بدمعاشيءَ جو سبب
گذريل دفعي مون سان گڏ شاهنواز شاه، ڪنهيو لال، سردار علي شاهه، يوسف جکراڻي ۽ اسرار سرڪي وغيره هئا. انهن مان ڪي منهنجي هوندي ۽ ڪي مونکان پوءِ آزاد ٿي چڪا هئا. پر هن دفعي نه فقط ساٿي ٻيا هئا پر اڳيون بي ڪلاس به ڪونه هو انهيءَ بي ڪلاس ۾ سردار خير بخش مري ۽ مير غوث بخش بزنجو رهيل هئا. تنهن ڪري مونکي اسپيشل وارڊ ۾ رکيائون. اهو وارڊ اڳ ۾ ليڊي وارڊ هو. هاڻ هن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي جا ڪجهه شاگرد حڪيم ٻٻر، لعل بخس نائچ، راجا رحيم کهاوڙ، سريش ۽ ٻيا رهيل هئا. مونکي وارڊ جي انهيءَ حصي ۾ رهايائون جنهن ۾ ڪنهن وقت پير پاڳاري (پير صبغت الله) کي انگريزن قيد ڪري رکيو هو.
مان اتي اڪيلو رهندو هوس. منهنجو وقت يا ته ڪتاب پڙهڻ ۾ گذرندو هو، يا سمجهڻ ۽ برداشتين (برداشتي: جيل ۾ اي ڪلاس ۽ بي ڪلاس جي قيدين کي سي ڪلاس جا قيدي ڪم لاءِ ڏيندا آهن) سان حال احوال وٺڻ ۾.
مان صبح ۽ شام جو، پنهنجي کوليءَ اڳيان ورانڊي ۾، ڪرسي رکي ويهندو هوس برداشتي به واندا ٿي اچي مون وٽ ويهندا هئا. مان هڪڙي قيديءَ کي ڏسندو هوس جيڪو اڪثر ڀتي (جيل جي ماني) ملڻ کانپوءِ ٻوڙ کي تڙڪو لڳائڻ لاءِ اسان جي بورچي خاني ۾ ايندو هو. پنجونجاهه، ڇاونجاهه جي پيٽي ۾ هو. جسم ڳرو، قد جو ڪجهه ننڍو، ڏاڙهي ۽ مٿي جي وارن کي ميندي لڳل، پر اڪثر اڌ وار اڇا ۽ اڌ ميندي هاڻا ڳاڙها هوندا هئا. اکيون سدائين ڳاڙهيون، اهڙيون جهڙو رت ٿو ٽمي. سندس اکين ۾ اهڙي دهشت هوندي هئي جو مان ڪڏهن به ساڻس نظرون نه ملائي سگهندو هوس.
ڪڏهن ڪڏهن عجيب حليئي ۾ به ايندو هو. خالي سٿڻ پيل، باقي جسم اگهاڙو، مٿي ۽ ڏاڙهيءَ تي ميندي مکيل، ڏاڙهي ۽ مٿي تي ڪيلي جا پن ٻڌل، اهڙو حليو ڏسي جيڪر کِل اچي، پر سندس اکين ۾ اهڙي دهشت هوندي هئي جو ساڻس اکيون ملائي ڳالهائڻ مشڪل لڳندو هو.
هن جو نالو ميرو لانگهو هو.
ميرو لانگهو مون واري وارڊ جي پويان، ڏکڻ وار پاسي، هڪ کوليءَ ۾ رهندو هو. جيل وارن جي اصطلاح ۾ ميرو ڊانڊرس (Dangerous) هو، ڇاڪاڻ ته ميرو خطرناڪ ڌاڙيل هو.
مون ۾ شروع کان ئي اها عادت آهي ته نئين ماڻهوءَ سان ملندي بي تڪلف نه ٿيندو آهيان. سو ميري سان به ڳچ وقت کانپوءِ ڪجهه بي تڪلف ٿيس سو به اهڙيءَ طرح جو اڳ ۾ فقط سلام ٿيندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ خير عافيت، پوءِ خبرو چارون ۽ تنهن کانپوءِ ڳالهه حال احوال ڏيڻ وٺڻ تي پهتي ۽ انهيءَ منزل تي پهچڻ ۾ به ٻه مهينا لڳي ويا.
