جنم جا رشتا
[/b]
هو سپرنٽينڊنٽ آفيس مان ٻاهر نڪتو. هنجا ڪپڙا ميرا ٿي چڪا هئا ۽ بغلن مان پگهر جي بدبوءِ اچي رهي هئي. هن جا ڪلها لڙڪي آيا هئا. هو هڪ سپاهي جي پهري ۾ اُن ٻني مان گذري رهيو هو، جتي قيدي پنهنجيون ڀاڄيون پوکي رهيا هئا. اُن کانپوءِ هو پاسن کان لڳل سرن جي وچان رستي کان ٿيندو بند لوهي دروازن وٽان گذرڻ لڳو.
هڪڙو ٻيو سپاهي جيڪو مينِ لوهي گيٽ جي اندران معمور ڪيل هو، لوهي گيٽ جي ننڍڙي دري کولي، جيئن هو ٻاهر وڃي سگهي. سپاهي جيڪو هن سان گيٽ تائين گڏ آيو هو، هن کي پري ويندو ڏسندو رهيو ۽ رڙ ڪري پڇيو. ”اي دوست! وري واپس ڪڏهن موٽي ايندين؟“
هن ٻيئي اکيون ٻوٽي کلي ڏنو. ايئن ڪندي هنجا سنياريل ڏند ٻاهر نڪري آيا. هن پوئتان ڪنڌ ورائي نظرن ئي نظرن ۾ جيل کي خدا حافظ چيو، جتي هن ڀيري هن لاڳيتو ڇهه مهينا ڪاٽيا هئا. هن جي وات مان بنا ڪنهن مطلب جي نڪتو:
”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي......“
جنهن وقت هنجي وات مان کهري آواز ۾ اهي لفظ نڪتا، ٺيڪ اُن وقت هنجي پويان مين لوهي گيٽ جي زور سان بند ٿيڻ جو آواز هنجي ڪنن تائين پهتو.
جيل مان آزادي ماڻڻ تي هن ڏک محسوس ڪيو. ”ڪيڏانهن وڃان؟“ هنجي من ۾ خيال گردش ڪرڻ لڳا. هن غيرارادي طور ڪنڌ ورائي جيل جي اڳيان ڏامر جي رستي ڏانهن نهاريو.
هي اُها مهل هئي جڏهن اُڀرندي ڪناري جا مئخانا بند ٿي چڪا هئا. آسمان جهڙالو ۽ ڀورو ڏيکائي ڏنو ٿي. اُتر جي هوا رکي رکي پاڻ سان هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ آندي پي. اهو هڪ اُداس منظر هو. پر ايترو به اُداس نه، جيترو هن کي جيل جي کولي ۾ محسوس ٿيندو هو. صبح جو سج اڃان ڪونه اڀريو هو. آسمان ۾ اڃان بادل ڇانيل هئا. مايوس ۽ منجهيل ذهن سان، هو بنا ڪنهن مطلب جي رستي تي هلڻ لڳو.
رستي تي ڌنڌلاڻ ۾ هن کي ڪا شئي نظر آئي. هن جهڪي اُن کي کنيو اهو سگريٽ جو پائپ هو، جيڪو شايد ڪنهن واٽهڙو ڦٽو ڪيو هو ۽ بارش ۾ ڀڄي پيو هو. هن پائپ کي اُگهي کيسي ۾ وڌو ۽ پوءِ هن کي ياد آيو ته، هن وٽ اڃان هڪ ڊالر ۽ ڪجهه سڪا پاڇي بچيل هئا.
هن جو هٿ پاڻ مرادو کيسي ڏانهن وڌيو. کيسي ۾ پيل پئسن جي ڇهاءُ هن کي ڏاڍو لطف پهچايو. اهي پئسه هنکي جيل جي ڪاري چڪر ۾ ورتل سخت پورهيئي جي اُجوري طور مليا هئا. هن کي پئسن جو ڇهاءُ گهڻو وقت خوش رکي نه سگهيو. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ ڪنڌ لوڏيو.
”ٺيڪ آهي! پر آخر ڇو خوشي جلدي کسجيو وڃي؟“
هن اکيون کڻي آسپاس نهاريو. هن کي محسوس ٿيو ته هو جيل ڏي وڃي رهيو هو.
”لعنت هجي! هي ته غلط رستو آهي. آءٌ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان؟ ڪٿي مونکي شيطان ته گمراهه نه ڪري رهيو آهي؟“ هن من ئي من ۾ بڪڻ شروع ڪيو. هاڻ هو واپس دنيا ۾ موٽي آيو هو ۽ هنجو وري ڪئنٽونيز ڪلب وڃڻ جو ڪوبه ارادو ڪو نه هو. جيتوڻيڪ جيل جي اوٽ ۾ اڏيل شهر ڏي فقط هڪ ئي رستو ويو ٿي. پر نه ڄاڻ ڇو هن جا قدم سدائين غلط رستي ڏي کڄي ويندا هئا.
