وکريل محبت
”ان ڪري تون اجايو خوابن جي تعبير پٺيان نه ڊوڙ نه ته وقت کان تمام گهڻو اڳ دنيا جي وهڪري ۾ وهي ويندين...!“
”پر مان ته خواب ڪو نه پيو ڏسان...!“لطيف الجهندي چيس:
”يونيورسٽيءَ جي ٽن سالن کان وٺي هن وقت تائين اسان هڪ ٻئي کي چاهيندا آيا آهيون ۽ هاڻ هُن مون سان ٽيليفون تي به ڳالهايو آهي پوءِ ڇا اهو خواب آهي...!؟ ڇا تون مون کي ايڏو بيوقوف سمجهيو آهي...!؟جو آئون جاڳندي اکين سان خواب ڏسندس...! تون يقين ڪر سڪندر ته دردانه مونکي چاهي ٿي، اهو خواب نه حقيقت آهي...!“
”ڪراچي اهڙو شهر آهي، جتي صرف توپارا اهڙن خوابن کي حقيقت سمجهڻ لڳندا آهن نه ته ڪراچي جو تقريبن هر نوجوان اهڙي پيار کي ’خواب‘ (جيڪو ڪنهن به وقت ٽٽي سگهي ٿو) کان سواءِ ڪجهه به نه سمجهندو آهي..!“ ”نه نه...! دردانه هڪ حقيقت آهي، توکي مڃڻو پوندو ته مان خواب نه پيو ڏسان...!“
لطيف کي ٻيو ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو بس ايترو چئي خاموش ٿي ويو.
”اهو وقت ٻڌائيندو يار...!“سڪندر مسڪرائيندي چيس:
”پر تو ڪڏهن سوچيو آهي...! ته دردانه يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ کوڙ سارن پيسي ۽ بئنڪ بيلنس رکندڙ ڇوڪرن کي ڇڏي تنهنجي چونڊ ڇو ڪئي...! آخر تو ۾ اهڙي ڪهڙي خوبي آهي...!؟جو دردانه جيڪا ڪراچيءَ جي هڪ امير گهراڻي جي ڇوڪريءَ هوندي تو ڏانهن مائل ٿي...!“
”ڇا تون مون کي اهو احساس ڏيارڻ ٿو چاهين ته آئون هڪ غريب هاريءَ جو پُٽ آهيان ...!؟“ لطيف ڪاوڙ ۾ چيس:
”پر مان ان احساس ڪمتري ۾ ڪڏهن به مبتلا نه ٿيندس...! غريب ڳوٺائي آهيان ته ڇا ٿيو، پنهنجي محنت سان هت پهتو آهيان. محبت محبت هوندي آهي، ان کي غريب ۽ امير جي فرق سان ڦيرائي نه ٿو سگهجي...!“
”منهنجي ذاتي خيال مطابق ته تون هجين يا اندروني سنڌ جو ڪو ٻيو ڇوڪرو...! جڏهن به ڪراچي جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ايندو آهي ته جلدي ان جي رنگينين ۾ گم ٿي ويندو آهي...!“
سڪندر ساڳي انداز ۾ کيس چوندو رهيو، شايد لطيف جي ڪاوڙ مٿس ڪو اثر نه ڪيو هو:
”۽ ان جي رويي ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي ويندي آهي...! هو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڳوٺائي مٽن مائٽن توڙي دوستن کان تمام گهڻو بالا تر محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ۽ انهن سان ملڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ به عيب محسوس ڪندو آهي وري جڏهن ڪراچي جي ڪا ڏانئڻ کيس مرڪي ٻه ٻول ٻوليا ته همراهه مٿس جان فدا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي ڇو ته ڪراچي جون ڏانئڻيون ڏاڍيون خطرناڪ هونديون آهن هو ته اهڙن ڇوڪرن کي ڳولينديون آهن جيڪي جلدي خواب کي حقيقت سمجهڻ لڳن...! جنهن جي ڪري انهن جو يونيورسٽي ٽائيم ڏاڍو سٺو گذرندو آهي. يقين ڄاڻ لطيف تون به دردانه جي روپ ۾ هڪ ڏانئڻ جي ور چڙهي ويو آهين ۽ ڏانئڻيون صرف خوابن ۾ ئي نظر اينديون آهن. حقيقت ۾ نه ...! ان ڪري هوءَ تنهنجي دل ڪچي چٻاڙي ڦٽي ڪري ڇڏيندي ۽ توکي ڦٿڪڻ جو موقعو به نه ملندو...!!“
”هوءَ ڏانئڻ نه آهي...!“ لطيف ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو.
”تون دردانه کي ڪجهه به سمجهه...!“ سڪندر وري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيس:
”پر دردانه شايد تنهنجي ان الفت کي ’ايڪسٽرا ايڪٽوٽي آف يونيورسٽي‘ کان وڌيڪ اهميت نه ڏئي...! ان جي خبر توکي جلدي پئجي ويندي. ڇو ته هاڻ يونيورسٽي ٽائيم نه پر سروس ٽائيم آهي. تون ڄاڻين ٿو ته يونيورسٽي ۽ سروس ٽائيم ۾ ڪيترو فرق هوندو آهي...!“
”تنهنجي خيال ۾ دردانه مون سان شادي کان انڪار ڪندي...!؟“
لطيف جڪ کائيندي چيس.
