تصوف

سچل جو فڪر

هن ڪتاب ۾ شامل حزب الله آءِ سومري جا اڪثر مقالا ”سچل ادبي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل ۽ ”سرمست“ ۾ شايع ٿيل آهن. هونئن به ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته ڪنهن به وڏي شاعر جي شاعريءَ جي حوالي سان صف خانه پوري ڪرڻ لاءِ يا ڪانفرنس ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ روايتي ڳالهيون لکڻ بجاءِ ڪا نئين تحقيق ڪجي. حزب الله آءِ سومرو به سچل سائينءَ جي فڪر جي حوالي سان ڪي نيون ڳالهيون ۽ ڪي نوان نقطا ڳولڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.
Title Cover of book سچل جو فڪر

سچل جي نظر ۾ ”ملا“ جو ڪردار

سياڻن چيو آهي ته پنج آڱريون برابر نه آهن پر ڪي ماڻهو چون ٿا ته ٻن موقعن تي پنج ئي آڱريو برابر هونديون آهن هڪ نورتي هٿ رکڻ مهل ٻيو ٿالهيءَ ۾ چانور کائڻ مهل. هاڻي ٻڌايو ته سياڻن جو قول مڃون يا ٻين جو؟ اگر سياڻن جو قول صهيح آهي ته پنج ئي آڱريون برابر نه آهن ته پوءِ اوهان ”ملاح“ طبقي جي سڀني فردن کي هڪ جهڙو قرار ڇو ٿا ڏيو؟ منهنجو اهو به سوال آهي ته هي جو چيو ويندو آهي ته منهنجو فلاڻي تي هٿ آهي؟ ڇا معنيٰ؟ هرهميشه ان تي هٿ هوندو آهي؟ اگر نه ته ان جي معنيٰ اوهان اها ٻڌائيندا جيڪا انهيءَ جملي جي لفظن ۾ نظر نٿي اچي، اها هيءَ ته منهنجي فلاڻي سان حمايت ۽ مدد آهي ان جو مطلب ته لفظ ۽ جملا ٻي معنيٰ به رکن ٿا ته پوءِ ”ملا“ هڪ لفظ آب ان جي اصل معنيٰ ته سٺي آهي پر ڪجهه ڪڌن ڪمن ڪري اهو لفظ خراب معنيٰ اختيار ڪري ٿو ته منهنجي ٻنهي موقفن ته لفظ ٻي معنيٰ به رکن ٿا ۽ پنج ئي آڱريون برابر نه آهن سا ن متفق نه آهيو ته هاڻي مون کي جواب ڏيندا هلو.

