ايزيڪا بيلي
[/b]
اڄ صبح جو مونکي هڪ خط موصول ٿيو جنهن ۾ لکيل هو:
”هي خط وينز ويلا کان روانو ڪيو ويو آهي ۽ مشهور و معروف برنيگو جو تحرير ڪيل آهي. هاڻي هي خط سموري دنيا ۾ وڃڻ گهرجي. توکي کپي ته تون هنجون چوويهه ڪاپيون لکي، اُنهن کي مختلف ائڊريسن تي روانو ڪر. نون ڏينهن کانپوءِ توکي هڪ دلچسپ ۽ حيرت انگيز واقعو پيش ايندو. جيڪڏهن تون وهم پرست ناهين، تڏهن به نتيجن کان بي خبر نه رهجانءِ. اُتر آمريڪا جي جنرل بانگا کي پنج ملين ڊالر انعام مليو. ڪولمبيا جي شهر ورسيلي جي ايزيڪا بيلي کي به ان سلسلي جو خط مليو، جيڪو هن لاپرواهي مان اُڇلي ڇڏيو ۽ هنجو خاندان آفت ۾ گهيرجي ويو. هنجا مٽ مائٽ سڀ مري ويا ۽ هوءَ پيسي پيسي لاءِ محتاج ٿي ويئي.
”1940ع ۾ وينزويلا جي فوج جي هڪ جنرل والٽر بيروچ هن خط جون ڪاپيون پنهنجي سيڪريٽري کان ٺهرايون. نتيجا فوري طور تي سامهون آيا ۽ هنجا حالات بهتر ٿي ويا. هڪ ٻي ملازم کي هن جي ڪاپي ملي، پر هو اُنجون ڪاپيون موڪلڻ ڀلجي ويو، جنهنجي نتيجي ۾ هن جي نوڪري ويندي رهي. پوءِ هن ڪاپين موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چند ئي ڏينهن ۾ هنکي اڳي کان بهتر نوڪري ملي ويئي. سلا ۾ هڪ ٻئي شخص کي ان سلسلي جو خط موصول ٿيو. جنهن کي هن لاپرواهي مان اُڇلي ڇڏيو. ۽ نون ڏينهن کانپوءِ هو ڪار جي حادثي ۾ تباهه ٿي ويو. اهو سلسلو ٽٽڻ نه گهرجي.“
مون هي خط پڙهيو ۽ سوچن جي ڌارا ۾ لڙهي ويس انهن چند سٽن ۾ ڪيترا نه دلچسپ سوال اُٿاريا ويا هئا. آءٌ فطرتن خواب ڏسڻ جو عادي آهيان، ۽ هي خط مونکي ڏينهن ۾ خواب ڏيکارڻ لاءِ ڪافي هو. سڀ کان پهرين ڳالهه اها هئي ته ڪنهن پر اسرار اتفاق جي تحت انهن تمام فردن، جن جو ذڪر هن خط ۾ هو، خواهه اُهي خوش نصيب هئا يا بدنصيب، اُنهن سڀني جو تعلق لاطيني آمريڪا سان هو. ۽ اُنهن سڀني جا نالا ب سان شروع ٿيا ٿي. برينگو، بيلي، بيروچ، يا بانگا. ۽ وري واقعن جي تفصيلن جو خوب صورت انداز هو. مشهور ۽ معروف (پر مشهور ۽ معروف ڇو؟) برنيگو! سلا جو قصو (رومن ڊڪٽيٽر) کان پنج ملين ڊالر جو انعام (ڪهڙو انعام؟ ڪهڙي شئي جو انعام؟) هڪ ملازم (اُن جي ملازمت ڪٿي هئي؟) اُنجي ملازمت (اُنجي نوڪري ڪهڙي هئي؟) هڪ حادثو (ڪهڙو حادثو؟ ڇا جو حادثو؟)
