مون من اوهان موهيو
[/b]
توهين ڇوڪريون به ڪيڏيون نه بدلجي ويون آهيو. سچ پڇ ته مان جڏهن جوان هئس ته اُن وقت جون ڇوڪريون توهان وانگي نه هيون. مون کي پڪ آهي توهين ضرور چونديون ته وقت گذرڻ سان تبديلي اچڻ فطري عمل آهي ۽ اسانکي وقت سان گڏ قدم ۾ قدم ملائي هلڻ کپي. ها، اهو بلڪل صحيح آهي. پر اهو سئو سيڪڙو به صحيح ناهي. مونکي غلط نه سمجهو. فقط وڏي کوپري ۽ ماڊرن لباس اوهان ۾ تبديلي آڻي نٿو سگهي. اهو سڀ ڪجهه ناهي. مان به جديد فيشن جا ڪپڙا پهريان ٿو. پر اُن سان مان ڪو ماڊ ڪونه ٿو ٿي وڃان. اهو انهي ڪري جو منهنجي انهي معاملي ۾ دلچسپي ناهي.
توهين سمجهنديون هونديون ته مان اصل موضوع کان هٽي ويو آهيان. ها ته وري اُنتي موٽي ٿا اچون. مون ڇا پئي چيو؟ ها ته توهين ڪيڏيون نه بدلجي ويون آهيو.
بهتر آهي ته حقيقتن کي خود ڳالهائڻ ڏيو. توهانکي ٻڌائيندو هلان ته مان گهڻا سال اڳي پيار ۾ ڪيئن ڦاٿس ۽ ڪيئن منهنجي پاڙيسري جو پٽ ڪئرين به ويجهڙائي ۾ دل اڙائي ويٺو.
منهنجو پيار.
اسانجو شهر ايڏو وڏو نه هو. اسانکي گڏيل ٻنيون هيون. چئرمين جو نالو گارسو هو. ماڻهو هنکي پرپٺ زنگ کاڌل پوڙهو گارسو ڪري ڪوٺيندا هئا. چون ٿا ته هن تي اهو نالو سندس ڊرائيور رکيو هو.
گارسو کي پيدل هلڻ پسند نه هو. فارم جي ڪار هن لاءِ بوٽن جو ڪم ڏيندي هئي. هن کي فيلڊ ڊسٽرڪٽ ڪاميٽي يا ٻئي ڪنهن هنڌ وڃڻو پوندو هو ته ڪار ۾ ئي ويندو هو. جيڪڏهن هن کي ڪنهن سان ڳالهائڻو هوندو هو ته ڪار بيهاري شيشو کولي منهن ٻاهر ڪڍي اُن سان ڳالهائيندو هو. هو بنا ڪنهنجي پرواهه ڪرڻ جي ساڻس بحث ڪندو هو ۽ دٻائيندو هو. هو پنڌ اصل ڪونه ڪندو هو. ايتريقدر جو گهر جي دروازي تائين به ڪار ۾ ايندو هو. جيڪڏهن ممڪن هجي ها ته هو بستري تائين به ڪار هلائي پهچي ها. ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته گارسو تي ڪار جو ڀوت ائين سوار هو، جيئن لوهه کي جلدي زنگ ورائي ويندو آهي.
مون هن کي ڪڏهن به بيٺي نه ڏٺو هو. مون هنکي سدائين ڪار جي شيشي مان ئي ڏٺو هو. جيتريقدر مونکي خبر هئي ته، هنجي ڪار ۾ چار ويل هڪ وڏي آواز وارو هارون ۽ هڪ جوڙو بتين جو لڳل هو، جيڪي رات جو ٻرنديون هيون. ۽ هن وٽ هڪ ڊرائيور هو جيڪو سدائين هن سان گڏ هوندو هو ۽ اسان وانگر هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين وڃڻ جي هن کي ڪڏهن به اجازت نه ملندي هئي. هو سدائين ڌوڙ اڏائيندو ويندو هو. مان اُها دوڙ وساري نٿو سگهان. اُها دز هنجي ڪارتي ، چهري تي، اکين تي ۽ ڪپڙن تي سدائين چهٽيل هوندي هئي. دز هنجي پالش ٿيل بوٽن کي کائي ڇڏيو هو ۽ اُها هنجي ساهه ۾ به شامل ٿي چڪي هئي. ڇڏيوس کڻي! هو سڄو زنگ کاڌل هو. هو ڳالهائيندي جڏهن ٿڪ اُڇلائيندو هو ته ڊرائيور کي اُنتي پير رکڻ جو حڪم ڏيندو هو.
جڏهن ڪار ڏامر جي لسي ۽ چلڪڻي روڊ تي ڊوڙڻ لڳندي هئي، ته دز به بيهه رهندي هئي. گارسو هارين جي سلام جو مشڪل سان ڪنڌ لوڏي جواب ڏيندو هو ۽ سڌو آفيس ۾ هليو ويندو هو.