”خدا جي ڪا لعنت پوي! آخر مونکي صحيح رستو ڇو نٿو سجهي؟“ هن پنهنجي عادت کان مجبور ٿيندي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”ڪهڙو به رستو ڇو نه هجي پنهنجي لاءِ ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي.“
ٿوري دير ساهي پٽي هن وري هلڻ شروع ڪيو. پر هاربر ڪلب جي هيڊ ڪوارٽر تي پهچڻ کان اڳ هو ڪافي ڦيرو ڪري چڪو هو.
بندرگاهه تي فقط هڪ جهاز خالي ٿيڻ لاءِ لنگر انداز ٿيل هو. مزور سڀ وڃي چڪا هئا، ڪلب خالي ٿي چڪو هو ۽ خاموشي اهڙي ڇانيل هئي، جهڙي ڪنهن سنياسي جي آستان تي هوندي آهي.
هن سڄي عمر هڪ ڇڙي جي زندگي گذاري هئي. ۽ ڪڏهن به هنکي گرم ۽ نرم هٿن جو ڇهاءُ نصيب نه ٿيو هو. پر جڏهن ڪئنٽونيز ڪلب جو در کولي بورچيخاني جي پاسي واري هال ۾ ويو، ته هو هڪ وڏي ماڻهو جي شوقين مزاج ۽ بگڙيل ٻار جيان ڏيکاءُ ڏيڻ کان پاڻ کي جهلي نه سگهيو. هن بغل ۾ جهليل ڪپڙا ڪاٺ تي اُڇليا ۽ دري کولي هيڏي هوڏي نهاريو. هن محسوس ڪيو ته هر شئي ايئن ئي هئي، جيئن ڇهه مهينا اڳ هن کي ياد هو. ايتريقدر جو آهه هنگ جو سڻي مان ٺهيل بسترو، تيل سان ڀريل وهاڻو ۽ پگهر جي بدبوءِ سان ڀريل ميرن ڪپڙن تائين سڀ ساڳيا هئا. ڪجهه به ته نه بدليو هو.
آهه هنگ جو خاڪو ان جي من جي ڪينواس تي ڪڪرن جيان چٽجي ويو. ويهه سال اڳي اهو نوجوان بلڪل هن جيان ئي لڳو ٿي. ڇا هو آهه هنگ جيڏو سگهارو ۽ طاقتور نه هو؟ پر هن جي زندگي جي پوءِ وارن ويهن سالن بابت سوچيندي، جنهن ۾ هو سدائين لاءِ هليو ويو هو، ڇا آهه هنگ بهتر مستقبل جي اُميد ڪري سگهيو ٿي؟ جيتوڻيڪ هو پڻ اُن ڪمري ۾ رهندڙ ٻين دوستن جيترو ئي مصيبت زده هو، پر پوءِ به هن جي اندر ۾ اُنهن جي لاءِ همدردي جو جذبو اُڀري آيو.
ها - شايد آهه هنگ هنجي سٺن دوستن مان هڪ هو. هو بندرگاهه تي ڀنگي جي نوڪري تي لڳل هو. لڙائي کي بند ٿئي اڃان ٿورو وقت مس گذريو هو. جنگ کان گهڻو اڳي آهه هنگ جي سٺي ڪمائي هوندي هئي، ۽ ڏکئي وقت ۾ هن منهنجي مدد ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو هو. بيشڪ هو منهنجي سٺن دوستن مان هڪ هو.
”شل مهاتما ٻڌ سدائين هن سان گڏ هجي!“ هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو. ”هي نوجوان يقينن هڪ سٺي دل جو مالڪ آهي ۽ شايد هنن ڏکين ڏينهن ۾ هو پنهنجي بهتري لاءِ ڪجهه ڪري وٺي. ۽ پوءِ ماڻهو وري اها ٽيڪا ٽپڻي ڪندا ”ڏسو! ڪيئن نه هر ماڻهو کي زندگي ۾ هڪ موقعو فراهم ٿئي ٿو.
”پر موقعي مان ڇا مراد آهي؟ سڀ ڪجهه اڳيئي نصيب ۾ لکيل هجي ٿو.“ ۽ پوءِ هن کهري آواز ۾ پنهنجو پسنديده شعر جهونگارڻ شروع ڪيو.
ڪوئي ٻڌائي خدا ڇا ٿو چاهي؟
۽ فقط تڏهن-
جڏهن عمر وڃي ٿي وڌنڌي.
ماڻهو پوئتي ٿو نهاري.......
هنجا خيال مسلسل آواره گردي ڪري رهيا هئا. هو پنهنجو پاڻ سان، هميشه جيان جڏهن جيل مان نڪرندو هو ڳالهائي رهيو هو ۽ جهونگاري رهيو هو. ان مهل هن کي خبر نه پوندي هئي ته هو ڇا سوچيندو هو يا ڇا ڳالهائيندو هو ۽ ڇا ڳائيندو هو.