۽ پوءِ ميري سان منهنجيون طويل ڪچهريون ٿيڻ لڳيون، ميري جي ڪهاڻي ڪنهن دلچسپ ۽ مار ڌاڙ سان لبريز ناول يا پنجابي فلم کان گهٽ ڪونه هئي ۽ خود ميرو به ڪنهن دلير هيرو کان گهٽ ڪونه هو. اها دليري هن فقط جيل کان ٻاهر نه ڏيکاري هئي. بلڪه جيل ۾ به چڱا ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. تنهن ڪري ئي ڊانڊرس جو لقب مليو هوس ۽ سي ڪلاس جو پڪو قيدي هجڻ جي باوجود به کانئس ڪو ڪم نه وٺندا هئا. کيس الڳ ٿلڳ کولي مليل هئي ۽ روز سي ڪلاس جا ڪچا قيدي سندس کولي صاف ڪري ويندا هئا. کيس ڊبل ڀتو (ماني) ملندو هو. يعني ٻين کي هڪ وقت تي ٻه مانيون ۽ هن کي چار، انهيءَ کان علاوه سي ڪلاس جي عام قيدين وانگر هن کي وڏي بورچي (جتي سڀني جي ڪلاس جي قيدين جي ماني رڌبي آهي) جي بدران جيل جي اسپتال جي بورچيخاني مان به ٻوڙ ملندو هو، جيڪو ناغي جي ڏينهن مڇي ۽ باقي ڏينهن ۾ گوشت هوند هو، ٻيا قيدي چوندا هئا ته؛ ”ميري جي خوراڪ تمام گهڻي آهي.“ پر ميرو چوندو هو ”مان وڌيڪ ڀتو ڪچي قيدين لاءِ وٺندو آهيان. ڇاڪاڻ ته انهن کي ماني گهٽ ٿي ملي ۽ ڪم گهڻو ٿا ڪن، جيڪي ڪچا قيدي مون وٽ ڪم لاءِ ايندا آهن، انهن کي ماني ڏيندو آهيان.“
هڪ ڏينهن روز وانگر ورانڊي ۾ ويٺي ڪتاب پڙهيم ته ميرو آيو. نياز منجهان هٿ جوڙ ڪري اچي ڀرسان پٽ تي ويهي رهيو مون ڪتاب بند ڪيو ته پڇيائين سائين، منهنجي ڪري حرج ته ڪونه ٿيو؟
مرڪي چيومانس، ”ڪوبه هرج نه ٿيو، هتي سڄو ڏينهن پڙهڻ ۽ سمهڻ کانسواءِ ٻيو ڪم ئي ڪهڙو آهي.“ ٿوري دير خاموشي رهي، پوءِ پڇيومانس، ”ڪڏهن ٿا آزاد ٿيو؟“ جواب ڏنائين ”سائين سيلاب واري معافي اچي ته اڄ ئي ڇٽي ويندس.“
ميري کان پڇيم، اوهان کي سزا گهڻي لڳي آهي؟ چيائين ارڙهن سال.
ارڙهن سال مون حيرت منجهان چيو، وڏي سزا آهي ”ٻڌائين، 1963ع جي ٻئي مهيني جي ارڙهين تاريخ تي جهليو هوس، چار سال ڪچو هوس (ڪيس هلي رهيو هو) 1967ع سزا لڳي ٿام. معافي ملائڻ سان وقت اچي پورو ٿيو آهي. اڌ سزا معاف ٿيو وڃي. سيلاب واري معافي حڪومت کان منظور ٿي اچي ته اوهان جي دعا سان ڇٽي ويندس.“
هر قيديءَ وانگر ميري کي به پنهنجي جهلجڻ، ڪچي رهڻ، سزا لڳڻ ۽ سيلاب تي وڃڻ جي هر هڪ تاريخ، ڏينهن ۽ سال ياد بيٺو هو.
