کوسن سان جهيڙو
هڪ ڏينهن غلام حسين مون وٽ آيو ته مان کائنس پڇيو: ”اهو کوسن سان ڪيئن جهيڙو ٿيو هو“، هن ٻڌايو؛ ”قاضي احمد جي ڀرسان کوسا رهندا هئا، انهن کوسن ۾ ٻه ڄڻا هئا، مرزو کوسو ۽ شيرل کوسو، غلام حسين جا اهي دوست هئا. اهي ٽئي اڪثر گڏ ڌاڙا هڻندا هئا پر ڪڏهن ڪڏهن ڌار به ڌاڙا هڻڻ ويندا هئا. هڪ دفعي اهي کوسا ڌاڙو هڻڻ ويا، غلام حسين گڏ ڪونه هون. اتفاق سان اهي کوسا جهلجي پيا. انهن کي ٻارنهن مهينن جي سزا ملي پٺيان سندن پوڙهو پيءُ ڀائي خان هو ۽ ٻيا ننڍڙا ٻار هئا.“
غلام حسين سندن لڏو وٺي وڃي پاڻ وٽ رهايو. پورو سال ڪپڙا لٽا، کاڌ خوراڪ مطلب ته سڀڪجهه غلام حسين پاڻ تي کنيو. سڄو سال جيستائين کوسا ڇٽي اچن، سندن لڏي کي ڪنهن به قسم جي ڪا به تڪليف نه ٿيڻ ڏنائين. جڏهن کوسا آزاد ٿي آيا ۽ پنهنجو لڏو واپس وٺي وڃڻ لڳا ته غلام حسين سڀني مائين کي مٿي تي روا ڍڪايا ۽ انهن ماين جا کير ڏهاءِ غلام حسين پيتا ۽ مرزي ۽ شيرل کي چيائين ”ادا هي منهنجون ڀيڻون آهن، نياڻيون آهن. ٻارنهن مهينا اهي مون وٽ رهيون آهن، اوهين ٻروچ آهيو. متان توهان کي ڪو مهڻو ڏي. تنهنڪري مون انهن جو کير پيتو آ، جيئن سڀني کي تسلي ٿئي“. انهن چيو ”ادا تنهنجا اسان تي احسان آهن. اسين تنهنجي متعلق غلط سوچي ئي ڪونه ٿا سگهون“ ۽ پوءِ هو پنهنجو لڏو وٺي ويا.
انهيءَ ڳالهه کي گذرئي سال يا ٻه سال ٿيا هوندا، غلام حسين جي مٿان هڪڙو ڪيس پيو، غلام حسين جهلجي پيو ٻه مهينا ڪيس هليو ۽ غلام حسين کي سال سزا اچي وئي. هيءُ پڪو قيدي ٿي وڃي حيدرآباد سينٽرل (جيل) ۾ رهيو.
غلام حسين سان مرزي وارن جا تعلقات گهرا هئا، هڪ ٻئي جي گهرن ۾ ايندا ويندا هئا. غلام حسين جا کوسن تي ايڏا احسان هئا پر مرزو ۽ شيرل اچي بي حيا ٿا، سو غلام حسين جي ڀيڻ کي سندس گهر مان زوري کڻي ويا. اها مائي غلام حسين جي سؤٽ احمد سان پرڻيل هئي ڏاڍي ملوڪ مائي هئي. مان به اها ئي مائي ڏٺي هئي.
کوسا هئا زبردست ماڻهو، ڪوبه سندن اڳ نه جهلي سگهيو. هنن مائيءَ کي پندرنهن ڏيهاڙا پاڻ وٽ رکيو ۽ هن سان زوري زنا ڪيائون.
غلام حسين ذات جو لاکو هو ۽ انهيءَ پاسي لاکا قوم گهڻي آ، هنن زور رکيو اتي جي سيدن ۽ ڪن راڄ جي ماڻهن به کوسن کي چيو ته مائي موٽايو نه ته توهان سان وڙهنداسين. نيٺ کوسن مائي موٽائي غلام حسين کي جيل ۾ سڄي حقيقت معلوم ٿي. پر هو مجبور هو لاچار هو. ڪجهه نٿي ڪري سگهيو. ٻارنهن مهينن کانپوءِ جڏهن سزا پوري ٿي ته غلام حسين ڳوٺ موٽي آيو. گهر وارن وري کيس سڄي حقيقت ٻڌائي.
