زينچي جونڪ
[/b]
اڪينو شهر ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه هو، جنهن زينچي نيگو جي نڪ بابت نه ٻڌو هجي. پنجن کان ڇهن انچن تائين ڊگهو نڪ جيڪو شروع کان آخر تائين هڪجهڙو ٿلهو هو، چپ جي مٿئين حصي کان کاڏي تائين پيو لڙڪندو هو.
گذريل پنجاهه سالن کان انهي نڪ جي موجودگي، هنجي لاءِ تڪليف ۽ پريشاني جو ڪارڻ بڻيل هئي. هڪ سچي دنيا تياڳي جي حيثيت ۾ هو جواني جي ڏينهن کان وٺي هن ڏينهن تائين ڪليسيا سان واڳيل هو. هو خانقاهه ۾ ايندڙ ماڻهن ۾ پنهنجي ڊگهي نڪ بابت جيڪو هنجي لاءِ پريشاني جو ڪارڻ بنيل هو، ڪڏهن به ذڪر ڪونه ڪندو هو. هڪ پادري جي حيثيت ۾، جنهن جو پيشو ماڻهن جي نظر ۾ مقدس هجي ۽ جنهنجي ذمي ڀرپور جذبي ۽ چاهه سان جنت جي عجائبن جي ساراهه ڪرڻ هجي، پوءِ ڀلا اهڙي ماڻهو لاءِ ڪيئن مناسب هو ته، هو پنهنجي ڊگهي نڪ سبب پيدا ٿيندڙ پريشانين جو انهن ۾ ذڪر ڪري پنهنجي حيثيت گهٽائي. اصل ۾ هن سمجهيو ٿي ته هو ماڻهن کي عبادت ۽ جنت جي عجائبن جي ساراهه ۾ مشغول رکي، کين پنهنجي نڪ بابت سوچڻ کان پري رکي سگهيو ٿي. بظاهر هن ان عمل ۾ فخر محسوس ڪيو ٿي، پر اصل ۾ هن کي اندر ئي اندر ۾ اهو ڊپ ويٺل هو ته ڪٿي معمول جي گفتگو ۾ هنکي ماڻهن کان پنهنجي نڪ بابت ٻڌڻو نه پئجي وڃي.
هنجو نڪ بيشڪ هڪ ناقابل برداشت عذاب هو. اول ته هو پنهنجو پاڻ کاڌو کائي نٿي سگهيو. جيڪڏهن هن ڪوشش به ڪئي ٿي ته هنجي نڪ جو ڇيڙو چانورن جي پيالي ۾ ٻڏڻ لڳو ٿي. اهو ئي سبب هو جو ماني کائڻ وقت هنکي پنهنجو هڪ چيلو سامهون ويهارڻو پئجي ٿي ويو، جيڪو هنجي نڪ جي ڇيڙي کي ٻه فٽ ڊگهي ۽ هڪ انچ ويڪري لٺ سان پري هٽائي رکندو هو، جيئن اهو پيالي ۾ ٻڏي نه پوي. ماني کائڻ جو اهو طريقو ظاهر آهي ته هڪ پادري لاءِ قطعي مناسب نه هو، جنهن جو نڪ ڪو ٻيو ماڻهو جهلي.
هڪ ڀيري هڪ خدمتگار جيڪو چيلي جي جڳهه تي ڪم ڪري رهيو هو، اُن کان هنجو نڪ ڇڏائجي ويو ۽ وڃي پيالي ۾ ڪريو. انهي واقعي تي خانقاهه ۾ ڪائٽو جي مسئلي جيان ڪافي غور ويچار ٿيو. جيتوڻيڪ هن عملي طور اُن کي ڊگهي نڪ جي ڪارڻ طور قبول ڪري ورتو، پر اُن سان هنجي شهرت تي جيڪي ڇنڊا پيا اُهي مٽجڻ جوڳا نه هئا.
اڪينو شهر جا رهواسي اڪثر چوندي ٻڌبا هئا ته، اها پادري جي خوشنصيبي هئي جو هو سنساري ماڻهو نه هو. نت يقينن ڪا به عورت اهڙي شخص جي زال بنجڻ لاءِ قطعي تيار نه ٿئي ها، جنهنجو نڪ ايترو ڊگهو هجي. ڪي ماڻهو ته ايتريقدر چوڻ ۾ اڳتي وڌي ويا ته شايد ڊگهي نڪ جي ئي ڪري،هو مقدس احڪامات حاصل ڪري نه سگهيو هو.