مون ميري کان پڇيو، ”اوهين ڪيترا ڀيرا جيل آيا آهيو“؟ ”ٻڌائين، سائين ڪئين دفعه آيو آن پر وڏي سزا ۾ پهريو ڀيرو تيرهن سال جيل ۾ رهيس. هڪ دفعو نون مهينن جي سزا لڳي. پر شيشن مان جلد ضامن ٿي ويو ۽ هن دفعي چوڏهن سال گذاريا اٿم پهريون ۽ پويون دفعو جرگي سزا ڏني.“
پڇيم ”ٻاهر نڪري وري ساڳيا ڦڏا ڪندا؟“
ڪجهه دير سوچي ”چيائين، سائين هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهيان سو شايد هاڻ نه ڪريان.“
چيومانس، ”ميرا هاڻ ڦڏا ڇڏيو، اوهان پنهنجي زندگيءَ جو بهترين حصو ته جيل ۾ گذاري ڇڏيو آهي. باقي جيڪا زندگي بچي اٿؤ. انهيءَ کي ته سجايو ڪريو.“
ميري مرڪي ڏنو، ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿيون. پوءِ مون کانئس پڇيو ته ميرو ٻڌائڻ لڳو: ”سائين، منهنجو اصلي نالو مير محمد آ، پر عام طرح مونکي سڏيندا ميري جي نالي سان آهن. پيءُ جو نالو مصري خان آ، اصل ڳوٺ، جتي مان ڄائو ۽ نپنو آهيان. اهو آ زور ڳڙهه، ڳڙهي خيرو تعلقو ۽ ضلعو جيڪماباد (جيڪب آباد) آ. اسانجا وڏا اصل اتي جا ئي آهن ۽ انهن جا وڏا بلوچستان کان آيا هئا. اسان جي وڏن جو ڪم پوک ڪرڻ هيو. پنهنجي زمين ڪونه هئي. ڀُٽن جي زمين پوکيندا هئاسين. ذولفقار علي ڀٽي ۽ نبي بخش ڀٽي وارن جون گڏيل زمينون آهن زور گهڙ ڳوٺ آ واحد بخس ڀُٽي ۽ دودو خان ڀُٽي جو، واحد بخش ڀٽو ممتاز ڀٽي جو چاچو هيو.“
”مان ڪهڙي سال ۾ ڄائو آن، انهيءَ جو پتو نه اٿم، پر اهو يادگيرو اٿم ته جڏهن سکر واري بئرج ٺهي هئي، تڏهن مان ڏهن سالن جو هوس، اهو به ياد گيرو اٿم ته تڏهن منهنجو طهر ٿيو هو، ۽ بابا مونکي جيڪماباد (جيڪب آباد) وٺي هليو هيو، بوٽ وٺي ڏيڻ.“
”اسين ٽي ڀائر آهيون، ٽئي جيئرا آهيون وچون مان آهيان، وڏي جو نالو پيرل آ ۽ غلام حيدر ننڍو آ، چار ڀينرون هيون. انهن مان ٽي فوت ٿي ويون. هڪ جيئري آ، مان پڙهيس ڪونه، قرآن شريف به اتي جنت (جبل) ۾ پڙهيو آن. وڏو ٿيس ته مان به پوک جو ڪم سنڀاليو.“
مون ميري کان پڇيو ته ”ميرا اوهان جي ڏوهن جي شروعات ڪٿان کان ۽ ڪيئن ٿي“؟ ميري مرڪي چيو، ”سائين شروعات ته اتان ٿي، جڏهن مون ڪو ڏوهه ڪيو ئي ڪونه هو، اوهان کي ٻڌايو اٿم ته مان پوکيرائي ڪندو هوس تعلقي ڳڙهي خيرو، ضلعي جيڪماباد ۾ اتي جي دوداپور ٿاڻي جو جمعدار غلام محمد هڪ دفعي گهوڙيءَ تي چڙهي اسان جي ڳوٺ آيو، اهو ڳوٺ ڀٽن جو هو. ذولفقار علي ڀٽي جن جو، جمعدار ماکي چيو توکي صوبيدار صاحب گهرايو آ، ڪو ڪم اٿس، تون هل“. مان پنهنجي گهوڙي سنجائي، غلام محمد جمعدار سان رلجي، دودا پور ٿاڻي ويس، صوبيدار مان سان هٿ ملايو ۽ چيائين ”مان توکي سنڌ فرنٽيئر ۾ چالان ڪريان ٿو“. منهنجا تاڪ لڳي ويا. ڪجهه دير ته حواس ئي جاءِ نه رهيا پر پوءِ حوصلو جهلي چيم، ”جيئن ته منهنجو رڪاٽ (رڪارڊ) صاف آ، مان نه اڄ ڏينهن تائين چوري ڪئي آ، نه ڪا ٻي بدمعاشي ڪئي اٿم، مان بيگناهه آهيان، تون ڇو ٿو ماکي ذليل ڪرين“. پر صوبيدار منهنجي نه ٻڌي. ماکي لاڪپ ۾ وجهي ڇڏيائين.
