تصوف جي دنيا کي ضرورت
مذهب بيزاري ۽ تصوف
ڪي ماڻهو تصوف کي مذهب بيزار تحريڪ سمجهن ٿا ڇو ته صوفي فرقا بندي ۽ انتها پسندي کان نفرت ڪند رهيا آهن حالانڪه قرآن ۾ فرقا بندي ۽ انتها پسندي کان منع آهي. سورت آل عمران 103 ۾ آهي ته وَاعتَصِمُوا بِجَبُلِ الله جَمَيعَــاَ وَلاَتَفرَ قُوا:- ترجمو: حد کان نه وڌو، بيشڪ الله حد کان وڌندڙن کي پسند نٿو ڪري. هي جو سچل چيو آهي.
مذهبن ملڪن ۾ ماڻهو منجهايا
ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سويل
ڏسو عشق جو انصاف، سڀئي مذهب ڪيائين معاف.
ته ”مذهب“ فقهي اصطلاح ۾ فقه ۽ مڪتبه فڪر يا ٻين لفظن ۾ فرقي کي چيو ويندو آهي. اگر صوفي سڳورا اسلام کان بيزار هجن ها ته سونهاريون نه رکن ها. الله ، رسول، چئن يارن، پنجن تنن، پيران پير جا مداح نه هجن ها سندن مزارن ۽ گهرن ڀرسان مسجديون نه هجن ها. سنڌ جي سڃاڻ ڀٽائي، سچل ۽ ساميءَ بابت محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته ” سنڌ جا هي عظيم شاعر مذهبي ماڻهو هئا (شاه، سچل سامي 1997ع ص 36) ٻئي هنڌ لکيو اٿائين ته ” هڪ پاسي شاه ۽ سچل هئا جن اسلام جي قرآن جو تفسير ۽ تعبير سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سماج (مسلمانن ۽ هندن ٻنهي) کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ ٿي چاهيو ۽ ٻئي پاسي سامي هو جنهن هنڌو ڌرم جي ويدن جو ارٿ ۽ سمجهاڻي ساڳئي ان سنڌي سماج کي کي يعني هندن ۽ مسلمانن ٻنهي کي ڏيڻ گهري ٿي (شاه سچل سامي ص 29) وڌيڪ لکيو اٿائين ته ”شاه جو رسالو دنيا جي جملي مذهبي تعليم جو نچوڙ – سنگم ۽ سنڌي تهذيب جي سموري حاصلات جو روح آهي (شاه سچل سامي ص 69) .
سچ ۽ ڪوڙ ۾ تميز ۽ تصوف
ڪن ماڻهن اهو سمجهيو آهي ته صوفي ٿيڻ لاءِ مذهب سان سچو هجڻ ضروري نه آهي جيڪو اچي سو کائجي. حلال حرام جي تميز ضروري نه آهي ته ان سان ماڻهو حرام حلال جي ڪاتي بڻجي پوي ٿو. ان سان سچ ۽ ڪوڙ جي تميز يا سچ جو ساٿ فضول ٿي پوندو. نيڪي ڪرڻ ۽ برائيءَ کان بچڻ جو فلسفو اجايو ٿي پوندو، پوءِ ته ظالم ۽ مظلوم ۾ ڪو فرق نه ٿيندو، اها شيءَ يا فڪر دنيا کي ترقيءَ بجاءِ زوال ڏانهن وٺي ويندو صوفي اسلام جا پڪا علمبردار ۽ عامل هئا. ڀٽائيءَ جي تعليمات وانگر هو اسلام ۽ ڪفر کي ملائڻ کي منافقت سمجهندا هئا.
ڪوڙو تون ڪفرسين، ڪافر ته ڪوٺاءِ
هندو هڏ نه آهيين، جيڻو تونه جڳاءِ
تلڪه تنين کي لاءِ سچا جي شرڪ سين.