”هو وري منهن سڄايو ويٺو هو. هنجي اندر ۾ طوفان برپا هو يا اچڻ وارو هو.“ پوڙهو وانو هنجي چهري تي جڏهن غصو ڏسندو هو ته اڪثر چوندو هو.“ ڪير هن کان پڇي ته هو آخر ڇو پنهنجي نڪ کان پري ڏسي نٿو سگهي.“
هو فقط ويجهو ئي ڏسي سگهندو هو. هنجي اکين تي ڪٽ چڙهيل هو. هن پنهنجي هيٺان زمين کي ڏسڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي، ۽ نه ئي پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻندو هو. هو ٻيو ڪجهه به نه فقط زنگ کاڌل پوڙهو گارسو هو.
نئين ٽهي جون نينگريون! توهان مونکان پڇي سگهو ٿيون ته پيار ۽ پوڙهي گارسو جي وچ ۾ آخر ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇلانگ ڏيئي نتيجي تي نه پهچو. زندگيءَ اسان کي سيکاريو آهي ته مٽي سون ٿي سگهي ٿي. لهرن جو رنگ به ته مٽي جهڙو آهي. ڪهڪشان به ته مٽي جيان ئي آهي.
زنگ کاڌل پوڙهي گارسو کي هڪ ڌي هئي هنجو نالو هو آروڪ جنهن جي معنيٰ آهي سج جيان چمڪندڙ. هنجي ماٽيجي ماءُ جو نالو مادام روزا هو. آروڪ ته سج جيان هئي پر روزا گلاب جيان نه هئي. مان هِن کي مادام ڪانڊيري ڪوٺيندو هئس. ويچاري آروڪ زنگ کاڌل پوڙهي گارسو ۽ ڪانڊيري جي وچ ۾ ڦاٿل هئي. هن کي اسر کان به اڳ ۾ اُٿڻو پوندو هو ۽ آڌي رات کان اڳي سمهڻ نصيب ڪونه ٿيندو هئس. هنتي فقط ٻنپهرن جي ماني ٺاهڻ جي ذميواري ڪونه هئي، باقي هنجو سڄو وقت گهر جي هاج ۽ پور هيئي ۾ گذرندو هو.
”جلدي ڪر نڀاڳي! ڇا پيئي ڪرين؟ بصر آڻي ڏي.“
”تون ته مردار ٻلي کان به چٽ آهين. تيز هلي نٿي سگهين.؟“
”ڪپڙن کي هوا ۾ سڪاءِ“
اهي لفظ مادام ڪانڊيري ڳالهائيندي هئي ۽ زنگ کاڌل پوڙهو گارسو انهن ۾ واڌارو ڪندو هو.
”آروڪ منهنجي جوتن کي پالش ڪر.“
”آروڪ منهنجي ڪوٽ تي ڪيڏي نه مٽي چڙهي ويئي آهي.“
”گهرجي ٺاهي صفائي ڪر ۽ مٽي لاهي.“
هو ٻيئي آروڪ کي قطعي ڪونه ڀانئيندا هئا. ۽ آروڪ... منهنجي لاءِ سج کان به زياده اهميت رکندي هئي. مون جڏهن هنجي لاءِ اندر ۾ ڇهاءُ محسوس ڪيو. تڏهن هوءِ نائين درجي ۾ هئي ۽ آءٌ ڏهين درجي ۾. اسانجا ڪلاس روم هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا. اسانجا گهر به هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا. مطلب ته اسان پاڻ ۾ سج ۽ زمين جيان هئاسين. سدائين هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ۽ سدائين هڪ ٻئي کان پري.
آروڪ نازڪ ۽ خوبصورت هئي. هنجيون اکيون ڊگهيون، ڪاريون ۽ ڊپ هاريون هيون. جيتوڻيڪ هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي پوءِ به مادام ڪانڊيري، هن کي ڏسڻ به پسند ڪونه ڪندي هئي ۽ سدائين هن کي تڪليف پهچائيندي رهندي هئي.
پوڙهو گارسو به ساڳي ڪار هلندو هو. تنهنڪري آروڪ جون ڪاريون ڪجليون اکيون سدائين ڳوڙهن سان ٽمٽار هونديون هيون.