غلام حسين ارادو ڪيو ته اڳ ۾ پنهنجو لڏو اتان کڻي خيرپور ڇڏي اچان. پوءِ اچي کوسن سان وڙهان. ٻئي پاسي کوسن کي خبر هئي ته غلام حسين ضرور وڙهندو. ڇڏيندو اصل ڪونه، انهيءَ ڪري جيستائين غلام حسين حملو ڪري، اڳي ئي هن تي حملو ڪري ماري ڇڏجي. نه ته هو اسان کي ماريندو. اهو سوچي هنن ست اٺ همراهه پاڻ سان ورتا ۽ اوچتو غلام حسين جي ڳوٺ تي حملو ڪري آيا. غلام حسين پنهنجي گهر ۾ هو. کوسا نعرا هڻندا سندس گهر ۾ ڪاهي پيا . غلام حسين دروازي جي آڙ وٺي بيٺو ۽ کوسن تي فائر ڪيائين. کوسن به فائر ڪيا. انهن جي فائرن سان غلام حسين جو پيءُ اتي ئي مارجي ويو. غلام حسين جو هڪڙو سؤٽ به مارجي ويو، غلام حسين سان پهچي ڪونه سگهندا. حالانڪه اهي جهجها هئا ۽ غلام حسين اڪيلو هو. نيٺ کوسا وجهه وٺي پوئتان نڪري ويا. غلام حسين هنن جي ڪڍ لڳو، ٿورو اڳتي جڏهن ويو ته کوسن جو هڪڙو فائر غلام حسين جي ٽنگ ۾ لڳو جنهن ۾ هيءُ ٿورو زخمي ٿي پيو. هو پوئتي هٽيو هن سوچيو: ”جيڪڏهن مان مارجي ويس ته پوءِ پلاند ڪير وٺندو“. هو موٽي آيو کوسا ڀڄي ويا. غلام حسين پنهنجو لڏو کڻي اچي خيرپور رياست ۾ رهيو.
جڏهن غلام حسين جي ٽنگ ٺيڪ ٿي ته هن ڪجهه همراهه ساٿ ڪيا. انهن مان هڪ همراهه جو نالو ڌڻي بخش هو، ذات جو ٻگهيو هو. ٻئي جو نالو بلو لاشاري هو. غلام حسين ساٿ ساڻ ڪري دولت پور جي حد ۾ آيو. کوسن کي اڳ ۾ ئي ڊپ هو ته غلام حسين ضرور بدلو وٺندو. تنهن ڪري هو هڪ هنڌ نٿي ٽڪيا. ڪڏهن هڪ هنڌ ته ڪڏهن ٻئي هنڌ. غلام حسين سندن ڪڍ هو. نيٺ کوسن جي پڇا ڪندو. غلام حسين جاگير واري ٻيلي ۾ گهڙيو. جيڪو دولت پور ڏانهن آ. پندرانهن ڏينهن ٿي ويا. غلام حسين کي جاگير واري ٻيلي ۾ کوسن کي ڳوليندي، پر هنن جو پتو ئي نه پوي. ڀلا هو ڪنهن هنڌ ٽڪن ته پتو به پوي، نيٺ هڪ ڏينهن غلام حسين کي ٻيلي ۾ ڌنار ڇوڪرا ملي ويا. جن مال پي چاريو. غلام حسين هنن کان پڇيو: ”بابا ههڙي آري پاري ماڻهو آهن، ساڻن رڍون اٿن. هن ٻيلي ۾ ڏسائين ٿا. منهنجا دوست آهن، ماکي هنن سان ملڻو آ. توهان ماکي هنن جو ڏس ڏيئي سگهندا؟“ ڌنار ڇوڪرن چيو ”هائو، ههڙي آري پاري ماڻهو اسان ڏٺا آهن. انهن جي گڏهن کي وڏا چڙا ٻڌل آهن. رڍون به برابر اٿن. هتان ڀرسان ئي لڏو لٿل اٿن. هنن شيرل ۽ مرزي جا پار به ڏنا“. غلام حسين سمجهي ويو ته اهي کوسا ئي آهن. گڏهن کي انهيءَ ڪري چڙا ٻڌا اٿن ته جيئن رات جو مان چڙن جو آواز ٻڌي سمجهان ته هي مال جو ڀاڻ آ، مينهون آهن.
