رشيد ڀٽيء وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيات
صوفين جو محبوب حقيقي
سچل ۽ ٻين صوفين جي شاعريءَ جو ظاهري روپ مجازي انداز ڏسي ڪجهه ماڻهن پاران اها دعويٰ ڪئي وئي ته صوفين جو محبوب الله نه آهي حقيقت ۾ اهي تصوف جي بنياد کان ئي واقف نه هئا ڇوته تصوف ۾ مجاز جي منزل کان پوءِ خدا ڏانهن هوندي آهي. تصوف هڪ مذهبي تحريڪ آهي ۽ مذهب جو بنياد خدا آهي. رشيد ڀٽي صوفين جي محبوب ۽ مقصود واري حقيقت کي مڃيندي لکيو آهي، ”سسئي پنهون کان سواءِ سچل نوري ڄام تماچي عمر مارئي ۽ مومل راڻي جي داستانن کي به علامت طور ڳايو آهي. نوري ڄام تماچي کي هن وحدت الوجودين لاءِ الله ۽ انسان طور اشارو ڪري پيش ڪيو آهي ته راسخ العقيده انسان لاءِ خدا ۽ رسول جي علامت طور. (سچل جو مڪتب ص 23)
تصوف هڪ مذهبي تحريڪ
رشيد ڀٽيء موجب تصوف مذهب نه پرهڪ مذهبي تحرڪ آهي، مونکي ٿو:
”هر مذهب، وقت، دور ۽ سماج ۾ هڪ سڌارڪ ۽ انقلابي تحريڪ جي روپ ۾ اڀريو ۽ اسريو اهوئي ڪارڻ آهي جو هر مذهب ۾ اسان کي عالمي هڪ جهڙايون ملن ٿيون جهڙوڪ: الله جي وڏائي ۽ حاڪميت، نيڪي ۽ چڱائي جي تلقين، بدي ۽ بڇڙائي انسان جي عظمت ۽ عزت ۾ فرق ۽ مجموعي طور انسان جي ڀلائيءَ ۽ سماج جو سڌارو. ان ڪري گهڻو تنو هر مذهب ۾ ٻن قسمن جا حق ۽ فرضن ان جي پوئلڳن لاءِ متعين ٿيل نطر اچن ٿا. هڪ الله جا ۽ ٻيا بندي جا حق انهن ٻن قسمن جي حقن ۾ هڪ ٻئي تي ترجيع ۽ فضليت ۽ ٻن خيالن جي مڪتبن لاءِ بنياد فراهم ڪيو هڪ مڪتب ۾ حقوق الله کي ترجيع ڏني وئي ۽ حقوق العباد کي نظر انداز ڪيو ويو ته ٻئي ۾ وري حقوق العباد تي وڌيڪ زور ڏنو ويو. ساڳئي ئي بنيادي فلسفي ۽ مقصد جي باوجود انهن ٻنهي مڪتبن ۾ فرق ترت ئي تڪڙو ايترو وڌي ويو جو، اهي ٻئي الڳ الڳ مذهبي تحريڪون ٿي اڀريا (سچل جو مڪتب – ص 9)
هڪ رشيد ڀٽيء سچل ۽ ٻين صوفين جي پڪي مسلمان هجڻ بابت واضع نموني لکي ٿو ته:
”مون کي سنڌ جو هر صوفي شاعر Radical نظر آيو آهي انهن ۾ وري سچل سڀ کان سرس ۽ وڌيڪ واضع آهي (سچل جو مڪتب ص 14)
تصوف جو مذهب جي بنياد توحيد سان بنيادي واسطو آهي. رشيد ڀٽي لکي ٿو:
”جهڙيء ريت الله جي وحدانيت ۽ ايڪائي مڙني مکيه مذهبن جي بنيادي ۽ اهم سچائي حي. ٽهڙيء ريت انسان جي وحدت ۽ هيڪڙائي به سڀني مذهبن جو مکيه اصول ۽ ايمان جو جزو آهي. اسن جي قرآن حڪيم جي شروعاتي ۾ ئي خدا تعاليٰ پاڻکي ”رب العالمين“ ٿو سڏي هو ڪنهن هڪ مذهب يا فرقي، قوم يا نسل جو رب نه آهي. ان باري تعاليٰ ئي دنيا جي هر شئي خلقي ۽ اهو به فرمايو ته ”خلق الانسان“ اسان انسان کي خلقيو. هر انسان ان جي تخليق آهي ان ڪري هڪ آهي ته پوءِ انسان انسان م فرق ڇو؟ اها دوئيء جي ديوار ڇالاءَ؟ مقدس بائيبل جي پهرين ڪتاب ”پيدائش“ جي پهرين باب جي 22 آيت آهي ته God created man in his image خدا انسان کي پنهنجي صورت ۾ خلقيو (سچل جو مڪتب – ص 16)
”صوفي لا ڪوفي“ واري صوفياڻي پول جو عام طرح اهو مطلب سمجهيو ويو آهي ته صوفي اهو آهي جيڪو ڪوبه مذهب نه رکي. رشيد ڀٽيء ”لاڪوفي“ جو مطلب سمجهايو آهي ته لاڪوفي لامذهبيت يا لادينت نه آهي پر دين يا مذهب ۾ هڪ درجو آهي لکي ٿو:
