دل جي ڳالهه
”صبح ساڻ هت ڪيئن...؟“
”ڇو توکي ڪو اعتراض آهي...؟“
تعجب ٿيو هيم لهجو ۽ رويو بدليل هيس، پڇيم:
”پريشان ٿي لڳين... ڇا ڳالهه آهي...؟“
”مان اڄ شام جو واپس پئي وڃان...!“
”نه وڃ...!“
”وينديس ڪيئن نه...؟“
”پوءِ پريشان به نه ٿي...!“
”مان توکي ڪجهه چوڻ چاهيان ٿي....!“
”چئو ...!“
” ڪيئن چوانءِ ...؟“
”نه تون گونگيءَ آهين...! نه مان ٻوڙو تون چئو مان ٻڌندس...!“
کلي پئي هئي چيوهئائين:
”ڳالهائڻ سکي ويو آهين..!“
”تنهنجو ساٿ رهيو ته تار درياءَ مان تري نڪرڻ به سکي ويندس...!“
”جي ساٿ نه رهي ته ...؟“
” ته ٻڏي ويندس...!“
”سچ...!“ منهن ۾ سرهائي اچي وئي هيس:
”منهنجي ٻڏڻ تي توکي خوشي ٿي رهي آهي...!؟“
”نه نه...!“
”ته پوءِ سچ جو ڇا مقصد...!؟“
”مقصد...!“ هوءَ منجهي پئي هئي ”ڪجهه به نه ...ڪجهه به نه ....!“
”ڪجهه ته هوندو ....!“ چيو هيم ” ڪجهه ته ٻڌاءِ...!“
”مان پهريان ئي ڪافي پريشان آهيان...!“ سنجيده ٿي وئي هئي.
”مون کي تنگ نه ڪر...!“
”پريشاني جو سبب...!؟“
”چيم نه شام جو واپس پئي وڃان...!“
”پوءِ کڻي نه وڃ...!“ ڪجهه اهڙي طرح چيم، ڄڻ سندس پريشاني جو فوري حل ڳولي لڌو هيم.
”مان هت گهمڻ لاءِ آئي هيس...!“ وراڻيو هئائين: ”مستقل رهڻ لاءِ نه..!“
”پوءِ تون به هتان کِلندي خوشي سان وڃ...! منهن سڄائڻ جي ڪهڙي ضرورت...!؟“
”شام جو بس اسٽينڊ تائين مون کي ڇڏڻ لاءِ تون هلندين...؟“
”هلندس ضرور هلندس... جيڪڏهن شاهده چيو ته ...!“
”نه چوي ته...!؟“
” نه هلندس...!“
”ڇو...؟“
”مان هُن جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان، شڪ جي ننڍڙي لهر به هن جي اعتماد کي لوڙهي سگهي ٿي... جيڪو خطرو مان کڻڻ نه ٿو چاهيان...!“
”جيڪڏهن مان ضد ڪريان ته ...!؟“
”تنهنجو ضد تو تائين محدود رهندو...!“
”تون پٿر آهين...!“
”ڀُلي آهين...! انسان مٽيءَ جو ٺهيل آهي... اهو پٿر ٿي نه ٿو سگهي...!“
”اصل ۾ پٿر به مٽيءَ جي پيداوار آهن...! فرق صرف ايترو آهي مٽي پاڻ ئي ڀري پوندي آهي... جهري پوندي آهي... ۽ پٿر کي ڀوريو ويندو آهي...!“ هوءَ گهڻو سنجيده ٿي وئي هئي .
چيومانس: ”تون يقين ڪر ته مان ... مان ...!“
”ها مون کي خبر آهي، تون مون کي ۽ منهنجين ڳالهين کي سمجهين ٿو، پر ان جو اعتراف ڪڏهن به نه ڪندين...!“
منهنجو جملو ڪٽي چيو هئائين.
”اعتراف کان پوءِ اعتراف پنهنجي معنى وڃائي ويهندو آهي...!“
هوءَ مونکي تڪڻ لڳي هئي، شايد ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو هيس.
