سچل سرمست جو فڪر
1. پاڻ سڃاڻڻ:- سچل سرمست ماڻهن جي پست خيالي، وهم پرستيءَ کي ختم ڪرڻ چاهيو ڇو ته پست خيالي ۽ وهم پرستي ماڻهوء کي ڊڄڻو، غلام ۽ نڪمو بڻائيندي آهي. اسلام جي ان نقطي ته انسان سڄي مخلوق کان افضل ۽ ڪلائڪن جو مسجود آهي اهو پٿرن، ٺڪرن ۽ ڪاٺين يا پاڻ جهڙن انسان آڏو جهڪي اها ان جي تذليل جي نشاني آهي. سچل سرمست ماڻهن کي پنهنجي اصل مقام ته هو اشرف ۽ افضل آهن ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.
ملڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي تنهنجو ملهه
پيهي پس تون پاڻ، پنهنجو سر سڃاڻ
پنهنجو پاڻ سڃاڻ، تون تان ناهين آدمي
هر ڪنهن صورت آپ الله
2. اناالحق جو نعرو:- سچل سرمست جا هي جملا آهن ته،
الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ
ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي
نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار
اهڙا ٻه معناوان لفظ اصطلاحي، محاوراتيءَ تشبيهي آهن جيئن قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ جا هٿ (آل عمران 73) مهن (بقره 272) پتي (قلم 42) عرض (توبه 129) ۽ ڪرسي (بقره 255) به اصطلاحي، محاوراتي معنيٰ رضا شامل هجڻ، هٿ سان ٺاهڻ معنيٰ پيار مان ٺاهڻ، منهن کي ڏسڻ معنيٰ قرب چاهڻ، منهن چاهڻ معنيٰ رضا چاهن، منهن بچڻ معنيٰ قائم دائم رهڻ، پنيء جو ديدار معنيٰ ٿورو ديدار يا جهلڪ، عرش يا تخت معنيٰ بادشاهي، ڪرسي معنيٰ حڪومت آهي. پنهنجي انهن ٻه معناون محاوڙئي، اصطلاحي ۽ تشبيهي شهرن سچل سرمست سمجاهئي ٿو ته ”اي انسان تو ٻي آڏو نه جهڪ توکان ته فقط هڪ ذات الله جي افضل آهي تنهنجي حيثيت ٻي مخلوق لاءِ الله واري آهي ڇو ته تون ئي مسجود الملائڪته آهين. پاڻ ۾ خدائي صفتون پيدا ڪر. جيئن الله تعاليٰ پاڻ نٿو کائي پيئي ان جي پيروي روز و کي ڪري سگهجي ٿي. خدا ٻين کي کارائي پيئاري ٿو ته تون به ٻين کي کاراءِٰ ۽ پيار خدا ٻين آڏو نٿو جهڪي جو ان کان وڌيڪ ڪونه به آهي اي انسان تون به الله کانسواءِ ڪنهن آڏو نه جهڪ.
3. ملان ۽ مرشد جي مذمت:- ملان جو مطلب آهي علم وارو، پڙهيل لکيل، مرشد جي معنيٰ آهي صحيح رستو ڏيکاريندڙ. سچل پاڻ به علم وارو هو، پاڻ به بزرگ هو. مرشد ورتوهئائين جو چيو اٿس ”هادي عبدالحق صرف هدايت هي چيو“ پرسندس جي ملان ۽ مرشد بابت مذهب منقول آهي مثال طور:
شيخي، پيري، بزرگي بيحد ڀلايا
قاضي مين آکان تينون، ڇوڙ مسائل مصلا
قاضي مين آکان تينون، چوڙ مسائل مصلا
قاضي ساڙ ڪتابان ڪون، هن مرشد ايوين فرمايا.
مسجد دي وچ ڪاڻ ٽڪر دي، ڏيون بانگ صلواتان
منهن چٻي، ڏاڙهي ڏنکي، خام پڙهن خلواتان
عالم ليکي روزي رکدي، پرهِن کانوڻ ديان آفاتان
سچل راه نه اها سچ دي، برهه واليان ٻيان باتيان.