هو اهو به وساري ويٺو ته هن وقت گهڻو ٽائيم ٿيو هو. هاڻ بندرگاهه جا پورهيت ڪلب ڏانهن موٽي آيا هئا. هو پنهنجي قدمن ۽ جهونگارڻ جي آواز تي سجاڳ ٿي ماضي مان حال ۾ موٽي آيو ۽ گهڙي پل ساهي پٽڻ کانپوءِ ساڻن ملڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر نڪتو.
هنن سڀني سندس چوگرد گهيرو ٺاهي ورتو ۽ هنجي اهڙي نموني آجيان ڪئي، جيئن ڪو سپاهي جنگ ۾ هنن کان وڇڙي واپس يونٽ ۾ موٽي آيو هجي. آهه شائو جنهنجا چپ سهي جيان هئا ۽ ميڙ ۾ مڙني کان اڳيان هو، تنهنجي مٿس سڀني کان پهرين نظر پيئي ۽ رڙ ڪندي چيو:
”اڙي اوا انڌا گجگوڙي! تون وري ٻاهر نڪري آئين؟“ هن کي پاڻ تي رکيل حجتي نالو ڇهن مهينن کانپوءِ ٻيهر ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. سهي جي چپن جهڙو آهه شائو ڏاڍو ڀلو ماڻهو هو. هن مذاق مذاق ۾ کلندي چيو:
”آخر هو توکي سدائين لاءِ مفت جي ماني ۽ رهائش ڪٿي ٿا ڏيئي سگهن.“
اڄ بورچيخاني ۾ ٻوڙ ٺاهڻ جو هنجو وارو هو. هو سدائين پنهنجي واري اچڻ تي پريشان ٿي ويندو هو. هو انڌي گجگوڙي ڏانهن نهاري کليو:
”خدا جو شڪر آهي، اسانجو انڌو گجگوڙي واپس اچي چڪو آهي. هاڻي ڪنهنکي به بورچيخاني ۾ وڃڻ جي تڪليف ڪرڻي نه پوندي.“
بندرگاهه تي ڪم جي وقفي واري وقت ۾ ڪلب جي رونق موٽي ايندي هئي. ڪجهه پورهيت آرام ڪرڻ لاءِ ليٽي پيا ته، ڪجهه وري زور سان سگريٽ جا ڪش ڀري مزو وٺڻ لڳا. ۽ جن جو اڄ ماني ٺاهڻ جو وارو هو سي بورچيخاني ۾ ڪم کي لڳي ويا. اڌ ڪلاڪ جي ان وقفي ۾ انڌي گجگوڙي پنهنجن ساٿين سان گڏ ٻنپهرن جي ماني کاڌي. جڏهن سڀئي پورهيت واپس ڪم تي هليا ويا ته هو ڪلب ۾ وري اڪيلو رهجي ويو. ۽ آسپاس وري خاموشي ڇائنجي ويئي.
پوڙهو اُٿي بورچيخاني ۾ ويو ۽ هن مزي مزي سان برتن صاف ڪرڻ شروع ڪيا. جڏهن هو بورچيخاني جي صفائي جو ڪم پورو ڪري واپس پنهنجي ڪمري ڏانهن ويو ته، آهه هنگ جو ڄاتل سڃاتل آواز هن جي ڪنن تائين پهتو:
جيڪڏهن ڪرڻ چاهين ٿي شادي،
ته ڪر مونسان،
ڪڏهن به ڀلجي نه ڪر ٻئي سان.
آهه هنگ اوچتو پوڙهي جو سنهڙو پاڇو ڏسي بيهه رهيو ۽ ڪلهي تي هٿ رکندي چيو:
”اي انڌا گجگوڙي! تون ڪڏهن ٻاهر آئين؟“
پوڙهي آهه هنگ جو هٿ جهلي اُنکي ڀليڪار واري انداز ۾ لوڏيندي چيو.
”اڄ ئي صبح جو.“
آهه هنگ پنهنجي سڻي جي بستري تي ليٽي پيو ۽ هڪ ٿڌو ساهه کنيو.
”وقت ڪيترو نه تيزي سان گذري پيو. ڏسندي ڏسندي ڇهه مهينا کن پل ۾ گذري ويا.“
”صحيح ٿو چوين.....“ انڌي گجگوڙي کي چوڻ لاءِ وڌيڪ لفظ نه سجهيا.
”هاڻي تون ڇا ٿو ڪرڻ چاهين؟“
هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو.
”آءٌ سمجهان ٿو تنهنجي لاءِ هتي بورچيخاني ۾ ڪم ڪرڻ بهتر آهي. ٻيو ڪم توکان پڄي ڪونه سگهندو؟“
”ٺيڪ آهي. آءٌ توسان متفق آهيان.“
”آءٌ تو بابت سوچيندو رهندو آهيان. تون ته ڄاڻين ٿو ۽ مون ڪافي جانچ به ڪئي آهي. هڪ ته خالي جايون ناهن ۽ ٻيو ته جڏهن اُنهن کي خبر پوي ٿي ته اُها تنهنجي لاءِ ٿي کپي ته......“
هي نوجوان فقط پنجويهه سالن جو هو، پر هنجي ڳالهائڻ مان ايئن لڳو ٿي ته ڪوئي بزرگ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي هدايت ڪري رهيو هجي ۽ جنهنجيون اکيون مهڻن ۽ شڪايتن سان ٻرندڙ هجن.
”توکي پنهنجو الزام پاڻ تي ڌرڻ گهرجي پوڙها. ڀلا هي شيطان سگريٽ توکي ڇا ٿو ڏي؟“ انڌي گجگوڙي پنهنجيون اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ پنهنجي دوست جي کرين ڳالهين تي شرم محسوس ڪرڻ لڳو.
”تون سمجهه دار آهين. پوءِ ڇو نٿو نشو ڇڏين؟،“
”نوجوان تون صحيح ٿو چوين. پر توکي ته سموري قصي جي خبر آهي. مون اڄ کان ڏهه سال اڳ هڪ ڀيرو نشو ڪرڻ ڇڏيو هو.“
”وري پوءِ ڇو شروع ڪيئي؟“
”اهو هڪ ڊگهو قصو آهي. آءٌ مرڻ گهڙي تائين ان عورت کي وساري نه سگهندس.“ هو ايئن چوندي ماضي جي يادن کي ميڙڻ لڳو ” آءٌ اُنهن ڏينهن پاکو تي ۾ مرغيون ۽ بدڪون وڪڻندو هئس. هڪ ڏينهن آءٌ آفيم جي نشي ۾ ڌت هئڻ ڪري روڊ تي ڪري پيس. مون اُن ڏينهن کان پوءِ نشو ڪرڻ ڇڏي ڏنو. پر جلد ئي منهنجي ملاقات اُن موٽي شيطان عورت سان ٿي.....“
”هوءَ ڪير هئي؟ ڇا اها لو اسٽوري آهي؟“
”خدا جو سونهن ايئن ناهي.“ انڌي گجگوڙي جي اندر جو ڄڻ درياهه اُٿلي پيو. ”هڪ ڀيري آءٌ مارڪيٽ ۾ مرغيون وڪڻي رهيو هئس جو اُها سوئر جهڙي ٿلهي عورت منهنجي دڪان جي اڳيان گذري. هنجا ڊگها وار پڇ وانگي لٽڪي رهيا هئا. هن جي ڪڇ ۾ ننڍڙو ٻارڙو هو ۽ هٿ ۾ پرس. هن منهنجي دڪان جي اڳيان ٿاٻو کاڌو ۽ هنجي هٿ مان پرس ڇڏائجي اچي منهنجي دڪان ۾ ڪريو. پرس ۾ ايترا گهڻا پئسا هئا، جو مان ڪر سڄي عمر ۾ به ڪمائي نه سگهان ها. پئسو هر برائي جي جڙ آهي. مون پرس کنيو ۽ سڌو آفيم جي اڏي تي ويس، جتي شهر جون تمام خوبصورت ڇوڪريون هر آئي جي خدمت لاءِ موجود هونديون آهن. افسوس جو اها هڪ سچي ڪهاڻي آهي.“
آهه هنگ محسوس ڪيو ته پوڙهو پيار جي دنيا ۾ گم ٿي چڪو هو. پر هن ڳالهه کي ختم ڪرڻ وقت جڏهن ٿڌو شوڪارو ڀريو ته هن کي مٿس ڏاڍو رحم آيو.
”ٺيڪ آهي. پر جي تون اڃان به چاهين ته نشو ڇڏي سگهين ٿو؟“
”ايئن ڪيئن ٿي سگهي ٿو نوجوان؟“ انڌي گجگوڙي اوٻاسي ڏيندي چيو. ”جيڪڏهن تون مون کي هدايت ڪرين ته به آءٌ نشو ڇڏي نٿو سگهان. بنا نشي جي آءٌ پاڻ کي بيمار محسوس ڪريان ٿو. ايتريقدر جو اُن کانسواءِ آءٌ هلي به نٿو سگهان.“
”پر توکي نشو هر حالت ۾ ڇڏڻ گهرجي. تون جڏهن جيل ۾ هوئين تڏهن نشو نه ڇڏيو هوئي؟“
”نه. ننڍڙا ٻارڙا! توکي ان راز جي خبر ئي ناهي! اسين آفيم جا موالي، سچ پڇين ته دنيا جا انتهائي هوشيار ۽ مضبوط ترين ماڻهو آهيون. اسان کي جڏهن ٻاڙ لڳي ٿي ته اسين ڪٿان نه ڪٿان رستو ڳولي ڪڍون ٿا. ۽ آفيم جو هڪ يا ٻه ڳوڙها واپرائي پنهنجي ٻاڙ مٽايون ٿا.“
آهه هنگ کي هن جي ان حالت انتهائي تڪليف رسائي. پر هو چاهيندي به هنجي لاءِ ڪجهه نٿي ڪري سگهيو. هو ايترو ئي ڪنگال ۽ پريشان حال هو، جيترو هنجو دوست هو. هن کي نون سالن جي عمر ۾ سندس اڳي ماءُ گهر مان ٺيلهي ڪڍي ڇڏيو هو. هو تڏهن کان جپسين واري زندگي گذاري رهيو هو. پيٽ جي باهه اُجهائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي باوجود هنکي فاقا ڪڍڻا ٿي پيا. هن وقت هو هڪ ماهي گير وٽ هڪ ڊالر جي اُجوري تي ڪمائي رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن جي قسمت گهڻي مهرباني ٿيندي هئي، ته هو ٻي ٽي ڊالر به ڪمائي وٺندو هو. ۽ جڏهن بندرگاهه تي ڪم ڪار نه هوندو هو ته هنکي پيٽ گذر جي لاءِ ٻيا در ڀيٽڻا پوندا هئا. سيٺين جي روزاني غذا ۾ مڇي ۽ گوشت شامل هوندو هو، جڏهن ته هنکي چانور به نصيب ٿيا ته ٺيڪ، نه ته خالي پيٽ سمهڻو پئجي ويندو هو. انهي فرق جو ڪارڻ اهو نه هو ته ڪو هو سگهارو يا جانٺو مڙس نه هو، يا هو سخت پورهيو ڪري نٿي سگهيو يا ڪو هو ٻين کان گهٽ پورهيو ڪندو هو، يا هنکي عقل ڪونه هو. پر پوءِ به هو سمجهي نٿي سگهيو ته آخر ايئن ڇو ٿي ٿيو..... هنکي فقط اها خبر هئي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا غلطي ضرور هئي. ڊاڪن، بدمعاشن ۽ چورن کي ڏسو.... هو ڪيڏي نه عيش واري زندگي گذارين ٿا. هن پنهنجو رت ٽهڪندو محسوس ڪيو ۽ غصي مان چپ ڀيڙي دري کان ٻاهر سمنڊ ڏي نهارڻ لڳو. هو ٻيئي خاموش هئا.
بندرگاهه کان ڳرين ڪرينن جو شور اچي رهيو هو، جنهن سان گڏ پورهيتن جي ڪم جو آواز پڻ مليل هو.
اوچتو آهه هنگ کي ڪجهه ياد آيو ۽ هن پنهنجي دوست کي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيو.
”آءٌ توکي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ته وسري ويس.“
انڌي گجگوڙي هن ڏي سواليه نظرن سان نهاريو.
”ڇا توکي بالڊ هيڊ ياد آهي؟ جيڪو ندي جي ڀرسان واڙي مان ڇانيون چوري ڪري مارڪيٽ ۾ وڪڻندو هو؟“ آهه هنگ ڳالهه کي جاري رکيو، ”گذريل سال هو آيو هو ۽ چيائين ٿي ته هن کي هڪ وڏي ڪارخاني ۾ مڪينڪ جي نوڪري ملي ويئي آهي. ڇا هو توکي ذهن تي اچي ٿو؟ ٺيڪ آهي. ٽيون ڏينهن هن بس ڊرائيور کي منهنجي لاءِ نياپو ڪيو ته، هو ماهانه سو ڊالر ڪمائي وٺي ٿو ۽ آءٌ جي ڪجهه پئسه هٿ ڪريان، ته هو منهنجي لاءِ مڪينڪ جي نوڪري جو انتظام ڪري سگهي ٿو.
”اها ڏاڍي سٺي خبر آهي. پوءِ ته توکي وڃڻ گهرجي.“ انڌي گجگوڙي جو آواز کهرو ٿيندو ويو ۽ هاڻ هو لرزي به رهيو هو.