هن ڄاتو ٿي ته هنجو مقدس پيشو، هن جي نڪ جي عذاب کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪا به پناهه گاهه يا سهارو نه ٿي سگهيو هو. شادي يا ٻين تقريبن ۾ هنکي ماڻهن واتان تعريف جا ڪلمات ٻڌڻ جو گهٽ موقعو نصيب ٿيندو هو، جنهن سان هنجو ڳاٽ اوچو ٿئي. هنجو فقط هڪڙوئي مقصد هو ته، ڪنهن به طريقي سان پنهنجي رتبي تي پهتل زخمن کي ڇٽائي ۽ پنهنجي شان جي ديوار کي پهتل نقصان جي مرمت ڪري.
هن هرڪا ڪوشش ڪئي ته هنجو نڪ ڪيئن به ڪري اصل کان ننڍو نظر اچي. جڏهن ڪو به نه هوندو هو ته هو پنهنجي نڪ کي مختلف زاوين کان ڏسندو هو، ۽ اُنجي بار کي گهٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو هو. هو نه فقط نڪ کي مختلف زاوين سان ڏسندو هو بلڪه ڳل ۽ کاڏي کي آڱر سان دٻائي انتهائي صبر سان آئيني ۾ نڪ جو جائزو وٺندو هو. پر ائين ڪندي به هو ڪڏهن پاڻ کي مطمئن نه ڪري سگهيو ته ڪو هنجو نڪ ننڍو هو. بلڪه هو جيئن ئي اُنجو گهرو مشاهدو ڪندو هو، هنکي پنهنجو نڪ اڃان به ڊگهو باسندو هو. اهڙن موقعن تي هو آئيني کي واپس پيتي ۾ بند ڪندو هو ۽ ٿڌا ساهه کڻندو نهايت اُداسي مان عبادت گاهه ڏي ويندو هو ۽ ٻاجهه جي ديوي جا ڀڄن ڳائيندو هو.
هن ٻين ماڻهن جي نڪن جو بغور مشاهدو ڪيو. اڪينو جي عبادتگاهه ۾ تمام گهڻن ماڻهن جو اچڻ وڃڻ رهندو هو. هتي ٻڌ ڌرم بابت وڏا ميڙاڪا ٿيندا هئا ۽ ٻاهران ايندڙ پادرين جي رهائش ۽ اُنهن جي خطبن لاءِ جوڳو انتظام ڪيو ويندو هو. خانقاهه سان لڳ غفائون هيون، جنجي غسل خانن ۾ هر وقت گرم پاڻي جو انتظام هوندو هو. خانقاهه ۾ ايندڙ زيارتين ۽ پادرين جون نظرون سدائين اُن ماڻهو جي تلاش ۾ گهمنديون هيون، جنهن کي هڪ ڊگهو ۽ يڪسان ٿلهو نڪ هو. ائين ڪندي هو پاڻ تان بوجهه هلڪو محسوس ڪندا هئا، ۽ دلي طور ڏاڍو سڪون محسوس ڪندا هئا، ته ڪم از ڪم هو اُن عذاب کان آجا هئا. زينچي هنن کي نهايت غور مان جانچيندو هو. هنجو ڌيان زيارتين جي ريشمي پوشاڪن، سڻي مان ٺهيل ڪپڙن ۽ پادرين جي گيڙو ٽوپين ڏانهن قطعي ڪونه ويندو هو. پر هنجي اکين کي جنهن شيءِ ٽڪ ٻڌي نهارڻ تي مجبور ڪيو ٿي اُهي اُنهن جون پوشاڪون نه پر اُنهن جا نڪ هئا. هن جي مشاهدي ۾ ڪنڊي وانگر وريل نڪ پڻ آيا، پر اُنهن سڀني نڪن ۾ ڪو به هنجي نڪ جيان عجيب و غريب نه هو. هنجي هر نئين مشاهدي ۽ کوجنا هن کي گهگهه اونداهي ۾ لامحدود مايوسي ۾ مُبتلا ڪيو ٿي.
