جهنگل جي هڪ رات
[/b]
جون 1947. بارش جي موسم، جيڪا ڏکڻ چيني سمنڊ جي اُتر اوڀر جي مون سون هوائن جي ذريعي پينسولا جي اُڀرندي پٽي تائين پهچي ٿي، پوئتان سوڪهڙو ڇڏي وڃي ٿي. پئهانگ، ترنگانو، ڪيلانٽن ۽ جور جهنگل جي پوسل واري زمين ۽ کڏون کوٻا خشڪ ٿي چڪا هئا. ننڍيون نديون ۽ آبشار وهڻ بند ٿي چڪا هئا. وڏيون نديون جن مان ٻيڙين جي ذريعي لنگهڻو پوندو هو، اُنهن ۾ پاڻي جي بوند به ڪانه بچي هئي.
موسم جو فائدو وٺندي آءٌ ڌاتن جي تلاش ۾ بانڊي کان پاڪنگ وڃڻ لاءِ پئهانگ ۽ ترنگانو جي سرحد تي دوشيزه جي وارن جهڙي گهاٽي جنگل ۾ نڪري پيس.
اُن سفر دوران منهنجي ڪئمپنگ بانڊي جي سونهين حامد صالح تمام گهڻي رهنمائي ڪئي. هن کي جهنگل جي هر رستي ۽ طرف جي خبر هئي. اهو ئي سبب هو، جو هُو منهنجي لاءِ گهمندڙ ڦرندڙ قطب نما ثابت ٿيو. هن هڪڙو قدم به غلط نه ٿي کنيو. هن کي چڱي پر خبر هئي ته ڪهڙو پيچرو وٺي ماڻهو جبلن جي وڏين چاڙهين کان بچي سگهيو ٿي، ۽ ڪهڙي جڳهه کان ڦري ندين ۽ آبشارن جي تيز وهڪرن کان بچي سگهيو ٿي. هو ڪمان مان نڪتل تير جيان بلڪل سڌو هليو ٿي.
حامد جي عمر لڳ ڀڳ چاليهارو سال هئي. هو صحت مند قدآور ۽ مظبوط هڏن جو جانٺو جوان هو، پر ڏسڻ ۾ ڏاڍو ڀوائتو ۽ گدلو نظر آيو ٿي. هنجو مٿيون ڏند چپن کان ٻاهر نڪتل هو ۽ کاٻي اک کان کاٻي ڪن تائين زخم جو ڊگهو ۽ گهرو نشان هئس. ٻيو ڌڪ جو نشان سندس پيشاني تي هو، جنهن سندس چهري کي اڃان به وڌيڪ خوفناڪ بنائي ڇڏيو هو. هنجو سڄو مٿو پٽڪي ۾ ڍڪيل هو ۽ بدن تي ميرو ڪڙتو، ۽ اُن مٿان ڪوٽ پاتل هو ۽ چيلهه تي ڪهاڙي ٻڌل هئس. هن جي حليئي کي ڏسي مونکي اڳيئن زماني ۾ جهازن کي ڦريندڙ درياهي لٽيرا ياد آيا.
پر هن درياهي لٽيري مونکي ملاين جي گهاٽي جهنگل ۾ تمام سٺو ساٿ ڏنو، ۽ سمورو وقت جهنگل جي بي تاج بادشاهن جا دلچسپ قصا ٻڌائي وندرائيندو هليو. هن مونکي ٻڌايو ته جڏهن هاٿين جو ڌڻ جهنگل ۾ نڪرندو آهي، ته ڪيئن نه جهنگلي جيوت گهيرو ٺاهي پنهنجن ٻچن کي بچائيندي آهي. هن ڊگهي ۽ سنهڙي رتن نانگ جو ذڪر ڪندي چيو ته، هو ڪيئن نه جانورن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي، اُنهن کي چچلائي ماريندو آهي. اُن کانسواءِ هن مونکي ٻيا به ڪئين دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ قصا ۽ واقعا ٻڌايا.
“توهان منهنجين ڳالهين تي شايد تيستائين اعتبار نه ڪندئو جيستائين پاڻ پنهنجين اکين سان نه ڏسندئو.“ هن چيو. ”رتن نانگ جو رنگ به رتن جهڙو هوندو آهي. اُنجو مٿو ۽ پڇ ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي، ۽ ڪنهن کي به اُن جي صحيح ڊيگهه جي خبر ناهي. هو رسي جيان ويڙهجي جهنگل جي پيچري تي ليٽي پوندو آهي. جڏهن به سوئر، هرڻ، چيتو يا ٻيو ڪو بدنصيب جانور اُتان لنگهندو آهي، ته هو پنهنجي شڪارجي چوگرد ڦندو ڦهلائي اُنکي گهيري وٺندو آهي. هو ايترو طاقتور آهي جو ڪو به جانور جيڪڏهن هڪ دفعو سندس ڄار ۾ ڦاسي پوي، ته پوءِ پنهنجي جند ڇڏائي نٿو سگهي. جڏهن شڪار ٿڪجي ساڻو ٿي پوندو آهي، تڏهن رتن نانگ اُنجي ڳچي وٽ ڏنگ هڻي سوراخ ڪري، اُن جو رت چوسي وٺندو آهي ۽ پوءِ اُنکي ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي. مونکي جهنگل مان لنگهندي ڪيترائي ڀيرا مرده جانورن جا جسم نظر آيا آهن.”
آءٌ اهڙين ڏند ڪٿائن جي دلچسپ ماحول ۾ حامد سان گڏ جهنگل مان گذري رهيو هئس. شام تائين اسان ڏهن ميلن کان مٿي پنڌ ڪري چڪا هئاسين. هاڻ سج لهي رهيو هو ۽ جهنگل جو نظارو آهستي آهستي جهڪو ٿيندو گم ٿيندو ويو. اسان فيصلو ڪيو ته اوندهه ٿيڻ ڪري سفر کي في الحال ملتوي ڪري ڊاٻو ڪجي ۽ وري سج جي اُڀرڻ سان سفر تي اُسهجي. حامد مونکي هڪ وڏي جبل جي اوٽ ۾ ڪيمپ ڪرڻ جي مقصد سان اوڏانهن وٺي هليو.
مون پنهنجي ڪلهي مان ٿيلهو لاهي زمين تي رکيو. ۽ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪيم. ٿيلهي ۾ ڪجهه بسڪٽ، ٿڌي پاڻي جون بوتلون، هڪ سرچ لائٽ، قطب نما ۽ ڪجهه ڌاتن جا نمونا هئا، جيڪي مون سفر دوران گڏ ڪيا هئا. منهنجي ٿيلهي ۾ اُن کان علاوه ناياب جانورن جا سڱ، ڏند ۽ ڦوڪڻي پڻ هئي، جيڪا مون لوڻ ۽ سگريٽن جي عيوض ساڪائي جي سونهين کان سنگي ٽڪائي ڏانهن ويندي ورتي هئي. جيتوڻيڪ انهن شين جي وزن منهنجي بار ۾ واڌارو ضرور آندو هو، پر انهن جي موجودگي منهنجي سفر ۾ سرور ۽ مزو به پيدا ڪيو هو.
جيئن ته آءٌ سفر سبب تمام گهڻو ٿڪجي پيو هئس، انهي ڪري اهو سوچڻ جي بنا ته منهنجي هيٺان ڇا هو، پٽ تي ئي ليٽي پيس. جيتوڻيڪ پٽ ناهموار هو، تڏهن به مون محسوس ڪيو ته آءٌ ڄڻ ڊبل اسپرنگ گاديلي تي ستل هجان.
حامد پاڻ کي هڪ تجربيڪار بورچي ثابت ڪيو. هن آرام ڪرڻ کان اڳ باهه دکائي. جڏهن آءٌ ڪاٺ جي بنڊ وانگي سڌو ٿي سمهڻ لڳس ته هن مونکي چتاءُ ڏنو ته، ”ڪهاڙي کي پاڻ کان الڳ نه ڪجانءِ. جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي ته سڀ جانور باهه کان ڊڄن ٿا پر تڏهن به منهنجي لاءِ اهو بهتر ٿيندو ته پاسي کان ڪهاڙي ضرور رکان.“
”هتي هن پٽ ۾ ڪهڙا جانور آهن؟“ مون پڇيو.
”چيتو.“ هن جو جواب هو.
هن هڪ دٻو کوليو. اُن مان ساري جاپن ڪڍيا ۽ اُن مٿي ڪتر ڪيل بادام ڇڙڪي ڪيڪ وانگر ويڙهي وات ۾ پاتو. هن ساري جي پن کي چٻاڙيندي ننڍڙي آواز ۾ چيو. ”مون هن جڳهه تي ٻن چيتن کي ماڻهو جي ماس تي وڙهندي ڏٺو هو.“
”هو مونکي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.“ مون سوچيو.