”او...! يعني تون ايتري حد تائين سوچڻ شروع ڪري ڏنو آهي...!“
سڪندر کان ٽهڪ نڪري ويو، چوڻ لڳس:
”اڙي ڀوڪ...! جيڪڏهن تو هُن کي شاديءَ جو چيو ته سڃاڻڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيندي ۽ ممڪن آهي مفت ۾ اڻڳڻيا موچڙا به جهلين...!“
لطيف کي هاڻ پهريون ڀيرو پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي ته آخر مون پنهنجي دل جي ڳالهه سڪندر سان ڇو ڪئي...!؟ هن کي ته اميد هئي سڪندر هميشه جيان هن مسئلي ۾ به منهنجي مدد ڪندو...! مان ۽ دردانه هميشه لاءِ هڪ ٿي وينداسن پر هن رهندو ئي کيس توائي ڪري ڇڏيو هو.
”آخر مون کي هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي...!“
لطيف بيزاري مان سڪندر کان پڇيو.
”اهو ئي...!“ سڪندر چيس: ”جيڪو مان توکي پهرين چئي چڪو آهيان ته ڀاڳڀريءَ سان شادي ڪري ڇڏ ڇو ته اها ئي توکي حقيقي پيار ڏئي سگهي ٿي..!“
”پر يار...!“ لطيف وڦلجندي جواب ڏنس:
”هوءَ ڳوٺاڻي، اڻ پڙهيل، جاهل ۽ ڄٽ آهي...! جڏهن ته مان پڙهيل لکيل آهيان...! تازو سترهين گريڊ جي نوڪري به ملي اٿم، پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته ڀاڳڀري مون سان گڏ هلي سگهندي...! ڇا هوءَ خالص ڳوٺاڻي ٿي ڪري پنهنجو پاڻ کي ڪراچي جي جديد ماحول ۾ ضم ڪري سگهندي...!؟ شايد ڪڏهن به نه ...! اجايو هوءَ مون تي ماڻهو کلائيندي...!“
”مان ته توکي پهريائين چئي چڪو آهيان ته ڳوٺان پڙهڻ لاءِ ايندڙ اڪثر ڇوڪرا جلد ڪراچي جي گوڙ ۾ گم ٿي ويندا آهن ۽ پويان سڀ ڪجهه وساري آسمان ڏانهن اڏام ڪندا آهن...!“
سڪندر هن ڀيري هلڪو داٻو ڏيندي چيس:
”شايد هاڻ وساري ويٺو آهين ته تون به ڪو ڳوٺائي آهين...! ڪراچي جي ڪجهه سالن ۾ تون هاڻ پنهنجو پاڻ کي اعلى تر محسوس ٿو ڪرين، ڀاڳڀري پڙهي نه سگهي ته ان ۾ ان جو ڪهڙو ڏوهه...! هوءَ ته توسان محبت ڪري ٿي ۽ بقول تنهنجي مان به ان سان آخري دم تائين باوفا رهڻ جو واعدو ڪيو هو...! پر هاڻ ايڏو جلدي ان کي وساري ويٺين...!جيڪڏهن ڀاڳڀريءَ پنهنجو پاڻ کي ڪراچي جي ماحول کي ضم نه ڪري سگهي ته يقين ڄاڻ لطيف...! اها ئي هن جي اهڙي خوبي هوندي جنهن تي تون سڄي عمر فخر ڪري سگهين ٿو...!“
”پر يار...! تون آخرڪار منهنجي ڳالهه کي سمجهڻ جي...!!!“
”مان تنهنجي ڳالهه سمجهان ٿو...!“
سڪندر لطيف جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو:
”پر شايد توکي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي يا سمجهڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪرين...! مون کي هرو ڀرو تنهنجي ذاتي معاملن ۾ عمل دخل ڏيڻ جي ضرورت ناهي پر هڪ دوست جي حيثيت سان مان وري به توکي اهو چوندس ته جيڪڏهن تون خوش رهڻ چاهين ٿو ته خوشيون توکي رڳو ڀاڳڀريءَ وٽان ئي ملنديون، ان ڪري بهتري ان ۾ اٿئي ته ’دردانه‘ کي هڪ خواب سمجهه ۽ ان جي پُٺيان ڊوڙڻ ڇڏي ڏي ڇو ته خواب هوندا ئي ٽٽڻ لاءِ آهن...!“
”ڪجهه به هجي...!“ لطيف فيصلاڪن لهجي ۾ چيو:
”منهنجي زندگي ۾ هاڻ دردانه کان سواءِ ٻيو ڪو به داخل نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته هن مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي...!“
”هُن توکي اڃان ڪجهه به نه ڏنو آهي دوست...!“سڪندر چيس:
”هوءَ ته ڪڏهن اهو ڪجهه ڏئي اڏامي ويندئي جيڪو تون ان کان وٺڻ به نه چاهيندين...!!“
”يار خدارا خاموش ٿي...!“
لطيف ڪافي ڪاوڙ مان ڪرسيءَ تان اٿندي چيس:
”۽ بهتر آهي ته تون هتان هليو وڃ..! مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي...!“
”ٺيڪ آهي پيارا جنهن ۾ تون راضي...! مون ته توکي سمجهائڻ خاطر اهو ڪجهه چيو...! پر لڳي ٿو ته تون ناراض ٿي ويو آهين...!“
ايئن چئي سڪندر هليو ويو، جنهن کان پوءِ لطيف ڪجهه ذهني سڪون محسوس ڪيو، سڪندر لطيف سان ڇهه سال اڳ ۾ مليو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سندس همراز ۽ پيارو دوست بڻجي ويو هئس.