”ها تو ته چئي ڇڏيو. پر پئسا ڪٿان اچن؟“
پوڙهي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ پئسن کي آڱرين ۾ ڦيرائيندي خيال پچائڻ لڳو، ”ڇا هنجي لاءِ اهي ڪافي ٿيندا؟“ هن پنهنجي پريشان حال دوست تي نظر وڌي ۽ ايترو ڏک محسوس ٿيس، جيترو ڪنهن اسڪول جي ٻارڙي کي اسڪول دير سان پهچڻ ڪري، پيرڊ گذري وڃڻ سبب ٿيندو آهي. زندگي روزگار جي تلاش ۾ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين، ڌڪا ٿاٻا کائيندي ختم ٿيڻ نه گهرجي. اپر ڪلاس جو هرڪو معتبر غريبن جي ڀلائي ۽ اُنهن جي زندگي کي بهتر بنائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. پر هرڪو پنهنجي مٿي ڪٿي زندگي گذاري ٿو ۽ پاڻ ئي پنهنجي لاءِ جتن ڪري ٿو. هرڪو پنهنجي لاءِ جيئي ٿو ۽ ٻئي کي جڳهه نٿو ڏي. هاڻ هن نوجوان کي زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ موقعو ميسر ٿيو هو، پر اڳيان هڪ وڏي رڪاوٽ هئي..... پئسو.“
ٻنهي دوستن جي عمر ۾ ويهارو سالن جو فرق هو پر پوءِ به هو ٻيئي هڪڙي ٻيڙي جا سوار هئا. ٻيئي ساڳين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا هئا ۽ ٻنهي کي هڪ ٻئي جي لاءِ همدردي هئي. جيئن ته نوجوان کي پنهنجي زندگي کي سهل بنائڻ جو هڪ موقعو ميسر ٿيو هو. پر پوڙهو هن سان اُن مهل ۾ چاهيندي به هٿ ونڊائي نٿي سگهيو. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو. ”آءٌ هنجي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڇا ڪري سگهان ٿو؟“
هو پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي چڪو هو ۽ بلڪل خاموش هو. آهه هنگ دري کان ٻاهر سمنڊ ڏي نهارڻ لڳو. جڏهن نوجوان ڏور سمنڊ ۾ ٻيڙي کي بندرگاهه جي ويجهو ايندي ڏٺو ته، هو تڪڙو ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ ملاح کي مڇي لهرائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پوڙهو ڪمري ۾ پنهنجين سوچن سان گڏ اڪيلو رهجي ويو.
جيتوڻيڪ آهه هنگ جو مسئلو هنجي ذهن تي اڃان به ڇانيل هو. تڏهن به هنکي بورچيخاني ۾ پنهنجي ذميواري جو احساس هو، هنکي اها خبر نه هئي ته رات جي ماني تي ڪيترا ماڻهو هوندا، پر هن اندازي تي ڳچ چانور سڪل مڇي سان گڏي پريشر ڪڪر ۾ وڌا. جڏهن مڇي جو ڀت تيار ٿيو ته، هن ٻين جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ٻه ٿالهيون چانورن جون کاڌيون ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو.
گهٽي کان ٻاهر به هنجي ذهن تي اهو مسئلو ڇانيل رهيو ته هو ڪهڙي ريت پنهنجي دوست جي مدد ڪري سگهيو ٿي. جيئن ئي هو هوٽل مانٽائو کان گذريو ته اوچتو هن کي خوشي محسوس ٿي. ڳاڙهين ۽ ساين بتين هنکي ويهه سال اڳي جي ڪيل حرڪت ياد ڏياري. هو ٻيئي هٿ پويان ورائي هلڻ لڳو ۽ هوٽل جي ڪنڊ ۾ ڪرسي تي ويهي رهيو. هن ڪافي جو آرڊر ڏنو ۽ مزي مزي سان ڍڪ ڀرڻ لڳو ۽ هڪڙي ٽيبل کان ٻي ٽيبل تائين نطرون گهمائي جائزو وٺڻ لڳو.
ڪجهه منٽن ۾ هن نيٺ اُن کي ڳولي ورتو جنهنجي کيس تلاش هئي. هو اُٿيو ۽ اڌڙوٽ عمر جي سيٺ ڏانهن وڌيو، جنهنکي عمدي قسم جو لباس پهريل هو. هو هنجي پاسي ۾ ٿي بيٺو ۽ کيس آهستي ڪن ۾ چيائين:
”محترم! ڇا توهانکي ڇوڪري کپي؟“
سيٺ جو وات پاڻي ٿي ويو. هن مرڪي ڏنو ۽ پڇيو: ”ڪهڙي قسم جي؟“
”هڪ نوجوان ڇوڪري، جيڪا تازو ڌنڌي کي لڳي آهي ۽ پهريون ڀيرو آئي آهي. سندس عمر مشڪل سان ويهه سال ٿيندي.“ پوڙهي ڪوڙ ڳالهايو.
”ڪيترو وٺندي؟“
”هوءِ پنجاهه ڊالر وٺندي. پر هنجي شرط آهي ته کيس پئسا اڳواٽ ڏنا وڃن.“
”ٺيڪ آهي. هوءِ جيڪڏهن واقعي ايڏي خوبصورت آهي ته پئسن جو ڪو مسئلو ڪونهي.“
سيٺ هن کي پنجن ڊالرن جو نوٽ هٿ ۾ ٿمائيندي، شوق مان نه ماپندي چيو،“ هي وٺ تنهنجا چانهه پاڻي جا پئسا. آءٌ ٻاهر ڪار ۾ انتظار ڪريان ٿو. تون ڇوڪري کي اُتي وٺي اچ.“
انڌي گجگوڙي محسوس ڪيو ته هو ڏاڍو اُتاولو هو. پر ساڳئي وقت مڇي جيان ڏاڍو چالاڪ ۽ هوشيار به هو. تنهنڪري هو کائنس پوري رقم اڳواٽ وٺڻ جي همٿ نه ساري سگهيو.