ٻين سان گفتگو جي دوران غير شعوري طور تي هن پنهنجي لڏندڙ ۽ لمندڙ نڪ کي آڱرين جي وچ ۾ آندو ٿي، ۽ پوءِ جلدئي اُن حرڪت تي ندامت محسوس ڪندي شرم ۾ وٺجي ويو ٿي. هنجي بدنصيبي هن کي نا اُميدي جي حد تائين پهچائي ڇڏيو هو.
ان نا اُميدي جي عمل ۾ پاڻ کي آٿت ڏيڻ ۽ مطمئن ڪرڻ لاءِ هن پاڻ جهڙي نڪ کي ٻڌ ڌرم جي مقدس ڪتابن ۾ ڳولي لهڻ لاءِ تمام گهڻو مطالعو ڪيو، پر اُنهن ۾ ڪٿي به اهڙي ڊگهي نڪ بابت ذڪر ڪونه هو. ”ڪيترو نه سڪون ۽ آٿت بخشيندڙ عمل ٿئي ها، جيڪڏهن ڪتابن ۾ هن کي گهڙي پل لاءِ ئي نظر اچي ها ته، غيبي قوت رکندڙ ميولن يا ذهانت جي ڪري مشهور شاليهسن کي هڪ ڊگهو ۽ يڪسان ٿلهو نڪ هو.“
هن کي مطالعي مان معلوم ٿيو ته ٽين عيسوي صدي ۾ ٿي گذرندڙ مشهور بادشاهه ليو هسن کي تمام ڊگها ڪن هوندا هئا. گهڙي پل لاءِ هن سوچيو، ”ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جي هنکي ڊگهن ڪنن جي بجاءِ هڪ ڊگهو نڪ هجي ها.“
اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته، هن پاڻ کي ذهني سڪون پهچائڻ لاءِ ڪئين ڪوششون ڪيون ۽ نسخا آزمايا ته جيئن هو پنهنجي نڪ کي ننڍو ڪري سگهي. هڪ ڀيري هن نانگ سونگيل ڪدو جو ڪاڙهو پيتو ۽ ٻئي ڀيري هن ڪوئي جي پيشاب ۾ نڪ کي ڌوتو. پر ايترين حقارت آميز تڪليفن جي باوجود به، هنجو پنجن کان ڇهن انچن تائين هم چورس ڦهليل ڊگهو نڪ هنجي چپن جي هيٺان پيو لڙڪندو هو.
خزان جي هڪڙي ڏينهن هنجو هڪڙو چيلو، پنهنجي مالڪ جي ڪم ڪار سان ڪيوٽا ڏانهن سفر تي اُسهيو ۽ هنجي اڪينو موٽڻ کان اڳ هنجي واقف ڪار طبيب، هن کي نڪ کي گهٽائي ننڍي ڪرڻ جا عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ راز ٻڌايا. اهو طبيب جيڪو جپان کان چين آيل هو، اُن وقت جي مشهور خانقاهه جوراڪو سان لاڳاپيل پروهت هو.
زينچي بظاهر بيپرواهي اختيار ڪندي علاج جي تڪڙي شروع ٿيڻ کان ان بهاني لنوايو ٿي ته، هن کي فقط ماني کائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، پر هو دل ئي دل ۾ پنهنجي چيلي کي ريجهائڻ لڳو هو ته جيئن هو علاج ۾ دير نه ڪري. چيلي به پنهنجي مالڪ جي منصوبي کي ناڪام ڏسڻ نٿي چاهيو. ۽ نيٺ هڪ ڏينهن علاج شروع ٿيو.
فارمولا تمام مختصر هئي. نڪ کي پهرين گرم پاڻي ۾ ٽهڪائڻو هو ۽ پوءِ اُنتي وزن دار لت رکي زور ڏيئي چپڻو هو.
خانقاهه جي غسل خانن ۾ جيئن ته پاڻي روزانه گرم ٿيندو هو. انهي ڪري چيلي کي پاڻي جي انتظام ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف نه ٿي، ۽ هو جهٽ ڏيئي ڪڙائي ۾ گرم پاڻي کڻي آيو. پاڻي ايترو گرم هو جو ڪير اُن ۾ آڱر وجهڻ جي به همٿ ساري نٿي سگهيو. اهو ڊپ هو ته ڪٿي زينچي جو چهرو ٻاڦ جي ڪري رجي نه وڃي. تنهنڪري ڪڙائي مٿان ڪاٺ جو ڍڪ ٺاهي رکيو ويو ۽ اُن مان هڪڙو سوراخ ڪيو ويو، جيئن هنجو نڪ آساني سان اُن سوراخ مان اندر پاڻي ۾ داخل ٿي سگهي. نسخي مطابق جيترو نڪ ٽهڪندڙ پاڻي ۾ اندر وڃڻو هو اوتروئي علاج ۾ فائدو ٿيئڻو هو.
“”عاليجناب جي خيريت هجي.“ چيلي ٿوري دير رکندي چيو، ”آءٌ سمجهان ٿو ته اهو هاڻ ڪافي ٽهڪي چڪو آهي.“
سرڪاري پادري زينچي بيجا مرڪندي سوچڻ لڳو ته جنهن به هي لفظ ٻڌا هوندا، اُن جو ڌيان قطعي ان ڳالهه ڏانهن نه ويو هوندو ته ڪو، انهن لفظن جو تعلق نڪ گهٽائڻ جي علاج سان هوندو.
گرم پاڻي ۾ ٽهڪڻ سبب هنجو نڪ ائين خارش ڪرڻ لڳو ڄڻ هن کي مڇرن چڪ پاتا هجن.
جڏهن نڪ کي سوراخ مان آجو ڪري ڍڪ مٿي رکيو ويو ته چيلي اُن ٻاڦيل نڪ تي ٻنهي پيرن سان چڙهي جسم جو پورو زور لڳائي دٻايو. زينچي جيڪو ڀر۾ ليٽيو پيو هو، ۽ جنهنجو نڪ ڪاٺ جي ڍڪڻ تي وڇايل هو خاموشي سان پنهنجي چيلي جي ٽنگن کي هيٺ مٿي حرڪت ڪندي ڏسندو رهيو.
”ڇا تڪليف ٿي ٿئي عاليجناب؟“ چيلي پنهنجي پادري جي مرجهايل چهري کي ڏسي رکي رکي پڇڻ لڳو، ”طبيب مونکي چيو هو ته نڪ کي زور سان دٻائي رکجانءِ ڇا سور گهڻو ٿو ٿئي؟“
زينچي شعوري طور ظاهر ڪرڻ لاءِ ته هنکي تڪليف ڪونه ٿي ٿئي، پنهنجو ڪنڌ لوڏڻ چاهيو پر هو ائين ڪري نه سگهيو، ڇاڪاڻ جو هن جو نڪ بري طرح دٻايل هو. هن پنهنجون اکيون اهڙي طريقي سان گهمايون، جنهن مان ظاهر ٿيو ٿي ته هن کي اندر جو اندر ۾ ڏاڍي تڪليف هئي ۽ غصو پڻ. پر جلدئي پنهنجي چيلي تي نظرون مرڪوز ڪندي هن وراڻيو ”نه تڪليف ڪونه ٿي ٿئي.“ هن پنهنجي چيلي کي ته بظاهر اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو علاج مان ڏاڍو سڪون محسوس ڪري رهيو هو، پر هن جو ڦوڦو ٿيل نڪ سخت خارش سبب جيڪا پيڙا کيس ڏيئي رهيو هو اُنجو فقط هنکي ئي احساس هو.
هن جي نڪ جو اهڙي طريقي سان علاج ڪجهه عرصي تائين جاري رهيو. جڏهن به هنجي چهري تي ڦلڻا ظاهر ٿيا ٿي، ته هنجي چيلي پنهنجي منهن ڳالهايو ٿي، ”مونکي طبيب ٻڌايو هو ته ڦلڻن کي اوني ڪپڙي سان پٽي وٺجانءِ، ائين ڪرڻ سان جلدي فائدو ٿيندو.“
نڪ پڪل ڪڪڙ جيان نظر آيو ٿي. هنجون ڳلون ڦوڪجي آيون هيون. جيتوڻيڪ هنکي ڪافي تڪليف ٿي رهي هئي، پر پوءِ به انکي برداشت ڪندي هن چيلي کي هدايت ڪئي ته هو علاج کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکي، ته جيئن سندس نڪ عام ماڻهن جي نڪ جيان ڏيکائي ڏي. اها هڪ کليل حقيقت هئي ته پادري پنهنجي چيلي جي شفقت ڀرئي رويي ۽ خدمت سبب ڪڇي نٿي سگهيو. پر اصل ۾ هن نٿي چاهيو ته هنجي نڪ کي ڪنهن بي جان مادي جيان ورتو وڃي، يا هڪ اهڙي مريض جيان جنهنجو اُن سرجن جي هٿن ۾ آپريشن ٿي رهيو هجي، جنهن تي هو اکيون پوري اعتماد ڪري نٿي سگهيو. زينچي نهايت پيڙا مان پنهنجي چيلي کي نڪ ۾ ٿيل سوراخن مان ڏٺو. نڪ سڪڙجي چڪو هو. علاج ختم ٿيو ۽ چيلي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندي چيو ”عاليجناب! توهانجو شان سلامت رهي. هاڻ فقط هڪ دفعو نڪ کي ٽهڪائڻو پوندو ۽ پوءِ اُهو صحيح نظر ايندو.“
زينچي ڀرون ۾ گهنڊ وجهي اُن علاج جي اجازت ڏني، جنهن هن کي هيڏي ساري پيڙا ۾ وڌو هو.
