مهاڳ
ورهاڱي تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جو ڪم شاندار نموني سان جاري هو. ورهاڱي سبب نه رڳو ان جي رفتار گهٽجي وئي، پر ان کي جهڙوڪ بريڪ لڳي ويو. اڳتي هلي اهو ڪم جيڪو ادارن کي ڪرڻ کپندو هو، ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. سرڪار طور بيورو آف ٽرانسليشن قائم ڪيو وڃي ها ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي ها. پر ان ڏس ۾ سرڪاري سطح تي ڪو به ڪم نه ٿيو آهي، وري به انفرادي طور اسان جا ڪجهه اديب ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي ان اهم ڪم کي جاري رکندا پيا اچن. ڀوَن سنڌي به انهن ٿورن اديبن ۾ شامل آهي.
ڀون سنڌي بنيادي طور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. گڏوگڏ هن پرڏيهي ادب مان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن. هو هيستائين هڪ سئو کان وڌيڪ پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪري چڪو آهي. پر ڪتابي صورت ۾ انهن مان ڪي ٿوريون ئي ڪهاڻيون اچي سگهيون آهن.
ڀوَن سنڌي جي هن ڪتاب ”درد بڻيو دلربا“ ۾ 13 ڪهاڻيون شامل آهن جن ۾ ڪرچ سرڪيشينن جي لکيل آرميني ڪهاڻي پڻ آهي. لڳي ٿو ته ڀوَن سنڌي آرمينين ٻوليءَ ۾ لکيل ڪهاڻين جو خاص طور اڀياس ڪيو آهي ۽ انهن کان متاثر ٿي ترجمن ڪرڻ تي آماده ٿيو آهي. ڀوَن سنڌي جو هن کان اڳ ۾ پرڏيهي ڪهاڻين جي ترجمي جو پهريون ڪتاب ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ ڇپجي چڪو آهي ۽ جنهن ۾ شامل 15 ڪهاڻين مان 8 ڪهاڻيون آرمينيا جون آهن.
ڪتاب ”درد بڻيو دلربا“ ۾ شامل ڪهاڻيون 1994ع کان 1998ع جي عرصي دوران پندرهن روزه عبرت مئگزين ۽ هزار داستان ۾ ڇپيل آهن جيڪي آرميني، انگريزي، اٽالين، جپاني وغيره ٻولين ۾ لکيل ڪهاڻين جا ترجما آهن.
اهو مترجم جي صوابديد تي آهي ته هو ڪهڙي لکڻيءَ کي ترجمي ڪرڻ جي لاءِ بهتر سمجهي ٿو. باقي اصولي طور ڪا به ڪهاڻي، ناول يا شاعريءَ کي ترجمي ڪرڻ چونڊڻ وقت اهو خيال رکيو ويندو آهي ته ان جي حيثيت سندس ٻوليءَ ۾ شاهڪار واري کڻي نه به هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ بهترين ضرور هجي. ان لاءِ عالمي ادب ۽ ان جي پرک جو وسيع مطالعو هجڻ ضروري آهي. باقي هِتان هُتان هٿ هڻي مڙئي ترجمو ڪري ڇڏڻ لاڀائتو ڪم ڪونهي. ان سان نه پنهنجي ٻوليءَ جي ادب ۾ اضافو ٿيندو ۽ نه پڙهندڙن کي پرڏيهي ادب جي سٺين لکڻين جي واس وٺڻ جو موقعو ملندو.
ڀوَن سنڌي جي ترجمي جي لاءِ چونڊ ڪنهن حد تائين سٺي آهي. ٻي ڳالهه ته هن وٽ سٺي ترجمي ڪرڻ جو ڏانءُ آهي. البته جيڪڏهن هو دنيا جي ناميارن ليکڪن جي ڪهاڻين مان چونڊ ڪري ته اڃا وڌيڪ لاڀائتو ڪم ٿي سگهي ٿو.
هن مجموعي ۾ چئن جڳ مشهور ليکڪن جون ڪهاڻيون شامل آهن، جن مان البرٽو مورا ويا ته دنيا جو مڃيل ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار آهي. اڪوتگاوا کي جپاني مختصر ڪهاڻيءَ جو ابو سڏيو وڃي ٿو. هن ڏيڍ سئو کن ڪهاڻيون ۽ شاعريءَ ۾ هائيڪو لکيا آهن. ”نڪ“ ڪهاڻي لکڻ تي هن کي وڏي شهرت ملي. جپاني لوڪ ڪهاڻي جي آڌار تي لکيل هن ڪهاڻيءَ ۾ زينچي نالي ٻُڌ پروهت جو مُک ڪردار آهي. هن کي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي ڀروسي ڪرڻ بدران ان ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته سماج ۾ کيس سندس نڪ سان پرکيو ويندو.
رابن مور آمريڪن ليکڪ آهي جنهن جو لکيل French Connection منشيات جي موضوع تي هڪ مشهور ناول آهي. ان تي هالي ووڊ ۾ فلم به ٺهي هئي. جين هل جو تعلق بي بي سي سان رهيو آهي. هن جا ٽي ناول ڇپيل آهن.
ڀوَن سنڌي جون سهڻي سلوڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪهاڻيون دنيا جي ادب جي جهلڪ پيش ڪن ٿيون، اميد آهي ته هو ترجمي جي ان اهم ڪم کي جاري رکندو.
[b]شوڪت حسين شورو[/b]