”اوهه! ۽ تون اُن منظر کي تماشو سمجهي ڏسندو رهيئين؟ يا تو وٽ اُن مهل هن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه هو؟“ مون مذاق مان پڇيو.
”ڇا؟ آءٌ هن کي ڇڏايان ها؟ منهنجي ڪر وس ۾ هجي ها ته آءٌ اُن ماڻهو جو ڪر قيمو ڪري ڇڏيان ها. مون چاهيو ته چيتو هن جا هڏا پڻ ڳڙڪائي ڇڏي.“ هن مون ۾ گهوريندي کنئري لهجي ۾ جواب ڏنو.
مونکي هو اسٽيج جي هڪ ڪامياب فنڪار جيان لڳو. ”ڀلا ڇا ماڻهو کي قيمو ڪري سگهجي ٿو؟“
مون آسمان ڏانهن نهاريندي وراڻيو. ”مٿي خدا آهي.“
”خدا!؟“ هن رڙ ڪئي. ”جيڪڏهن مٿي خدا هجي ها ته اسان غريبن جي هي حالت نه هجي ها.“
”هو ڪيڏي نه سٺي ادا ڪاري پيو ڪري.“ مون ننڊاکڙو محسوس ڪندي سوچيو.
”حامد“ مون هن کي مخاطب ٿيندي چيو، ”هاڻ سمهڻ گهرجي. مونکي وڌيڪ عربستان جي اونداهين راتين جا قصا نه ٻڌائي ۽ نه ئي مونکي موت جو ڊپ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪر.“
”سائين آءٌ مذاق ڪونه ٿو ڪريان. آءٌ بلڪل سچ پيو چوان. جيڪڏهن توهانکي ڪڪڙ جيڏي دل نه هجي ته آءٌ توهانکي ثابت ڪري ڏيکاريان.“
”تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“ مون وچان ڪٽيو منهنجي همٿ ڪر کڻي اُڀري آئي. ”جيڪڏهن منهنجي ڪڪڙ جيڏي دل هجي ها ته آءٌ توسان گڏ ايترو پري تائين نڪري نه اچان ها.“
هو چپ چاپ ويهي رهيو. ۽ درد ڀرين نظرن سان نهارڻ لڳو.
”هلي آ“
”تون مونکي ڇا ٿو ڏيکارڻ چاهين؟“ آءٌ اُٿيس. ”ڇا تون مونکي اُهي چيتا ٿو ڏيکارڻ چاهين جيڪي ماڻهن جي ماس تي وڙهن ٿا؟“
هن جي چهري جي تاثرات مان ائين نظر اچي رهيو هو ڄڻ ته منهنجي لفظن هن کي چڙ ڏياري هجي. هو بنا ڳالهائڻ جي اُٿيو. مون پنهنجي ڪهاڙي کاٻي هٿ ۽ ٽارچ ساڄي هٿ ۾ کنئي ۽ هنجي پوئتان جبل جي پريئين پاسي ڏانهن هلڻ لڳس.
هن اڳيان هلي هڪ جڳهه ڏانهن اشارو ڪيو ۽ ٽارچ هنئي.....منهنجي اڳيان هڏين جو پورو جبل هو. ڪجهه کوپڙين جي اکين مان گاهه پڻ اُڀري آيو هو.
”هنن جو شڪار مون ڪيو آهي.“ هن چيو. مون کان اوچتو ڇرڪ نڪري ويو. ڊپ وچان منهنجا وار اُڀا ٿي ويا.
”تون......تون؟“ آءٌ مشڪل سان ئي اهي لفظ چئي سگهيس.
هڪ قاتل سان گهاٽي جهنگل ۾ گڏ هئڻ ڪنهن به حالت ۾ هڪ گول دائري ۾ شينهن سان گڏ هئڻ کان بهتر نه هو.
مونتي ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو. ”هو ڪيڏي مهل به مونتي هڪ تير انداز جي ڦڙتي جيان حملو ڪري سگهيو ٿي. ۽ آءٌ به ڪهاڙي جو بک ٿي هنن جبلن ۾ اُڇليو ويندس ۽ هڪ ڏينهن هنن ويچارن جيان منهنجا به هڏا وڃي باقي بچندا.“ اهو خيال ايندي منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي ۽ پنهنجي ڪهاڙي کي ايترو مظبوطي سان جهليم جيترو جهلي سگهيس ٿي.
”سائين! ڊڄو نه. جڏهن ماڻهو مري وڃي ٿو ته سڀ ڪجهه ختم ٿيو وڃي، باقي هڏا وڃي بچن ٿا. توهانکي ڪنهن ڳالهه جو ڊپ ڪرڻ نه گهرجي.“
هنجا لفظ مونکي سڪون پهچائي نه سگهيا ۽ آءٌ بيچيني مان ٻه قدم پوئتي هٽيس.
حامد هڪ فتويٰ صادر ڪندڙ جج جيان پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ ڪيمپ ڏانهن واپس موٽيو. آءٌ ٻن ٽن وکن جي فاصلي تي هنجي پوئتان هلڻ لڳس. هو باهه جي ڀرسان ٿي ويٺو آءٌ هنجي سامهون ٿي ويٺس اسان ٻنهي جي وچ ۾ باهه هئي.
جهنگل ۾ مڪمل اوندهه ڇانيل هئي. کٿوري جهڙي خوشبوءَ واري آسمان ۾ هاڻ فقط ڪجهه تارا کڙيل هئا. سواءِ جيتن جي آواز جي جهنگل ۾ مڪمل خاموشي ڇانيل هئي.
هن جون خوني اکيون باهه تي ٽڪيل هيون. باهه جي ڀڙڪي ۾ هن جو خون سان ڀريل وحشي چهرو ٻري اُٿيو ٿي، ۽ آڳ جي اُلن ۾ آسپاس جو منظر بنهه اونداهو ۽ ڀيانڪ ڏيکائي ڏنو ٿي. مونکي لڳو ته روحن جا پاڇا هنجي پويان رقص ڪري رهيا هئا.
منهنجو رت وڌيڪ تيز ڊوڙڻ لڳو هو، ۽ مون پنهنجي ڪهاڙي اڃان به وڌيڪ مضبوطي سان جهلي رکي هئي. پر هو آسپاس جي ماحول کان بي نياز، فقط باهه ۾ ٽڪ ٻڌي نهاري رهيو هو ۽ گهڙي کن رکي اُن ۾ خشڪ ڪاٺيون وجهي رهيو هو.
اسين ٻئي خاموش هئاسين. مونکي خبر ناهي ته گهڻي وقت خاموش رهڻ کانپوءِ مون ڳالهايو:”تو ڇو هيڏن ماڻهن کي ماريو؟“
”مون ڇو ماريا؟“ هن ائين چيو ڄڻ هاڻي ئي خواب مان اُٿيو هجي.
اوچتو هن پنهنجا ٻئي هٿ خونخوار چيتي جيان زمين تي کپايا. هنجي وڏين اکين ۾ ڪاوڙ ۽ وحشيت اُڀري آئي.
”شيطان!“ هن رڙ ڪئي. ”هي سواءِ رت پياڪ درندن جي ٻيو ڪجهه به نه هئا!“
هن پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو. انڌاري آسمان ۾ نهاريندي هن رڙ ڪئي. ”هي رتن نانگ وانگي هئا جيڪي اسانکي ڄار ۾ ڦاسائي اسانجو خون چوسين ٿا، ۽ زندگي کي جيئري جهنم بنائي ڇڏين ٿا. جڏهن مون اُنهن کي ڳترا ڳترا ڪيو ته، اُنهن جي ڦٿڪڻ جي منظر منهنجي روح کي ڏاڍي خوشي ۽ سڪون پهچايو ٿي.“
مون محسوس ڪيو ته ماضي ۾ هن سان ڪو تلخ واقعو ٿي گذريو هو. مونکي هنجي حالت تي ڏاڍو رحم آيو. مون هن کان پڇيو. ”ڇا توکي اڳ ڪنهن رنجايو هو؟“
منهنجي سوال جو هن فوري طور تي ڪو به جواب نه ڏنو، شايد هو من ئي من ۾ جواب تيار ڪري رهيو هو. ۽ پوءِ ٿوري دير رکي هن باهه ۾ گهوريندي جهيڻي آواز ۾ ڳالهايو، ”منهنجو پيءُ جڏهن آءٌ ڇهن سالن جو هئس ته وفات ڪري ويو. اسانجا ڪي به ويجها مائٽ نه هئا، جيڪي اسانجو ڏکئي وقت ۾ ڀرجهلو بنجن. بابا وفات وقت جيڪي شيون هڪ سوڙهي ۽ ڦٽل گهر ۾ ڇڏيون، اُهي هيون ڪجهه ڪپڙن جون پراڻيون ڊريسون، امان ۽ آءٌ. ڪئمپونگ جي پينگلو جي ننڍي ڀاءُ دعويٰ ڪئي ته، منهنجي پي هن کان ڪجهه پئسه اُڌارا ورتا هئا. ۽ اُن عيوض هن منهنجي ماءُ کي زوري چو ٿين زال طور قرض ۾ رکيو. اسانوٽ هن شاهوڪار جي رحم و ڪرم تي رهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو به نه هو. امان جي شادي کانپوءِ به، اسان اُن سوڙهي ۽ ڦٽل گهر ۾ رهڻ تي مجبور هئاسين. هو منهنجي ماءُ کي هر مهيني فقط ٿورو ڪچو سيدو ڏيندو هو. جڏهن آءٌ هنکي بابا ڪوٺڻ کان انڪار ڪندو هئس، ته هو مونکي لتن ۽ مڪن سان ماريندو هو. منهنجي ماءُ هن ڏاڍي شخص کي ڊپ سبب ورندي نه ڏيندي هئي،۽ درد ۽ ڪرب وچان روئي ڏيندي هئي. مون ڏٺو ائين چوندي حامد جي اکين مان لڙڪ ڳڙي ڳلن تائين پهتا.
