ڪوريئڙي جي تند
[/b]
جنت ۾ هڪڙي خوشگوار ڏينهن، مهاتما ٻڌ ڪنول ڀري تلاءَ ڪناري پسار ڪري رهيو هو. ڪنول جا گل سفيد موتين جيان چمڪندي مستيءَ ۾ جهولي رهيا هئا ۽ اُنهن جي سونين ڏانڊين مان اُٿندڙ سدابهار سڳنڌ ماحول کي معطر ڪري رهي هئي. اها جنت جي صبح هئي.
رحمدل ۽ ٻاجهاري ٻڌ، ڪناري تي پسار ڪندي، هڪ پل لاءِ ڪنول جي پتين تي نظر وڌي، جيڪي تلاءُ جي مٿاڇري تي تري آيون هيون. ڪنول جي تلاءَ هيٺان تمام گهڻي گهرائي مان، جهنم جو ڌنڌلو عڪس نظر اچي رهيو هو. ڪنول جي تلاءُ جي شفاف پاڻي مان جهنم جي کاهيءَ ۾ رت جي تلاءُ ۽ ڇري کان به تيز ۽ چهنبدار جبل جو ڀوائتو منظر ائين چٽو نظر اچي رهيو هو، جيئن شيشي جي ٻيڙيءَ مان هيٺ نهارڻ سان نظر ايندو آهي.
جهنم جي ان حصي ۾ ٻاجهاري ٻڌ هڪ شخص کي ڏٺو. هن جو نالو ڪانڊاتا هو، جيڪو ٻين گنهگارن سان گڏ ذلت آميز عذاب ڀوڳي رهيو هو ۽ درد وچان ڦٿڪي رهيو هو. هو پنهنجي وقت جو هڪ نامي گرامي ڌاڙيل هو، جنهن ڪيترا ئي گهر آڳ جي نظر ڪيا هئا. ڪئين بي بها جانيون ورتيون هيون ۽ اُن کان علاوه انيڪ سنگين ڏوهه پڻ ڪيا هئا. هن کي پنهنجي سمورن گناهن سان ڀريل زندگي ۾ ڪيل هڪ نيڪ ڪم ياد آيو. هڪ ڏينهن جڏهن هو هڪ گهاٽي ٻيلي مان لنگهي رهيو هو ته، هن هڪ ڪوريئڙي کي رستي تي ريڙهيون پائيندي ڏٺو. پهريائين هن جي من ۾ آيو ته هو اُن کي پير هيٺان چيڀاتي ڇڏي، پر پوءِ هڪ نيڪ جذبو هن جي من ۾ اُڀريو، ”جيتوڻيڪ هي هڪ معمولي مخلوق آهي پر ساهه ته هن کي به پيارو هوندو! اهو منهنجو پنهنجو پاڻ تي ظلم ٿيندو جي آءٌ بنا ڪنهن خاص سبب جي هن جي ننڍڙي حياتي جو انت آڻيان.“ پنهنجي ضمير جي آواز جو سڏ ورائي هن سندس حياتي بخشي ڇڏي.
ڪانڊاتا جي انهي نيڪ ڪم کي ياد ڪندي، ٻاجهاري ٻڌ کي هن تي ديا آئي ۽ هن جي من ۾ آيو ته، کيس انهي نيڪ ڪم جي سلي ۾ جهنم مان نڪرڻ جو هڪ دفعو موقعو فراهم ڪجي.
هن جي نظر جنت جي ڪوريئڙي تي پئي، جيڪو ڪنول جي گلن جي چوگرد پنهنجو سونهري ڄار اُڻي رهيو هو. ٻاجهاري ٻڌ ڪوريئڙي جي تند نرمائي سان جهلي، موتين جيان چمڪندڙ ڪنول جي گلن جي پتن منجهان لنگهائي هيٺ جهنم ڏي گذاري.