لطيف کي چڱي ريت ياد هو ته جڏهن هن ڪراچي جي هڪ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو يونيورسٽي ۾ قدم رکيو هو ته هڪ سينيئر شاگرد ٽولي سندس استقبال ڪندي چيو هو:
”يو آر ويلڪم...!“
جنهن تي لطيف ڏاڍو حيران ٿيو هو ڇو ته کيس خبر هئي ته وڏي تعليمي ادارن ۾ نئين آيل شاگردن جو استقبال ڪيئن ٿيندو آهي...!؟ پر ٻي لمحي هڪ زوردار فولادي ٺونشو سندس منهن ۾ لڳو ۽ ڦهڪو وڃي هيٺ ڪيائين، رت جي هلڪي لهر سندس نڪ مان نڪري ڌرتي ۾ جذب ٿيڻ لڳي ۽ هن پاڻ ۾ اٿڻ جي همٿ نه ساري.
”مسٽر...! اسان جو ساٿ ڏيندين ته اڳتي اهڙا ٺونشا ٻين کي هڻندين نه ته اهي ٺونشا تنهنجو ئي مقدر آهن...!“
خبر ناهي ان ٽولي مان ڪنهن شاگرد ڌاري ٻوليءَ ۾ ڪنهن فلمي ڊائلاگ جيان چيو هئس پر هي خاموش رهيو هو ڪجهه چوڻ جي همٿ هنن جي سامهون نه ساريائين، ڇو ته لطيف انهن آڏو بلڪل بيوس ٿي لڳو...!
”ڪيئن پيارا اسان جو ساٿ ڏيندين نه...!؟“
لطيف ڪجهه گهڙين کان پوءِ اٿيو ئي مس هو جو هڪ ٻي شاگرد سندس ڪلهي تي هٿ سان زور ڏيندي چيو هئس:
”مان توهان جي...! يا ڪنهن ٻي تنظيم لاءِ ته نه آيو آهيان...!“
خبر نه آهي ته لطيف کان ڪيئن اهو جملو نڪتو، جيڪو کانئس نڪرڻ نه کپي ها ڇو ته ٻي لمحي هڪ زوردار لت سندس پيٽ ۾ لڳي هئي ۽ هو ٻه ٽي وکون پوئتي هٽي سور جي شدت کان پنهنجا ٻئي هٿ پيٽ تي ڏئي ڇڏيا هئا. ”اسان پڙهندا به آهيون ۽ ’ڪم‘ به ڪندا آهيون. توکي به ايئن ڪرڻو پوندو...!“ لطيف کي لت هڻندڙ شاگرد داٻو ڏيندي چيو.
ٺيڪ ان لمحي هڪ هلڪن شهپرن ۽ وڻندڙ ڏاڙهي وارو ڇوڪرو وٽن پهتو هو ۽ ايندي ئي کانئن پڇيو هئائين:
”هي ڇا ٿي رهيو آهي...!؟“
ته ان ئي شاگرد ٽولي مان ڪنهن جواب ڏنو هئس:
”سڪندر ڀاءُ...! پريشان نه ٿي، هي نوجوان نئون آيو آهي ان جو استقبال پئي ڪيوسين...!“
”خدارا يار...! ڪڏهن ته ڪنهن تي رحم به ڪندا ڪريو...! هن معصوم کي ماري اوهان کي ڇا مليو...؟“
سڪندر ڪافي ڪاوڙ ۾ کين چيو ۽ پوءِ لطيف جي ڀر ۾ اچي کانئس سنڌي ۾ پڇيو هئائين:
”يار گهڻا ڌڪ ته ڪو نه لڳا اٿئي...!؟“
جڏهن گهڻي تڪليف ۽ مصيبت ۾ ڪوئي همدرد ملي ويندو آهي ته ماڻهو ازخود روئي پوندو آهي، ان ڪري ان وقت لطيف جي اکين مان به ڳوڙها ڪري پيا هئا پر پوءِ پاڻ سنڀاليندي سڪندر کي چيو هئائين:
”نه ادا...! ڪجهه وڌيڪ ڌڪ نه لڳا آهن پر نڪ ۾ ڏاڍو سور پيو محسوس ٿئي ۽ شايد مٿيون چپ به ٽُڪجي پيو آهي...!“
”هي ڇوڪرا ڏاڍا ڏنگا آهن...!“
سڪندر لطيف جي ناس مان وهندڙ رت صاف ڪندي چيو هو.
