچارج جي آفيس پهتو هئس جتي پٽيوالي واتان خبر پئي ته . صاحب ننڊ ۾ آهي اٿارڻ تي ناراض ٿيندو. تعجب ٿيو هو، ان ڪري جو ٻڌو هيم ته وڏن ماڻهن کي رات جو به ننڊ وڏي مشڪل سان ايندي آهي پر هي همراهه ته ڏينهن جو به اسپتال جهڙي گوڙ ۽ گمسان واري ماحول ۾ ستو پيو هو. مجبورن مون هڪ ٻي نرس کي روڪي پنهنجي مجبوري ٻڌائي. جنهن چيو:
”پنهنجي گهر واريءَ کي منهنجي پرائيويٽ اسپتال کڻائي اچ، پيسن جو بندوبست ڪيون اچجانءَ ڪافي خرچ ايندو...!“
ڪافي خرچ جو ٻڌي تمام گهڻو پريشان ٿي ويو هئس. غربت جو ڦندو پنهنجي ڳچيءَ ۾ محسوس ڪيو هيم جيڪو سوڙهو ٿيندو پئي ويو، ان وقت پاڻ واري سيٺ ڏي ڊوڙ پاتي هيم. سيٺ کي هڪٻندي سهڪندي پنهنجي مجبوري ٻڌايم جنهن چيو ته:
”پيسا ته هن وقت مون وٽ ڪونهن باقي تون ڊاڪٽر سرفراز کي منهنجي نالي چئو اميد ته هو تنهنجي ضرور مدد ڪندو...!“
مان ڊوڙندو ڊاڪٽر سرفراز وٽ پهتس جنهن چيو ته:
”حاضر بابا ڪجهه مريض ويٺا آهن انهن کي ڏسي وٺان ته هلون ٿا....الله ڀلي ڪندو...!“
انتظار منهنجي مجبوري هئي خاموشيءَ سان خالي پيل ڪرسي تي ويهي رهيو هئس، منهنجي دل جي دنيا ۾ صرف ۽صرف شمالي سمايل هئي جيڪا هن وقت تڙپي رهي هئي.شمالي جنهن جي لفظ لفظ سان مون کي پيار هو اڄ ان جي ئي جملي تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي ته:
”غربت ئي پنهنجي وڏي خوشنصيبي آهي...!“
اڄ اها ئي خوشنصيبي کيس تڙپائي رهي هئي مان اڃان اتي ئي ويٺو هئس جو هڪ همراهه ڪار مان لٿو، جنهن سان ڊاڪٽر سرفراز گرم جوشيءَ سان مليو ۽ اوچتو اچڻ جو سبب پڇيائينس جنهن ٻڌايس ته:
”صائمه جو چانهه ڪاڙهيندي هٿ سڙي پيو آهي، سندس ملم پٽي ڪرائڻ لاءِ توهان وٽ حاضر ٿيو آهيان...!“
جنهن تي ڊاڪٽر چيس: ”ڪوبه مسئلو ناهي هاڻ ئي هلون ٿا ...!“
”سائين منهنجي گهر واري جي حالت سيريس آهي.“ ڊاڪٽر کي ليلا ئيندي چيو هيم: ”هوءَ مري ويندي...!“
ڊاڪٽر وراڻيو:
”ڪجهه ڪونه ٿيندو بابا ڏسين نه ٿو صاحب پاڻ آيو آهي ، مان اجھو آيس...!!“
مان زهر جو ڍڪ ڀري ويو هئس. ڊاڪٽر واپس آيو، مان کيس ساڻ ڪري پنهنجي گهر طرف وڌڻ لڳو هئس، دل ۾ اميدن جنم ورتو هو، پر منهنجون اميدون ان وقت فرار ٿي ويون جڏهن سيٺ نبي داد جي بنگلي وٽ ڊاڪٽر گاڏي روڪي چيو:
”سيٺ صاحب ڪجهه ٽائيم اڳ فون ڪئي هئي. ان جي طبيعت به ڏسندا هلون.“
”ڊاڪٽر خدا جي واسطي ٿورو سوچيو...!“ ڪنهن حد تائين پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪندي چيو هيم:
”ڊليوري جهڙو نازڪ ڪيس آهي، ٿوري به دير منهنجي گهر واريءَ جي موت جو سبب ٿي سگهي ٿي...!“
ڊاڪٽر منهنجي ڳالهه ڏي ڌيان نه ڏيندي سيٺ صاحب جي گهر جي گهنٽي وڄائڻ شروع ڪئي ته مان بيوسي وچان ڳيتون ڏيندي چيومانس:
”توهان جيئن ئي سيٺ صاحب کان فارغ ٿيو ته هليا اچجو...!“
”ٺيڪ آهي تون هل مان اجهو آيس...!“
”ٿڪل قدمن سان گهر پهتم ، امڙ ڊاڪٽر جو پڇيو...چيومانس:
”ها امان ڊاڪٽر اچي پيو...!“
”شمائله...!کي ڏاڍي تڪليف آهي، هو گهڙي گهڙي تو کي سڏي پئي...!“ امان ٻڌايو...