مون هن جو دروازي جي ٻاهران انتظار ڪيو. ”توکي خدا شايد واندڪائي ۾ ويهي ٺاهيو آهي. آروڪ! تون ڪيڏي نه سندر ٿي لڳين.“
هن مون ڏانهن حيرت مان نهاريو. مون محسوس ڪيو ته هنکي منهنجي لفظن تي يقين ڪونه هو. ”ڇا هو مونکي گهٽ ٿا ڳالهائين جو باقي تون ٿو ڪسر پوري ڪرين.“
”پر آءٌ سچ ٿو چوان آروڪ. سچ پچ تون ڏاڍي سندر آهين.“
هوءِ ناراض نظر آئي ٿي. پر هنجي اکين ۾ حجاب ۽ چهري تي مرڪ نمايان هئي. ٺيڪ آهي ٻيو به ڪجهه چوڻو اٿئي ڇا؟“ هن هلڻ جي ڪئي.
”اڄ شام جو باغ ۾ ملجانءِ. آءٌ اُتي تنهنجو انتظار ڪندس.“
هوءِ ٿوري دير لاءِ پريشان ٿي ويئي. ۽ پوءِ جلدي جلدي قدم کڻندي گهر هلي ويئي.
اُن شام هوءِ باغ ۾ آئي ۽ شام روشني سان ڀرجي ويئي. ”هيلو!“ هن شرمائيندي چيو.
اسين ڪافي وقت خاموش رهياسين. منهنجي چپن تائين ڪافي پيار ڀريا لفظ پهتا، جيڪي هن کان اڳي نه آيا هئا پر اُهي ٻاهر نڪري نه سگهيا ۽ دل ئي دل ۾ رهجي ويا. هن مونڏي گهوري نهاريو ۽ پوءِ نظرون جهڪائي خاموش ويهي رهي.
”مونکي تنهنجي اچڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي.“ مون چيو، ”تون ايڏي ته پياري آهين، ايڏي ته پياري آهين...“
”انهي ڪري ئي آءٌ آيس. مون کي اڳي ڪنهن به ايئن ناهي ڀانيو.“ ايئن چئي هوءَ وري خاموش ٿي ويئي ڄڻ هن کي ايئن چوڻ تي افسوس ٿيو هجي. گهڙي پل ترسي هن وري ڳالهايو. ”ڇا تون مذاق ته ڪونه ڪري رهيو آهين؟ يا سچ پچ؟“
”قسم سان سچ ٿو چوان تون واقعي سج جهڙي سندر آهين.“
اسين اُٿياسين ۽ حسرت ڀري نگاهن سان هڪ ٻئي کان موڪلايوسين. اسانجي اها ملاقات بنا ڪنهن چڪ چمي ۽ قسمن واعدن جي اختتام تي پهتي. پيار جنهن اسان کي قيد ڪري ڇڏيو هو، اُهو لفظن جو روپ وٺي، اسانجي زبانن تائين اچي نه سگهيو. اسان خاموشي سان هلي رهيا هئاسين ۽ من ئي من ۾ هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري چميوسين ٿي. ۽ پوءِ ساڳئي رستي تان هڪ ٻئي کان جدا ٿياسين، جنهن اسانکي پاڻ ۾ ملايو هو. مادام ڪانڊيري آروڪ کي دير سان پهچڻ تي ٻه ڀيرا ڏاڍي مار ڪڍي.
...... وري بهارون کيتن ۾ جهومڻ لڳيون. اُهي اسانکي سڏي رهيون هيون. هڪ موڪل جي ڏينهن آءٌ ۽ آروڪ سدابهار جا گل پٽڻ وياسين.
بهار ۾ ڪيڏي نه مستي هئي. پهاڙ، چراگاهه ۽ واديون ساوڪ سان سٿيل ۽ سج جي سونهري ڪرڻن تي جرڪي رهيون هيون. گل مڌمست هوا ۾ جهومي رهيا هئا. پهريون ڀيرو ان ماحول ۾ آروڪ جو ٽهڪ گونجي اُٿيو ۽ سندس چهرو خوشي مان ٻهڪي پيو. هن پوپٽ کي جهليو ۽ وري کيس آزاد فضا ۾ ڇڏي ڏنو.
”آءٌ واقعي چري آهيان.“ هن چيو.
هو سچ پچ سج جيان لڳي رهي هئي. جڏهن هوءِ وادين ۾ مخمل جيان وڇايل ڇٻر تي ويهي گل دستو ٺاهڻ لڳي ته آءٌ هن ڏي مڙيس ۽ هنجي نازڪ ڳچي تي چمي ڏنم. هنجي چمڙي مخمل جيان نرم هئي. منهنجي چپن کي گلن جي خوشبوءِ ۽ سج جي تپش محسوس ٿي. هن ڪو به اعتراض نه ڪيو. پر جڏهن مون هن ڏي ڏٺو ته هن جون اکيون ڊنل ۽ لڙڪن سان ڀريل هيون.
”تو ايئن ڇو ڪيو؟“ هن رئندي پنهنجو منهن ٻنهي هٿن سان ڍڪي ڇڏيو. ڇا مون ڪا غلطي ڪئي هئي؟ هن کي چمڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه هو؟ هنجيون اکيون لال هيون جنهن مان لڳو ٿي ته هن کي ڪنهن ڌڙڪا ڏنا هئا. پر مون ته کيس پيار ڪيو هو.
اسان واپس گهر ڏي هلڻ لڳاسين. اوچتو ئي اوچتو دوڙ اسانجي اڳيان ديوار جيان ظاهر ٿي. آروڪ بت بنجي ويئي. ”اڙي اهو ته بابا آهي.“
هن جو پيءُ اڳي ئي ڪار جو در کولي چڪو هو. دوڙ جو راڪاس اسان ڏي وڌي رهيو هو، ۽ پوءِ جڏهن هو هيٺ لٿو ته مونکي سمجهه ۾ اچي ويو ته گارسو کي ٻه ٽنگون هيون نه ڪي چار ويل. مون کي اهو گمان ۾ به ڪونه هو ته ڪو هو ايڏو ڊگهو ۽ ويڪرن ڪلهن وارو شخص هوندو.
”آروڪ هتي ڇا ڪري رهي آهين؟“
پهرين هن گل دستو لڪائڻ چاهيو پر پوءِ کيس گلدستو ڏيڻ لاءِ هٿ ڊگهيريو. هن گل دستي کي غصي مان پٽ تي اُڇليو.
”ڪني ڇوري! تون هن بکئي سان هتي ڇا ڪري رهي آهين؟“ هن رڙ ڪئي.
دوڙ گلن کي ڍڪي ڇڏيو. مونکي لڳو ته اها اسانکي به ڳڙڪائي ويندي. گارسو مون ڏانهن منهن ڪندي چيو، ”ڇورا! تون پنهنجي حيثيت ڏس. تون اجايو پاڻي مان نڪري رهيو آهين.“ هن آروڪ کي چوٽن کا گهلي زوري ڪار ۾ ڌوڪيو. ڪار رواني ٿي، پويان دوڙ ڇڏي ويئي. ”هن ڪار کي ڌوئڻ جي ڪيڏي نه ضرورت هئي.!“
اُن ڏينهن شام جو روز جيان پوڙها ماڻهو فارم جي آفيس جي ٻاهران بيٺل هئا. هو سخت ڪاوڙيل هو. هن جي اندر ۾ طوفان اُٿي رهيو هو. پوڙهي ماٽو چيو.” ڪو هن کان پڇي ته هو ڇو پنهنجي نڪ کان پري ڏسڻ جي ڪوشش نٿو ڪري.“
هو نه فقط پنهنجي نڪ کان پري ڏسي ڪونه ٿي سگهيو پر ڪٽ هنجي اکين تي به چڙهيل هو. اهو ئي سبب هو جو هو نه ته پنهنجي پيرن هيٺان زمين کي ڏسي سگهيو ٿي، ۽ نه ئي هنجيون اکيون نيري آسمان جي جلوي کي پسي سگهيون ٿي. ”هن سان ڳالهائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هو ته فقط زنگ کاڌل پوڙهو گارسو هو، اُن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو.“
طوفان اسانجي مٿي ٽٽي چڪو هو. هاڻي اسان جو ملڻ ناممڪن ڪيو ويو هو. ايتريقدر جو آروڪ جو اسڪول اچڻ به بند ڪيو ويو هو.
آءٌ گريجوئيشن کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ يروان هليو ويس. ڪجهه وقت کانپوءِ مونکي پتو پيو ته آروڪ جي شادي ٿي ويئي، ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ وري پتو پيو ته، زنگ کاڌل پوڙهو گارسو نوڪري تان لهي چڪو هو. ماڻهو چون ٿا ته هاڻ هنکي ٻه ٽنگون ۽ ٻه ٻانهون هونديون آهن. ۽ هو پنهنجون ٽنگون هلڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. هاڻ شهر جو رستو به صاف رهي ٿو سڙڪن تي ڪابه ڌوڙ ڪونه ٿي اُڏامي ۽ ڌوڙ، نه ئي ڪارن تي، اکين ۾ ۽ ماڻهن جي ساهه ۾ وڃي ٿي.
دل جي هر ڪنڊ ۾ اڄ به آروڪ جي ڳچي جو ڇهاءُ محسوس ٿئي ٿو، جنهن ۾ سج جي ڪرڻن جهڙي گرمي ۽ گلن جهڙي خوشبوءِ هوندي آهي.
ڇا ڇوڪرين ۾ واقعي اها حيرت ڪندڙ ڳالهه ناهي؟ ۽ ها - اها ڪا ايڏي پراڻي تاريخ به ڪانهي جو جنهن بابت اوهان کي ڄاڻ نه هجي.
اهو سڀ ڪجهه جيڪي ٿي گذريو اُن کي ويهه سال ئي ته مس گذريا هوندا.