”هو ڪنهن کي ڌڪ هڻندي دير ناهن ڪندا...! خير هاڻ هو ٻيهر تنهنجي ويجهو نه ايندا...!“
جنهن کان پوءِ سڪندر لطيف کي پنهنجي گهر وٺي ويو هو. سندس گهر هڪ خوبصورت بنگلو ٿي لڳو، جتي سندس هلڪي پٽي ڪندي سڪندر چيو هئس:
”خبر اٿئي مون کي توسان ايتري همدردي ڇو آهي...!“
لطيف انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ته سڪندر چيس:
”ان ڪري ته تون به مون وانگر سنڌي آهين...! مون توکي شڪل مان سڃاڻي ورتو هو...!“
”پر تون ته مون کي سنڌي نه ٿو لڳين...! ڪٿي تون به ته انهن مان ناهين جو مون کي سنڌي هجڻ واري چڪر ۾ ڦاسائي...!؟“
”جلدي ڪنهن جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري نه وٺبي آهي...!“
سڪندر مسڪرائي چيو هئس:
”مان سنڌي آهيان، انهن سان يا ٻي ڪنهن تنظيم سان، منهنجو ڪو به واسطو ناهي، مان پيدا ڪراچي ۾ ٿيو آهيان البته منهنجا والدين گهڻو وقت اڳ حيدرآباد جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. جتي اسان جي ڪافي ملڪيت ۽ زمينيون هنيون، بعد ۾ بابي اهي سڀ کپائي ڪراچي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي ۽ هن وقت ’لِي مارڪيٽ ۽ طارق روڊ‘ تي اسان جو ٺيڪ ٺاڪ ڪاروبار آهي. منهنجي تعليم توڙي تربيت ڪراچي ۾ ٿي آهي، ان ڪري شايد مون کي تون سنڌي محسوس نه ٿو ڪرين...! ۽ شايد منهنجو لهجو به خالص سنڌي نه هجي ڇو ته اسان وڌ ۾ وڌ گهر ۾ ئي سنڌي ڳالهائيندا آهيون. ٻاهر ته سنڌي ڳالهائڻ وارا ملندا ئي گهٽ آهن...!“
ان کان علاوه ان ڏينهن سڪندر لطيف کي پنهنجي ۽ ڪراچي جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌايو هو، موٽ ۾ لطيف به پنهنجو تعارف ڪرائي ڇڏيو هئس. بس انهي ڏينهن کان هنن جي دوستي جي شروعات ٿي ۽ هڪ سال ۾ ئي هو هڪٻي جا همراز دوست بڻجي ويا. شروعات ۾ ته لطيف کي رهڻ لاءِ هاسٽل به نه ٿي مليو پر سڪندر باآساني کيس هاسٽل وٺرائي ڏنو هو. ان کان علاوه سڪندر لطيف جي هر مسئلي ۾ ڪافي مدد ڪئي هئي لطيف جي انڪار باوجود سندس کوڙ ڀيرا مالي مدد به ڪئي هئائين، جڏهن لطيف پهرين سال ۾ هو ته سڪندر ان سال ٽئين سال جو شاگرد هو. هڪ ٻي ڳالهه تي لطيف کي ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي ته جتي يونيورسٽي جا عام ڇوڪرا سڪندر جي عزت ڪندا هئا ته اتي يونيورسٽي جا نامي گرامي بدمعاش به کيس ’سڪندر ڀائي‘ ڪري سڏيندا هئا. ان کان علاوه هو ڪراچي جي رنگين ماحول ۾ رهندي به بليڪ اينڊ وائيٽ هو. عشق جي معاملي ۾ صفا پوئتي ۽ تعليم ۾ تمام گهڻو اڳتي هو، هن اڄ تائين ڪنهن کي لفٽ نه ڪرائي هئي حالانڪه يونيورسٽي جون ڪافي ڇوڪريون کيس چاهينديون هنيون پر هو ڪنهن جي چڪر ۾ نه آيو هو ڇو ته هو ڇوڪرين کان ڏاڍو لنوائيندو هو ۽ اڪثر لطيف کي به انهن کان پاڻ بچائڻ جي تلقين ڪندي چوندو هو:
”يار انهن ڏانئڻن کان هوشيار رهجانءِ نه ته ٻيڙو وچ سير ۾ ئي غرق ٿي ويندئي...!!“
ان ڏينهن لطيف ۽ سڪندر ٻئي گڏجي يونيورسٽي جي گيٽ ڏانهن وڌي رهيا هئا ته اوچتو انهن آڏو هڪ ڇوڪري نمودار ٿي ۽ سڪندر کي تيز ۽ کهري لهجي ۾ چائين:
”آخر تون پنهنجو پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو...! جو سڌي منهن ڪنهن سان ڳالهائين به نه ٿو.. ڇا اسان عورتون نه پر جنڙيون ۽ ڏانئڻيون آهيون...!؟ جو توکي کائي ختم ڪري ڇڏينديون سين...!“
پر سڪندر چُپ رهيو هوءَ وري ساڳئي لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳي هئي:
”پر اڄ توکي ڳالهائڻو پوندو مسٽر...! اهو به سڀني جي سامهون، مان ڪنهن کان ڪو نه ٿي ڊڄان...! ۽ اڄ توکي اهو به ٻڌڻو پوندو ته مان توکي چاهيان ٿي...! مون کي توسان محبت آهي...!“
لطيف کي اها ڇوڪري ڏاڍي جنوني پئي محسوس ٿي، ان تي ڪجهه ڇوڪرا ۽ ڪجهه ڇوڪريون گڏ ٿي انهن جي ڀرسان بيهي رهيا هئا. جنهن ڪري لطيف ڏاڍو گهٻرائجي ويو هو. پر سڪندر ڪافي پر اعتماد ٿي لڳو ۽ انتهائي مودباڻي لجهي ۾ ان ڇوڪريءَ کي جواب ڏنائين:
”ها مس ماريا...! مان به توکي بي انتها چاهيان ٿو ۽ مون کي توسان ايتري محبت آهي جيتري ڪو ڀاءُ پنهنجي سڳيءَ ڀيڻ سان محبت ڪندو آهي...! مون کي ٻڌاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو پيار ۽ رشتو آهي...!؟“
ان جواب کان پوءِ سندن ڀرسان بيٺل سڀ ڇوڪرا ڇوڪريون واڇون ٽيڙيندي ٽڙي پکڙي ويا هئا. ماريه ويچاري جيڪا پهريان تتل لوهه جيان پئي لڳي هاڻ ايئن پئي محسوس ٿيو ڄڻ ان لوهه کي کڻي ڪنهن ٿڌي يَخ پاڻيءَ ۾ اڇلايو ويو هجي. ان ڪري سندس چهري تي لمحي لاءِ هزارين رنگ اڀريا ۽ غائب ٿي ويا. هو سڄي ڪاراٽجي وئي هئي، شايد هن کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته هوءَ هاڻ ڇا چوي پر ٻي لمحي ۾ هوءَ تيز تيز وکون کڻندي مين دروازي کان ٻاهر نڪري وئي هئي.
ان واقعي تي لطيف، سڪندر کان گهڻو ڪجهه پڇڻ ٿي گهريو پر لفظ به نه ڪڇي سگهيو هو. جڏهن لطيف، يونيورسٽي جو ٻيو سال اڪري ٽين سال ۾ داخل ٿيو ته ان وقت سڪندر يونيورسٽي مان فارغ ٿي چڪو هو پر تنهن هوندي به هو تقريبن روزانو هڪٻئي سان ملندا رهندا هئا، ڪڏهن لطيف، سڪندر جي گهر ويندو هو ته ڪڏهن سڪندر، لطيف جي هاسٽل تي ايندو هو. شايد ان جي صحبت جي ڪري لطيف ڪنهن کي چاهيو، نه ئي لطيف سان ڪنهن محبت جو اظهار ڪيو هو. هونئن به لطيف کي محبت جي ضرورت نه هئي ڇو ته هن جي پهرين محبت ’ڀاڳڀريءَ‘ جي صورت ۾ موجود هئي. ڀاڳڀري ڏاڍي معصوم ۽ پياري ڇوڪريءَ هئي. ان ڪري لطيف کي يونيورسٽي ۾ ڏاڍو ياد ايندي هئي. لطيف يونيورسٽي اچڻ مهل ڀاڳڀريءَ کي اداس ڏسي واعدو ڪري آيو هو ته يونيورسٽي مان فارغ ٿيندي ئي توکي هميشه لاءِ پنهنجو ڪري ڇڏيندس. سڪندر جي فارغ ٿيندي جڏهن لطيف جي ٿرڊ ايئر ۾ پهتو ته خبر ناهي ڪيئن سندس زندگي ۾ ’دردانه‘ داخل ٿي هئي. جنهن کانئس سندس پهرين محبت ڀاڳڀري به کسي ورتي هئي. دردانه سان ملڻ جي ٿوري ئي عرصي کان پوءِ لطيف، ڀاڳڀريءَ کي وساري ويٺو هو،کانئس اهو به وسري ويو هو ته ڀاڳڀري نه صرف سندس محبت آهي پر مڱ به ٿئي. هن کان ته هاڻ اهو سڀ ڪجهه وسري ويو هو. هن جي نظر ۾ هاڻ ڀاڳڀري اڻپڙهيل ۽ صفا سادي ڇوڪري هئي بس هن جي دل ۾ هاڻي دردانه ئي دردانه هئي...! حالانڪه يونيورسٽي ۾ ملاقاتن دوران هنن هڪٻئي سان کليل لفظن ۾ اظهار به نه ڪيو هو، البته لطيف کي ايئن محسوس ٿيندو هو ته اسان ٻئي هڪ ٻئي کي چاهيون ٿا. ان ڪري ٻئي هڪٻئي جي ويجهو آهيون. پر لطيف ان جو ذڪر دردانه سان بلڪل نه ڪيو هو. يونيورسٽي کان فارغ ٿيڻ بعد جلدي لطيف کي هڪ سٺي نوڪري به ملي وئي هئي، جنهن تي هو ڏاڍو خوش هو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد لطيف دردانه کي فون ڪري کانئس پڇيو هو:
”يونيورسٽي کان بعد هاڻ ڇا پيا ڪريو...!؟“
”يونيورسٽي ڇڏڻ بعد ڪافي بوريت محسوس ڪندي هيم، ڇو ته يونيورسٽي هڪ عجيب زندگي هئي جيڪا اک ڇنڀ ۾ گذري ويئي، البته ان جون يادون باقي آهن. هاڻ گهر ۾ رهڻ جي عادي ٿي وئي آهيان سڄو ڏينهن گهر ۾ ئي هوندي آهيان...!“ دردانه ٻڌايو هيس.