”اوهه نه سائين ڪا ڳالهه ناهي! جيڪڏهن ٻين ماڻهن کي خبر پئجي ويئي ته هوءِ ڇا پيئي ڪري، ته ڪم ڦٽي ويندو. مونکي پنهنجو ڪمرو نمبر ٻڌايو. آءٌ کيس اُتي ٿو پهچائي ڏيان.“
سيٺ کي پهرين ته سندس ڳالهه تي حيرت ٿي. پر پوءِ ٿورڙو سوچيندي چيائين. ”ٺيڪ آهي آءٌ فرسٽ فلور تي ڪمري نمبر 13 ۾ ٽڪيل آهيان. جلدي موٽجانءِ. جڏهن تون اُنکي وٺي ايندين ته آءٌ توکي ٻيا به ڏهه ڊالر خرچي ڪرائيندس.“
”ٺيڪ آهي. ٺيڪ آهي. آءٌ پندرهن ويهن منٽن ۾ ڇوڪري کي وٺي اچان ٿو.“
”شاباس! فرسٽ فلور ڪمرو نمبر 13 نه وسارجانءِ.“
انڌو گجگوڙي هوٽل مان ايئن جلدي نڪتو جيئن ڦاٿل مڇي ڄار جي سوراخ مان ڀڄي نڪري. ٻاهر نڪري. هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو. ”هاءِ بدبختي! مون سمجهيو ته آءٌ مرغو ٿو ڦاسايان پر هي ته ننڍڙو جيتا مڙو نڪتو.
هن پهرين ڪلب واپس وڃڻ جو سوچيو پر پوءِ سوئر جهڙي سيٺ سان منهن مقابل ٿيڻ جي ڀئو کان فيصلو بدلائي ڇڏيو. هن پوءِ ٿڌي دماغ سان سوچڻ شروع ڪيو. جيئن ته پنج ڊالر تمام ٿورا هئا. اُنهن کي ڪهڙي ڪم ۾ آڻي سگهجي ٿو؟ ۽ نيٺ هو نتيجي تي پهتو. ”مونکي سڌو سئنيما وڃڻ گهرجي.“
هو پهريئين شوکان ڪجهه وقت اڳي اُتي پهچي ويو. سئنيما جي گيٽ تي ماڻهن جي وڏي رش لڳل هئي. هو ماڻهن جي انبوهه ۾ شڪار ڳولڻ لاءِ گهڙي ويو. اڃان ڪجهه گهڙيون ئي نه گذريون جو هنجي نظر هڪ اڌڙوٽ عمر جي شخص تي پيئي، جنهن کي مغربي لباس پهريل هو. هنجي پينٽ جي پوئين پاسي جي پاڪيٽ ۾ مخمل جو ٻٽون نمايان نظر اچي رهيو هو. هو آهستي آهستي ماڻهن جي ميڙ مان گذرندو، هن تائين پهتو ۽ انتهائي هوشياري سان، پنهنجيون ٻه آڱريون هنجي کيسي ۾ وجهي ٻٽون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. پر جيئن ته هو پوڙهو ٿي چڪو هو ۽ هاڻ هن ۾ اُها جواني واري ڦڙتي نه رهي هئي. اهو ئي سبب هو، جو هو جاءِ واردات تي ئي پڪڙجي پيو. اڌڙوٽ عمر جي شخص کيس زور سان ٿڦ وهائي ڪڍي ۽ رڙ ڪندي چيو ”شيطان! تو منهنجي کيسي ڪٽڻ جي همٿ ڪيئن ڪئي؟“
پوڙهي کي پوليس اسٽيشن وٺي آيا. آهه هنگ کي جڏهن واقعي جي خبر پيئي ته کيس ڏاڍو ڏک پهتو.
”ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي. ٻه ٽي سال اڳي هن واعدو ڪيو هو ته هو وري چوري نه ڪندو. ۽ جڏهن ته هن ۾ جواني واري ڦڙتي به نه رهي هئي، هن تڏهن به.....“
هن فيصلو ڪيو ته، هو پنهنجي دوست جي لاءِ پوليس اسٽيشن ويندو ۽ هنجي ضامن تي آزادي لاءِ ڪوشش وٺندو. هن جڏهن پوڙهي کي سلاخن جي پويان ڏٺو، ته هو پنهنجي تلخي کي روڪي نه سگهيو.