ائين سمجهڻ کپي ته سچل انهن ملن ۽ انهن مرشدن خلاف هو جيڪي ماڻهن کي رهبانيت ۽ فرقه واريت سيکارين ٿا. پيٽ جاپو ڄاري آهن، صحيح مسئلا نٿا ٻڌائين صحيح دڳ نٿا ڏيکارين حقن جي جدوجهد کان جهلي چله ڪشي ۽ گوشه نيشني سيکارين ٿا.
4. فرقه واريت جي مذهب: سچل سرمست سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي سلسله طريقت قادريه سان وابسته هو.
هادي مهدي مرشد ميڏا، قادريه هي ڪامل
شاهه عبيدالله اسان ڏا، خواجه پيران پير
آل نبي، اولاد علي، هي حضرت ميران مير
الله، رسول ۽ صحابه ڪرام جي تصوف ڪندڙ هو،
عمر سڄيائي ڪوڙ ڪمايم، بخش اهو مون جاني
اول عشق نون هويا، جنهن رسول اپايا
ڏوجها عشق محمد نون، جنهن ڪلمه پاڪ پڙهايا
ٽيجها عشق چئون پاران نون، جنهان صدق خوب ڪمايا
ڪل بنيان دا سرتاج محمد
”بحر عرف“ اهو اڄ محمد
پوءِ به سندس ڪلام ۾ مذهب مخالف جملا ملن ٿا جيئن.
ڪڍ مذاهب ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سويل
ڏسو عشق جو انصاف، سڀئي مذهب ڪيائين معاف
اتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀني کي سلام
مذهب مور نه مڃيان، آءُ مشرب منجهه مدام
ناهين سني، نامين شيعه، سيد ڪيئن سڏايا
نامني شيعه، نامين سني، صوفي صاف برهه دي مني
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سچل سرمست اسلام جو ته علمبردار هو پر مذهب لفظ جيڪو مذهبي اصطلاح ۾ فقه ۽ فرقي لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. ان فرقي بازيءَ خلاف هو. قرآن پاڪ ۾ پڻ فرقي بازيءَ جي مخالفت آئي آهي. موجوده دور ۾ مسلمانن ۾ هر ميدان ۾ سامراج سان مقابلي جو رجحان وڌيو آهي. پاڪستان سطح تي ديوبندي، وهابي، بريلوي، شيعه ۽ اهل حديث مڪتبه فڪرن ۾ اتحاد ”متحده مجلس عمل“ ٺهيو آهن. ٻين سياسي پارٽين سان گڏ مذهبي سياسي جماعتن ۾ به هندو ۽ عيسائي وغيره اقليت کي سيٽون ۽ نمائندگي ملي آهي. اهو سڀ ڪجهه سچل جي فڪر جي جي عين مطابق آهي.
5. هندو مسلم سياسي اتحاد: سچل سرمست جو چوڻ آهي ته :
هندو مومن هڪ ٿيو، ڀول نه ڪنهن ٻي ڀل
صلح پوي وچ دين ڪفردي، سڀ ڳالهه وساري وڃ هڪ ٿئي
جوئي آهيان سوئي آهيان، هندو مومن ناهيان
وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان عاشق تان نه اڙيجي
ڪافر مومن هڪڙو، سچو ٻوڙج ٻيائي
ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سويل
هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل
متان ٿئي اويل، اولهه سج نه الهي
ڪافر مومن، صورت سائي
سچل سرمست هندن ۽ مسلمانن ۾ وڌندڙ ويڇا ڏسي محسوس ڪري ورتو هو ته حڪومت مسلمانن جي آهي ۽ انگريز هندن کي جيڪي حڪومت جي اهم عهدن ۽ واپار تي آهن تن کي مسلمانن خلاف استعمال ڪري پاڻ ۾ وڙهائي سنڌ تي قبضو ڪري سگهن ٿا ۽ ائين ٿيو نائون مل جي غداري به انگريزي قبضي ۾ اهم بنياد ثابت ٿي سچل هندو ملسم جو سياسي اتهاد چاهيو پئي جيڪو سندس وفات کان ايڪهٺ سال پوءِ 1888ع ۾ ڪانگريس جي صورت ۾ وجود ۾ آيو. هو مذهبي اتحاد نه پيو چاهي ڇو ته هن ڪڏهن مندر ۾ وڃي بتن جي پوڄا نه ڪئي.