جڏهن هن جو نڪ ٻئي ڀيري ڪڙائي مان ڪڍيو ويو ته اهو ڏسي حيرت ٿي ته، اُهو توقع جي حد کان ننڍو ٿي چڪو هو ۽ اهو هڪ عام گهنڊيدار نڪ کان قطعي مختلف نه هو. پنهنجي ننڍي ٿيل نڪ تي هٿ ڦيرائيندي هن حجاب ۽ عجيب عالم جي پريشاني مان آئيني ۾ جهانڪي ڏٺو، جيڪو هنجو چيلو هن لاءِ جهلي بيٺو هو.
هنجو اصلي نڪ جيڪو کاڏي کان هيٺ پيو لڙڪندو هو اُن جو ان حد تائين گهٽجڻ ڪنهن به معجزي کان گهٽ نه هو، ۽ اهو هاڻي هنجي مٿين چپ کان هيٺ لڙڪيل ڪونه هو. ۽ هاڻي اُهو سندس اصل نڪ هن لاءِ صرف هڪ ياد بنجي رهجي ويو هو. ڳاڙهيون ڦرڙيون جيڪي نڪ تي ظاهر هيون، اُهي زور سان دٻائڻ ۽ رهڙن سبب آيل هيون.
”هاڻ مونتي ڪير به نه کلي سگهندو.“ پادري پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو ۽ آئيني ۾ نهاريو. پنهنجي چهري جي موٽندڙ عڪس کي پسي هن پنهنجو پاڻ کي مطمئن ۽ نارمل محسوس ڪيو.
پر اهو سڄو ڏينهن هن کي ڊپ ورائي رهيو ته ڪٿي هنجو نڪ ٻيهر وڌي نه وڃي، تنهنڪري هو عبادت ۽ ماني کائڻ دوران چورن واري انداز سان نظرون بچائي نڪ کي ڇهندو رهيو ۽ هر ڀيري جڏهن هن کي محسوس ٿي ٿيو ته هنجو نڪ صحيح ۽ ساڳي شڪل ۾ چپ جي مٿان هو، ۽ ماضي جيان اُهو چپ کان هيٺ نه لڙڪي رهيو هو، ته هن اندر ئي اندر ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ٿي ڪئي.
صبح جو سويل اُٿڻ مهل هن وري نڪ کي ڇهيو ۽ هن کي اطمينان ٿيو ته اهو ڪالهه جيان ننڍو هو. تمام گهڻن سالن کانپوءِ هن اهو ساڳيو سڪون ۽ خوشي ماڻي هئي، جيڪا هن گهڻو اڳ ٻڌمت جا مول ۽ متا پائڻ لاءِ تپشيا مڪمل ڪري پاتي هئي.
پر زينچي کي ڪجهه ڏينهن اندر ڪافي نوان مشاهدا ٿيا. هڪ واپاري جنهنجو واپار سانگي اڪثر اڪينو مان گذرڻ ٿيندو هو، اڳي ڪڏهن به ايڏي خوشي محسوس نه ڪئي هئائين. هڪ لفظ به بنا ڪڇڻ جي هو ٽڪ ٻڌي پادري جي نڪ کي ڏسندو رهيو. فقط ايترو ڪجهه نه ٿيو. خدمت گار جنهن هڪ دفعو زينچي جو نڪ ٽهڪندڙ پاڻي جي پيالي ۾ وڌو هو، اُن جو عبادت گاهه ۾ زينچي جي پاسي کان گذرڻ ٿيو. گهڙي پل لاءِ هن پاڻ کي کلڻ کان روڪڻ لاءِ ساهه بند ڪري اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون. پر ٻي پل ۾ هو هڪ زوردار ٽهڪ کي روڪي نه سگهيو. زينچي جا چيلا جيڪي سامهون ويهي هنجي خطبي کي ٻڌندا هئا، سي هنجي پٺيري ٿيڻ تي کل کي روڪي نه سگهيا هئا.