انهن تمام شين کان زياده پرڪشش ايزيڪا بيلي جي ذات هئي، جنهنجي باري ۾ ٻڌايو ويو هو ته، هوءِ پيسي پيسي جي محتاج بنجي اڃان تائين به زنده هئي. ايزيڪا بيلي منهنجي خوابن جو ڄار اُڻڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. خوبصورت، خوددار ۽ جرئت مند - هن خط جا نقل موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ هوءَ بدنصيبي جو شڪار ٿي ويئي هئي. (مگر ڪهڙي بدنصيبي؟) هن مٽن مائٽن جو صدمو برداشت ڪيو (ڪهڙا مائٽ؟) ۽ پيسي پيسي لاءِ محتاج ٿي ويئي هئي؟ هن تي ڇا ٿي گذريو؟ هن ان آفت جو ڪهڙي طريقي سان مقابلو ڪيو؟ هوءِ هاڻ ڪٿي هئي!؟
منهنجي زال جي داخل ٿيڻ سان منهنجي خوابن جو سلسلو ٽٽي پيو. ”ڏس! اڃان تائين ويٺي ويٺي سگريٽ ڦوڪي رهيو آهين ۽ خواب ڏسي رهيو آهين. جڏهن ته هن وقت توکي ڪم تي روانو ٿي وڃڻو هو. ڇا ڳالهه آهي؟ ڪيئن ويٺو آهين؟ پنهنجي اخبار جي دفتر ڇو ڪونه وين؟ ڇا توکي معلوم آهي ته چار وڄي چڪا آهن؟“
مون محتاط انداز ۾ جواب ڏنو ”مونکي روم کان گذرڻ واري ڪنهن مشهور ۽ معروف شخصيت جو انٽرويو وٺڻو هو پر اڄ ڪابه مشهور ۽ معروف شخصيت روم کان گذري نه رهي آهي. انهي ڪري مون وٽ اڄ ڪوبه ڪم ناهي!“
”منهنجي ذهن ۾ هڪ تجويز آهي. تون جنرل بانگا کان انٽرويو ڇو نٿو وٺين؟“
آءٌ ڇرڪي ويس. ”توکي ڪيئن خبر آهي؟“
”ڪهڙي شئي جي خبر؟ ان جنرل جي ڪري هيڏو هنگامو متل آهي. توکي اُن جي ڪابه خبر نه آهي؟ تون ويٺي رڳو خواب ڏسي رهيو آهين؟“
”ڪهڙو هنگامو؟“
”سڀني اخبارن ۾ تفصيلات ڇپيا آهن! تون به ڪيتري قدر غافل آهين. آهين نه؟ هان ڏس!؟“
هن اخبار منهنجي سامهون رکي. پهريئين ئي صفحي تي ٽي ڪالمي سرخي هئي ”جنرل بانگا جي خلاف مظاهرا“ جنرل هڪ هوٽل ۾ مورچا بند هو، ۽ هن اعلان ڪري رکيو هو ته هو گادي واري هنڌ ٽن ڏينهن تائين رهندو.
”هل. هاڻي اُٿي تياري ڪر ۽ جنرل جو انٽرويو وٺي لائي“ منهنجي زال چيو.
”پر ائين معلوم ٿو ٿئي ته هي شخص خون جو پياسو آهي. هنجي ڪلهي تي هزارين ماڻهن جو خون آهي. اُنجي علاوه هو بنيادي طور تي چور نظر اچي ٿو.“
”اُن سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ تون صحافي آهين يا نه؟ جنرل بانگا جي اخباري اهميت آهي يا نه؟“
مختصر اهو ته منهنجي زال مونکي قائل ڪري ورتو. منهنجي زال منهنجي سيڪريٽري بنجي هوٽل تي فون ڪيو ۽ اُن وقت منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جو مونکي انٽرويو لاءِ فوري طور تي وقت ملي ويو. بانگا ٺيڪ هڪ ڪلاڪ کانپوءِ هوٽل جي ڪمري نمبر 415 ۾ مون سان ملاقات لاءِ آماده ٿي ويو هو.