ڪئرين جو پيار.
”هاءِ ڪئرين!“
آروڪ سڏي رهي هئي. جڏهن به هوءِ دري مان نظر ايندي هئي ته جذبا اسانجي روح ۾ ڪر کڻي اُڀرندا هئا ۽ اسانجون دليون اوچتو ئي اوچتو خوشي سان ٽمٽار ٿي وينديون هيون. نيري لباس ۾ آروڪ ايئن لڳندي هئي ڄڻ ته نيرو آسمان زمين تي هيٺ لهي آيو هجي. ڪئرين آواز ٻڌي ڏاڪڻ تان لهندو هو ۽ پوءِ هو آروڪ جي چيلهه کان ٻانهن ورائي املهه ۽ نيري آسمان کي ساڻ وٺي پيار جي رستن تي کوئجي ويندو هو.
۽ پوءِ اڱڻ اسانجي اکين اڳيان اونداهو ٿي ويندو هو. ايتريقدر جو اسي سالن جي پوڙهي وانو کان ٿڌو شوڪارو نڪري ويندو هو ۽ سندس جهيڻو آواز اسانجي ڪنن تائين پهچندو هو. ”ڪيڏي نه خوبصورت ڇوڪري آهي. اها ئي هڪ اهڙي سندري آهي جنهن کي آءٌ چمي ڏيڻ چاهيان ٿو.“
اسانجو پاڙيسري آنئي يراني هن ڏانهن ڏسي حسرت مان چوندو هو. ”هوءِ ايڏي سندر آهي جو خود پنهنجي جوڀن تي فدا هوندي.“ ايئن چوندي هو پاڻ به دنيا کان لاتعلق ٿي هن جي عشق ۾ کوئجي ويندو هو.
اسانجو پاڙيسري ڪارو جنهن کان آروڪ نفرت ڪندي هئي، آروڪ ۽ ڪئرين جي وڃڻ کانپوءِ ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويندو هو ۽ پگلي سرجو مشهور گيت ”کل چريا کل“ ڳائيندو هو. گيت ڳائيندي هنجي نڙي خشڪ ٿي ويندي هئي، پر تڏهن به هنجي من کي خوشي پلئه نه پوندي هئي، ۽ نه ئي ڪڏهن ٽهڪ ڏيئي کلي سگهندو هو. ۽ پوءِ هو من کي پرڀائڻ لاءِ وشال رستن تي نڪري پوندو هو.
اهو روز جو معمول هوندو هو. پاڙي وارا روز اڱڻ ۾ هنجي ديدار ڪرڻ لاءِ اکيون وڇائي انتظار ڪندا هئا.
”خراب موسم جا آثار نظر اچن پيا. بارش پوڻ واري آهي.“ پوڙهو وانو ٿڌو ڏينهن محسوس ڪندي چوندو هو.
آنئي يراني هن ڏي رحم ڀرين نظرن سان ڏسندو هو ”ويچارو وانو! هو ههڙي گرمي ۾ به ايڏو ٿڌو هو. شايد پيري جي ڪري کيس ايئن محسوس ٿئي ٿو.
ڪارو انهي موسم ۾ نظر نه ايندو هو. ۽ نه ئي هن جي گيت جي جهونگار ڪنن تائين پهچندي هئي. اُنهن ڏينهن ۾ آءٌ هن لاءِ ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو هوس. ”هو نيٺ به ته پنهنجو آواز محفوظ ڪري رهيو هو.“
جيڪڏهن ڇوڪري دير ڪندي هئي ته ڪئرين ڏاڪڻ تان آهستي هيٺ لهندو هو. اسين به هنجي ڳرن قدمن جو آواز ٻڌندا هئاسين. جيڪڏهن هنجي قدمن جو آواز نه ايندو هو ته اُن جو مطلب آروڪ اڃان ڪونه پهتي هئي. جيڪڏهن هو اوچتو ڳائڻ شروع ڪندو هو، ته اسين سرهائي محسوس ڪندا هئاسين ۽ ڊوڙي اڱڻ ۾ هنکي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيندا هئاسين.
اسان جو گهر وڻن ۽ ٻوٽن جي ساوڪ ۾ گم ٿيل آهي. جيڪي هر سال گهاٽا ۽ ڊگها ٿيندا رهن ٿا. ۽ گهر واسين کي حسد ڀريل اوپرين نظرن کان بچائن ٿا. هن ساوڪ جو به پنهنجو مزو آهي. هي ٽريفڪ جي گوڙ کي ڳڙڪايو ڇڏي ۽ سج جي تپش کان بچائي ٿي. سياري ۾ ڌنئري جهڙي برف سان ڍڪي رهي ٿي ۽ سائبيريا جهڙو سما لڳي ٿو ۽ خزان جڏهن سڀ ڪجهه اُجاڙيو ڇڏي، تڏهن اسانجو باغ پوڙهي وانو جيان ڏيکائي ڏي ٿو. باغ ٿڌو رهي ٿو. پوڙهو وانو به ٿڌو آهي ۽ ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ سياري جو سج اُن مان اُڀري ٿو.