”اڙي او انڌا گجگوڙي! آخر توکي ڪهڙي تڪليف هئي جو تو هي احمقانه حرڪت ڪئي؟“
پوڙهي پنهنجيون اکيون ڪجهه دير لاءِ جهڪائي ڇڏيون، ۽ پوءِ اکيون مٿي کڻي پنهنجي دوست ڏي نهاريندي شرمائيندي چيائين:
”توکي ڪيئن خبر پيئي ته آءٌ وري هتي آيل آهيان.“
”دوست تون ڀلا ڪنهن کان لڪي سگهين ٿو؟“ آهه هنگ ڳالهه کي جاري رکندي چيو ”انڌا گجگوڙي! جڏهن ڄاڻين به ٿو ته هاڻ تون پوڙهو ٿي چڪو آهين، ۽ ايتري حد تائين جو تنهنجي نظر به چٽي نٿي پوي. پوءِ توکي ائين ڪرڻ جو من ۾ خيال ڪيئن آيو؟“
پوڙهي شخص جواب ۾ فقط ٿڌو شوڪارو ڀريو.
”توکي ڪلب ۾ مفت جي ماني ملندي هئي پوءِ توکي پرايا کيسا ڪٽڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“
انڌي گجگوڙي نه ئي ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ۽ نه ئي پاڻ کي ڏوهاري محسوس ڪيو. هو اڪثر آفيم جي الزام ۾ جيل ويندو رهندو هو. ۽ سي. آءِ. ڊي وارا، گهڻو ڪري هنجي ڪيس کي عام رواجي ڪري وٺندا هئا. مستقل موالي هئڻ سبب، هنکي لاعلاج سمجهي خانه پوري ڪري ڇڏي ڏيندا هئا. پر هن ڀيري هو جيب ڪتري جي الزام ۾ گرفتار ٿيو هو.... اهو ڪو عام رواجي ڏوهه ڪو نه هو. تنهنڪري هو خاموش رهيو. ٿوري دير رکي هن آهستي ڳالهايو.
”حقيقت ۾.....“
هو ڳالهه پوري ڪري نه سگهيو ۽ خاموش ٿي ويو. هنکي محسوس ٿيو ته ڪا ڳالهه هنجي اندر ۾ هئي جنهن هنکي سچ چوڻ کان روڪيو ٿي.
آهه هنگ نٿي چاهيو ته سندس دوست کي ڪا تڪليف رسي ”جيڪي ڪجهه ٿي چڪو اُن تي پريشان نه ٿي. ڪجهه مهينن جي ئي ته ڳالهه آهي. اُهي به ڄاڻ گذري ويندا. آزاد ٿيڻ کانپوءِ ماني ۽ رهائش جو فڪر نه ڪجانءِ. آءٌ ويٺو آهيان.“
پر پوڙهو ڪجهه ٻيو سوچي رهيو هو. ”آهه هنگ منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ! تون بالڊ هيڊ وٽ وڃ ۽ ڪوشش ڪري ڪم سکي پنهنجي زندگي کي بهتر ۽ سهل بنائڻ لاءِ جتن ڪر. مون وٽ اڃان ڏهه ڊالر باقي آهن جيڪي توکي ڀاڙي خرچ لاءِ ڪم اچي سگهن ٿا. منهنجو فڪر نه ڪر آءٌ ههڙي قسم جي زندگي سالن کان گذاريندو آيو آهيان. آءٌ چاهيان ٿو ته گهٽ ۾ گھٽ تون روشن مستقبل ماڻين ۽ تنهنجي جيون جي جهول خوشين سان ڀرجي وڃي.“
آهه هنگ کي پنهنجي دوست جي لفظن ڏاڍو متاثر ڪيو. هن پوڙهي پنهنجي آزادي داءُ تي لڳائي کيس خوشيون ڏيڻ لاءِ سوچيو. آهه هنگ پوڙهي جا هٿ جهلي پنهنجا لڙڪ اُگهيا ۽ جذباتي ٿيندي چيو:
”پنهنجو خيال رکجانءِ. شل ڏکيو ڏينهن نه ڏسين“ ايئن چوندي هن کيس خدا حافظ چيو.
انڌي گجگوڙي جون اکيون هاڻ لڙڪن سان ڀرجي آيون. هو تمام گهٽ ڏسي سگهيو ٿي. هن ڪوهيڙي ۾ پنهنجي نوجوان دوست جو سنهڙو ۽ ڌنڌلو عڪس ڏٺو. جيتوڻيڪ هو جهور پوڙهو ٿي چڪو هو پر هنجي آواز ۾ اڃان به همٿ ۽ حوصلو موجود هو.
”اڳتي وڌ! منهنجا پٽ پئسه کڻ. مونکي پڪ آهي ته هڪ ڏينهن ضرور تون هن وشال دنيا ۾ پنهنجو رستو ٺاهي وٺندين.“ ۽ پوءِ هن سلاخن مان هٿ ڪڍي پنهنجي دوست کان موڪلايو.
***