6. انگريز سامراج جي مخالفت: مولانا عبيدالله سنڌيءَ موجب ”هوسچل جي سٽ، ”ڇوڙگمان گدائي والا شملو ٻڌ شاهاڻو“ تي عمل پيرا رهيو“ اسان ڏسون ٿا ته سچل جي سياسي نگاهن ڏسي ورتو هو ته انگريز سنڌين جي ڪمزورين جو فائدو وٺي سنڌ تي قبضو ڪري وٺندا ۽ سنه 1827ع ۾ سچل جي وفات ٿي آهي. ٺيڪ سورهن سال پوءِ 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. سچل عوام کي مسجدين، مندرن ۽ خانقاهن مان ڪڍيانهن جي مقابلي لاءِ تيار ڪرڻ جي هلچل هلائي. هو مذهب بيزار نه هو پر هروڀرو ۽ اضافي عبادتن کي ڇڏي مقابلي جي تيار ڪرڻ جو قائل هو. ان لاءِ هن جا هي جملا ملن ٿا:
مرشد ٻانهو ناچيو، سچاتون سردار
ڇوڙ گمان گدائي والا، شملو ٻڌ شاهاڻو
سچو سچ ٿيو، ٻي ٻانهپ ٻولي ناهه ڪا
سچو راهه ڪفر دي، سانون مرشد آپ ٻڌايا
پٽيءَ ڄڃ مَ ڄل، منجهه تماشي نه پوين
توڙ رواج رسمون ساريون، مرد ٿيئن مردانو
ٻانهو ڀانءِ مَ پاڻ، توهين مالڪ ملڪ جو
وقت، اهائي وير، دوئي دور ڪرڻ جي
ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سوير
ميڙي ويندءِ، مغربي تاريخيءَ ۾ تير
متان ٿين اوير، اولهه سج نه اُلهي
دين ڪفر اسلام مذاهب اول ڇڏڻ درڪار
مجموعي طرح اهو ثابت ٿئي ٿو ته سچل سرمست انسان اندر شاهاڻيون خصلتون پيدا ڪري ان کي آزاد ۽ حقيقي انسان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. سچل سرمست اسلام جي جلالي پاسي تي زور ڏنو هن مولانا رومي جي جمالي پاسي بجاءِ عطار جي هلالي پاسي کي اختيار ڪيو هن جي ذڪر ۾ ترڪ دنيا نه آهي هن شادي ڪئي، شريعت تي عمل هو. غلط ڪمن کان پاسي هو. حاڪمن سان تعلقات هئس، قادريه طريقه سان وابسته هو پر هو عوام ۾ بيداري ۽ جدوجهد چاهي پيو. هو ماڻهن ۾ اصل اسلام جو روح ڦوڪڻ چاهي پيو. انهن ۾ اسلام سان پيار ۽ حقيقي روشن خيالي پيدا ڪرڻ چاهي پيو. مسلمانن جي فرقي بازيءَ جي خاتمي سان گڏ هو. هندو مسلم سياسي اتحاد به چاهي پيو ڇو ته اهو انگريزن جون سنڌ ۾ نظرون ڏسي سمجهي ويو هو ته سنڌي سجاڳ نه ٿيا ته اهي انگريز مٿن قبضو ڪندا. انهيءَ غلامي ٽوڙڻ لاءِ انهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ چاهي پيو. انهن ۾ سامراج خلاف جدوجهد لاءِ تيار ڪري پيو.