مرشدن جي نندا
سچل سرمست ملا سان گڏ مرشدن کي به ننديو آهي مثال طور

بزرگ، شيخ مشائخ يارو، نامخدوم ٿياسي
نڪي قاضي، نڪي ملا، معلم پير بڻياسي
نڪي ٺاهه ٺڪيءَ جا ٺاهي، رنگ رساءِ رکياسي،
ه
عشق محبت ٻاجهون چائين، ٻي سڀ راهه خلافي
بزرگي ڪاڻ دنيا دي ڪردي، سڀ دي نال تلافي
سچل اهي ڪڏهان نه ٿيسن هرگز صوفي صافي
ه
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
شيخي پيري بزرگي بيعد ڀلايا
ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪي مندر وسايا
اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق جي
ه
نه مان مريد نه مان پير
سار فقر جو فقير
پر سچل سائين مرشد عبدالحق ڇو ورتو 7 ان جي تعريف مختلف هنڌن تي ڇو ڪئي؟
هادي ميڏا عبدالحق سائين
صوفي صاف جو شهنشاهه ميان
سڀڪو علم تنهن تون مليا
اسرار مڙوئي آگاهه ميان
ان مان سمجهه ۾ آيو ته سچل سڀني مرشدن کي نه ننديو آهي فقط انهن مرشدن کي ننديو آهي جيڪي مرشد جي اصل معنيٰ دين جي رهنمائيءَ تي پورا نٿا لهن ته پوءِ ڇا سبب آهي جو مرشد سان گڏ ننديل ”ملا“ جي اوٽ سڀني عالمن ۽ دين پسندن کي ننديل سمجهيو وڃي ٿو؟ اتي به مخصوص ڪردار سمجهڻ کپي.
عقل ۽ علم سان وير؟
سچل سائينءَ جا هي ٻه بيت پيش ڪندس جنهن جي ظاهري لفظن مان سچل سائين جو نعوذ باالله علم ۽ عقل سان وير ٿو لڳي
قاضي ساڙڪتابان ڪون، هڻ مرشد ايوين فرمايا
آپ سڃاڻ ته تون ڪيا هيئن، عرف نفسه پرجهايا
سچل راهه ڪفردا سانون، مرشد آپ بتايا
مٿين بيت ۾ آهي ته سچل سائين فرمائي ٿو ته ڪتاب ساڙڻ کپن ته ڇا سچل ڪتاب دشمن هو يا علم دشمن هو؟ هرگز نه اگر ان بيت مان مراد ظاهري نٿا وٺو ته پوءِ ملا وارن بيتن جي ظاهري مطلب تي ڇوٿا هلو؟
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
شيخي پيري بزرگي بيعد ڀلايا
ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا
اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي
ان بيت ۾ آهي ته عقل وارا عشق جي ويجهو به نٿا اچن ۽ هر هڪ کي خبر آهي ته سچل هڪ ڪامل عاشق هو ته پوءِ معنيٰ ته عقل سان سندس وير هو؟ هرگز نه اگر اتي معنيٰ ٻي ٿا وٺو ته پوءِ ملا وارن بيتن يا ان بيت جي شروعات ۾ ”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا“ واري سٽ جي ظاهري لفظي معنيٰ مراد ڇو ٿا وٺو؟

ضرور ناهي ملا مذهبي هجي
ظاهري پينن کان ”ملا“ جي وصف گهرجي ٿي ته ائين محسوس ڪرائين ٿا ته دين پسند ماڻهو ئي ”ملا“ هوندو آهي. اگر ائين آهي ته سڀ ديندار جن ۾ پهرين انبياء ڪرام ۽ پوءِ صحابه ڪرام ۽ اوليا ڪرام شامل آهن سي سڀ ”ملا“ سڏبا ان کان سواءِ ڀٽائي ۽ سچل به ته بي دين ڪونه هئا اهي به اسلام جا علمبردار هئا. سندن شعرن کي پڙهبو ياسندن حياتيءَ بابت پڙهبو ته اها ڳالهه صاف ظاهر ٿي پوندي.
محمد ابراهيم چوئي صاحب لکيو آهي ته ”هڪ پاسي شاهه ۽ سچل هئا جن اسلام جي قرآن پاڪ جو تفسير ۽ تعبير سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سنڌي سماج (مسلمانن ۽ هندن ٻنهي) کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ ٿي چاهيو ۽ ٻئي پاسي سامي هو جنهن هنڌو ڌرم جي ويدن جو ارٿ ۽ سمجهاڻي ساڳي ان سنڌي سماج کي يعني هندن ۽ مسلمانن ٻنهي کي ڏيڻ گهريو ٿي (شاه، سچل، سامي ص 29)
محمد ابراهيم چوئي صاحب شاه، سچل ۽ ساميءَ لاءِ اڳتي لکيو آهي ته ”سنڌ جا هي عظيم شاعر مذهبي ماڻهو هئا (شاه، سچل، سامي ص 63)
يعني سچل پاڻ به ديندار هو ته ڇا سچل ديندارن کي ننديو آهي؟ هرگز نه پر ان مان معلوم ٿئي ٿو ته جنهن ”ملا“ کي سچل ننديو آهي اهو ضروري نه آهي ته ديندار هجي.

ضرور ناهي ملا ڏاڙهي وارو هجي
جڏهن اسان جا ظاهرين ۽ اکرن وچ اڙيل محقق سچل ۽ ٻين صوفين طرفان ”ملا“ جي مذمت واريون سٽون پڙهن ٿا ته اهو نٿا ٻڌائي سگهن ته اهو ”ملا“ ڪير آهي؟ اگر ”ملا“ ڏاڙهي واري کي چئبو آهي ته پوءِ سکن کي ڇا چوندوء؟ ٻيو ته ڏاڙهي دنيا جي ڏاهن، فلسفين، تبين ۽ ولين سڳورن کي به رهي آهي سنڌ جي شاعرن ڀٽائي ۽ خود سچل سرمست کي به ڏاڙهي هئي ته پوءِ ڏاڙهيءَ سبب اهي سڀ ”ملا“ آهن ته ڇا سچل انهن شخصيتن کي ننديو آهي، هر گز نه، ان مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته جنهن ”ملا“ کي سچل ننديو آهي اهو ضروري نه آهي ته ڏاڙهيءَ وارو هجي.