جهنم جي تري ۾ واقع رت جي تلاءُ ۾ ڪانڊاتا ٻين گنهگارن سان گڏ ڦٿڪي رهيو هو. هونئن ته جهنم جي ان حصي ۾ گهگهه اونداهي هئڻ سبب ڪجهه به نظر نٿي آيو پر جنت ۾ واقع ڪنول جي گلن مان وقفي سان خارج ٿيندڙ ڪرڻا، جنهن پل جهنم ۾ واقع جبل جي ڇري کان به تيز ۽ نوڪدار سطح سان ٽڪرايا ٿي، ته روشني ٿي پيئي ٿي ۽ اُن پل سڀ ڪجهه چٽو نظر اچڻ لڳو ٿي. نه ته جهنم جو اهو حصو جنهن ۾ ڪانڊاتا ٻين گنهگارن سان رکيل هو، سڀ کان وڌيڪ خوف ناڪه، ويران ۽ اُجڙيل هو. ان حصي ۾ پلجندڙ ڪرب ۽ عذاب کي لفطن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه هو. ان حصي جي آس پاس قبرستان جهڙي خاموشي هئي ۽ ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو سواءِ آهن ۽ سڏڪن جي، جيڪي درد ۽ پيڙا وچان گنهگارن جي خشڪ چپن مان، انتهائي اذيتناڪ ماحول ۾ نڪتا ٿي. جهنم جي اونداهي کاهي ۾ اُڇلايل ماڻهن تي ايتريون ته عقوبتون ۽ عذاب نازل ڪيا ويا هئا، جو هاڻ هنن ۾ رڙيون ڪرڻ جي سگهه به نه رهي هئي. اهڙين حالتن ۾ ظالم ڌاڙيل ڪانڊاتا، رت ۾ ٻڏل هو ۽ ڦٿڪندڙ ڏيڏر وانگر هٿوراڙيون هڻي رهيو هو.
هڪ ڏينهن هن پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ اُداس آسمان ڏانهن نهاريو. هن ڏٺو ته ڪوريئڙي جي سونهري تند هن ڏي وڌي رهي هئي. تند مان ذرق برق روشني نڪري رهي هئي. ڪانڊاتا کي اچي ڊپ ورايو ته متان اُنتي ڪنهن گنهگار جي نظر نه پئجي وڃي. خوبصورت تند جي اچانڪ ظاهر ٿيڻ تي هن جو من خوشي مان ٻهڪي اُٿيو. جيڪڏهن هو ان تند کي جهلي مٿي چڙهي، ته هن کي پڪ هئي ته اهڙي ريت هو ٻاهر پهچي ويندو، هن سوچيو جيڪڏهن ٻي ڪا رڪاوٽ نه پئي ته، ممڪن هو ته هو جنت ۾ پهچي وڃي. ۽ شايد هن کي پوءِ ڇري کان به تيز ۽ نوڪدار جبل تان هلڻو نه پوي ۽ نه ئي رت جي تلاءُ ۾ لوڙهڻو پوي!
اِهو سوچي هن تند کي ٻنهي هٿن سان مضبوط جهليو ۽ تند جي مٿي چرڻ سان هو به مٿي چڙهڻ لڳو. جيئن ته هو پنهنجي وقت جو هڪ نامي گرامي ڌاڙيل هو، تنهن ڪري ان قسم جي اٽڪل هن لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. جيتوڻيڪ جنت جهنم کان لکين ميل پري هئي ۽ هن اُن لاءِ تمام گهڻي ڪوشش به ورتي هئي، پر پوءِ به هن کي پڪ ڪا نه هئي ته ڪو هو اُتي پهچي سگهيو ٿي. ٿوري دير تند تي لٽڪڻ سان هن کي ٿڪاوٽ محسوس ٿي ۽ هن محسوس ڪيو ته شايد هو گهڻو وقت تند جي سهاري هلي نه سگهندو. پر هن وٽ ٻيو ڪو چارو به نه هو. تند سان زور سان چنڀڙجي هن گهڙي پل لاءِ هيٺ نهاريو.