زينچي شروع شروع ۾ خدمتگارن ۽ چيلن جي ٽهڪن کي پنهنجي مهانڊي ۾ تبديلي جو سبب سمجهيو. پر ڪافي وقت گذرڻ کانپوءِ به عبادت جي دوران جڏهن هنجو ڪنڌ هيٺ جهڪندو هو، ته هو آساني سان عبادت جي دوران خلل پيدا ڪندڙ آوازن کي محسوس ڪندو هو ۽ اُن پل هو پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو هو.”زينچي نيگو!چهري جي تبديلي بظاهر اُنهن جي کلڻ جو سبب نٿي ٿي سگهي. اُنهن جي کل اُن کل کان قطعي مختلف هئي، جڏهن تنهنجو نڪ ڊگهو هوندو هو. جيڪڏهن تنهنجي خيال ۾ ڊگهو ۽ بڇڙو نڪ وڌيڪ کل جهڙو هو ته هاڻوڪي ننڍي ۽ سٺي نڪ کانپوءِ اهو مسئلو ختم ٿيڻ گهربو هو. يقينن اُنجي پويان ڪو ٻيو سبب هوندو؟ اُهي هن کان اڳي ڪڏهن به اهڙا نه روڪي سگهڻ جهڙا ٽهڪ ڪونه ڏيندا هئا.“
ويچارو غريب ۽ کل مک پادري اهڙن موقعن تي ڏاهپ ۽ رحم جي ديوي فيوجين جي ديوارتي ٽنگيل تصوير ڏي نهاريندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳي پنهنجي چهري تي موجود پراڻي ڊگهي نڪ کي ياد ڪندو هو، ۽ هڪ تيز وهڪري ۾ ٻڏندڙ ماڻهو جيان ماضي جي جاهه و جلال کي ياد ڪري، اُداسي ۾ وٺجي ويندو هو. اها ڏاڍي افسوس لائق ڳالهه هئي جو ويچارو زينچي فيصلي جي قوت نه رکڻ ڪري مونجهاري کي حل ڪرڻ جي اهل نه هو.
هرڪو ماڻهو پاڻ سان ٻه اُبتڙ جذبا سانڍي هلندو آهي. هرڪو ماڻهو ٻئي جي بدقسمتي تي همدردي جتائيندو آهي. پر جڏهن اُهو ماڻهو اُن بدقسمتي جي دٻڻ مان نڪرڻ جو بندوبست ڪندو آهي ته هو نه فقط اُن تي وڏو ٽهڪ ڏيئي پاڻ کي سڪون پهچائيندو آهي، بلڪه اڃان به اُن وٽ پهچي حسد مان هنکي خراج پيش ڪندو آهي. ڪن حالتن ۾ ته هو اُن کي ماضي جي بدنصيبي ۾ وري اُڇلائڻ چاهيندو آهي ۽ ساڳئي وقت اُن ۾ پنهنجو بغض ۽ ڪينو پڻ شامل ڪري ڇڏيندو آهي.
زينچي سڀ ڪجهه لٽائي ۽ وڃائي سکيو ته هو ڇاجي ڪري نڌڻڪو ٿيو هو. هنجي پريشاني جو ڪارڻ هو پاڻ نه هو پر اُهي هئا اڪينو جي خانقاهه جا پادري ۽ زيارتي.
جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا زينچي وڌيڪ اُداس ۽ عاجز ٿيندو ويو. هو ڪنهن به مهل ڏاڍيان نه ڳالهائيندو هو. ايتريقدر جو چيلن پاران پرپٺ اُهي جملا ٻڌڻ تي به، ”عاليجاهه کي گناهن جي سزا ملي رهي آهي.“ هو ڪڏهن به آپي کان ٻاهر نه نڪرندو هو ۽ نه ئي کين ڪجهه چوندو هو.