سڀن رسمن جو ٽٽڻ
سچل سائين فرمائي ٿو ته
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿيئن مردانو
پاڻ بيگانو مور نه ڄاڻين، آهين يار يگانو
وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو شملو ٻڌ شاهانو
ان بيت مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ رواج ۽ سڀ رسمون ٽوڙڻ کپن پر اسان ڏسون ٿا ته سچل جي درگاهه تي مختلف رسمون جاري آهن سچل به مرشد وٺڻ واري رسم ۽ رواج تي هليو ته جڏهن ساريون (سڀ) رسمون ٽوڙن مان به مراد سڀ رسمون رواج مراد نٿا ورتا وڃن ته سچل جي شعرن ۾ ”ملا“ جي مذهت ڏسي سڀني عالمن کي مراد وٺي انهن جي مذمت ڇو ٿي ڪئي وڃي؟

ڇا سڀ حرف؟
سچل سائين فرمائي ٿو ته:
الف سانون يار پڙهايا، ٻي دي بانس نه بون
ملا مارنه مون سڄڻ ڏسان، ڪيئن سبق پڙهان
ان بيت مان معلوم ٿئي ٿو ته الف کان اڳتي نه پڙهڻ گهرجي بي جي بانس صوفيءَ سڳوري کي نه آهي ته ڇا سچل سائين الف کان مٿي نه پڙهيو ته پوءِ سندس ٻولين، لکين شعرن، وزن بحر، ٻاهرين مفڪرن افلاطون، لقمان حڪيم، جنيد بغدادي، عطار، رومي، منصور، شيلي، شمس تبريزي، بايزيد بسطامي، احمد جام وغيره جي ڏنل فڪرن جا حوالا شعرن ۾ ڪيئن ٿو ڏئي؟ پڙهيل هجڻ جي صورت ۾ ”الف“ کان مٿي چڙهي ويو. جڏهن صوفي سڳورو ظاهري طرح شعر ۾ ”الف“ کان مٿي نٿو چڙهڻ چاهي پر ان کي ائين نٿو سمجهيو وڃي ته پوءِ اهو ڇو ٿو سمجهيو وڃي ته سچل ملن کي ننديو آهي ته ان مان سڀ ملا حضرت مراد آهن.

موالي جي اصل معنيٰ
موالي اسان وٽ نشيئي ماڻهن کي چيو ويندو آهي اها معنيٰ ماڻهن جي خراب ڪردار سبب ٿي آهي نه ته ان لفظ جي اصل معنيٰ سٺي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب موالي، موليٰ جو جمع آهي جنهن جي معنيٰ آهي دوست ڏسو جامع سنڌي لفاٽ جلد 5 ص 2719، قرآن پاڪ جي سورت محمد 11 ۾ آهي ته الله
مَولَي الَذِينَ اٰمنُو وَ اَنَ الڪَافِرينَ لاَ مَوليٰ لَهُم.
ترجمو: الله مومين جو موليٰ يعني دوست آهي ۽ بيشڪل ڪافرن جي موليٰ يعني دوست نه آهي. (سورت اخراب 5 ۾ آهي ته
فَاِن لَم تَعلَمُو آياءَ هُم فَاِخوَ انُکُم فِي الدِينِ وَ مَوَ اِليکُم
ترجمو: پوءِ جيڪڏهن اوهان کي سند پيرئ معلوم نه هجن ته پوءِ اهي دين ۾ اوهان جا ڀائر ۽ اوهان جا دوست آهن.
چچ نامي ص 196 تي آهي ته ” پوءِ محمد بن قاسم مهراڻ جي ڪناري تي منزل ڪري شاه جي بزرگن مان هڪ بزرگ ۽ مولائي اسلام ديبليءَ کي جومحمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام جي عزت سان مشرف ٿيو هو، موڪليو“.
يعني شروع ۾ جيڪو مسلمان ٿيو ان کي موليٰ لقب ڏنو ويو هو. اهو 93هه ڍوران جو واقعو آهي پر ڪجهه ۾ پهرين مسلمانن نشو نه ڇڏيو ته موليٰ معني نشيءَ ٿي ويو.