منهنجي زال مشورن جي معاملي ۾ ڏاڍي فراخدل آهي. هن چيو ”هن موقعي مان ڀرپور فائدو وٺجانءِ. اهڙو انٽرويو وٺجانءِ جنهن سان ٿوري گهماگهمي پيدا ٿئي. هن وقت تائين هو ڪيترن ماڻهن کي ٺڪاڻي لڳائي چڪو آهي. ڪيترا ڪروڙ هيلتائين چورائي چڪو آهي ۽ اهڙيون ٻيون سڀ ڳالهيون، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح اُنجي زبان تي اچن. بس ٿوري خوشامد جي ضرورت پيش ٿيندي. تون پنهنجن اُنهن ساٿين جهڙي روش اختيار نه ڪجانءِ!، جيڪي پنهنجو پاڻ کي قوم سڌارڪ سمجهي ويٺا آهن. اُنهن احمقن کي به اهميت ڏيڻ جي ضرورت ناهي، جن مظاهرا شروع ڪري ڏنا آهن. ايئن محض حسد جي سببان ڪيو وڃي ٿو. اُنهن مان هڪ به اهڙو ناهي، جنهن کي جيڪڏهن ڪو هن به موقعو ملي ته دولت حاصل ڪرڻ لاءِ جنرل کان ٻيڻي ڦرلٽ، قتل ۽ رتوڇاڻ تي لهي نه اچي. اُهي چون ٿا ته جنرل ڪروڙ پتي آهي. بلڪه ارب پتي آهي! خوش نصيب آهي! اُٿ هاڻي پنهنجو نيرو سوٽ پائي ۽ اُن سان گڏ ڪارو بوٽ. سفيد رنگ جي قميص ۽ گهري رنگ جي ٽاءِ مناسب رهندي. آخر هو جنرل آهي! ۽ هي ڳالهه ياد رکجانءِ ته جڏهن به هن کي مخاطب ٿين ته، هميشه ”ايڪسيلينسي“ ضرور چئجانءِ. سمجهي وين نه؟“
۽ مون پنهنجو نيرو سوٽ پاتو ۽ نئون نوٽ بڪ ۽ نئون قلم خريد ڪري هوٽل جي طرف نڪري پيس. هوٽل جي سامهون مشتعل ماڻهن جو هجوم هو، جنهن کي وردي وارن قطار ٺاهي هن وقت تائين روڪي رکيو هو. هجوم ۾ ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي ”بانگا واپس موٽي وڃ،“ ”قاتل مرده باد“، ”بانگا کي ٻاهر ڪڍو“، ”بانگا کي سوري تي لٽڪايو“ ۽ اهڙيون ئي ٻيون عبارتون لکيل هيون. پر جڏهن آءٌ هوٽل جي اندر پهتس، ته مون ڏٺو ته اُتي جي زندگي ٻاهر جي مظاهرن کان قطعي متاثر ٿيل نه هئي. هر شئي معمول جي مطابق هئي. روشنين سان هوٽل جڳمڳائي رهي هئي. گراهڪ اچي وڃي رهيا هئا ۽ آرڪسٽرا هڪ دلڪش ڌن وڄائڻ ۾ مصروف هو. آءٌ آجيان ڪانئونٽر تي ويس ۽ جڏهن مون اُتي پنهنجو نالو ٻڌايو ته ،جواب مليو ته منهنجو انتظار ڪيو پيو وڃي. پوءِ مون کي لفٽ جي ذريعي ٽين منزل تي پهچايو ويو. ڊگها ڊگها ڪاريڊور، مدهم روشنيون، ۽ نرم قالين. آءٌ آهستي آهستي قدم کڻي ڪمري نمبر 415 جي طرف وڌيس. دروازي تي پهچي مون ٺڪ ٺڪ ڪئي.
مونکي ويهڻ جي ڪمري ۾ آندو ويو. ڪمرو شاهانه ٺٺ سان سجايو ويو هو. سڄو سفيد ۽ سونهري، هڪڙو دروازو کليل هو ۽ اُن سان لاڳاپيل ڪمري ۾ هڪ بي ترتيب بسترو نظر اچي رهيو هو. ڪمري جي وچ ۾ هڪ نوجوان بيٺو هو. جنهنجي چهري تي ڏاڙهي هئي، ۽ هنجون مڇون انتهائي نفاست سان تراشيل هيون. هن مونکي مخاطب ٿيندي چيو، ”آءٌ پرسنل سيڪريٽري آهيان. جنرل منجهند جو آرام ڪري هاڻ سجاڳ ٿيو آهي ۽ پنهنجو لباس تبديل ڪري رهيو آهي. جيئن ئي هو تيار ٿي ويندا توهان سان ملاقات ڪندا.“
”مهرباني.“
آءٌ ويهي رهيس. مون نوٽ بڪ ۽ قلم ڪڍي لاٿو. سيڪريٽري دري جي ويجهو ويو ۽ ٻاهر ڏسڻ لڳو. منهنجي طرف هنجي پٺ هئي. هڪ پوڙهي ماڻهو جو زڪام ۽ عمر رسيدگي سبب لرزندڙ آواز اُڀريو ۽ هن جهجهڪندي چيو.