”دردانه توهان مون کي ڪٿي وساري ته نه ڇڏيو آهي...؟“
وري لطيف پڇيو هئس:
”نه بلڪل نه ...! توهان وسارڻ جهڙا نه آهيو...!“دردانه چيو هيس.
لطيف ٻيو به کانئس گهڻو ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيو پر پڇي نه سگهيس ۽ ٽيليفون رکي ڇڏي هئائين. هن کي الاءِ جي ڇو محسوس ٿي رهيو هو ته دردانه کيس بي انتها پيار ڪري ٿي. ان ڪري هن دل ئي دل ۾ هڪ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ ٻي ڏينهن جڏهن لطيف سان سندس والد ۽ وڏو ڀاءُ ملڻ آيا هئا ۽ کيس ڳوٺ هلي ڀاڳڀريءَ سان شادي ڪرڻ جو زور ڀريو هو ته کين رخو جواب ڏنو هئائين:
”ته بابا...! مان ڀاڳڀريءَ سان شادي نه ڪندس...!“
اهو ٻڌي سندس پيءُ ۽ ڀاءُ کان ڇرڪ نڪري ويو. لطيف پيءُ سان نظرون نه ملائي سگهيو هو ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هئائين.
”هي... هي تون ڇا پيو چوين...!؟“ سندس پيءُ انتهائي ڪاوڙ ۾ چيو هئس:
”ڇا تون وساري ويٺو آهين ته هوءَ تنهنجي مڱ آهي...!؟“
”خبر آهي بابا...! پر مڱڻيءَ ٽٽي به سگهي ٿي...!“
”لطيف ڀاءُ آخر هي توکي ڇا ٿي ويو آهي...!؟ ۽ تون ڇا ڳالهائي رهيو آهين...!“
هن ڀيري سندس ڀاءُ چيو. پر لطيف خاموش رهيو لطيف جي پيءُ پنهنجي ڪاوڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيس:
”اڙي...! جڏهن تون ڳوٺ ۾ هئين ته ڀاڳڀريءَ سان شادي نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ مارڻ جي ڌمڪي ڏني هيئي، جنهن جي ڪري اسان پٽڪا ميڙ ڪري تنهنجي لاءِ ڀاڳڀريءَ جو سڱ وڏي مشڪل سان ورتو هيوسين...!!“
”بابا اها منهنجي غلطي هئي...!“ لطيف ڳالهائڻ لڳو:
”هاڻ زمانو بدلجي چڪو آهي، مان ڪو عام ماڻهو نه رهيو آهيان، هن وقت ڪراچي ۾ سترهين گريڊ جو آفيسر آهيان ان ڪري هوءَ مون سان هلي نه سگهندي. آئون ساڻس شادي هرگز نه ڪندس...! بس اهو منهنجو آخري فيصلو آهي...! ان باري ۾ آئون وڌيڪ ڪجهه ٻڌڻ يا ڳالهائڻ نه ٿو گهران...!“
اهو ٻڌي سندس پيءُ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو هو. ڪجهه چوڻ ٿي چاهيائين پر چئي نه سگهيس.
”بابا...! پاڻ وارو يار لطيف صحيح پيو چوي...!“
لطيف جي وڏي ڀاءُ ڳالهايو:
”هاڻ هو آفيسر ماڻهو آهي ان ڪري کيس اهڙي گهر واري کپي جيڪا ڪراچي ۾ بغير پردي جي گهمي سگهي ۽ اوپرن ماڻهن سان بنا تڪلف جي ڳالهائي سگهي...! بابا اسان ته ڳوٺائي آهيون...! ان ڪري لطيف سان گڏ نه ٿا هلي سگهون...! پاڻ کي هاڻ هلڻ گهرجي...!!“
۽ پوءِ هو هليا ويا، لطيف کين روڪي به نه سگهيو هو. پيءُ ۽ ڀاڻس جي وڃڻ کان پوءِ لطيف ڪيترائي ڏينهن انهن سان اختيار ڪيل رويي تي پريشان رهيو ۽ پوءِ آهستي آهستي نارمل ٿي ويو. کيس هاڻي يقين ٿي ويو ته بابا وارا هاڻ سندس ڪنهن به معاملي ۾ ڪا به مدد نه ڪندا، ان ڪري لطيف، سڪندر جي معرفت دردانه جي گهر وارن کان دردانه جو سڱ وٺڻ ٿي گهريو، جنهن جي ڪري هن سڪندر کي پاڻ وٽ گهرائي کيس سڄي حقيقت ٻڌائي، جنهن کي پهريان ته سڪندر ڀوڳ ٿي ڀائنيو. پر لطيف سيريس هو جنهن ڪري انهن ٻنهي ۾ بحث شروع ٿي ويو خبر ناهي هڪ ٻئي کا ڇا ڇا ٿي چيائون. سڪندر کي دردانه تي يقين نه ٿي آيو ان ڪري لطيف تي زور ٿي ڀريائين ته هو ڀاڳڀريءَ کي ئي پنهنجو ڪري. اها ڳالهه لطيف کي نه پئي وڻي، ان ڪري لطيف سڪندر کي هليو وڃڻ جو چئي ڇڏيو.
