ناول

ميرو ڌاڙيل

ناول بابت طارق اشرف لکي ٿو:
”جيڪڏهن مان اهو چوان ته ميرو ڌاڙيل سنڌيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، ته شايد انهيءَ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ ڪنهن به جيئري ڌاڙيل تي ناول لکيو نه ويو آهي. (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر مان نه گذريو) ٻي ڳالهه اها ته اهو ناول هڪ سچي حقيقت آهي، ٽئين ڳالهه اها ته اهو ناول ميري جي زندگيءَ ۾ ئي ڇپيو آهي. (مِيري سان منهنجي ملاقات جيل ۾ ٿي هئي، جڏهن مان ڊي.پي.آر تحت گرفتار ٿيو هوس!)
پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ”ميرو ڌاڙيل پڙهي ڇڏيو. طارق اشرف جو پهريون ڪتاب پڙهيو اٿم. ختم ڪرڻ بعد ارمان ٿيو ته اسان جا رهبر جيڪڏهن ميرو ڌاڙيل جي ڪردار ۽ اصولن جا هجن ها ته هن حال تي اسان نه پهچون ها. اصول، ڪردار، وفا، پناهه ۽ ساڃاهه جا مثالي نمونا هن ڪتاب ۾ موجود آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 3622
  • 1170
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • طارق اشرف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ميرو ڌاڙيل