اٿندي چيو هئائين: ”مون کي يقين آهي ته تون...تون...!“
وڌيڪ نه ڳالهائي سگهي هئي.
”تون...تون ڇا...؟“ پڇيم.
”بس اسٽينڊ تي ڇڏڻ لاءِ ضرور هلندين...!“
ايئن چئي هوءَ هلي وئي، مان کلي پيو هيم.
انهن ڏينهن ۾ مان ڪراچي جي هوزري ۽ گارمينٽس فيڪٽري ۾ بطور هڪ ڪاريگر ڪم ڪندو هئس.
فيڪٽري ۾ ڪم دوران منهنجي ملاقات شاهده سان ٿي هئي، جيڪا تقريبن 45 سالن جي هڪ سٺي ۽ شريف عورت هئي. خراب مان به نه هئس، شايد ان ئي ڳالهه جي ڪري پاڻ ٻئي هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا هئاسين. ايتري حد تائين جو مان شاهده جي ضد تي هڪ ٽن ڪمرن واري مسواڙي جڳهه ورتي هئي، جتي گڏ رهڻ لڳا هئاسين. هڪ ڪمرو منهنجي حوالي ٿيل هو هڪ ڪمري ۾ شاهده ۽ ان جو مڙس رهندا هئا. جڏهن ته هڪ ڪمرو مهمانن لاءِ مخصوص ٿيل هو. شاهده جو مڙس ڏاڍو ٽوٽي هو... ڪم ڪري ئي ڪو نه سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺو هوندو هو.
شاهده جيڪو ڪمائي سو کائي، الٽو ڪڏهن ڪڏهن نٽ بلٽ ڦِري ويندا هئس ته شاهده تي مختلف قسمن جا الزام هڻي دهمان شروع ڪندو هو.
پوءِ ڪڏهن هوءَ روئي پوندي هئي ته ڪڏهن وري ڳچيءَ کان پڪڙي ڌمال ڪڍندي هيس. مڙسهنس به وس ڪندو هئس، پر هلڪي قد هڻڻ جي ڪري هميشه رڙيون ڪندو رهجي ويندو هو.
انگريزي اٺين مهيني جي اٺين تاريخ تي شاهده جي سڀ کان ننڍي ڀيڻ فوزيا ڪراچي گهمڻ لاءِ آئي هئي. پُر رونق چهرو باوقار انداز ڏسي دل جي عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي، ساڻس پنهنجو تعارف پاڻ به نه ڪرائي سگهيو هئس، شاهده منهنجو نالو ٻڌايو هئس ته مرڪي چيو هئائين:
”ادي ڇوڪري پسند آئي، ڏاڍي شرميلي آهي...!“
شاهده کان ٽهڪ نڪري ويو هو اندر سڙي ويو هيم. تنهن هوندي به پنهنجي کِل تي مان به ضابطو نه آڻي سگهيو هيم ۽ واڇون وڌي ويون هيون، ان ئي ڏينهن محسوس ڪيو هيم ته فوزيه انتهائي شرارتي ۽ شوخ ڇوڪري آهي جڏهن ته مان ان جي ابتڙ هيم، جنهن سبب ان کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس پر هوءَ اڪثر مون کي تڪيندي رهندي هئي، ٿورن ڏينهن اندر محسوس ڪيو هيم ته هوءَ مون سان ڳالهائڻ چاهي ٿي، مان به ساڻس گفتگو ڪرڻ جو سوچيندو هئس جو اوچتو اڳيان شاهده جو ڪيل اعتماد پيار ۽ پنهنجائپ جي ڀت اچي ويندي هئي. جيڪا اُڪرڻ مون نه ٿي چاهي، ان ڪري دل جي ڳالهه دل ۾ رکيم. چوڏهين اگسٽ جي شام جو شاهده جي چوڻ تي