هن ڪيڏو نه سٺو ڪيو جو ڪوشش ڪري تند سان لٽڪي پيو! هن کي هيٺ رت جو تلاءُ نظر آيو، جنهن ۾ ڪجهه پل اڳ هو لڇي ۽ ڦٿڪي رهيو هو. هن جي پيرن هيٺان روشني جي ڪرڻن جي چمڪ تي خوفناڪ ۽ ڇري کان به تيز ۽ نوڪدار انڌارو جبل چٽو نظر اچي رهيو هو. جيڪڏهن هو پوري همٿ ۽ جذبي جي پختگي سان تند سان چهٽيو رهيو، ته آساني سان جهنم مان جند ڇڏائي نڪري ايندو. ڪوريئڙي جي تند کي مضبوطي سان جهلي هن خوشي وچان هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ گجندڙ آواز ۾ رڙ ڪئي. ”مون نيٺ ڪاميابي ماڻي ورتي!.... هاها....!“ هن کي گهڻي وقت کان پوءِ ايڏا ٽهڪ نصيب ٿيا هئا. ٽهڪ ڏيندي اوچتو هن هيٺ نهاريو. هن ڏٺو ته هن جي پيرن کان هيٺ ڪيئي گنهگار ماڪوڙين جي ڊگهي قطار وانگي، ڪوريئڙي جي تند سان لٽڪي پيا هئا. ان منظرکان هو پهريائين ڏاڍو لطف اندوز ٿيو ۽ پوءِ هن تي سڪتو طاري ڪندڙ خوف پيدا ٿيو. هن جيون اکيون ۽ وات ائين پٽجي ويا جيئن خواب ۾ ڪنهن احمقانه حرڪت تي ٿيندو آهي، هي ڪوريئڙي جي تند جيڪا مشڪل سان هن جو وزن مس جهلي سگهي ٿي، سا ڪيئن هيترن ماڻهن جو بار کڻي سگهندي؟ ڇا ٿيندو جي تند رستي ۾ ڇڄي پيئي؟؟ ۽ پوءِ هو جيڪو ههڙي نااُميدي جي حالت ۾ به جفاڪشي سان ايڏو مٿي، نڪري آيو هو، واپس جهنم ۾ ڪري پوندو! هاڻ سڀ ڪجهه هن تي ڇڏيل هو. هن ڏٺو اڃا به هزارين گنهگار رت جي تلاءَ مان ڪوريئڙي جي سنهي تند تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. تند جي ڇڄڻ ۽ واپس جهنم جي ڪن ۾ ڦٿڪڻ جي عذاب کان بچڻ لاءِ هن تڪڙو فيصلو ڪري لاٿو.
”او مردود گنهگارو“ ڪانڊاتا وڏي آواز ۾ گجيو، ”هي ڪوريئڙي جي تند توهان جي بابي جي ناهي جو هن تي لٽڪيا آهيو. هي ڪوريئڙي جي تند منهنجي آهي. توهان کي ڪنهن ان تي چڙهڻ جي اجازت ڏني آهي؟ هيٺ لهو! شرافت سان سڀ هيٺ لهو!!“
اُن ئي پل ڪوريئڙي جي تند جيڪا هونئن ڪافي مضبوط هئي ۽ گهڻن ماڻهن جو بار کڻي رهي هئي، ا ُن هنڌ وٽان زلزلي نما جهٽڪو آيو جتان ڪانڊاتا اُن کي مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو هو. کن پل ۾ ڪانڊاتا وڃي خوفناڪ ۽ هيبت ناڪ رت جي تلاءُ ۾ ڦهڪو ڪيو، ۽ هن جون اکيون ڪوريئڙي جي روشن تند کي ڏسندي رهجي ويون، جيڪا بنا چنڊ ۽ تارن جي انڌاري آسمان ۾ مٿي کڄي رهي هئي.
ڪنول جي تلاءُ جي ڪناري تي گهڙي ساعت بيهندي ٻاجهارو ٻڌ، اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو، جيڪو هيٺ ٿي چڪو. جڏهن هن ڪانڊاتا کي رت جي تلاءُ ۾ ٻيهر ڳري پٿر جيان ٻڏندي ڏٺو ته هن اُداسي مان نهاريو ۽ پوءِ هلڻ لڳو.
ڪانڊاتا جي بي حس ۽ ڪوجهي دل، جنهن جهنم مان ٻين جي حياتي کي ٻلي تي چاڙهيندي پنهنجو رستو ڳولڻ چاهيو، ٻاجهاري ٻڌجي نظر ۾ هڪ شرم ناڪ ۽ گهٽيا حرڪت هئي.
جهنم جي دنيا کان بي نياز ڪنول جا گل جنت ۾ جهولندا رهن ٿا. موتين جيان چمڪندڙ ڪنول جا گل پنهنجون پتيون ٻاجهاري ٻڌجي قدمن ۾ وڇائي ڇڏين ٿا ۽ اُنهن جي سونين ڏانڊين مان اُٿندڙ سدا بهار خوشبوءِ، سواس سواس ۾ رچي جنت ۾ ٻنپهرن جي ٿيڻ جو اعلان ڪري ٿي.
***