انهيءَ وقت ٽپهريءَ جو سج هو. غلام حسين اتي ئي ويهي رهيو. دل ۾ سوچيائين ته: ”کوسن وٽ پهچندي پهچندي سج لهي ويندو. کوسا به جوان آهن. ڏينهڙو ٿئي ته وڙهجي، پر سندس ساٿي ناراض ٿيڻ لڳا. بالي چيو: ”کوسن جا پاڻي اسان جا ڏٺل آهن. تون اسان کي وٺي آيو آهين. هاڻ تون ڇو پيو ڊڄين، هل ته هينئر ئي هلي هنن سان وڙهون.“ غلام حسين کين چيو: ”دل ته منهنجي به ٿئي ٿي ته هينئر ئي وڃي ساڻن وڙهان. پر پهچندي پهچندي اونداهه ڦهلجي ويندي. مان نٿو چاهيان ته اونداهه ۾ هنن مان ڪو ڀڄي وڃي. تنهن ڪري صبح جو جڏهن سوجهرو ڦهلبو، تڏهن وڙهبو يا ته هو اسان کي مارين يا اسين کين ماريون. هنن مان ڪو بچي نه. جي اوهين منهنجو ساٿ ڏيو ته چڱو، جي ساٿ نه ڏيڻو اٿوَ ته اوهان ڀلي هليا وڃو، مان صبح جو وڙهندس. اوهان جي مرضي.“ سندس ساٿين دلين تي هٿ هنيا ۽ چيائون ”اسان جا سر به توتان قربان آهن. اسين توسان آيا آهيون، تون جيئن چوندين تيئن ڪنداسين“.
رات سڄي هنن ويهي گذاري. پوءِ جڏهن ڪڪڙن ٻانگ ڏني، ٿوري روشنائي نظر آئي تڏهن غلام حسين ساٿين کي چيو: ”توهين هتي ويهو. بالي کي مان پاڻ سان وٺيو ٿو وڃان، اسين وڃي ڏسي ٿا اچون ته ڪهڙي پاسي لڏو آ. مڙس ماڻهو ڪهڙي پاسي آهن. ننڍا ٻار ڪهڙي پاسي آهن. متان ننڍڙن ٻارن جو نقصان ٿي پوي. اسين پوري جانچ وٺي پوءِ موٽيو ٿا اچون پوءِ هلي حملو ڪنداسين“.