فوزيه کي ڪراچي گهمائڻ وٺي ويو هئس. هن سان گڏ گهمندي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي پر شايد همٿ فرار ٿي وئي هئي جو کوڙ ساريون دل جون چاهڻ باوجود به کيس ٻڌائي نه سگهيس. سفاري پارڪ کان ٿيندا پاڻ عبدالله شاهه اصحابي جي مزار وٽ پهتا هئاسين. جتي هن ننگر کائڻ جي خواهش ڏيکاري هئي، مان هڪ پلاسٽڪ جي ٿيلهي هٿ ڪري ڀَت وٺي آيو هئس. ڀَت کائيندي هن منهنجي هٿ وارو گرهه پاڻ ڳهي ڇڏيو هو. نه چاهڻ باوجود مان به ايئن ڪري ويٺس. ان وقت پنهنجون نظرون مليون هيون. هن جي اکين ۾ پنهنجي تصوير ڏٺي هيم. عبدالله شاهه اصحابي جي مزار کان ٿيندا ڪلفٽن تي پهتا هئاسين، هن سان گڏ گهمندي وقت گذرڻ جو احساس ڪو نه ٿيو هو. رات جا نوَ ٿي رهيا هئا، واپس ورڻ جو سوچي بس طرف وڌڻ لڳا هئاسين، هوءَ خبر نه آهي ڇو ٿورو مون کان پوئتي رهجي وئي هئي، شايد سندس دل اڃان گهمڻ کا ن نه ڀري هئي پر مون جلد گهر پهچڻ ٿي گهريو جو اوچتو خبر ناهي ڪٿان رولو ڇورن جو ٽولو اچي نازل ٿيو، فوزيه جو چهرو ڪومائجي ويو هو، مان به پريشان ٿي ويو هئس. ڇو ته ڪلفٽني غنڊن کي ڀلي ڀِت ڄاڻيندو هئس، هو مڙڻ وارا نه هئا ۽ هي ڪا فلم به نه هئي ۽ نه ئي مان سلطان راهي هئس جو منهنجي هڪل ٻڌي بدمعاشن جا حوصلا خطا ٿي وڃن ها...! ۽ سندن کڙيون ڪياڙي سان لڳن ها...! ان ڪري ذهني طور موچڙن لاءِ تيار ٿي تيزي سان اڳتي وڌيس ۽ فوزيه کي ٻانهن کان پڪڙي تقريبن ڊوڙندو بس ڏانهن وڌڻ لڳس. پوئتي ڇَک به نه هنيم. اهو الله ئي بهتر ڄاڻي ته بدمعاش ڇو بس ڪري ويا هئا. بهرحال مان الله جو شڪريو ادا ڪيو، جنهن پنهنجي پناهه ۾ رکيو.
بس تي چڙهندي ئي فوزيه هڪ زوردار مڪ وهائي ڪڍي هئي، چوڙيون به ڀڄي پيون هيس، چيو هئائين:
”ايڏو بيدردي سان ڇڪبو آهي...؟ٻانهن ڪڍي وڌي اٿئي...!“
پيار ڀري ڪاوڙ آئي هئي، مرڪي چپ ڪري ويو هيم.
حقيقت ۾ ان ڏينهن ئي مان پنهنجي دل کيس ڏئي ويٺو هئس پر مون اهڙي ڪا به حرڪت ڪرڻ نه ٿي چاهي جنهن سان منهنجو ڪردار شاهده جي نظرن ۾ مشڪوڪ ٿي وڃي، ان ئي ڪري مان فوزيه سان اظهار محبت نه ڪري سگهيو هئس، نه ئي کيس محسوس ڪرڻ ڏنو هيم ته مان کيس واقعي چاهڻ لڳو آهيان، پر اڄ جڏهن مهيني کان پوءِ هن واپس وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته ظاهري طور ته مون کي ڪجهه به ڪو نه ٿيو هو پر اندران ڀڄي پيو هئس، پنهنجو پاڇو پاڻ کان جدا ٿيندي محسوس ٿيو هو.