“هن ظالم شخص ٻن ٻين ڇوڪرن جيڪي هن وٽ پگهار تي هئا، سان گڏ مونکي چوپايي مال جي چاڪري تي لڳائي ڇڏيو هو. هن وٽ تقريبن پنجاهه مينهون هيون. آءٌ جڏهن ٻارهن سالن جو ٿيس ته منهنجي ماءُ هن جي عذابن کان جند ڇڏائي وفات ڪري ويئي.“
”پوءِ؟“
هو نسورو سچ ڳالهائي رهيو هو.
”امان جي مرڻ جي باوجود به هن منهنجي جند نه ڇڏي. هن مونکي حڪم ڪيو ته آءٌ ساڳيو ڪم ڪندو رهان. ۽ پوءِ هڪ ڀيري هي مرون مونکي سندس پنجويهه مينهون پئهانگ وڪڻڻ لاءِ گڏ وٺي هليو، ڇاڪاڻ جو ڪيلانٽن جي ڀيٽ ۾ اُتي مال جون قيمتون ٻيڻيون ٽيڻيون هيون. مون هن سان اُن سفر ۾ آخري ڀيرو ڪمپني ڪئي. مون هن ئي جڳهه تي هنجو خون ڪيو ۽ هنجي سر کي ڳترا ڳترا ڪري قيمو ڪيو. مون هنجو سڄو مال وڪڻي ڇڏيو ۽ جڏهن سڀ پئسه کپائي ورتم ته واپس ڪيلانٽن آيس. مون اُتي ماڻهن کي ٻڌايو ته اسانکي رستي ۾ ڌاڙيل ڦري آيا، جن اسانکا سڀ پئسه ڦري ورتا ۽ هنکي قتل ڪري ڇڏيو. ڪنهن کي به مونتي شڪ نه جاڳيو ته ڪو مون ئي هن کي قتل ڪيو هو.
۽ پوءِ پنهنجي پراڻي تجربي جي بنياد تي، آءٌ اُنهن ماڻهن جو جيڪي مال وڪڻڻ لاءِ نڪرندا هئا سونهون بنجي ويس. ڇاڪاڻ جو آءٌ اُنهن چند ماڻهن مان هئس، جيڪي هن جهنگل جي گسن گهيڙن ۽ پيچرن کان چڱي پر واقف هئا. رات جي وقت آءٌ هنن کي منجهائي ڄاڻي ٻجهي هتي وٺي ايندو هئس. ۽ جڏهن هو گهري ننڊ ۾ سمهي پوندا هئا ته، آءٌ هنن کي قتل ڪري ڇڏيندو هئس. ۽ پوءِ اُنهن جو مال وڪڻي پئسه کپائي ڇڏيندو هئس. مونکي منهنجي ڪهاڙي سان ڪيل شڪارن جو تعداد ياد ناهي. آءٌ اُنهن جا لاشا هن جبل جي پويان ان جڳهه تي اُڇلي ڇڏيندو هئس. هڪڙي دفعي مونکي پريشاني جو منهن به ڏسڻُ پيو. اهو هيئن جو منهنجو شڪار ڏاڍو برجستو ۽ طاقتور هو. مون هنجي گهري ننڊ پوڻ جو انتظار ڪيو، ۽ جڏهن هن کي گهري ننڊ وٺي ويئي ته مون ڪهاڙي سان مٿس حملو ڪيو. پر منهنجو نشانو گسي ويو ۽ هو سجاڳ ٿي پيو. هن ٽپو ڏيئي مونتي جوابي حملو ڪيو. انهي وٺ پڪڙ ۾ هن مونکي ٻه ڀيرا پڪڙي به ورتو، ۽ هي جو منهنجي پيشاني تي گهري زخم جو نشان آهي اهو هنجو رسايل آهي. پر آءٌ سنڀالي ويس ۽ هن کي ماري پنهنجي رڪارڊ ۾ واڌارو ڪيم.“
هن گهڙي پل لاءِ ساهي پٽي ۽ وري ڳالهه کي اُتان جاري رکيو. ”سائين پر هي سارا واقعا ويهه سال اڳ جا آهن.“
هن وڏو ٿڌو شوڪارو ڀريو. هن جو پڇتاءُ تمام وڏو هو، ۽ اهو سندس گذريل انتقام جي بلڪل اُبتڙ هو.