شيخ جي اصل معنيٰ
سچل سائينءَ ”شيخيءَ“ کي ننديو آهي ته شيخ مان مراد ڇا آهي هتي شيخ ذات مراد نه آهي پر هتي پير ۽ مرشد مراد آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب شيخ معنيٰ پير مرشد بزرگ، عالم، مفتي، پوڙهو (جامع سنڌي لفات جلد 4 ص 1789)
سورت قعص ۾ حضرت شعيب جي نياڻين جو ٻڪرين کي چشمي کان پاڻي پيارڻ جو سبب هن طرح سندن زباني بيان ٿيو آهي.
قَالَتَا لاَ نَسِقي حَتي يُصدِرُ الرِعَاءَ وَ اَبُونا شيخُ کَبِيرُ ه
ترجمو: انهن ٻنهي چيو ته اسان مال کي پاڻي نه پيارينديون آهيون جيستائين ڌنار مال پياري نه موٽن ۽ اسان جو پيءُ شيخ ڪبير يعني تمام پوڙهو آهي.
ته شيخ جي معنيٰ آهي بزرگ يا وڏو خاص ڪري مرشدن، پيرن ۽ نيڪ ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو پر انهن جي غلط ڪردار سبب سچل وٽ ”شيخ“ جي معنيٰ سٺي نه رهي آهي. ٻيو ته سچل جو شيخ يعني مرشد هو. ڇا ان کي به ننديائين ته جواب آهي هرگز نه، ته پوءِ ائين ڇو ٿو سمجهو وڃي ته سچل سائينءَ سڀني ملا حضرات کي ننديون آهي.

مرشد جي اصل معنيٰ
مرشد جي به معنيٰ سٺي آهي داڪٽر نبي بخش بلوچ موجب مرشد جي معنيٰ آهي هدايت ڪندڙ، الله جو رستو ڏيکاريندڙ (جامع سنڌي لفات جلد 5 ص 2637) سورت ڪهن 17 ۾ آهي ته
وَمَن يُضلِل قَلَن تَجِدَ لَه وَلِياَ مُرشِداََ ه
ترجمو: جنهن کي الله ٿيڙي پوءِ ان لاءِ نه لهنديت ڪو حمايتي راهه ڏسيندڙ يعني مرشد معنيٰ راهه ڏسيندڙ. سچل جو مرشد ميان عبدالحق هو پر هو مرشدن کي نندي ٿو ته ڇا سڀن مرشدن کي نندي ٿو؟ هرگز نه ته پوءِ اهو ڇو ٿو سمجهيو وڃي ته سچل سڀن ملا حضرات کي ننديو آهي. سچل جن مرشدن کي ننديو آهي اهي پنهنجو اصل مقصد ديني رهنمائي وڃائي ويٺا آهن يعني مرشدن جي غلط ڪردار سچل جي ٻوليءَ ۾ مرشد جي معنيٰ ۽ مطلب ٻيو ڪري ڇڏيو.

ملا جي اصل معنيٰ:
ظاهرين محقق اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهن يا وري ملا سان نون ڳنڍي چوندا ته ملا معني شيطان جو ”ملان“ ۾ به نونءِ شيطان ۾ به نون کين اها خبر هجڻ کپي ته ”قرآن“ به نون آهي ته ”رحمان“ ۾ به نون آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ”ملا“ جي معنيٰ ڇا آهي؟ جڳ مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب ”ملا“ لفظ ”املا“ مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي گهڻو لکندڙ يا عالم ڏسو جامع سنڌي لفات جلد 5 ص 2683)
ڪاتب تحرير اتاريندڙ کي چئبو آهي ۽ ڪاشيءَ سمجهي لکندڙ کي ”ملا“ چئبو آهي معنيٰ ته لکندڙ پوءِ نثرنويس هجن يا شاعر اهي سڀ ”ملا“ آهن ته ڇا سچل پاڻ لکاري هوندي ملا يعني لکندڙ کي ننديو آهي؟ هرگز نه.
ان مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته هر لکاري، علم واري کي سچل نه ننديو آهي پر اهو هڪ مخصوص ڪردار آهي.