واقعي فوزيه سچ چيو هو ته : ’پٿر ڀرندا نه آهن انهن کي ڀوريو ويندو آهي‘ مان به ته هڪ پٿر هئس جو فوزيا جي هزار ڪوششن جي باوجود کيس پنهنجي پيار جي پڪ نه ڏياري هيم پر هن جي واپس ورڻ واري ڳالهه اڄ مون کي ڀوري رهي هئي ۽ پنهنجي وجود جا ذرا ڪراچي جي هوائن ۾ اُڏندي محسوس ڪيا هيم. پنهنجي ماٺيڻي ۽ ڳنڀير طبيعت تي وڏو ناز هو. ان ڪري يقين نه ٿي آيو ته هڪ مهيني اندر مان فوزيه کي ايترو چاهڻ لڳندس جو هن کان بغير جيئڻ ناممڪن نه ته به... فضول ضرور محسوس ٿيندو...! جنهن سبب پريشان ٿي ويو هئس پر پريشاني ۾ پريشان رهڻ ئي سڀ کان وڏي بيوقوفي آهي. جيڪو ٿيڻو هوندو سو ٿيندو اهو سوچي آهستي آواز ۾ ڊيڪ هلائي ڪتاب اکين آڏو ڏئي ڇڏيو هيم.
شام جو مان ۽ شاهده، فوزيه سان گڏجي بس اسٽينڊ وٽ پهتاسين. انجڻ اوچتو خراب ٿي پوڻ جي ڪري گاڏي پنهنجي مقرر وقت کان دير رواني ٿيڻي هئي، جنهن ڪري شاهده ٿوري انتظار ڪرڻ کان پوءِ طبيعت خراب هئڻ ڪري واپس هلي وئي هئي، جڏهن ته مان فوزيه کي بس ۾ سوار ڪرڻ لاءِ رهجي ويو هئس. اسان ٻئي هڪ پاسي ويهي رهيا هئاسين.
’ڇا ڳالهايانس...!‘ منجهي پيو هيم.
”پريشان پيو محسوس ٿئين...؟“ چيوهئائين.
”ها...!“
”ڇو...؟“
”تنهنجي جدائي منهنجي پريشاني جو سبب آهي...!“
”سچ...؟! مرڪي چيو هئائين.
”منهنجي پريشاني تنهنجي خوشي جو سبب آهي...؟“
”نه ته...!“
”ته پوءِ سچ جو ڇا مقصد آهي...؟“
”ڪجهه به نه ... ڪجهه به نه ...!“ ڪنڌ جهڪي ويو هئس.
”فوزيه توکي خبر آهي ته مان ارڏو آهيان ...!“
”ها...!“ وراڻيوهئائين: ”معلوم اٿم ته تو هڪ ڀيرو اديءَ جي ڪري پنهنجي جان به جوکي ۾ وڌي آهي...! پر تون ايئن ڇو ڪندو آهين...؟“
”شاهده مونکي ڏاڍو ڀائيندي آهي، هن سان گڏ رهندي گهر کان پري رهڻ جو احساس ئي ناهي رهيو...پوءِ هن سان ڪو بدتميزي ڪري اهو منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي...!“
”جيڪڏهن ايئن ڪرڻ سان توکي ڪجهه ٿي پوي ها ته پوءِ...؟“
”اهو زمان ڀاڙي آهي...!“
”مان زمان نه، تنهنجي ڳالهه پئي ڪريان...!“
”جذباتيت جي ڌوڙ ۾ ڪجهه به نظر نه ايندو آهي...!“
هوءَ وري چپ ٿي وئي هئي، پهريون ڀيرو هڪ بيوقوفاڻي سوچ آئي، ’وقت بيهي رهي،گاڏي جي انجڻ وري ڪڏهن به ٺيڪ نه ٿئي...!‘ پر ان مان هڪ ڳالهه به نه ٿيڻي هئي وقت گذرڻ سان گڏ انجڻ به ٺيڪ ٿي رهي هئي، ان ڪري آخري لمحا ضايع ڪرڻ نه پر دل کولي فوزيه سان ڳالهائڻ ٿي گهريم.