”تصوف ۾ شريعت، طريقيت ۽ معرفت ماڳ ماڻڻ جا ٽي درجا ڪري ڄاڻايا ويا آهن. انهن راهن ۽ م منزل تان ٿيندوئي هڪ سالڪ صوفي لاڪوفيء جي درجي کي پهچي ٿو. ڪن محققن ۽ عالمن وري ان ماڳ تي رسڻ لاءِ ٽي ڏاڪا نشانبر ڪيا آهن. پهريون اثبات ٻيو نفي ۽ ٽيون وري اثبات. انهن ڏاڪن تان ٿيندو، انيڪ مشاهدا ۽ تجربا ڪندو ئي سالڪ صاف سچو صوفي ٿئي ٿو. پهرين ڏاڪي تي مطالعو ۽ عبادت کيس اثبات تي پهچائي ٿي. اتي پهچي هن ۾ خودي پيدا ٿئي ٿي پر صوفين جي وحدت الوجودي مسلڪ ۾ اهو اثبات يا خوديءَ وارو درو پهريون ڏاڪو آهي. خودي ۽ خدا گڏ نه سمائبا آهن، ان ڪري اتان نفيء واري ڏاڪي تي چڙهڻو پوي ٿو. خوديء کي ختم ڪرڻ، پنهنجو پاڻ وڃائي پاڻ لهن، پنهنجي نفيء رستي اثبات تي پهچڻ، اها منزل ۽ دور ئي تصوف ۾ اهم ۽ ڏکيو ڏاڪو سمجهيو وڃي ٿو. پاڻ لهڻ بعد هڪ تصوف جي سفر جو پانڌيئڙو اصل اثبات واري منزل کي پهچي ٿو. اها اثبات خوديء واري اثبات نه پر پاڻ سڃاڻڻ واري ازلي سچ ۽ خيال واري اثبات آهي، اتي پهچي ئي هڪ صوفيء جي آدرش ۽ خيال جي تڪميل ٿئي ٿي ۽ هو اناالحق جو نعرو هڻي ٿو. (سچل جو مڪتب ص 27)
اڳتي لکيو اٿائين ”ايثا، اپکنڊ ۽ اسان جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به تنگ نظري مذهبي دڪانداري ۽ ان جي سهڪار ۽ ساٿ سان حاڪم جو تشدد ۽ جبر، ڏاڍ ۽ ڏمر عوام تي آفت بڻجي ڪڙڪندو آهي ته روشن خيال ۽ آزاد طبع دانشور ملائپ ۽ حڪومت خلاف بغاوت جو علم کڻندا آهن. اها بغاوت اسلام يا مذهب کان نه پر ملان واري ان جي مفاد پرستانه تاويلن خلاف هوندي آهي. هو مذهب جو صوفياڻو اپٽار ۽ تفسير پرچاريندا آهن. صوفي حقوق الله جي مخالفت نه ڪندا آهن پر حقوق العباد کي ترجيع ڏيندا آهن انسان کي اشرف المخلوق سمجهي انسانيت جي عظمت جو اظهار ڪندا آهن. نفرت بجاءِ محبت جي تبليغ ڪندا آهن. اسلام ۾ ظاهر پرستيءَ بجاءِ باطينت تي زور ڏيندا آهن. (سچل جو مڪتب ص 49)
ان مان معلوم ٿيو ته رشيد ڀٽيءَ تصوف کي دين کان بغاوت نه پيو سمجهي ديندارن جي روشن خيال دانشورن کي صوفي قرار ڏئي ٿو.
”مذهب“ مان مراد فرقو
سچل 7 ٻين صوفين پاران مذهب کان بيزاري وارو قول يا شعر پڙهي انهن کي خدائي دين کان بعاوت سمجهيو ويو آهي ۽ صوفين جي انهن قولن يا شعرن کي دين خلاف استعمال ڪيو ويو آهي حالانڪه مذهب مان مراد وٽن فرقو يا ماڻهن جا ٺاهيل غلط اصول آهن. رشيد ڀٽيءَ اها حقيقت هن طرح سمجهائي آهي لکي ٿو ته
”تاريخِ اسلام خود ان ڳالهه جي شاهد آهي ته مذهبي جنگيون ۽ جهادن ۾ ايترا مسلمان شهيد نه ٿيا آهن، جيترا مختلف فرقن جي عالمن ۽ مفتين جي فتوائن تي هڪ ٻئي سان وڙهي مسلمان قتل ڪيا ويا آهن حالانڪه مذهب ڪو به، هڪ ٻئي لاءِ وير وروڌ نٿو سيکاري ائين ئي سچوء چيو ته،
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
ڪي نمازون توڙي پڙهڻ، ڪن مندر وسايا
اوڏاڪين آيا، عقل وارا عشق کي
هت مذهب مان سچل جي مراد الهامي مذهب نه پر ان جي پشيه ور ۽ ويڪائو پيشوا جي جاهلانه ۽ غرضي مفاد واري تاول ۽ تشريح آهي. دنيا جو ڪهڙو مذهب آهي جنهن ۾ انسان جي عظمت جاڳيت نه ڳايا ويا آهن؟ انسان اشرف المخلوقات آهي. انسان هن دنيا ۾ الله جو خليفو آهي. انسان هن دنيا تي الله جي حاڪميت آڻيندڙ ۽ قائم ڪندڙ آهي. (سچل جو مڪتب ص 15)