خراب لکاري خراب ملا
ملا معنيٰ لکندڙ، پڙهيل لکيل ماهر، جيئن اسانوٽ ملا، مرشد، موالي ۽ شيخ جون معنائون ته سٺيون آهن پر اهي خراب معنائڻ ۾ به استعمال ٿين ٿا. جڏهن اهي ڪردار اصل ڪردار کان هٽي ويندا ته خراب معنيٰ اختيار ڪري وٺندا. اهڙي طرح جيڪي لکندڙ اعليٰ مقصدن بجاءِ رڳو گوريءَ جي کل تي لکن، ڳاڙهن چپن، ڳلن ۽ ڇاتين تي لکن جن جو مقصد مجاز جي منزل طئي ڪرڻ به نه آهي پر سيڪسي مزو ڏيڻ آهي جيئن هيروئن جو مذو وقتيءِ نقصان دائمي هوندو آهي. اهڙي نقصان جو مواد تيار ڪندڙ اهو ملا يعني لکندڙ آهي جيڪو اصل مقصد کان ٿڙيل آهي ۽ سچل جي نندا ۾ اچي ٿو.

زوري فڪر مڙهڻ
سچل جي دور ۾ ڪجهه مفتين جو خيال هو ته اگر عير مسلم رسول لفظ چيو يا ڪنهن مسلمان کي ڀاءُ چيو ته اهو مسلمان ٿي چڪو جو مسلمان جو ڀاءُ مسلمان هوندو آهي پوءِ ان کي پنهنجي مذهب تي نه رهڻو آهي، حقيقت م اهو زوريء دين قبول ڪرائڻ هو. اسلام ۽ اسلامي تاريخ ۾ اهڙا مثال موجود ئي نه آهن ته زوريء اسلام قبول ڪرايو وڃي. سورت بقره 256 ۾ آهي ته لاَ اِکراهَ فِي الدِينِ.
ترجمو: دين ۾ زور زبردستي نه آهي.
ان جو اهو به مطلب آهي ته سچل رضا خوشيءَ سان اسلام قبولڻ جو به مخالف سچل هڪ واڻيو ڪيمو مسلمان ڪيو هو. مرزا علي قلي بيگ سچل بابت لکيو آهي ته ”هڪڙي ڀري گنبٽ جوهڪڙو واڻيو ڪيمون نالي فقير سان ڳالهين ۾ اچي ٺهيو ۽ تنهن کي فقير مسلمان ڪيو جو سندس مريد ٿيو (رسالو سچل فقير ايڊيشن 1902ع ص 15) مولانا محمد صادق راڻيپوري (1957) ”سچل جو سرائيڪي ڪلام“ ايڊيشن 1997 ص 50 تي پڻ اها ڳالهه لکي آهي.
معلوم ٿيو ته سچل جو ننديل ”ملا“ اهو ڪردار آهي جيڪو پنهنجي ڳالهه يا نظريو زوريء ٻئي تي مڙهي، هاڻي جيڪو به ائين ڪري اهو سچل جو ننديل ڪردار ”ملا“ آهي چاهي ان کي ڏاڙهي هجي يانه هجي، اهو ديندار هجي يا نه هجي.

لڪير جو فقير
سچل جي دور م مذهي ماڻهو اسلام جي احڪامن جي اصل مقصدن سمجهڻ کان سواءِ روايتي انداز ۾ ڪرڻ جا عادي ٿي ويا هئا جيڪو پڻ اسلام ۾ مذمت تيل آهي ڇو ته بني پاڪ جي اچڻ وقت ڪافرن جو قول به اهو هو ته اسان جا ابا ڏاڏا ائين ڪندا هئا ان ڪري ڪريون ٿا اسلام ان بابت هن طرح آيو آهي. سورت انبياءَ آيت 53 – 54 ۾ آهي
قَالُوا وَجَدنا آپاءَ نَالَهَا عابِدِين ه قَالَ لَقَد کُنمُ اَنتُم وَآبَاوءُ کُم فِي َضلالِِ مُبِينِ ه
ترجمو: چيائون اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي انهن جي پوڄا ڪندي لڌو چيائين بيشڪ اوهان ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا پڌري گمراهيءَ ۾ آهن.
بنا سوچڻ سمجهڻ جي جيئن شرڪ تي رهڻ سٺو نه آهي ان طره بنا سوچڻ سمجهڻ جي اسلام تي رهڻ به سٺو نه آهي ڇو ته ان سان ماڻهو لڪير جو فقير ٿي وڃي ٿو وڏن جي غلطين کي درست نٿو ڪري. سچل اهڙيءَ ڪردار واري کي ”ملا“ چئي ننديون آهي يعني سچل جو ننديل ”ملا“ اهو آهي جيڪو ڪوبه نظريو بنا سوچ سمجهه جي رکي ۽ لڪر جو فقير ٿي رهي پوءِ ان کي ڏاڙهي هجي يا نه هجي.

مسئلا ڦيرائڻ
سچل جي دور ۾ ڪي مذهبي ماڻهو حاڪمن کي حق سچ نه چوندا هئا ڀلا اهي ئي مذهبي عالم هئا جن اڪبر کي دين الاهي ٺاهي ڏنو هو پر ان جو رد به ضرت مجدد الف ثانيءَ جهڙن عالمن ڏنو. اهو انهن مان دولت، جاگيرن ۽ انعامن اڪرامن لاءِ ڪيو هو. اسلام ۾ مسئلا ڦيرائڻ کي وڏو جرم چيو ويو آهي.
يهودين ۽ عيسائين به اهو جرم ڪيو هو جو سورت بقره 75 ۾ آهي ته
وَقَد کَانَ فَرِيقُ مِنُهُم يَسَمُونَ کَلاَ الله تُم يُحَرِ فُونَه
ترجمو: انهن مان هڪ ٽولو الله جي ڪلام کي ٻڌڻ بعد ڦيرائي ڇڏيندو هو.
سورت بقره 174 ۾ آهي ته:
اِن الذِينَ يَکتُمونَ مَا اَنزَلَ اللهُ مِنَ الڪتَابِ وَيَشترُونَ بهِ ثَمَناََ قَلِبلاََ اُولاَ ئِکَ مَايَا کُلُونَ فِي بُطورنِهِم اِلاَ النارُ ه
ترجمو: به بيشڪ جيڪو ڪجهه ڪتاب مان الله نازل ڪيو آهي جيڪي ماڻهو ان کي لڪائين ٿا ۽ ان کي ٿوري ملهه ۾ وڪڻن ٿا اهي پنهنجي پيٽن ۾ باه کان سواءِ نٿا کائين يعني پنهنجي فائدي خاطر سچ لڪائڻ يا ان ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ غلط آهي ۽ انهن ڪمن ڪندڙن کي سچل ”ملا“ چئي ننديو آهي. سچ سڪائيندڙ يا هيرا ڦيري ڪندڙ سچل جو ننديل ملا آهي پوءِ ڏاڙهي هجي يا نه هجي.

عمل نه ڪرڻ
سچل سرمست جي ودر ۾ مذهبي ماڻهن مان ڪيترا اهڙا هئا جيڪي ٻين کي ته نصيعت ڪندا هئا پر پاڻ ان تي عمل نه ڪندا هئا. سچل انهن کي ننديون آهي هونءَ اسلام ۾ اهڙي علم واري کي ننديو ويو آهي جيڪو عمل نٿو ڪري. سورت صف 2 ۾ آهي يَاَيُهَا الذِينَ ا ٰمنُو لِمَ تَقُولُونَ مَالاَ تفعَلُونَ ه
ترجمو: اي ايمان وارائو اهڙو ڪجهه ڇوٿا چئو جيڪو اوهان نٿا ڪريو.
سورت صف 3 3 ۾ آهي کَبُرَ مَقتـاََ عِدَاللهِ اَن تَقُولُون مَالاَ تَفَعَلُونَ ه
ترجمو: الله وٽ اهو وڏو ڏوهه آهي جو جيڪو چئو ٿا اهو ڪريون نٿا
حديثن ۾ بي عمل عالم لاءِ عذاب جا وعيد آيا آهن.
سچل اهڙن مذهبي ماڻهن کي ننديو جيڪي اسلام تي عمل نٿا ڪن رڳو ٻين کي اسلام جي تلقين ڪن ٿا يعني سچل جو ننديل ڪردار ”ملا“ اهو آهي جيڪو علم تي عمل نه ڪري چاهي ان کي ڏاڙهي هجي يانه هجي.