سڪندر جي وڃڻ کان جلدي پوءِ هڪ جهٽڪي سان لطيف کي خيال آيو ته سڀاڻي مان پاڻ دردانه کان راءِ وٺي سندس والدين سان ڳالهائيندس.اهو خيال ايندي ئي هي ڪافي پرسڪون ٿي ويو ۽ ٻي ڏينهن تي هي پنهنجي آفيس جي ڪم مان فارغ ٿي بس اٿڻ وارو ئي هو جو دردانه سندس آفيس ۾ داخل ٿي، سندس آفيس ۾ دردانه پهريون ڀيرو آئي هئي، توڙي جو لطيف کيس پنهنجي آفيس جي ائڊريس نوڪري ملڻ شرط ڏني هئي پر اڄ اوچتو ئي اوچتو دردانه کي پنهنجي سامهون ڏسي لطيف کي ڏاڍي خوشي ۽ حيرت ٿي ۽ پوءِ کيس پنهنجي سامهون رکيل ڪرسي تي ويهڻ جو اشارو ڪندي چيائين:
”دردانه توهان اڄ اوچتو هيڏانهن ڪيئن...!؟“
”اڄ هيڏانهن پنهنجي هڪ ساهيڙي سان ملڻ آئي هيس، سوچيم ان بهاني اوهان وٽان به ٿيندي وڃان...!“
دردانه ڪرسي تي ويهندي ئي جواب ڏنس.
”مهرباني...! ڀلا چانهه پيئبي يا...!؟“
”ڪجهه به نه...!“ لطيف جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين:
”توهان ٻڌايو ڪيئن پئي گذري زندگي...؟“
”ڏاڍي سٺي...!“ لطيف ڳالهائڻ لڳو:
”يونيورسٽي کان فارغ ٿيندي جلدي نوڪري ملي وئي اٿم...! ان ڪري ڪا به پريشاني محسوس نه پئي ٿئي...! توهان ٻڌايو ته توهان ڪا نوڪري جوائن ڪئي آهي يا نه...!؟“
”لطيف...! آئون ذاتي شوق خاطر يونيورسٽي ۾ پڙهي هيس، نوڪريءَ لاءِ نه...!“ کلندي لطيف کي چيائين:
”اسان وٽ الله جي مهرباني سان گهڻو ڪجهه آهي، پوءِ نوڪريءَ جي ڪهڙي گهرج...!!“
”پوءِ توهان جو ڇا ارادو آهي هاڻ...!؟“ لطيف پڇيس:
”بس ايئن گهر ۾ فضول ويهي رهندو...!؟“
”منهنجو ته اهو ئي خيال آهي...!“ دردانه هلڪي مرڪ مرڪندي لطيف کي جواب ڏنو.
”پر گهر وارن جا ارادا ٺيڪ نه ٿا لڳن...! انهن ايندڙ هفتي منهنجي مـڱڻيءَ جو رٿيو آهي...!! ممڪن آهي پوءِ جلدي شادي به ٿي وڃي...!!!“
”ڇا...!؟؟؟“ لطيف کان ڇرڪ نڪري ويو.
”ها لطيف صاحب...! مان صحيح پئي چوان...! پر ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي...! شادي ته سڀ ڪو ڪندو آهي...!!!“
” اهو ته ٺيڪ آهي پر اوهان ڪنهن سان پيا شادي ڪريو..!؟؟؟“
لطيف هن ڀيري تمام تعجب ۾ پڇيس:
”مون کي ڪا به خبر ڪونهي...! سواءِ ان جي ته ايندڙ هفتي منهنجي مڱڻي ٿيندي...!!“ دردانه چوڻ لڳس:
”ڇو ته اهو رشتو منهنجي والدين ڪيو آهي ۽ انهن کي ئي خبر آهي ته هو ڪير آهي...! ڪيئن آهي...!؟ مان ان جي باري ۾ ڪجهه نه ٿي ڄاڻان...!!!“
”توهان پڙهيل لکيل هوندي...! زندگي جي ان اهم ترين فيصلي تي بغير سوچ ويچار جي رضامند ٿي ويا آهيو...!؟؟“
” چيم نه...! اهو فيصلو مون نه پر منهنجي والدين ڪيو آهي...!“
دردانه چيس:
” ۽ والدين پنهنجي اولاد لاءِ هميشه سٺا فيصلا ڪندا آهن، ان ڪري مون کي ان تي نظر ثاني يا اعتراض ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي...!!“
” پر...! پر...! مون کي ته اوهان سان...!! اوهان سان...!!“
لطيف وڌيڪ نه چئي سگهيو، ڇو ته هو سڄو اندران ئي اندران ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيو هو. سندس وجود ڪنهن تيز طوفان جي ور چڙهيل سامان وانگر ٽڙي پکڙي ويو هو، جنهن کي هو ميڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
”ها...ها...! ڇا آهي اوهان کي مون سان...؟؟“
لطيف کي ايئن ششدر ۽ وائڙو ڏسي دردانه تعجب مان پڇيس.