هرڪو اسانجي باغ کي پيار ڪندڙن جو باغ سڏي ٿو. جوڙا هتي هر منڌ ۾ ڏينهن رات هڪ ٻئي ۾ پيار ونڊيندي چميون ڏين ٿا. جيڪڏهن ڏينهن رات ۾ چويهن کان به مٿي ڪلاڪ هجن ته به ڪر هو هڪ ٻئي کي چمندا رهن.
دنيا ۾ سڀ کان سٺو فعل آهي چمي ڏيڻ. جڏهن به مان ٻن پيار ڀرين دلين کي چمندي ڏسندو آهيان ته منهنجي به دل نه رهندي آهي، ۽ آءٌ اهو وساري ويهندو آهيان ته ڪو مان به ٻن ٻارن جو پيءُ آهيان ۽ ساڳيو عمل دهرائيندي پنهنجي زال جي چمي وٺڻ لاءِ ايئن ويندو آهيان، جيئن ڏهه سال اڳي ويندو هوس. مطلب ته ڪئرين ۽ آروڪ جو پيار اسان لاءِ هڪ سٺي روايت هئي جيڪو مونکان شروع ٿي پوڙهي وانو تي ختم ٿيندو هو.
سياري ۾ ڪئرين ۽ آروڪ اسانجي هيٺئين هال ۾ ملندا هئا ۽ رات جو دير سان هڪ ٻئي کي خدا حافظ چوندا هئا.
”ٺيڪ آهي. هاڻي آءٌ هلان ٿي. مونکي رات جي موڪلاڻي جي چمي ڏي.“ آروڪ چوندي هئي.
”آءٌ توسان وري گهر تي ملندس.“ ڪئرين جواب ڏيندي هنکي ڀاڪر ۾ ڀري چمي ڏيندو هو.
”تون ٿڌو ڇو آهين ڊارلنگ.“ آروڪ جي آواز ۾ مٺاس ۽ اکين ۾ پيار ڀريل هو.
”ڇا تون ٿڌي ڪونه آهين؟“
اُهي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ بهانا ۽ سبب گهڙيندا هئا ۽ پوءِ ڪئرين هنسان ملڻ لاءِ گهر تي ويندو هو ۽ جڏهن موٽندو هو ته من اُداس ۽ جسم لڙکڙائيندو محسوس ٿيندو هوس. انهن بابت ڪير به غلط نه ڳالهائيندو هو.
”ٻنهي کي گڏ ڏسي ڪيڏي نه خوشي ٿئي ٿي.“ آنئي يراني چيو.
ڪئرين جي ماءُ هنجو آواز ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندي هئي، ”توکي شهر ۾ هن کان وڌيڪ ٻي ڪا ڇوڪري نه ملندي.“ هن پنهنجي مستقبل جي ننهن ڏي نهاريندي چيو ۽ پوءِ وري پنهنجي پٽ ڏي اشارو ڪندي چيو: ”منهنجو ڪئرين به ته ڏاڍو سندر آهي.“
هوءِ بلڪل صحيح هئي.
نوجوان جوڙي جي خوشي ذري گهٽ ٻه ڀيرا قسمت جي ورچڙهي پرزا پرزا ٿيڻ تي هئي پر پيار وري به سوڀ پاتي.
بهار اچي ويئي هئي. آروڪ پنهنجو ڪوٽ لاهي ڦٽو ڪيو ۽ هڪ ڀيرو وري ايئن لڳو ته ڌرتي آسمان کي پنهنجي آغوش ۾ ورتو هو ۽ ڌرتي تي جوڀن جا رنگ نکري پيا هئا.
ڪئرين بهارن ۾ ڄائو هو. مونکي خبر آهي ته آروڪ به بهارن ۾ ڄائي هئي. ۽ مونکي ان ڳالهه جي به پڪ آهي ته خود بهار به ٻي ڪنهن منڌ ۾ نه پر بهارن ۾ ئي ڄائي هوندي.
سڄو گهر ڪئرين جي سالگرهه ملهائي ٿو. هرڪو ان خوشي ۾ پنهنجا تحفا موڪلي ٿو. يقينن آروڪ سڀني ۾ خوش نصيب هئي.