ڏيکاءُ ۽ وڏائي
سچل سرمست ۾ ڪي مذهبي ماڻهو ڊاڙي، عبادتن يا رياضتن تي وڏائي فخر ڪرڻ ذريعي ٻين جي تذليل ڪري رهيا هئا، سچل انهن کي ننديو آهي هونءَ به شريعت ۾ ڏيکاءُ ۽ وڏائي منع آهي. سورت ماعون 4 – 5-6 ۾ آهي ته
فَوَيُلُ لِلمصُلينَ ه الذِينَ هُمَ عَن صَللاَدِهِم سَامُونَ ه الذِينَ هُم يُراونَ ه
ترجمو: پوءِ انهن نمازين لاءِ تباهي آهي جيڪي سستيءَ کان ڪم وٺن ٿا ۽ جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا.
سورت زمر 74 ۾ آهي ته
قِلِ ادخُلُو اَبَ حَهَنمَ خَالِدِينَ فِيهَا فَبِئسَ مَتوَي المُتَکبِرِينَ ه
ترجمو: چو ويندو جهنم جي دروازن کان داخل ٿيو هميشه لاءِ پوءِ وڏائي ڪندڙن لاءِ خراب جاءِ آهي.
يعني جيڪو ڏيکاءُ ۽ وڏائيءَ ذريعي ٻين جي تذليل ڪري يا ٻين کي گهٽ ڏيکاري اهو سچل جو ننديل ڪردار ملا آهي پوءِ ان کي ڏاڙهي هجي يا نه هجي!

سچل وٽ ”ملا“ ڪردار جون وصفون
مسجد وچ ڪاڻ ٽڪر دي، ڏيون ٻانگ صلواتان
منهن چٻي، ڏاڙهي ڏنگي، خام پڙهن خلواتان
عالمَ ليکي روزي رکندي، پر هِن کاوڻ ديان آفاتان
سچل راهه نه اها سچ دي، برهه واليا ٻيان باتان
يعني مسجدين ۾ سندن نمازن ۽ ٻانگن جو مقصد ختمن جون مانيون آهن، منهن چٻا ۽ ڏاڙهيون ڏنکيون ڪرڻ معنيٰ مضوعي پرهيزگاري يا ذڪر ڪرڻ جو مقصد به اهو آهي. روزن رکڻ جو مقصد اٿن کائڻ، سندن سحري ۽ افطاري ڪو ڏسي اهو عبادتن جو اصل مقصد نه آهي.
رک ڪي ورد وظيفي اڳون، جهڻ جهڻ ٻهر ڪريندي
مسجد وچ مراقبي ڪرڪي، مکيان ويک مريندي
سچي ڳالهه هادي دي اتي، نا اعتبار ڪريندي
رجعت ڪاڻ دنيا دي سچل، توين سبق پڙهيندي
يعني ذڪر فڪر ۽ مراقبن جو اصل مقصد رهبانيت نه آهي پر هي ائين ڪن ٿا يعني رڳو لڪير جا فقير ٿي ويا آهن. دين اسلام جو اصل مقصد نٿا سڃاڻن فقط رسمي عبادتن تي زور آهي پر انهن عبادتن سان گڏ انهن جو فهم به هجي.
مڪر بازي وچ فڪل گهڻيري، طرحون طرحون ڪريندي
نوعان نوعان عالم دي اڳون، لاف گراف سريندي
اسان ايوين تي ايوين، انوين، سي کوٽي ماڻ ڀريندي
ڪوڙي ڪوڙ والي تان سچل ٻيٺي ٻاٽ ڏريندي.
يعني ماڻهن ڦاسائڻ جا مڪر ڪرڻ وري وڏيون لافون هڻڻ، سندن ڪرت ٿي وئي آهي
ملا ڇوڙ ڪتابان، پيوين مئي دي هڪ پيالي
پاڪ تهين وچ قاضي ٿيوين، مستان مست موالي
سچل سبق ورسارڻ ڪراهڻ، هووين محبت والي
ڪتاب شعور ڏيندو آهي پر جڏهن ڪتاب اوٽ چالاڪيون ۽ ٺڳيون سيکارين ته اهڙو پڙهڻ گهوريو.
ملا قاضي حڪم چليندي، حاڪم ڪردي جور جور
نفس ڪتي دي رشوت کاندي، مار تنهان دي گور گور
يعني حاڪم ظلم ڪن ٿا. ملازم رشوت وٺڻ ٿا پر ملا ۽ قاضي شريعت جي فقط قانون تي هلڻ جو زور ڀرين ٿا پر شريعت جي اصل روح تي هلڻ لاءِ نٿا چون
قاضي ساڙ ڪتابان ڪون، هڻ مرشد ايوين فرمايا
آپ سڃاڻ ته تون ڪيا هيئن، عرف نفسه پر جهايا
سچل راهه ڪفردا اسان نون، مرشد آپ بتايا
”ڪفر دا راهه“ يعني سامراج جي انڪار وارو رسو ۽ انڪار دوران ڪتابن ۾ وڪوڙيل رهڻ صحيح نه آهي ”ساڙ ڪتابان“ جو مطلب ڪتابن کي ڇڏڻ آهي.