”منهنجو بوٽ!“
سيڪريٽري تيزي سان آواز جي طرف وڌيو ۽ ٻئي ڪمري ۾ غائب ٿي ويو. ڪجهه پلن جي خاموشي کانپوءِ وري ساڳيو آواز اُڀريو.
”منهنجو سوٽ“
”منهنجي بيگ“
”منهنجو پستول“
”منهنجا تمغا“
”منهنجي ٽوپي.“
وري خاموشي ۽ ڊگهي خاموشي! آخر سيڪريٽري دروازي وٽ ڏسڻ ۾ آيو ۽ هن چيو،
”جنرل هاڻ انٽرويو جي لاءِ تيار آهي.“
”ليڪن جنرل آهي ڪٿي؟“
”جنرل سامهون اچڻ کانسواءِ ئي انٽرويو ڏيندو آهي. توهانکي جيڪي پڇڻو هجي اُهو پڇو. هو خواب گاهه مان جواب ڏيندو.“
”پر ڇو!؟“
”ان ۾ ڪنهن ڇو جي گنجائش ناهي. بس ايئن ئي آهي.“
مونکي دل ۾ آيو ته جنرل پنهنجي غير مقبوليت جي پيش نظر شايد قاتلانه حملي کان خوف زده آهي. سيڪريٽري جلدي مان اهو چوڻ به ضروري سمجهيو ته، ”برسبيل تذڪرو يا ٻين سياسي، مذهبي، معاشي، سماجي يا مختصر ته عوام سان تعلق رکڻ وارن سوالن جا جواب ڏيڻ جنرل صاحب قطعي پسند نٿو ڪري. لحاظا جنرل صاحب کان فقط ذاتي نوعيت جا سوال ڪري سگهجن ٿا.“
”ذاتي مان ڇا مراد آهي؟“
”مثلن اهڙا سوال جن جو تعلق فنون لطيفه جي ميدان، ذاتي پسند يا ناپسند سان هجي. سير و سياحت سان هجي، فيشن سان هجي يا اهڙي ڪنهن ٻئي موضوع سان هجي.“
”ماڻهن جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ ڇا جنرل ڪنهن خاص فرد جي باري ۾ جواب ڏيڻ پسند ڪندو؟“
”ها. بشرطيڪ اُهو عوام جو نمائندو نه هجي.“
آءٌ ٺهي ٺڪي ويٺس. ”ان صورتحال ۾ آءٌ چاهيندس ته جنرل مونکي هن سوال جو جواب ڏي. ڇا اوهان ڪڏهن ايزيڪا بيلي نالي جي ڪنهن عورت کان واقف آهيو؟“
مونکي حيرت ٿي جڏهن هڪ ڳري آواز ۾ مونکي جواب مليو ”ها“.