جڏهن ڌڪاريل ڪارو مشهور گيت ”کل چريا کل“ ڳايو ته آروڪ سڀني کان گهڻيون تاڙيون وڄائي هن کي داد ڏنو ۽ ڪارو خوشي مان نه ڍاپندي وري جهونگارڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن هن ابابيل پکين جي اُڏام جي پس منظر ۾ ناچ ڪرڻ شروع ڪيو ته هن آروڪ کي ساڻس ساٿ ڏيڻ جو چيو. آروڪ هن سان شام تائين رقص ڪيو.
ٻئي ڏينهن هر ڪنهن جي وات ۾ انهي ڳالهه جو چرچو هو ته ڪارو آروڪ کي گهر وٺي ويو ۽ هنکي پنهنجي چاهت جا قصا ٻڌايائين. ڪنهن کي به اها خبر نه پئي ته اها ڳالهه ٻاهر ڪيئن نڪتي. پر هڪ ڳالهه بلڪل ظاهر هئي ته ڇوڪري هن کي نهايت شفقت ۽ ٻاجهه ڀرين جذبن سان ٻڌو ۽ جدا ٿيڻ تي هن مرڪندي سندس گلي جي سوز جي وري به واکاڻ ڪئي.
اُن ملاقات تي اسانجي باغ ۾ ڪافي گرما گرم بحث هليا.
آنئي يراني ڳالهايو.“ تون چوڻ چاهين ٿو ته هوءِ انهن سڀني خوبصورت ڇوڪرين جيان آهي؟“
گهڻي بحث مباحثي کانپوءِ پوڙهي وانو کان راءِ ورتي ويئي. اها جيتري حيرت ڪندڙ خبر هئي، پوڙهي وانو کي اُن تي اوتري حيرت نه ٿي.
”ڇوڪري واقعي ڏسڻ جي شئي آهي.“ هن آهستي چيو. ”هيڏي ساري سونهن هڪڙي ماڻهو لاءِ تمام گهڻي آهي.“
نوجوان کلي پيا. هو اُن نتيجي تي پهتا ته پوڙهو وانو ڇڙواڳ محبت ۾ يقين رکي ٿو.
ڪئرين وري آواز ڏنو. آروڪ آسپاس نظر نه ايندي هئي. هاڻ ڪنهن کي به هنجي غير حاضري جي ڪري بيچيني يا تڪليف محسوس نه ٿيندي هئي. هن ڪئرين سان دوکو ڪيو هو. تنهنڪري هن لاءِ افسوس ڇا جو؟ پر اڃان تائين به اُداسي جا ڪڪر باغ مٿان گهمي رهيا هئا.
ڪارو پنهنجو گيت ڳائڻ بند ڪري ڇڏيو هو. هو هاڻ پنهنجي بالڪوني ۾ به نظر نه ايندو هو. جيڪڏهن هو ڪڏهن بالڪوني ۾ نظر ايندو هو ته آنئي يراني هن ڏي هڪ بي خوف نظر ڦيرائيندي چوندو هو. ”مونکي اڳيئي پتو هو ته هو ڪنهن ٻئي ڇوڪري جي دل موهيندو. هن جو چهرو انڊيا جي اُنهن ڌاڙيلن جهڙو آهي جيڪو ڪالي ديوي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ قتل ڪندا هئا.“
”هو سٺو ماڻهو آهي. ڇوڪريون هنکي پسند ڪن ٿيون. مونکي هن تي رشڪ آهي.“ پوڙهي وانو جواب ڏنو.
”هن ۾ ڪهڙي چڱي ڳالهه آهي؟ هن پنهنجي دوست سان دوکو ڪيو“
”پوءِ به.“ پوڙهي وانو چيو.
”ڪئرين!“
اهو آروڪ جو آواز هو. اسين سڀ پنهنجي بالڪوني ۾ وياسين. هڪ ڀيرو وري اسانجون اکيون ۽ دليون خوشي سان ڀرجي ويون. ڪئرين ڏاڪڻ لهي هيٺ آيو ۽ هن آروڪ کي آواز ڏنو. هن پنهنجي ٻانهن آروڪ جي چيلهه ۾ واري ۽ پوءِ پنهنجي اَملهه ۽ خوبصورت آسمان سان گڏ پيار جي رستن تي هلڻ لڳو.
”آئون سمجهي نٿو سگهان.“ پوڙهي وانو چيو. ”تون ڇا نٿو سمجهي سگهين؟ آنئي يراني رڙ ڪئي. ”هن ڪارو کي دوکو ڏنو.“
”ها. هوءِ سٺي ڇوڪري آهي.“ وانو پنهنجي راءِ بدلائيندي چيو. ”هن جي مائٽن جا ٿورا مڃو.“
ڪارو پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ درد مان اُهو گيت ڳائڻ لڳو. پاڙيسرين ڪئرين کان پڇيو ته ”ڇا اهو سچ هو ته ڪارو ڇوڪري کي زوري ڀڄائڻ ٿي چاهيو؟“
”ها.“ ڪئرين چيو. هن جڏهن ڪارو بابت ڳالهايو ته هو بلڪل سنجيده هو ۽ هن جي ڳالهه ۾ ڪابه چڙ يا غصو نه هو. بلڪه هن ان واقعي جا وڌيڪ تفصيل به نه ٻڌايا. تاهم هن کي پنهنجي آروڪ تي ڏاڍو فخر هو.