پر هڪ ڀيري هڪ خدمتگار جي هڪ ڪميڻي حرڪت زينچي کي ڏاڍي ڪاوڙ ڏياري، ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن هڪ وحشي ڪتي جي ڀونڪڻ جي آواز تي زينچي دري مان هيٺ نهاريو. هن ڏٺو ته هنجي خدمتگار جي هٿ ۾ ٻه فٽ ڊگهي هڪ لٺ هئي ۽ هو وحشي ڪتي جي پويان ڊوڙندو هڪل ڪري چئي رهيو هو”هنجي نڪ ڏانهن نهار! آءٌ چوانٿو ته ڪتا هنجي نڪ ڏانهن نهار نت توکي هن لٺ سان ڪٽيندس.“ زينچي کي ڏاڍو غصو آيو. هن وڌي وڃي لٺ خدمتگار جي هٿ مان ڦري کيس زور سان وهائي ڪڍي. هي اُهائي لٺ هئي جيڪا ڪو وقت اڳي زينچي جي ڊگهي نڪ کي جهلڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي.
زينچي کي پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ساڳئي وقت هن کي ڊگهي نڪ جي ننڍي ٿيڻ تي چڙ پڻ آئي.
هڪڙي رات جو سج لٿي مهل اوچتو ئي اوچتو تيز هوا شروع ٿي، ۽ خانقاهه ۾ لڳل گهنڊن جي زور سان ٽڪرائڻ جا آواز هنجي آرامگاهه تائين پهچڻ لڳا. ٿڌ ايڏي پئجي رهي هئي جو هو سمهي نٿي سگهيو. بستري ۾ پاسا ورائيندي هنکي خارش محسوس ٿي. هن نڪ تي هٿ گهمايو ته هن کي اهڙي سوڄ محسوس ٿي جهڙي جلندر جي بيماري ۾ اڪثر ٿيندي آهي. ساڳئي وقت هنکي بخارپڻ ٿيڻ لڳو.
”اهو حيرت جي حد تائين ايترو ننڍو ٿي چڪو آهي جو آءٌ بيماري ۾ مبتلا ٿي سگهانٿو.“ هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو ۽ ائين ڪندي هن پنهنجي نڪ تي لاڏڪوڏ مان ائين هٿ گهمايو جيئن هو قربا نگاهه ۾ ادب مان واس ڌوپ ڪندي ۽ گل چاڙهيندي ڪندو هو.
ٻئي ڏينهن هو معمول جيان سويل اُٿيو ۽ هن کي محسوس ٿيو ته خانقاهه جو باغيچو ائين روشن هو ڄڻ اُنتي سون وڇايل هجي، ڇاڪاڻ جو گنڪو ۽ شاهه بلوط جي وڻن مان سڄي رات پن ڇڻي، باغيچي ۾ وڇائجي ويا هئا ۽ خانقاهه جي ڪلنگي ڪوهيڙي سان ڍڪجي چڪي هئي. ڪلنگي مٿي لڳل ٽامي جا ڪڙا سج جي جهڪي روشني ۾ چمڪي رهيا هئا. ورانڊي ۾ ويهندي جنهن جا سڀئي در اڳيئي کليل هئا هن هڪ اونهون ساهه کنيو ۽ ساڳي پل هڪ خواهش هن جي اندر ۾ اُڀري جيڪا اڳي به ڪنهن پل هنجي اندر ۾ اُڀري هئي ۽ جنهن کي هاڻ هو وساري چڪو هو.
لاشعوري طور هن پنهنجي نڪ تي هٿ ڦيريو، ۽ هن کي محسوس ٿيو ته اُهو جيڪو گذريل رات تائين ننڍو هو، غائب هو ۽ اُنجي جڳهه تي ساڳيو پنجن کان ڇهن انچن وارو ڊگهو نڪ موجود هو، جيڪو هنجي چپن کان هيٺ لڙڪي ۽ لڏي رهيو هو. هن کي محسوس ٿيو ته هڪ ئي رات ۾ اهو ايترو وڌي چڪو هو جيترو اڳي هو ۽ اُن ئي پل هنجي روح کي ايتري تازگي ۽ خوشي محسوس ٿي، جيتري هن کي نڪ جي ننڍي ٿيڻ تي ٿي هئي.
”هاڻ مونتي وري ڪير به کلي نه سگهندو.“ هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
هنجو ڊگهو نڪ سرءُ جي صبح جي ٿڌڙي هير ۾ لڏي رهيو هو.
***