جب عشق مین سرنہین دیا، دوجگ چیاتوکیا ہوا
ملا کتابیں کھول کر مسءلا پڑھا تو کیا ہوا
بڑھتا عمل کرتا نہیں، عالم بناتو کیا ہوا
جوگی جگت کرتا نہیں کہڑا رنگا تو کیا ہوا

يعني ڪتابن مان انسانيت جو درس نه ملي ته ڪهڙو فائدو ؟
ملا مجاور ڪانءَ ٽيئي اکر هيڪڙو
يعني ملا مجاور ۽ ڪانءُ اهي ڪردار آهن جيڪي مفت خور آهن جيڪي خراب اخلاق آهن
ملان تو محبت جو، چڪو ڪين چکين،
کڻيو ڪارهن ڪنڏ ۾ منهن تي ويٺو مکين
سبق سورائتن سکيو، سوچي تون سکين
ته رحل سڀ رکين، سوچي تون سکين
يعني اسلام جي اصل مفهوم مطابق قبول نه ڪندڙ ڄڻ اجايو ڪم ويٺو ڪري روايت بجاءِ محبت سان هلڻ گهرجي ۽ محبت جو ماڻ قرآن پاڪ ۾ تابعداري ٻڌايل آهي ته سورت آل عمران 13 ۾ آهي ته: قُل اِنُ کُنُتم يُحبونَ الله فَاتبِصُوني
ترجمو: چو ته جڪيڏهن اوهان الله سان محبت رکو ٿا ته منهنجي تابعداري ڪريو. اگر اها حقيقت سمجهي وئي ته پوءِ اضافي وردن وظيفن ۽ تلاوت بجاءِ اصل کي وڃي لڳي ڇو ته قرآ ن جو اصل مقصد هدايت آهي ۽ ان ۾ سوچ سمجهه هلائڻ آهي ان جو اصل مقصد تلاوت نه آهي جو رڳو اها ڪئي وڃي. سوره بقره 2 ۾ آهي ته:
ذَالِڪَ الڪِتَابُ لاَ رَيبَ فِيه هُدََي لِلمُتَقِينَ
ترجمو: هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي پرهيزگارن لاءِ هدايت آهي

شعر اردو

يعني سچل جيئن ڪتابن جو دشمن نه هو ائين هر قاضي کي نه ننديو اٿس هتي اهو ڪردار ننديو اٿس جيڪو اصل مقصد کان هٽائي. اسلام جو اصل مقصد انساني فلاح آهي پر ڪتان اوٽ ماڻهوءَ کي آزار ۾ وڌو وڃي ته اهي ڪتاب ساڙڻ يعني اها اوٽ ڇڏڻ کپي.
قاضي مين سچ آکان تينون، ڇوڙ مسائل مصلا
آءُ پيون هڪ سرڪي مئي دي، مول نه ٿيوين ملا
سچل جنهن حق حاصل ناهي، راهه ڪنون او ڀلا
يعني دين جي حقيق کان سواءِ روايتي اسلام ڪهڙي ڪم جو؟