”ڇا توهين سمجهو ٿا ته فقط آءٌ هڪڙو ئي آروڪ جي پيار ۾ گرفتار آهيان. هن جي ذهن ۾ انيڪ پور پلجن ٿا. هنکي ايترو سوچڻ جو وقت ئي ڪٿي ٿو ملي جو هوءِ سڀني کي انڪار ڪري ڇڏي.“
ڪئرين خاموش هو ۽ اسان وري ڏاڍو خوشي محسوس ڪري رهيا هئاسين.
اوچتو خطري جو سائرن وڳو.
آروڪ جي مائٽن شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جي پوڙهي پيءُ ان موضوع تي ڳالهائڻ به مناسب نه سمجهيو. هن ڪئرين جي مائٽن کي ٻڌايو ته، ”هو في الحال پنهنجي ڌي جي شادي ڪرڻ جو ڪو به ارادو ڪونه ٿو رکي، ۽ جي ٿيو ته به هو موچي جي پٽ سان سندس شادي ڪرائڻ قطعي پسند نه ڪندو.“
”تون گهڻو پيو وڌي لڳين“. هن ڪئرين جي پيءُ کي مخاطب ٿيندي چيو. ”جيڪڏهن ايترو اوڳاري نٿو سگهين ته هٻڇ ڪري زياده نه کاءُ.“
گهر ۾ موجود هر شخص کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. ”آءُ ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته هنجو پيءُ آخر نڪ کان پري ڇو نٿو ڏسي سگهي؟“ آنئي يراني چيو.
”هو فقط ويجهو ڏسي ٿو“ پوڙهي وانو نتيجو اخذ ڪندي چيو.”هو پنهنجي طبقي جي عڪاسي ڪري ٿو.“
”ڪئرين!“
تقريبن صبح ٿي چڪو هو. محلي وارا راتوڪي لباس ۾ ئي بالڪونين مان جهانڪڻ لڳا. آروڪ هيٺ بيٺي مسڪرائي رهي هئي. هن جي هٿ ۾ سوٽ ڪيس ۽ ڪلهي ۾ ٿيلهو هو. هنجي اکين ۾ عجيب چمڪ ۽ هر حملي ۽ جبر کي روڪڻ جي سگهه نمايان نظر اچي رهي هئي.
ڪئرين ڏاڪڻ لهي هيٺ آيو. هن آروڪ کي آواز ڏنو ۽ پوءِ ٻيئي خوش ٿيندا چاڙهيون چڙهي مٿي ويا. ڪئرين جي ماءُ هننجو دروازي تي آڌرڀاءُ ڪيو: ”سج جيان روشن منهنجي مٺڙي آروڪ شال سدا سرهي هجين.“
آروڪ هاڻ اسان جي پاڙي جي وڏي گهراڻي جو حصو بنجي ويئي آهي. اسانکي پنهنجي سوڀ ۽ املهه خزاني جي ملڻ تي ڏاڍي خوشي ۽ فخر محسوس ٿئي ٿي. آروڪ جي ابدي ۽ سدابهار ٽهڪن ڪارو جي گيت کي پاتال مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي. ۽ هاڻ اسانجو قيمتي اُڀ پنجين ماڙ تي سدائين موجود آهي ۽ اُن جي مٿان نيرو آسمان پنهنجا پر پکيڙي روحن کي راحت پهچائيندو رهي ٿو.
”نيٺ هوءِ پنهنجي اصل ماڳ پهچي ويئي“ آنئي يراني چيو.
”پيار لافاني آهي.“ پوڙهي وانو چيو، پيار موت کان به طاقتور آهي. انهي ڪري ئي مئسڪم گورڪي چيو ته، ”ها پيار ۾ وڏي طاقت آهي، پر فقط اُنهن لاءِ جيڪي خود به طاقتور هجن.“
ڇوڪريون توهين ڪيئن نه ماڻهن کي بدلائي ڇڏيو ٿيون. دنيا توهان سان تبديل ٿئي ٿي. ايتريقدر جو اسي سالن جو وانو جيڪو اڌ ٻوڙو، ڪمزور ۽ جهور پوڙهو آهي اُهو به اوهانکي پسي پاڻ کي نئين ٽهي جو نوبنو نينگر محسوس ڪري ٿو.
آخر توهان ۾ ڇا آهي جو توهانجي هڪ اشاري تي سارو جڳ جهومي اُٿي ٿو...!
***