”هڪ ڳالهه چوانءِ ...؟ “ پڇيم.
”چئو...! “ وراڻيائين
”ڪيئن چوان...؟“
”نه تون گونگو آهين... نه مان ٻوڙي، تون چئو مان ٻڌنديس...!“
سندس آواز ۽ انداز تي کلي پيو هئم، هن به مسڪرائي ڏنو هو. پهريون ڀيرو سندس هٿ پڪڙي چيو هيم:
”مان توکي ڪجهه به نه چوندس...!“
”ان جي هاڻ ڪا به ضرورت نه آهي...!“ اکين سان پنهنجي هٿ ڏانهن اشارو ڪندي چيو هئائين، ڇرڪ نڪري ويو هو، پنهنجي غلطي ۽ اٻهرائپ تي بيحد ڪاوڙ آئي هئي، شرمساري مان چيو هيومانس:
”معاف ڪجانءِ...!“
”نه ڪيان ته...؟“
”هميشه پنهنجي ان هلڪڙائپ تي شرمساري رهندي...!“
”ڪيان ته...!؟“
”تنهنجو ٿورائتو رهندس...!“
”معاف ڪنديسانءِ... هڪ شرط سان ته ڪجهه چئو ۽ ڪجهه ٻڌاءِ...!“
”فوزيه...!“چيم. ”مان ذاتي زندگي ۾ ڏاڍو شرميلو رهيو آهيان پر تنهنجي اچڻ کان پوءِ، ٿورن ڏينهن ۾ اهو شدت سان محسوس ٿو ٿئي ته مون جهڙو ڪمزور دل به شايد ئي ڪو ٻيو هجي...!“
”اهو وري ڪيئن...؟“
”مان توکي چاهڻ باوجود ڪجهه چئي جو نه سگهيو آهيان...!“
”مان چوانءِ...؟“
”تون به نه چئي سگهندين...!“
”عورت بزدل نه ڪمزور هوندي آهي، جيڪا هاڻ مان نه رهي آهيان..! مون کي توسان محبت آهي...!“
آخري جملو ادا ڪندي نظرون جهڪائي ڇڏيون هئائين، وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ مون به وس ڪيا پر ڳيتيون ڏيندو رهجي ويوهئس، ڊرائيور مسافرن کي هارون ڏئي ويهڻ لاءِ چئي رهيو هو، يقينن گاڏي جي انجڻ ٺيڪ ٿي وئي هئي، پاڻ ٻئي اٿيا هئاسين فوزيه جي حالت جي مون کي خبر نه هئي پر... پنهنجا قدم پاڻ کان وڌيڪ ڳرا محسوس ٿيا هئا جنهن ڪري هلڻ جي همت نه پئي ٿي پر هلڻو ته هر حال ۾ هيو نه...! هوءَ پنهنجي سيٽ تي ويهي رهي هئي، ان وقت سندس چهري تي آخري نظر وڌي هئم. لُڙڪ لڙي آيا هئس خبر نه ِآهي، مان به پنهنجين اکين آڏو ڇو بيوس ٿي پيو هئس ٻه گرم لُڙڪ منهنجا به ڪِري پيا هئا، ان وقت آهستي بلڪل آهستي چيو هئائين:
”هاڻ ته چئو نه ... پليز چئو نه ... صرف هڪ ڀيرو...!“
”نه چوندس...!“ مون ۾ اتي وڌيڪ بيهڻ جي همٿ نه هئي، بس مان لهي آيو هئس، جيڪا آهستي آهستي بس اسٽينڊ تان کسڪي رهي هئي. ان مهل کيسي ۾ هٿ هڻي فوزيه جي تصوير ڪڍي ڏٺم. هوءَ مرڪي رهي هئي، مان به پنهنجي اکين جي آلاڻ کي نظر انداز ڪري مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي کيس چيو:
’فوزيه مون کي توسان محبت آهي...!‘
***