”مون کي اوهان سان همدردي آهي...!“ لطيف بمشڪل ڳالهايو:
”ان ڪري اوهان کي زندگي جواهڙو اهم ترين فيصلو جلدي اڪلائڻ نه گهرجي...!“
”مان پنهنجي والدين جي فيصلي کي چئليج نه ٿي ڪري سگهان...!!“
دردانه اطمينان سان چيس:
”مان کانئن گهڻو ڪجهه سکيو آهي، هو اسان کي يونيورسٽي وڃڻ جي آزادي ان ڪري ڪو نه ڏيندا آهن، جو اڳتي هلي اسان سندن آڏو پسند يا نا پسند جو اظهار ڪريون پر هو اسان تي اعتماد ڪري گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏيندا آهن. مان ڪڏهن به اهو نه چاهينديس ته آئون پنهنجي والدين جي اعتماد کي ڇيهو رسايان، هونئن به مون کي پوري اميد آهي ته جتي منهنجا والدين منهنجي شادي ڪرائڻ چاهين ٿا اتي مون کي توقع کان وڌيڪ خوشيون ملنديون...!“
”خدا ڪري ايئن ٿئي...!!!“
لطيف پنهنجي وجود جا وکريل ٽڪرا ميڙيندي چيو:
”جيڪڏهن توهان کي ان اڻ ڏٺي رشتي تي خوشي آهي ته پوءِ يقين ڪريو مان به ڏاڍو خوش آهيان...! منهنجي دعا آهي ته توهان جتي به هجو خوش هجو...! ۽ اوهان جي هميشه واري مرڪ سلامت هجي...!!“
ايئن چئي لطيف خاموش ٿي ويو، دردانه ڪرسيءَ تان اٿي بيٺي هئي:
”لطيف، مون کي به توهان سان همدردي آهي...!“
ايئن چئي هوءَ هلي وئي ان وقت لطيف کي پنهنجو پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچڻ لڳي هئي ۽ سوچيائين ته: ’مان به ڪيڏو بيوقوف آهيان‘ جو دردانه کي پنهنجو بڻائڻ جو خواب ٿي ڏٺم... هوءَ ته مون سان گڏ پڙهندي هئي پوءِ جيڪا ڇوڪري محبت ۽ خلوص سان پيش اچي ته اسان ان کي خوابن ئي خوابن ۾ همسفر بڻائي ڇڏيون...!؟ پيار صرف پيار هوندو آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ۽ محبت شادي جو ٻيو نالو هجي ها ته خبر ناهي ماڻهو ڪيتريون شاديون ڪن ها، ڇو ته انسان کي هر موڙ تي پيارا ماڻهو ملندا آهن، جن کي هو چاهڻ لڳندو آهي جڏهن مان ڳوٺ ۾ هئس ته مون کي ڀاڳڀري پياري لڳندي هئي وري جڏهن يونيورسٽي ۾ پهتس ته دردانه کي چاهيو هيم...! وري جڏهن سروس ٽائيم ۾ ڪا ڇوڪري ملي ته شايد دردانه کي وساري ويهان...! پر هاڻ لطيف کي دردانه پوئتي ڌِڪي ڇڏيو هو...! جيڏانهن ڪجهه وقت اڳ هن نه ٿي وڃڻ چاهيو ۽ هن کي هاڻ سڪندر جا اهي جملا شدت سان حقيقت جو روپ ڌاري ياد اچڻ لڳا ته:
” ڳوٺن مان ايندڙ ڇوڪرا جلدي ڪراچي جي گوڙ ۾ گم ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ جلدي پويان سڀ ڪجهه وساري آسمان ڏانهن اڏامندا آهن ...!!“
پر هاڻ لطيف جي آسمان ڏانهن اڏام ختم ٿي چڪي هئي، سندس پَر پرزا پرزا ٿي ويا هئا، جنهن جي ڪري هو منهن ڀر ڪريو هو، ان ڪري پنهنجو پاڻ کي ڌرتيءَ جي ڌڌڙ ۾ گُم ٿيندي ڏٺائين پر ان جي کيس ڳڻتي نه هئي نظرون مٿي آسمان ڏانهن جو هئس، جتي هن کي سندس والدين، مائٽ ۽ ڀاڳڀري ستارن جيان چمڪندي نظر اچي رهيا هئا...!!!
***