تصوف

سچل جو فڪر

هن ڪتاب ۾ شامل حزب الله آءِ سومري جا اڪثر مقالا ”سچل ادبي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل ۽ ”سرمست“ ۾ شايع ٿيل آهن. هونئن به ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته ڪنهن به وڏي شاعر جي شاعريءَ جي حوالي سان صف خانه پوري ڪرڻ لاءِ يا ڪانفرنس ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ روايتي ڳالهيون لکڻ بجاءِ ڪا نئين تحقيق ڪجي. حزب الله آءِ سومرو به سچل سائينءَ جي فڪر جي حوالي سان ڪي نيون ڳالهيون ۽ ڪي نوان نقطا ڳولڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.
Title Cover of book سچل جو فڪر

جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي!

شيطان جيڪو شروع ۾ وڏو عابد هو پر ان جي ڪيل عبادت سندس وڏائي، تباهه ڪري ڇڏي ۽ ابدي لعنت جو حقدار ٿيو. جڏهن الله تعاليٰ ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته عزاريل جيڪو پوءِ ابليس (خدا جي رحمت کان مايوس) بڻيو، ان کان سواءِ سڀن سجدو ڪيو قرآان پاڪ ۾ شيطان جي لعنت جو جيڪو سبب ٻڌايو ويو آهي سو پاڻ کي ڀانئڻ ۽ ٻين انسانن کي گهٽ ڀانئڻ ئي آهي.
قَالَ انَا خَير مِنهُ خَلَقتِني مِن نَارِ وَ خَلَقتَه مِن طِين ه قَالَ فَا خروج مِنهَا فَاِ نکَ رَجِيمُ ه وَ اِنَ عَلَليکَ لَعنَتِي اليٰ يَومِ الدِينِ ه (ص 76، 77، 78)
ترجمو: (شيطان) چيو ته مان ان آدم) کان ڀلو آهيان مون کي باهه مان ح هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي. پوءِ (رب) چيو ان (جنت) مان نڪري وڃ تون تڙيل آهين ۽ توتي منهنجي لعنت قيامت تائين آهي.
الله سائين به فرمايو آهي ته شيطان جي لعنتي ٿيڻ جي ٽن سببن ۾ انڪار، تڪبر ۽ ڪفر شامل آهن وَاِذ قُلنَا لِلمَلئِکتهِ اسجُدو الادَمَ فَسجَدُ وا اِلا اِبليِسَ ه اَبيٰ وَ استَکَرَه وَکَانَ مِنَ الکافِرِينَ ه (بقره 34)
ترجمو: ۽ جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته پوءِ سڀن سجدو ڪيو سواءِ ابليس ج، انڪار ڪيائين ۽ تڪبر ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو اهو تڪبر ئي هيو جنهن فرعون کي ٻوڙيو قرآن پاڪ ۾ آهي ته:
اِنَ فِرعَونَ عَلاَفِي الاَ رضِ وَجَعَلَ اَهلَهَا شِيهاََ (قصص 4)
ترجمو: بيشڪ فرعون زمين ۾ وڏائي ڪئي ۽ ان جي رهندڙن کي ٽولن ۾ ورهايو، ان ڪري تڪبر ڪرڻ بجاءِ عجز انسڪاري ۽ ليلائڻ لازمي آهي. مرشد ڀٽائي فرمايو آهي ته:
جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائج
آسرو مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.
سچل سائين جو به اهوئي چوڻ آهي ته ”مون ۾ عيب آپار سڄڻ تنهنجي ٻانهڙي آهيان“ سچل سرمست نيڻن يعني نيز وهائڻ ذريعي سائين کي پرچائاڻ جو درس ڏئي ٿو.
مهاڻي جي من ۾، نه هو گيرب گاءُ
نيڻن سان ناز ڪري، ريجهائيين راءُ
سمو سڀني کانءُ، وٺي ويٺي پاڻ سان.
ته مالڪ سائين نيڻن ناز سان ريجهي ٿو ۽ سچل سرمست ڳچيءَ ۾ ڳاري يعني عجز انڪساري جي ڳالهه هن طرح ڪري چوي ٿو ته سائين آڏو پاڻ کي ٻانهو سمجهي آزيءَ سان بيٺو هم.
مانَ پرينءَ پهچائي، هي نياپو ڪوسينئي
ڳچيءَ پائي ڪپڙو، پاڄياڻيءَ پرچائي
حال ڏسي وڃ هاڻي
جيئن قرآان پاڪ مان سمجهه ۾ آيو ته تڪبر شيطان کي لعني بڻايو ان عابد کي عبادت ڪم نه آئي ان ڪري جيڪڏهن ڪو عالم، زاهد ۽ عابد پنهنجي علم، زُهد ۽ عبادت تي تڪبر ڪري ٿو ته ان کي اهڙو علم، زُهد ۽ عبادت ڪم نه ايندي پر ان جي منهن ۾ واپس هنئي ويندي. ان ڪري، عالم، زاهد ۽ عابد کي علم، زُهد ۽ عبادت تي ناز ڪرڻ بجاءِ ان ذات تي اعتماد ڪرڻ گهرجي جنهن لاءِ علم پرايو اٿس جهن لاءِ زُهد (پرهيزگاري) کي اختيار ڪيو اٿس جنهن جي عبادت ڪري ٿو، ان اعتماد کي ”ايمان“ سڏجي ٿو. تڪبر ماڻهوءَ پاڻ پوڄائي ٿو ۽ ايمان وري رب جي پوڄا ڪرائي ٿو. تڪبر سرڪشي پيدا ڪري ٿو ۽ ايمان اطاعت پيدا ڪري ٿو مرشد ڀٽائي فرمايو آهي ته
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه نماز
سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چوءُ

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه سجود
وڃائي وجود، تهان پوءِ ۽ تڪبير چوءُ

تڪبير چوڻي ضرور آهي پر وجود ۽ دنيا جا سامان ڇڏي پوء. انا ۽ تڪبر ڇڏي پوءِ سچل سائين به اهڙو ئي پيغام ڏئي ٿو ته پنهنجي عمل تي ناز نه ڪر پر جنهن کي راضي ڪرڻ لاءِ عمل ڪرين ٿو ان تي اعتماد ڪر. ”مان مان“ بجاءِ ”تون ئي تون“ جي ٻولي ٻول.

”تون“ هي سان ”تون“ لڀين، مان لڀان ”توسان“
”تون“ ”هي“، ”آءُ“ سڀهين، ”لا“ م موجودات ٿي
جي تو ڄاتو ”پاڻ“ ته آءُ ٻيو ڪو آهيان
ڪَند ۽ غرق گمان، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾،
ٻي هنڌ فرمائي ٿو ته
پا وڃائج نو نظر ۾، ته وسرئي ٻي آکاڻي
فناکون اڳي بقا نه ٿيندين، جيئن پارو ۽ پاڻي
صورت منجهان ٿي ٻي صورت، وچون گرد اڏاڻي
سچل سرمست عبادت لاءِ به اهو ئي فڪر ڏئي ٿو.
خوديون خاص نه ڀانئجو، هي نت نت نمازان
ڄاڻو ڀلي ڳالهڙي، هي سوزو گدازان
اٿو اناالحق جي، اها عبارت آوازان.
سچل سرمست رحه چوي ٿو ڪنڌ مان ڪلي ڪڍڻ کان پوءِ عبادت ڪم جي ٿيندي آهي.
جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي،
جاڏي مهاڙي، سجدو تت صحيح ٿئي

( سچل آڊيٽوريم ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالو)