ڊاڪٽر بلوچ وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيتون
صوفين تي تحقيق جي تقاضا
اسان وٽ تحقيق جي نالي تي هڪ بد ديانتي اها ٿيندي رهي آهي جو شاه ۽ سچل کي يا شاه عنايت کي پنهنجي لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي مثال طور: شاهه عنايت کي سوشلسٽ، ڀٽائي صاحب کي قوم پرست يا رافضي ۽ سچل سرمست کي لادين يا رافضي ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اهو تڏهن ٿيو جو انهن جي نه سوانح جو مطالعو ڪيو ويو نه وري انهن جي دور ۾ آسپاس، خانداني پس منظر کي ڏٺو ويو جنهن ڪري انهن جي تحقيق هڪ فراڊ کان وڌيڪ نه آهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جيئن ته وڏو محقق آهي ان ڪري هو اهڙي تحقيق ڪيئن چاهيندو؟ ان لاءِ چيائين: ”تحقيق جي تقاضا آهي ته هر تاريخي شخصيت جي ڪارنامن کي سندس پنهنجي دور ۾ ان دور جي فڪر جي روشنيءَ ۾ توڙڻ تڪڻ کپي، ان جي برعڪس پنهنجين پاڻ وڻين يا ڪن ٻين وڻين خواهشن سان پاڻ کي اڳين جي خدمتن کي اجايو نندڻ يا اجايو ساراهڻ نا انصافيءَ جي برابر ٿيندو. (سرمست 3-1983 ص 32)
تصوف دين مان آهي
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تصوف ۽ مذهب جو هڪ بنياد خدا ٿو سمجهي ۽ انهن کي هڪ ٿو سمجهي ان ڪري چيائين: ”تصوف اهو سلسلو آهي جنهن سان خالق جو صحيح معنيٰ ۾ تخيل صحيح معنيٰ ۾ هن کي سمجهڻ هن کي ويجهو ٿيڻ جي تربيت ملي ٿي پوءِ ان جون ڪي ئي منزلون آهن. پوءِ نيٺ فنالي الله وغيره بقا باالله – اهي سڀ تصوف جا اصطلاح آهن سهبالڪ (Symblic) آهن پر تصوف جو هڪ پهلو هي به آهي ته انسان پاڻ کي فڪر ۾ ڪيترو ٿو مٿي ڪري؟ ڪيتري مٿاهين حد تائين پهچي ٿو. (سرمست 12 – 1992ع ص 15)
الله ٿيڻ جو مطلب
جيئن ڪنهن ماڻهوءَ کي ”شينهن“ چئبو ته ان جي بهادريءَ جي وصف سبب، پر ان کي حقيقي شينهن (جانور) سمجهڻ ۽ چوڻ غلط آهي ان طرح ”الله ٿيڻ“ جي صوفياڻي اصطلاح جو مطلب اهو نه آهي جو ماڻهو الله ٿي ويو پر ان جو مطلب اهو آهي ته ماڻهو پاڻ ۾ الله واريون صفون ستاري، غفاري، وهابي، رزاقي وغيره پيدا ڪيون آهن، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سچل سرمست جي شعر کي ائين سمجهايو آهي جنهن کي ٻين دين خلاف استعمال ڪيو: ڊاڪٽر بلوچ چيو ته: ”خود شناسيء ۾ فضل ۽ ڪمال واري انهيءَ بلدن مقام جي حقيقت کي گهڻو اڳ سچل سائينءَ جهڙي طرح مختصر لفظن ۽ نازڪ انداز ۾ سمجهايو آهي ان جومثال ملڻ مشڪل آهي بشرطيڪ ان کي صحيح طور سمجهڻ جي صلاحيت هجي. سچل سائينءَ هن طرح اهو نڪتو نروار ڪيو ته:
”ايجها ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي“
اهي مختصر مگر معنيٰ خير الفاظ ”تخلقو باخلاق الله“ واري اعليٰ مقام جو تفسير آهن ۽ وري پڙهڻ جي لائق آهن.
”اينجها ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي“
پر سمجهڻ لائق اها ڳالهه آهي ته سچل سائينءَ جي ڪافيءَ جي هن مختصر مگر بي مثال ٿلهه آهي سڄو توجه پهرين لفظن تي آهي ته ”اينجها ڪم ڪريجي“ سڄو مدار”اينجها ڪم“ يعني اعليٰ معياري ڪم ۽ عمل ئي آهي محصن زباني جمع خرچ ذريعي، وڏن وڏن لقبن ڏيڻ يا وڏين هامن هڻڻ سان ڪوبه اعليٰ مقصد حاصل نه ٿي سهگندو. (سرمست 3 – 1983ع ص 34 – 35 )
سچل جو اسلام خلاف هجڻ جي غلط فهمي
ڪجهه ليکڪن پاران اهو ڄاڻ واڻي ڪيو ويو جو سچل جي شاعري ۽ طرز عمل کي اسلام خالف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي نه ته مذهب مخالفن جو مذهبي تحريڪ ”تصوف“ طرف متوجه ٿيڻ جو ڇا مقصد هو؟ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اهڙي خطري ڏانهن ڌيان ڏياريو ته: ”سچل سائين جو فڪر، هننپيغام ڪهڙو ڏنو آهي؟ انهيءَ ۾ ڪافي پيچدگيون پيدا ٿيون آهن ۽ اهي ان ڪري به ٿيون آهن جو پاڪستان کان اڳ هتي جيڪي فقير درويش هئا. هنن جي محبت هئي سچل سائين سان پر هنن سمجهيو ته سچل سائين جڏهن هندو مسلمانن جو نالو ٿو وٺي ته شايد هن جو اسلام سان لاڳاپو ڪونهي ڪن صاحبن اهو به مشهور ڪيو ته سچل سائين جيڪو آ تنهن اسلام جي خلاف ڳالهيون ڪيون آهن ۽ اهو ڪافي حد تائين اهو تاثر پئي رهيو آهي (سرمست 8 -1998ع ص 30)
سچل مجذوب نه هو
سچل لاءِ سرمست جو لقب ٻڌي اهو تاثر به قائم آهي ته سچل هوش ۾ نه هو يا مجذوب هو ڊاڪٽر نبي بخس خان بلوچ ان جي ترديد ڪندي چيو ته: ”سچل سائين صاحب جيڪو هو سو مدهوش هو، مجذوب هو، مست هو، بي هوشيءَ ۾ اهو، اهي سڀ ڳالهيون غلط آهن ڪم از ڪم منهنجي دانست موجب هو عالم هو، پڙهيل هو مفڪر هو سچو جيڪي هن جون مثنويون آهن جيڪي هن لکيون آهن سي انهيءَ رنگ تي لکيون اٿس، جيئن عطار جي مثنوي آهي يا ٻيون جيڪي تصوف تي فارسيءَ ۾ مثنويون آحن اهڙي طريقي سان هن دانسته، سوچي سمجهي ارادي سان هي ڳالهيون پيش ڪيون آهن جيئن ماڻهو سمجهن (سرمست 8-1988ع ص 31-32)
رومي ۽ عطار هڪ آهن
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان خيال کي رد ڪيو آهي ته ڀٽائي رومي ۽ سچل عطار جو ڀوئلڳ آهي ان ڪري جدا آهن ان سلسلي م چيائين: ”چئبون ته ڀٽائي صاحب جيڪو آهي سو مولانا روميء جو پوئلڳ آهي پر سچل سائين جيڪو آهي سو صفي عطار جو پوئلڳ آهي يعنيٰ اهو فرق ڏيکاريائون پر هنن غريبن کي خبر ڪانهي ڪاته بابا، عطار يا سنائي يا مولانا جلال الدين رومي، سي ساڳئي سلسلي جا آهن. مولانا جلال الدين رومي پنهنجي ديوان شمس تبريزي جيڪو فارسيءَ ۾ سندس وڏو ديوان آهي تنهن ۾ چوي ٿو: رومي خود ته:
ما از پئي سنائي و عطار آمديم
(اسان سنائي ۽ عطار واري ساڳئي واٽ وٺيون ٿا اچون) يعني هنن ۾ ته ڪو فرق ئي ڪونهي اوهان ڪيئين ٿا چئو ته ڀٽائي صاحب آهي. پوئلڳ روميء جو ۽ سچل آهي عطار جو تنهن ڪري هنن ۾ ڪو ضد آهي هتي ضد جو ته ڪو سوال ئي ڪونهي پر انهيءَ م به ڪوشڪ ڪونهي ته سچل سائين به خود پنهنجي ديوان آشڪار ۾ ۽ ٻين جاين تي عطار جو نالو گهڻو ورتو آهي. (سرمست 12-1992ع ص 16)
خود شناسي – خدا شناسي
صوفين جو پاڻ سڃاڻڻ، خدا شناسيء ۾ مدد ڪري ٿو يا خودشناسي، خدا شناسي آهي جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي تخليق مڃندو ته پوءِ کيس تخليقڪار مڃڻو پوندو. پاڻ تخليقڪار ڪڏهن به پنهجي تخليقڪار جو انڪار نٿو ڪري سگهي. پنهنجي تخليق کي پنهنجي ملڪيت سمجهڻ وارو ڪڏهن به پاڻ کي پنهنجي تخليقڪار جي ملڪيت ڪيئن نه مڃيندو؟ پوءِ ملڪيت کي ڇا مجال جو مالڪ جي حڪم جي انحرافي ڪري، ان سلسلي کي خود شناسي چئبو آهي جنهن ۾ خدا شناسي لڪل آهي ڊاڪٽر بلوچ سچل جي خود شناسيءَ بابت چيو ته: ”سچل سائينءَ جي فڪر جو مرڪز ۽ محور خود شناسي ۽ خود اعتمادي آهي. خودشناسي ۽ خداشناسي اعليٰ اخلاقي شاعريءَ جا ٻه مکيه موضوع آهن: انسان ۽ خالق جي رشتي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واري اعليٰ فڪر جي اڪثر علمبردارن خودشناشيء کي خدا شناسيء جو بنيادي ذريعو قرار ڏنو آهي پر سچل سائين پنهنجي پياري ٻولي ۽ پنهنجي منفرد انداز ۾ ”خودشناسيء“ کي ”خدا شناسيء“ سان همڪنار تصور ڪيو آهي. (سرمست 3-1983ع ص 33-34)
صوفياڻي بامقصد شاعري
اسان مجموعي طرح زوال ۾ آهيو ان جو سبب اهو آهي جو اسان جي معاشري ۽ ادب ۾ نظرياتي وابستگي نه هجڻ برابر رهي آهي پر صوفي نظرياتي هوندا آهن جن جو نظر ۾ حيات اسلام آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان کي هن طره واضع ڪري ٿو.
”ادب ۾ توڙي زندگيءَ جي ٻين ۾ لفاظي ۽ نعري بازيءَ جو رجحان زوال ۽ پستيء جو نشان آهي ترقي ۽ ڪمال حقيقت سناسيء ۾ آهي، محنت ۽ مسلسل عمل ۾ آهي جڪيڏهن اسان حقيقت کي سمجهون محنت ڪرڻ ۽ عملي طور مثبت قدم کڻڻ بدران، محض نعري بازيءَ تي گذارو ڪريو ۽ چئون ته اسين سڀ اُپ ڦاڙي ڇڏينداسون، جبل ڏاري ڇڏينداسون ۽ زمين چيري ڇڏينداسون ته اهو پاڻ ئي پاڻ کي ڌوڪي ڏيڻ جي برابر ٿيندو. اهڙا نعرا حقيقت ۾ بي عملي ۽ مايوسيء نفسياتي ڪيفيت جا پڙاڏا آهن. صحيح ۽ ڪارگر نعرو اهو آهي جنهن جي پويان پوري تياري هجي جنهن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه هجي ۽ جنن تي عمل ڪجي ته ڪامياب ٿجي.
ادب ۾ ”نعري بازي“ ۽ لفاظيء جو رجحان نهايت ئي نقصان ڪار آهي. اهو حقيقتن تي پردو وجهي ٿو، صحيح فڪر کان هٽائي ٿو. عمل جي ميدان کان پري ڪري ٿو ۽ ذهني مايوسيء کي مضبوط ڪري ٿو زبان درازيء سان ٻانهون دراز نه ٿينديون ۽ جيڪي لفظن جي لغڙن اڏائڻ جا ماهر هوندا، سي هوائي جهاز ڪيئن اڏائيندا. هيءُ دور علم جي ميدان ۽ حقيقت شناسيء جي ميدان ۾ مقابلي جو دور آهي. فقط مسلسل محنت، صحيح علم ۽ وڏي سوچ ۽ ويچار سان ئي ميدان سر ڪري سگهبو. ادب جي نظم توڙي نثر واري ميدان ۾ جيڪڏهن صحيح فڪر ۽ پيغام بدران محض لفظي پلاءَ پچائبا ته دماغي عياشي ميسر ٿيندي باقي زندگي سنوارڻ وارن ارادن تي لٽ چڙهي ويندي. ايران توڙي هند ۾ مسلمانن جي زوال واري دور جي قصيدي ۽ غزل واري شاعري گهڻي ڀاڱي تائين محض لفظن جو طلسم آهي جنهن ۾ ٺلهين خواهشن جون عمارتون اڏيون ويو آهن ان جي ڀيٽ ۾ صوفيانه شاعري جنهن جو سچل سائين به هڪ علمبردار آهي سا حقيقت جو هوڪو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ يا ته پنهنجي حال جي ڳالهه آهي يا ته وري انسان ۽ خالق جي رشتي جي حوالي سان ان ۾ انسان لاءِ اعليٰ اخلاق جو سبق سمايل آهي. (سرمست 3-1983ع ص 32-33)