”سائين ! آءٌ هاڻي پوڙهو ٿي چڪو آهيان ۽ مون ڪافي زندگيون ۽ موت اکين سان ڏٺا آهن. شروع شروع ۾ مون هن سوئر کي ماريو ڇاڪاڻ جو مون هن کا سخت نفرت ٿي ڪئي، ۽ پوءِ مون ٻين کي به مارڻ شروع ڪيو، ڇاڪاڻ جو مونکي پئسن هٿ ڪرڻ جو اهو سڀ کان آسان طريقو سمجهه ۾ آيو.“
هن وري اونهون ساهه کنيو. ”پر جيڪڏهن اسين زندهه رهڻ چاهيون ٿا ته اسان تي لازمي آهي ته ٻين کي به زندهه رهڻ ڏيون. سائين! توهان اڃان جوان آهيو ان سان ڪو فرق نٿو پوي ۽ مستقبل ۾ اوهانکي زندگي ڪيئن گهارڻي آهي يا ڇا ڪرڻو آهي. توهان کي اها ڳالهه ضرور سمجهه ۾ اچڻ کپي. پر هنر مند، پڙهيل ڳڙهيل ۽ مٿئين طبقي جا ماڻهو انهي نموني نٿا سوچين. پر اسان جهڙا ماڻهو جن زندگي جا انيڪ لاها چاڙها ڏٺا آهن، تن هي سکيو آهي ته جي اسين زندهه رهڻ چاهيون ٿا ته ٻين کي به زندهه رهڻ ڏيون.“
اهي سڀ گفتا هڪ قاتل جي وات مان نڪري رهيا هئا. مونکي ڏاڍي حيرت ٿي. ڇا اهو هڪ خواب هو؟ پر نه. اها هڪ حقيقت هئي. جهڪي ٿيندڙ باهه جي پس منظر ۾ روحن جا پاڇولا ڦيرا ڏيئي رهيا هئا. هڪ دريائي ڦورو منهنجي سامهون ويٺو هو. اها سڀ حقيقت هئي نه ڪي خواب.
آءٌ منجهي پيس. منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو ته ڇا چوان. هنجي تڪليف تي مونکي رحم آيو ۽ هن لاءِ من ۾ همدردي جاڳي. پر آءٌ پنهنجو پاڻ کي يقين ڏياري نه سگهيس. منهنجو هٿ سڄو وقت ڪهاڙي تي رکيل هو ۽ آءٌ اُن کي ايترو مظبوطي سان جهليو ويٺو هئس جيترو جهلي سگهيس ٿي. آءٌ مايوسي ۽ پريشاني سبب ٿڪجي به ڏاڍو پيو هوس پر مونکي همٿ نه ٿي ته گهڙي کن لاءِ سمهي پوان. آءٌ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس. منهنجي اکين آڏو هڏاون پڃرن جو جبل گهمي رهيو هو ۽ کوپڙيون موت جو رقص ڪري رهيون هيون. جيتوڻيڪ هڪ سرد ۽ پوسل واري جهنگل جي ان رات منهنجي دماغ کي نستو ڪري ڇڏيو هو، ته به هڪ عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ خيال منهنجي ذهن ۾ اڀريو.
”ماڻهو جو وڏي ۾ وڏو دشمن ٻيو ڪير به نه پر هو پاڻ آهي. “
***