اٺ ڏينهن لاڪپ ۾ رکي، پوءِ جيڪماباد جي ڪليڪٽر وٽ منهنجو ڪيس پيش ڪيائين. اهو ڪليڪٽر پٺاڻ هو. مون ڪليڪٽر کي چيو؛ ”سئين منهنجو رڪاٽ گهرائي ڏس. مان هڪڙو غريب هاري آهيان. سر شاهنواز ڀٽي (جناب ذولفقار علي ڀٽي جو والد) جو ماڻهو آ تون مون سان ظلم نه ڪر.“
”پر هن منهنجي ٻڌي ڪونه، ۽ ٽي سال سنڌ فرنٽيئر جي سزا ڏئي ڇڏي ۽ ماکي سکر سينٽر جيل اماڻي ڇڏيائون.“
(اهو انگريزن جو دور هو) پوءِ منهنجو پيءُ ۽ ماءُ ڪراچي، وڃي سر شاهنواز ڀٽي سان مليا. ذولفقار علي ڀٽو انهن ڏينهن ۾ ننڍو هيو. سر شاهنواز هڪڙو ليٽر لکي منهنجي پيءُ کي ڏنو ته اهو وڃي جيڪماباد جي ڪليڪٽر کي ڏي. اهو ميري جو ضامن کڻندو.
بابي جڏهن اهو ليٽر ڪليڪٽر کي ڏنو. ته ڪليڪٽر ڪاوڙ منجهان اهو ليٽر ڦاڙي کڻي اڇليو، چيائين؛ ”مان ضامن نه کڻدم“. منهنجو پيءُ ۽ ماءُ وري ڪراچي شاهنواز خان ڀٽي وٽ ويا. اتي ذولفقار علي ڀٽو به هيو. اهو پنهنجي پيءُ سان تکو پئجي ويو ته؛ ”اسان جي هاري، جنهن ڪڏهن به ڏوهه نه ڪيو آ، ڪليڪٽر ڇو انهيءَ جو ضامن نٿو کڻي. بابا ماکي ڇڏيو ته مان ڪليڪٽر سان ڳالهايان.“ پر سندس والد کيس جهليو ۽ چيائين ته مان وري ٿو کيس ليٽر لکان. هاڻ ضرور اسان جي هاريءَ جو ضامن کڻندو. ڪليڪٽر اهو ليٽر به اڇلي ڇڏيو، پر بابا کي چيائين؛ ”وڃي ضامن وٺي آ، تو ته باهه ٻاري ڏني آ، بابا پوءِ ضامن وٺي آيو. ڪليڪٽر ضامن کنيو ۽ ليٽر ڪڍيائين ڏهن پندرهن ڏينهن کانپوءِ اهو ليٽر جيل تي پهتو ۽ ماکي آزاد ڪيائون.“
”سائين، مان هروڀرو سزا ڪاٽي، منهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونہ هيو، مان به انسان آهيان، انهيءَ واقعي منهنجو دماغ خراب ڪري ڇڏيو. ماکي حقيقت ۾ حڪومت پاڻ بدمعاش ڪيو. مان آزاد ٿيس ته انهيءَ جمعدار غلام محمد کي اچي ڊپ لڳو ته متان هيءَ مان سان وڙهي. سو انهيءَ ضلعي مان بدلي ڪرائي ويو. وري سندس پتو ئي نه پيو. مانکي مٿس ڪاوڙ به ڏاڍي هئي. پر هن جو پتو ئي نه پيو، ته ويو ڪاڏي.“