”ايزيڪا بيلي ڪير آهي؟“
”هڪ ڏکايل ۽ مصيبت جي ماريل.“
”مصيبت جي ماريل ڇو؟“
”ايزيڪا جو مڙس منهنجي مخالفت تي سندرو ٻڌي بيهه رهيو. منهنجا ڪجهه شيدائي هڪ رات بيلي جي گهر ۾ گهڙي ويا. اُنهن ايزيڪا بيلي جي خلاف تشدد جو مظاهرو ڪيو. اُنهن هنجي مڙس، ٻارن ۽ ملازمن کي قتل ڪيو ۽ هنجي گهر کي باهه لڳائي. زيادتي ضرور ٿي، مگر اهو واقعو سياسي جدوجهد جي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي.“
”اُن وقت ايزيڪا بيلي جي عمر ڇا هئي؟“
”پنجويهه سال.“
”ڇا هوءِ خوبصورت هئي؟“
”انتهائي خوبصورت مگر باهه سان هنجو چهرو بري طرح سڙي چڪو هو.“
”۽ هاڻ هوءِ ڪٿي آهي؟“
”هاڻ هوءِ منهنجي گادي واري شهر جي بدترين علائقي ۾ رهي ٿي.“
”هوءِ هاڻ ڇا ٿي ڪري؟“
”خواري“
”خواري مان توهانجي ڇا مراد آهي؟“
”هوءِ خيرات پنندي آهي. رات جو هڪ جهوپڙي ۾ سمهي رهندي آهي. جوٺي ماني سان پنهنجو پيٽ ڀريندي آهي ۽ چتيون لڳل ڪپڙا پائيندي آهي.“
هڪ دفعو وري خاموشي جو طويل وقفو اچي ويو. آءٌ سوال ڪرڻ جي لاءِ نئون موضوع تلاش ڪري رهيو هوس. آخرڪار مون سوچي ورتو ۽ سوال ڪيو.
”ايڪسيلينسي! ڇا توهان کي ياد آهي ته توهان کي ڪڏهن پنج ملين ڊالر جو انعام مليو هجي؟ جيڪڏهن توهان کي اهڙو ڪوئي انعام مليو آهي ته، اوهان اهو ٻڌائڻ فرمائيندئو ته اهو ڪهڙي ڪارنامي تي انعام هو ۽ اُهو اوهانکي ڇو ڏنو ويو؟.“
آءٌ بيتابي مان پنهنجي سوال جو انتظار ڪري رهيو هوس جو وري اُهو ڳرو آواز اُڀريو.
”پنج ملين ڊالر جو انعام مونکي ان سبب ڏنو ويو هو جو هڪ فوجي ڪاروائي جي دوران، جيڪا ٽي مهينا جاري رهي هئي، مون گادي جي هنڌ جي ڀرسان واقع جبلن ۾ لڪيل دهشتگردن جي هڪ گروهه کي جڙ کان اُکاڙي ڦٽي ڪيو هو.“
”۽ اهو انعام توهانکي ڪنهن ڏنو هو؟“
”حڪومت ڏنو هو.“
”اُن وقت حڪومت جو سربراهه ڪير هو؟“
”مان پاڻ حڪومت جو سربراهه هئس.“
”ته صورتحال اها بيٺي ته توهان خود انعام تجويز ڪيو ۽ خود انعام حاصل ڪيو.“
”يقينن.“
آءٌ حيران رهجي ويس. سيڪريٽري مداخلت ڪندي چيو، ”انٽرويو جو وقت ختم ٿي چڪو آهي توهان تشريف کڻي وڃي سگهو ٿا.“
”مگر مونکي اڃان ڪجهه ٻيون به ڳالهيون معلوم ڪرڻيون آهن.“
”هاڻي ممڪن ناهي. انٽرويو ختم ٿي چڪو آهي.“
هن مونکي انتهائي بدفضيلتي ڪندي ڌڪو ڏيئي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هاڻ مون وٽ واپس گهر وڃڻ کانسواءِ ڪو ٻيو چارو ڪونه هو. گهر وڃي مون انٽرويو جي هر تفصيل کي، يعني خط، احتجاجي مظاهرن، جنرل ۽ اُنجي سيڪريٽري ۽ ايزيڪا بيلي تي مشتمل هر ڳالهه پوري احتياط سان قلم بند ڪيو. پر ڇا توهين يقين ڪندئو ته ايڊيٽر مونکي چيو ته، هو انٽرويو شايع نٿو ڪري سگهي ڇو جو آءٌ جنرل کي خود سندس ذات جي باري ۾ ڳالهائڻ تي اُڪسائڻ ۾ بري طرح ناڪام ويو هوس. بس ڪنهن ايزيڪا بيلي جو ذڪر ضرور هو، جيڪا قطعي هڪ غير معروف شخصيت هئي، اهو ئي سبب هو جو نه ته ڪا هنجي اهميت هئي، ۽ نه ئي هوءِ ڪا اخبار جي خبر جي حوالي کان ايڏي اهم ۽ دلچسپ هئي.
***