(شاه جو رسالو آڏواڻي – سرآسا دستان 4 بيب 6)
ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين
دغا تنهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان
منهن ۾ مسلمان، اندر آذار آهيين
(شاه جو رسالو آڏواڻي – سر آسا دستان 4 بيت 5)
باقي سچل سائينءَ سميت جن صوفين مسلمانن ڪافر يا هندو ملسم جو اتحاد چاهيو آهي ته اهو اتحاد سياسي چاهيو پئي ته جيئن سامراج کي نفاق جو موقعو نه ملي، اهڙو ااتحاد ته نبي پاڪ صه مديني جي يهودين سان ڪيو هو جنهن کي ميثاقِ مدينه چيو وڃي ٿو. اگر صوفي مذهبي ملاوٽ چاهين ها ته بتن آڏو سجدا ڪن ها. مندر ٺاهين ها يعني هو مذهبي نه پر سياسي اتحاد چاهين پيا.
ترڪ دنيا ۽ تصوف
نبي پاڪ صه فرمايو آهي ته لارهبانيته في الاسلام: اسلام ۾ رهبانيت نه آهي. رهبانيت جو مطلب آهي ترڪ دنيا، جيڪا عيسائين ۾ معَيسصل رهي حالانڪه سندن مذهب ۾ نه هئي ڇو ته سندن لاءِ قانوني شريعت موسوي هئي جيئن حضرت عيسيٰ انجيل ۾ ٻڌايو آهي سو ان ۾ رهبانيت نه هئي پر عيسائين اها يجاد ڪئي سورت حديد 27 ۾ آهي. وَ رَ هبَانِيتََ ابَتدَعُوهَا مَاکَتباَ هَا عَلَيهم ترجمو: ۽ رهبانيت جي انهن شروعات ڪئي هئي، اها اسان مٿن فرض نه ڪئي هئي. ڪن عيسائي دانشورن حضرت عيسيٰ جي شادي نه ڪرڻ کي بنياد بڻائي رهبانيت جي شروعات ڪئي حالانڪه حضرت عيسيٰ جي هن دنيا ۾ عمر ٿوري تقريقـاََ ٽيهه سال رهي ۽ ان ٿوري عرصي ۾ کين دين جي دعوت تبليغ ۽ نفاذ جي جدوجهد سبب فرصت نه ملي سگهي ۽ ٻيو ته حضرت عيسيٰ شاديءَ کان منع به نه ڪئي هئي.
اسلام ۾ دنيا اندر رهي آخرت جي تياري ڪرڻ جو فلسفو آهي. حديث پاڪ ۾ دنيا کي آخرت جي کيتي قرار ڏنو ويو آهي. سورت القصص 77 ۾ آهي ته: وَلاَتَنسِ نَصِيبَکَ مِنَ الدُنيَا: دنيا ۾ پنهنجي حصي کي نه وسار ته اسلامي تصوف ترڪ دنيا نه آهي پر دنيا جي هوس کان بچڻ آهي ڇو ته هوس ظلم ۽ استحصال کي پيدا ڪندو آهي. صوفي سڳورن شاديون ڪيون. دنيا جهان جا معاملا سرانجام ڏنائون ۽ اهو ڪهڙو ڪمال آهي جو دنيا کي ڇڏيو وڃي ۽ ظلم استحصال کان بچي ونجي پر ڪمال ته اهو آهي جو دنيا ۾ رهي انهن غلط ڪمن کان بچي ڏيکارجي، ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:
مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻارمِ
اَڀا ائين چون، مَڇُڻ پانڌ پسائين
(شاهه جو رسالو آڏواڻي – سر آسا دستان 4 بيت 19)
شريعت سڃاڻ – ڪر طريقن تڪيو
هينئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ
هئج ثابوتي ساڻ ته پسڻ کان پالهو رهين.