موڪلاڻي

مون ميري کان پڇيو: ”ميرا آزاد ڪڏهن ٿيندا؟“
ميري جواب ڏنو ”سائين جيڪڏهن سيلاب جي معافي (ٻوڏ جي ڏينهن ۾ قيدين کي حڪومت درياهه جي بندن تي موڪليندي آهي ۽ هر ڏينهن پٺيان ڪجهه ڏينهن معافي ملندي آهي. يعني سزا گهٽبي آهي.) اچي وڃي ته اڄ ئي ڇٽي وڃان. هاڻ دعا گهر ته هن بند مان آزاد ٿيان“.
مون چيو: ”ميرا انشالله توهان جلد آزاد ٿيندا.“ ڪجهه دير خاموش رهي پوءِ مون ميري کي چيو: ”ميرا اسان جي کوليءَ جي مرمت ٿي رهي آهي ۽ اڄ ڪلهه بئرڪ ۾ رهندو آهيان. اتي ٻيا به رهندا آهن. اهي سڄي رات گوڙ ڪندا آهن. مان ته نڪو سمهي ٿو سگهان، نه ڪجهه لکي پڙهي ٿو سگهان“. ميري ڪجهه دير سوچيو پوءِ چيائين: ”سائين منهنجي ڀرسان هڪ کولي خالي آ. انهيءَ پاسي ماکان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو رهي. تون جيڪڏهن ڊپٽيءَ کي چئي هن پاسي هليو اچين ته ڏاڍي آرام سان رهندين“.
مون ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کي چيو: ”مان ميري جي ڀرسان واري کوليءَ ۾ رهڻ ٿو چاهيان.“ ڊپٽيءَ مون کي اجازت ڏئي ڇڏي، ۽ مان پنهنجو سامان کڻائي ميري جي ڀرسان واري کولي ۾ وڃي رهيس.
ٻئي ڏينهن سپرنٽينڊنٽ رائونڊ تي آيو ته ميري کي ڏسي چيائين ”تون به اتي رهيل آهي ڇا؟“
ميري چيو ”ها سائين“.
سپرنٽينڊنٽ چيو: ”نه نه. تون پنهنجا ٽپڙ هينئر ئي هتان کڻ. هتي فقط طارق اشرف رهندو. تون ٻئي وارڊ ۾ وڃ“.
ميري سپرنٽينڊنٽ جي سامهون ئي پنهنجا ٽپڙ کنيا ۽ وڃڻ لڳو. وڃڻ وقت مون سان مليو ۽ چيائين: ”سائين تو ته اچڻ سان ماکي کوليءَ مان ئي ڪڍرائي ڇڏيو“. ميري کي پنهنجي کولي ڇڏڻ تي ڏاڍو ڏک هو.
مون ميري کي چيو: ”تون هن کوليءَ مان نڪتو آهين ته انشالله جيل مان به جلد نڪرندين“.
ميري چيو ”سيد آهين. خدا تنهنجي دعا قبول ڪندو“.
ميرو صبح جو ڏهين وڳي کن ويو هو. مان پنهنجو سامان ٺاهي ٻن پهرن جو ماني کائي ستو پيو هوس ته اوچتو پيرن تي ڪنهن جا هٿ محسوس ڪيم. اک کلي ته جيڪو ماڻهو منهنجي سامهون بيٺو هو، ان کي پهرين نظر ۾ سڃاڻي نه سگهيس. پر جڏهن چتائي ڏٺم ته سڃاڻي ويس اهو ميرو هو. کيس جيل جا ڪپڙا ڪونه هئا. مٿي تي پٽڪو ٻڌل هو ۽ ڪپڙا به خانگي پيل هئس.
مونکي ڏسي پيرين پيو ۽ پوءِ هٿ ٻڌي چيائين: ”سائين اوهان صبح چيو هو هن کوليءَ مان نڪتو آهين ته جيل مان به جلد نڪرندين. واقعي مان هن کوليءَ مان نڪتم ته جيل مان به نڪران پيو. ماکي آزاد ڪن پيا. اوهان کان موڪلائڻ آيو آهيان“.
مان ٽپ ڏئي اٿيس ۽ ميري سان ڀاڪر پائي مليس. کيس ڀاڪر پائيندي منهنجي اکين مان ڳوڙها نڪتا. مونکي ميري جي آزاديءَ جي خوشي به هئي ۽ کانئس جدا ٿيڻ جو ڏک به هو.
مان اڳ ۾ هڪ مهينو ارڙهن ڏينهن جيل ۾ رهي ويو هوس. انهيءَ کانپوءِ ٻاويهه مهينا جيل ۾ هوس، پر پنهنجي اڳيان ڪوبه اهڙو قيدي آزاد نه ٿيو، جيڪو سترهن سال جيل ۾ يڪو رهي آزاد ٿيو هجي. ميرو پهريون خوش قسمت قيدي هو جيڪو ايڏي وڏي سزا ڪاٽي نڪتو هو.
ميرو ويو هليو. مونکي جوابدار اچي ٻڌايو ته ميري جيل کان ٻاهر نڪري جيل جي ڦاٽڪ وٽ ٻه رڪعت نفل پڙهيا ۽ پوءِ هليو ويو.
ميري جي وڃڻ بعد مان سوچڻ لڳس: ”ميرو سترهن سال جيل ۾ گھُٽ ۽ ٻوسٽ واري فضا ۾ رهي هاڻ آزاد فضا ۾ وڃي رهيو آهي. سترهن سالن جي دنيا ڪيڏي ترقي ڪئي آهي. جڏهن ميرو سترهن سال اڳ گرفتار ٿيو هو انهيءَ وقت ۾ ۽ هاڻي جي وقت ۾ تمام گهڻو فرق آهي. هن ملڪ ۾ ٽي دفعا حڪومتون بدليون آهن. ڇا ميري کي آزاد فضا جو ماحول اجنبي نه لڳندو؟“.
پر پوءِ سوچيم: ”نه. آزاد فضا جو ماحول هن کي اجنبي نه لڳندو. آزاد فضا ۾ ڪٿي. قيد ۾ سترهن سال رهي به ماڻهو پاڻ کي اجنبي سمجهندو آهي، پر آزاديءَ جي هڪ گهڙيءَ ۾ به پنهجائپ محسوس ٿيندي آهي“.
ميري کي به آزاديءَ ۾ اجنبيت محسوس نه ٿيندي. هر انسان آزاد رهڻ چاهي ٿو. اڄ ميرو آزاد ٿيو آهي، سڀاڻي اسين به آزاد ٿينداسين. اسين آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا آهيون. آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين. انسان کان هميشه لاءِ ڪوبه آزادي کسي نٿو سگهي.