پوءِ اهي ٻئي ڇپندا، ٻيلي ۾ آهستي آهستي وڌڻ لڳا. نيٺ هنن ڏٺو لڏو برابر لٿل هو. رڍون به نظر آيون، گڏهه به بيٺا هئا، جن کي چڙا ٻڌل هئا. ماڻهو به نظر آيا، جيڪي انهيءَ وقت ننڊ مان اُٿيا هئا. کنگهڪر پيا ڪن، جنهن پاسي غلام حسين هو، انهيءَ پاسي مرزو هو، اهو انهيءَ مهل ننڊ مان اٿيو ۽ اُٻاسي ڪري جڏهن ڪر ڀڳائين، مٿي ٿيو ته غلام حسين جي نظر مٿس پئي. غلام حسين هڪل ڪري چيو ”خبردار جوان ٿجان. تنهنجو دشمن اچي مٿان بيٺو آ.“ مرزي به يڪدم بندوق کنئين پر تنهن کان اڳ غلام حسين فائر ڪيا. سندس ٻئي فائر وڃي مرزي کي سامهون لڳا. پر هو به جوان هو، ڌڪ سهي. فائر ڪيائين پر غلام حسين ٿورو جهڪي ويو ۽ فائر غلام حسين جي مٿي تان لنگهي ويا. هن وري يڪدم بندوق ڀري ڇوڙي. ايتري ۾ هنجو ڀاءُ شيرل به هڪل ڏئي غلام حسين ڏانهن ڀڳو. اتي سوجهرو ٿي ويو هو. غلام حسين جي ساٿيءَ به هن تي فائر ڪيو. انهيءَ وچ ۾ شيرل غلام حسين تي ٻه فائر ڪيا. پر غلام حسين وري به جهڪي فائر گسايا. جڏهن شيرل غلام حسين جي سامهون آيو ته غلام حسين فائر ڪيو. گوليون سڌو هن جي سيني ۾ لڳيون. هو هيٺ ويهي رهيو پر هڪل ڏنائين ”گٿو آن.“ اهو ٻڌي غلام حسين وري ٻيو فائر ڪيو اي سي ڪارتوس هئا. اهي به وڃي هنکي لڳا. هو ڪري پيو غلام حسين وري رائفل ڀري اڀي ڪئي. ايتري ۾ شيرل جي ماءُ ڀڄندي آئي ۽ اچي پٽ جي مٿان ڪري. غلام حسين هٿ روڪي ورتو ته متان ڪراڙي مري نه پوي. ڪجهه دير غلام حسين انتظار ڪيو پوءِ وڃي انهن جي مٿان بيٺو ڏٺائين ته ٻئي ختم ٿي چڪا هئا.
غلام حسين جا ٻيا ساٿي به فائرنگ جي آواز تي پهچي ويا. غلام حسين ڏٺو ٻيون زالون هيون، ٻار هئا ۽ شيرل وارن جو پوڙهو پيءُ ڀائي خان هو.
غلام حسين جا جيڪي ساٿي هئا سي اچي بي ايمان ٿا. هنن غلام حسين کي چيو: ”کوسن توسان برائي ڪئي آ، اسين هنن جو ٻانهون کڻنداسين.“ غلام حسين جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هن چيو ”برابر کوسن مون سان برائي ڪئي پر هن ماين کي مان ڀيڻ ڪوٺيو آ، ماءُ سڏيو آ، مان هنن جو کير پيتو آ. زالون ڪنهن کي نه چونديون آهن ته فلاڻي جون زالون کڻو يا هنن سان برو ڪريو. کوسن ۾ غيرت ڪونه هئي، پر مون ۾ ته غيرت آ. جيڪي منهنجون ڀينرون ۽ مائرون آهن مان هنن جي بيعزتي ڪيئن ڪريان؟ اوهين منهنجا ساٿي آهيو. دوست آهيو، اوهان مونسان همدردي ڪئي آ. مان اوهان کي ڪجهه چئي نٿو سگهان. اوهان اڳ ۾ ماکي ماري ڇڏيو. مان توهان سان مقابلو نه ڪندم. پوءِ ڀلي ٻانهون کڻي وڃو“.
غلام حسين جا ساٿي خاموش ٿي ويا چيائون: ”ادا اسين ٻانهو نه کڻنداسين. اهي تنهنجون ڀينرون آهن ته اسان جون به ڀينرون آهن“.
غلام حسين شيرل وارن جي پي ڀائي خان وٽ آيو. چيائين: ”ماکي خبر آ، تو پاڻ جهيڙو وڌايو آ. تو پنهنجي پٽن جي غلط ڪمن جي پٺڀرائي پئي ڪئي آ. مان توکي ماريان ڪونه ٿو. هاڻ تون پِٽيندو رهه، جوان تنهنجا مري ويا. مان حق تي هوس. تنهنجا پٽ ناحق تي هئا“.
پوءِ غلام حسين خيرپور موٽي آيو ۽ پنهنجو لڏو اتئون کان کڻي رجهان وٽ تاج پور ۾ اچي رهيو.