(شاه جو رسالو آڏواڻي – سر آسا داستان 4 بيت 20)
اگر تصوف ترڪ دنيا جو نالو آهي ته پوءِ دنيا جهان جا ماڻهو ائين ڪيئن ڪري سگهندا؟ ۽ دنيا جو چرخو ڪيئن هلندو؟ اهڙو تصوف قابل عمل نه آهي باقي اسلامي تصوف موجب ترڪ دنيا بجاءِ دنيا جي هوس کان پاڻ بچايو وڃي. سورت التڪاثر- 1، 2 ۾ آهي اَلهَاکُمُ التَڪَاثُرُه حَتي زُرتُمُ المَقَابِرَه
ترجمو: گهڻ گهڻ اوهان کي ماري وڌو آهي. ايتري قدر جو وڃي قبرن ۾ پهتا آهيون ۽ ان جي هن وقت دنيا کي ضرورت به آهي ته جيئن ظلم ۽ استحصال کان ماڻهو بچي سگهن. هي ملڪن کي قبضا جنهن ڪري انسانن کي ڊيزي ڪٽر بم – ايٽم بم ۽ ٻيا مهلڪ هٿيار استعمال ٿيڻ جو مقصد دنيا جي هوس ئي ته آهي.
سامراج خلاف مزاحمت ۽ تصوف
ڇا اهوتصوف آهي ته صوفي سامراج ۽ ظالم سان ٽڪر نه کائين پر دنيا کان ڪٽجي ظالم حاڪن ۽ حالتن سان مهاڏي اٽڪائڻ بجاءِ فقط الله الله ڪري فراريت ۽ بزدلي اختيار ڪن، اگر ائين درست آهي ته پوءِ اڄوڪي دور ۾ يا ماضيءَ ۾ اهو فلسفو ته سامراج جومددگار ۽ حمايتي ٿيندو ۽ سامراج ماڻهن کي غلام بڻائيندو حالانڪه ائين نه آهي تصوف اهڙو نه رهيو آهي. صوفي سڳورا ترڪ دنيا بجاءِ دنيا اندر رهي جدوجهد ڪندا رهيا. ماڻهن ۾ اسلام جي حقيقي روشن خيالي ۽ محبت پيدا ڪري ظالم حاڪمن ۽ سامراج خلاف ماڻهو ذهني طرح تيار ڪندا رهيا ۽ ڪڏهن ته ان سلسلي ۾ کين جانين ۽ مالن جي مثالي قرباني ڏيڻي پئي ته ان کان ڪيئن نٽايائون، مخدوم بلاول، مجدد الف ثاني، شاه ولي الله، سيد احمد شهيد، سيد صبغت الله شاه راشدي ۽ شاه عنايت صوفي هوندي سامراج ۽ ظالم سان ٽڪر کاڌو ڀٽائي صاحب فرنگي سامراج خلاف چيو.
دنگي وچ درياءَ – ڪي ٻڏي ڪِي اپڙي
هوجي واڍي واڻيا، سي سونهن سڀ سڙيا
معلم ماڳ نه اڳين، ڦلنگي منهه ڦِريا
ملاح! تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاريءَ تنهنجي.
(شاه جو رسالو آڏواڻي – سر سريراڳ داستان 3 بيت 9)
سچل سرمست انگريز سامراج خلاف چيو ته:
اولهه سج نه اڀري، الاهي متان ٿئي اوڀر
ماري ويند ۽ چپرين، ڍونڍن سندا ڍير
مرد ڏين ٿا مام ۾۾، مانجهي ڪي مٿير
وَجُهه اٿئي، وِجهه پاڻ ۾ هيڪڙائيءَ جي هير
ناسودي ناخير، نپٽ پوءِ نابودڪر
اڄ به مغربي سامراج مسلم دنيا تي حمله آور آهي. مسلمان عوام ۽ هاڪن کي ڀٽائي ۽ سچل جي ان فڪر موجب ان سامراج جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. تصوف جي اڄ جي ضرورت اها آهي.