مان ڪمري ۾ پهچي شمالي جي سيرانديءَ کان بيهي رهيس.تڪليف جي شدت مان گذرندي مون کان پڇيائين:
”ايتري دير ڇو ڪيئي...؟“
”ڊاڪٽر کي ڪجهه مريض ڏسڻا هئا، هاڻ ان کي وٺي آيو آهيان...!“
”ڊاڪٽر ....ڊاڪٽر....ڪٿ.... ڪ...!“ زوردار سور جي سٽ اڀري هئس.
”ڊاڪٽر نبي داد جي گهر لڙي ويو آهي شمالي...!“
”هون...!“ مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هئائين:
”ڊاڪٽر ته هوندا ئي انهن لاءِ آهن...!“ سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيندي چيو هيم:
”پريشان نه ٿي شمالي الله ڀلي ڪندو...!“
هوءَ ڪجهه نه ڪڇي هئي سندس نظرون مسلسل مون ۾ کتل هيون...مان دل ئي ۾ پڄري ڳري رهيو هئس، هن سان نظرون ملائڻ جي همت مون ۾ ڪونه هئي. ڪجهه گهڙين جي خاموشيءَ کان پوءِ شمائلا چوڻ لڳي:
”منهنجي رڳ رڳ ۾ زهر ڦهلجي چڪو آهي، جيڪو مون کي وڌيڪ جيئڻ ڪونه ڏيندو... متان تون سمجهين ته مان ان تڪليف ۽ موت جي خوف کان روئي پئي آهيان...منهنجا ڳوڙها ته پنهنجي بيوسي سبب نڪتا آهن پر مان سمجهان ٿي ته بيوسيءَ تي روئڻ اجايو آهي. ان ڪري آخر ۾ ٿورو کل ته سهي...!“
”مون هن ڏانهن ڏٺو ، مسڪرائي رهي هئي ان جي ان همت تي مون به مرڪي ڏنو هو پر اوچتو کيس هڪ زوردار جهٽڪو آيو هو، هوءَ سڪيءَ تي اڇلايل مڇيءَ جيان لڇي ۽ ڦتڪي پئي هئي ۽ پوءِ ٿڌي ٿي، مهمان سوڌو موڪلائي ويئي هئي. ان وقت پنهنجو پاڻ کي ڌرتيءَ جي سڀ کان هيٺاهين ڪنڊ ۾ ڪريل محسوس ڪيو هيم. چنڊ منهنجي هٿن مان کسڪي ويو هو، دل کان ان جو سبب پڇيو هيم... جنهن چيو:
”غريب، امير کان وڌيڪ سڪون واري زندگي گذاري ٿو ...! وارو فلسفو نسورو ڪوڙ ۽ بڪواس آهي. اهو ته اميرن جو ڦهلايل ڄار آهي جيڪو هنن غريبن کي غريبي ۾ خوش رکڻ لاءِ اڏيو آهي، ته جيئن هو باغي نه ٿين ، بکن ۽ ڏکن ۾ به خوش رهن، نه ته امير ماڻهو غريب کان هڪ نه هزار ڀيرا وڌيڪ سکي ۽ سٺي زندگي گذاري ٿو، جيڪر ايئن نه هجي ها ته پوءِ شايد شمالي تڙپي تڙپي ڪڏهن به نه مري ها!!!“
***